; سنڌي شخصيتون: سائين محمد عثمان کٽي - عبدالرحمان اوٺو

14 September, 2012

سائين محمد عثمان کٽي - عبدالرحمان اوٺو


سائين محمد عثمان کٽي
ڏيپلو جو ماهر تعليم
عبدالرحمان اوٺو
ماهر تعليم محمد عثمان کٽي ۱۵ جون ۱۹۲۷ع ۾ ڏيپلو شهر ۾ پيدا ٿيو. خانداني پيشو، ڪپڙن جي رڱاوت ۽ ڌلائي هئن.


محمد عثمان کٽي ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين ۽ ڏاڍو هوشيار هو. پڙهڻ جي شوق ۽ علم جي طلب، کيس مڪتب تائين کڻي آئي. جتي هن سنڌي فائنل ۾، سموري ضلع ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ان زماني ۾ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ميرپورخاص هڪ ئي ضلع شمار ٿيندو هو.
سائين محمد عثمان کٽي ۱۹۴۶ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. کيس انهيءَ سال ئي جونيئر اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو. پر پاڻ گڏوگڏ اڳتي پڙهائيءَ جو سلسلو به جاري رکيائون. اڳتي بي ٽي ۽ ايم اي ڪيائين.
هن نوڪري دوران ٿرپارڪر جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه ٽنڊو جان محمد، جهڏو، نئون ڪوٽ، ٺٽو عمرڪوٽ ۾ پڻ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. سال ۱۹۷۶ع ۾ سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿيا. پر پوءِ به پنهنجي اوطاق کي مڪتب خانو بنائي، تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيائين.
محمد عثمان کٽي، وقت جو پابند ۽ اصول پرست انسان هو. انگلش، سنڌي رياضي ۽ سائنس جو کيس ماهر سمجهيو ويندو هو.
مختلف ڪتابن پڙهڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هئس. پاڻ شاعري به ڪيائين پر ڇپائي نه سگهيو. سموري زندگي سادگي سان گذريائين. پنهنجي قوم کي وڌ ۾ وڌ تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائين. ان ڪري اڄ سندس برادري جا سوين ماڻهو، تعليم جي نور سان آراسته آهن ۽ هزارين شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ وڏين پوسٽن تي فائز آهن.
محمد عثمان کٽي کي ڏيپلو ۾ رڳو سائين کٽي جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
پاڻ ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۹۶ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.
سائين محمد عثمان کٽي نه رڳو دنيا جي ٻارڙن کي پڙهائي پرويڻ ڪيو پر پنھنجن پٽن ڊاڪٽر خالد اختر کٽي ۽ ڊاڪٽر خليل الرحمان کٽي، طب جي دنيا ۾ پھچايو. جتي ھنن پنهنجو نانءُ پڻ ڪڍيو آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا