; سنڌي شخصيتون: جميل سهتو، خالد ٻانڀڻ

28 September, 2012

جميل سهتو، خالد ٻانڀڻ

جميل سهتو

هڪڙو هو ڀائي جان

خالد ٻانڀڻ



”ڀائي جان ڪٿي آهيو؟ اچو ته گڏجي ماني کائون؟“

”ڀائي جان ڪٿي آهيو؟ پريس ڪانفرنس ڪرڻي آهي؟“

”ڇو ڀلا ڀائي جان وساري ڇڏيو اٿئو؟ صفا رابطو ئي نٿا ڪيو؟“

”ڀائي جان سوچيان ٿو؛ مان به صحافت ڪيان! سياست مان دل ڀرجي وئي آهي!“


ها اهي جملا اسان سڀني جي پياري دوست جميل سهتو جا هوندا هئا. جڏهن سکر ۾ هيو ته هميشه متحرڪ، سياسي اڳواڻ وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو. جميل سهتو نه رڳو منهنجو سٺو دوست ۽ ڀائري واري حساب ۾ رکندڙ ڀاءُ هيو پر سکر جي صحافين سان هونئن ته هن جي سڀني سان سٺي رهائي رسائي هوندي هئي. جڏهن پنهنجي اسٽيشن روڊ واري گهر تي ڪا به پريس ڪانفرنس ڪندو هيو ته اُها پر هجوم پريس ڪانفرنس هوندي هئي. پر خاص ڪري ان وقت سکر ۾ صحافت ڪندڙ اسان جي پياري دوست امداد سومرو ۽ منهنجي ڀائرن جهڙي دوست صحافي ۽ هن وقت سنڌ ٽي وي ۾ بيورو چيف طور ڪم ڪندڙ شوڪت نوناري سان جميل سهتو جا دوستي وارا ٻٽا ڀاڪر هئا.

مون کي ياد آهي؛ روزاني عبرت لاءِ، مون جڏهن هن جو انٽرويو ڪيو هو، هن ڪافي اختلافي ڳالهيون، پ پ پ ڇڏڻ کانپوءِ ڪيون، جيڪي نه ڇپجڻ تي ميارون ڏنيون هيون.

جميل سهتو نه رڳو اسان سڀني جو پر عبرت گروپ جي سرواڻ قاضي اسد عابد جن جو به ڏاڍو بهترين دوست هيو. هو هميشه عبرت جي حوالي سان به فڪر مند رهندو هو. هڪڙو موڙ اهڙو به آيو جو چيائين ته؛ سکر ڊويزن جي عبرت جي سرڪيوليشن منهنجي حوالي ڪيو. پر ايئن ٿي نه سگهيو. جميل سهتو جلد وري سياست ۾ سرگرم اڳواڻ طور اِن ٿي ويو.

جميل سهتو ۱۹۸۰ع ۾ سپاف جي پليٽ فارم تان سياست جي ابتدا ڪئي. شايد ساڳيو ئي سال هو جو هن راڻيپور وارو پنهنجو ڳوٺ گڏيجي، خاندان سميت ڇڏي، سکر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. ٿوري عرصي اندر، سکر ۾ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان مقبوليت ماڻي ورتي. جتي وڏن سياسي بتن جا بيان نه ڇپجندا هئا، اتي جميل سهتو سمورين اخبارن ۽  پوءِ چينل تي ڇانيل هوندو هيو. سندس ڪارڪردگي جي بنياد تي کيس پ پ پ سکر سٽي جو صدر  بڻايو ويو. بعد ۾ ۲۰۰۵ع جي مڪاني چونڊن ۾ هو ضلعي ناظمي جو اميدوار هيو پر سيد خورشيد احمد شاهه پاران اها سيٽ ڀائٽي سيد اويس شاهه کي ڏيڻ تان جميل سهتو جا سيد سڳوري سان اختلاف ٿي پيا ۽ هن پراڻي ڪارڪن پارٽي ڇڏي ڏني ۽ پوءِ سيد ناصر شاهه سان گڏجي مهر گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي.

هو پ پ پ ۾ سنڌ ڪائونسل جو به ميمبر رهيو ۽ آخر تائين مهر گروپ ۾ رهيو. مهر سردار جڏهن پ پ پ ۾ شامل ٿيا ته هن به پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. جميل سهتو هڪ مسلسل جدوجهد ڪندڙ ڪارڪن کان ليڊر تائين سفر ڪندڙ ماڻهو هيو.

هن جون ٻه شاديون ٿيل هيون. سندس پهرين گهرواري، سکر جي اسٽيشن روڊ ۽ ٻي گهرواري ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي. پ پ پ جي حڪومت ۾ هن خاموشيءَ واري سياست اختيار ڪري ڇڏي هئي ۽ بعد ۾ وڃي ڪراچي وسائي. مون کي جميل سهتو جون اهي سموريون ڳالهيون ياد آهن. هو اڪثر شام سکر جي مينارا روڊ واري عبرت آفيس يا لوڪل بورڊ واري عبرت آفيس ۾ بغير اطلاع جي اچي ويندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي، ڪچهريون ڪندو هو. پوءِ اهو امداد وارو دور هجي يا بعد جا ڏيهاڙا.

جميل سهتو مهر گروپ کي به سرگرم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اسان جڏهن مهر سردارن کان موقف وٺندا هئاسين ته پهريان جميل سهتو کي فون ڪندا هئاسين. چوندو هو؛ ڀائي جان ڪو مسئلو ئي ناهي. سندس تڪيه ڪلام پوري سکر ۾ مشهور هيو. ڀائي جان معنيٰ جميل سهتو. اهو ڀائي جان، اڄ اسان کان وڇڙي ويو آهي.

جڏهن سکر ۾ پ پ پ تي وٺ پڪڙ وارا ڏکيا ڏينهن هئا، سموري قيادت گم هئي، تڏهن ڀائي جان تي شديد تنقيد به ٿي هئي. هن اوچتو نجيب ڊومڪي،  نويد سومرو سان اٺن کان ڏهن ڪارڪنن جو گروپ وٺي، سکر لئنسڊائون پل تي ٽائر ساڙي، احتجاج ڪيو. مٿس ڪيس به داخل ٿيا. جميل سهتو جي اسان جي سرواڻ قاضي اسد عابد سان ڏاڍي لڳندي هئي. اهڙي واقعي تي خميس واري ڏينهن، صبح جو پهريون فون جيڪو آيو، اهو قاضي صاحب جو هيو. جنهن ڏکاري انداز ۾ جميل سهتو بابت ڏک ونڊيو هو.

جميل سهتو جي ويجهن دوستن ۾ هڪ پوليس آفيسر سراج الدين سهتو ۽ سينيئر صحافي فقير مشتاق مڱريو، اڪيسائيز جو ڊائريڪٽر ڌامراهه جن به آهن. اڄ اهي اداس آهن. اڄ سکر جو جميل سهتي جو اسٽيشن روڊ وارو گهر، اهو ڊرائنگ روم، جتي ويهي هو دوستن سان ڪچهريون پريس ڪانفرنس ڪندو هيو، يا سندس ڪاروباري دڪان جي اها ڪرسي اداس آهي، جتي هن جي گراهڪن سان گهٽ، سياسي ورڪرن ۽ صحافين سان وڌيڪ ڊيلنگ هلندي هئي. هو صفا ڳوٺاڻو سنڌي هيو، جيڪو هميشه ڪنهن کي ماني چانهه کانسواءِ نه ڇڏيندو هيو. وڏا وڏا پروگرام ڪرائڻ جو شوقين. جيتوڻيڪ سدائين گهاٽي ۾ هوندو هيو. کيس ڪراچيءَ جي  ڊالميا واري علائقي جي گهٽي نمبر ۱۵ ۾ گوليون هڻي، شهيد ڪيو ويو آهي. شهادت کان ڪجهه مهينا اڳ ۾، هن هڪ چينل جي نمائندي کي انٽرويو ڏيندي خدشو ڏيکاريو هو ته سندس حياتي کي خطرو آهي.

ڀائي جان جلوسن جي هميشه اڳواڻي ڪندي زوردار نعرا هڻڻ جو ماهر هيو. جيتوڻيڪ خاندان جو مٿس وڏو دٻاءُ هيو ته هو سياست ۾ ڪنهن جي خلاف ايترو اڳتي نه وڃي. پر ڀائي جان ٻئي ڪنهن جي نه پر صرف پنهنجي دل ۽ دماغ جي ٻڌندو هيو. اڄ سکر هن کي ساري ٿو. هن جا دوست ڏاڍو ياد ڪن ٿا. ايترو جلدي ڀائي جان، تون هليو وئين، جو دوستن جا اندر اداس ڪري ڇڏيا اٿئي. سندس ويجهي جنهن به دوست کي فون ٿا ڪيون، اهو لڙڪ هاري ٿو ويهي ۽ هڪ جميل آ جو سمورن کان رسي خيرپور ڀرسان گڏيجي ۾، پنهنجي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو آهي.


 

جميل سھتو

تون ياد وري آئين

خالد ٻانڀڻ

اڄ اسٽيشن روڊ اداس آهي اتان گذرندي ڪير به ڀائي جان ڪري سڏ ڪرڻ وارو ڪونهي، ڪو هو محبتن جو ماڻهو مڻياندار، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ جا انبار هوندا هئا ڇو ته ڀائي جان جميل سهتو هڪ ئي وقت ڳوٺ ۽ شهر جي زندگي گذاريندو هو تڏهن ته باقي سياستدانن کان هن جي سياسي ادا ڏاڍي جدا هوندي هئي، جيڪو هڪ ڀيرو ساڻس ملندو هيو ته جميل سهتو جو ٿي ويندو هو، هن جو ڀائي جان تڪيه ڪلام هوندو هيو، مون کي سندس پٽ شاھزيب سهتو ٻڌايو ته هو تازو جڏهن جي ڊي اي اڳواڻ سردار علي گوهر خان مهر سان مليو ته سردار مون کي سڏي ٻڌايو ته شاھزيب سهتو تنهنجو والد جميل سهتو جي اٿڻ، ويهڻ، ملڻ، کلڻ، ڳالهائڻ ۽ سياسي رنگ ۾ ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ جو انداز اڄ تائين ڪنهن ۾ هن ناهي ڏٺو، اها حقيقت آهي ته ڀائي جان ڪير سڏائي، هو جڏهن پ پ پ ۾ هيو ته ان جو ئي ٿي رهيو پر جڏهن اختلافن سبب پيپلز پارٽي ڇڏي ته وري مهر گروپ جو آرگنائيزر ٿيو ته اتي به پنهنجا رشتا ناتا اصول ڪڏهن به نه ڇڏيا، سياستدانن سان گڏ صحافين جي حلقي ۾ به ڏاڍو قرب واري لهجي ۾ سڃاتو ويندو هو، سندس پيار ڀري موٽ سبب هڪ فون تي سندس اوطاق تي وڃي سڀ صحافي گڏ ٿيندا هئا، جيڪڏهن ڪو وڏو سياستدان هن جي بنگلي تي اچي پريس ڪانفرنس ڪندو هيو ته ميڊيا جا هجوم ڏسي حيران رهجي ويندو هو، تڏهن هن وٽ اچي سڀ پنهنجا سياسي حال اوريندا هئا، جڏهن ڏسو سندس اسٽيشن روڊ وارو آٽوز جو دڪان ۽ بنگلي تي ٽريفڪ جام هوندي هئي، خبر پوندي هئي ته ڀائي جان جميل سهتو وٽ ڪو سياسي ليڊر آيل آهي، هن جو بزنس تي توجه گھٽ پر سياست تي وڌيڪ هيو، کيس پ پ پ جي اڳواڻن هڪ ڀيرو ايم پي اي هڪ ڀيرو ضلعي ناظمي جي آسرن ۾ رهايو آخر ۾ هن مايوس ٿي پارٽي ڇڏي ڏني، سياست به ڏاڍي بي رحم شيءِ آهي جنهن ۾ پنهنجائپ نه پر رڳو مفادن جي ويڙھ آهي، پئسي جي راند آهي ڦر لٽ جو جھان آهي پر مرحوم جميل سهتو سدائين پاڻ کي قرضي رکي اهڙين حرڪتن ۾ ڪڏهن به حصو نه بڻيو. ڀائي جان جميل سهتو مون کي ڏاڍو ڀائيندو هيو جڏهن به پريشان اداس ٿيندو هو ته يا منهنجي آفيس هليو ايندو هو يا فون ڪري پاڻ وٽ سڏائيندو هيو اسان کل خوشي سان سندس سڏ کي لبيڪ چئي پهچندا هئاسين جتي ويهي کل خوشيون ڏک سور ونڊيندا هئاسين. زماني جي ستم ظريفين تي سوچبو هو، هن وٽ امير ڇا غريب به اچي گڏ ٿيندا هئا هن وقت صوبائي وزير ان وقت سکر جو ضلعي ناظم سيد ناصر حسين شاھ جيڪو ان وقت وزير اعليٰ سنڌ سردار علي مهر محمد خان مهر جي وقت ۾ اڪثر ڪراچي گذاريندو هيو ته پويان سڄي ضلعي جو ڪار وهنوار مرحوم جميل سهتو هلائيندو هيو، ڪڏهن به ڪنهن وڃي سيد ناصر شاھ سان شڪايت نه ڪئي ته هو سندس مسئلن کي نٿو ٻڌي پر هر ڪو تعريف ڪندو هيو، تڏهن سيد ناصر حسين شاھ هن مان خوش هيو ڇو ته مرحوم ڀائي جان هر ڪنهن کي هڪ جھڙي نظر سان ڏسندا هيو، اها ۲۶ سيپٽمبر ۲۰۱۲ع جي اڀاڳي شام هئي جو ڪراچي جي نيو ٽائون واري علائقي ۾ واڪ ڪندي هڪڙي گولي نڪتي جيڪا پٺيءَ ۾ اچي کيس لڳي ۽ اڳيان نڪري اڳتي هلي وئي اسپتالن پهچندي هن جو دم ڌڻيءَ حوالي ٿي ويو. افسوس جو اڄ ۶ سال گذري ويا آهن پر مرحوم ڀائي جميل سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا آهن بلڪ ڪيسن مان ضمانتون ڪرائي آزاد ٿي هليا ويا آهن. اهڙي بي حسي بي رحمي جي حالتن تي لطيف سرڪار جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو ته:

بيکاري کي بر ۾ ويو ڪيف چڙهي،

ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون ڳوڙها پيس ڳڙي

ڪاجا انگ اڙي، جئن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا اها حقيقت آهي ته اڄ هن جون ڳالهيون ياد ڪندي هن جا ڏنل پيار ساريندي اکيون گوڙهن سان ڀرجي آيون آهن، دل دردن جي ماري رت ڦڙا روئي ويٺي آهي، هو جڏهن زنده هيو ته هر ڪنهن کي ياد هيو پر جڏهن هي جھان ڇڏي ويو ته سڀ ان کي وساري ويٺا آهن، ڪنهن جا نالا کڻان، ڪنهن ڪنهن کي ميار ڏيان ته جميل سهتو توهان لاءِ ڇا هيو، توهان کي ڪيئن پيار ڏئي مشڪل گھڙين ۾ ڪم ايندو هيو، جيئري ته هر ڪو مان ڏئي ٿو ڪاش مرڻ کانپوءِ به ڪوئي ڪنهن کي ياد ڪري ٽنڊو آدم وارو دلبر دوست صادق ابڙو موهن جي دڙي جي مٽي مان جنم وٺندڙ قربان پيرزادو سکر جي شرف آباد مان تعليم جي ميدان ۾ جوهر ڏيکاريندڙ دوست ابراهيم سارنگ چنا جيتوڻيڪ اسان کان وڇڙي ويا آهن پر مون کي اڄ به ائين ياد آهن جيئن ڀائي جان جميل سهتو ياد آهي ڌڻي در دعا آهي ته هن کي بلند درجات عطا فرمائي. مرحوم جميل سهتو جو پٽ شاھزيب سهتو سدائين مرڪندو رهي، هن پنهنجي والد جي دوستن کي ڪڏهن به وساريو ناهي ۽ اسان به هن سان سک ڏک ۾ گڏ هوندا آهيون، ڇوته دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس ها ان واس کي جيترو ٿي سگھي ڦهلائجي اهو ئي زندگي جو اصول آهي، جيئڻ جو درس آهي اڄ ڀائي جان جميل سهتو ناهي پر هن جون يادون ڳالهيون اسان سان گڏ گڏ سفر ڪن ٿيون، جنهن جي يادن جي سهاري سان گڏ خوشين محبتن جا گلاب ٽڙندا رهندا.

No comments:

راءِ ڏيندا