; سنڌي شخصيتون: پير محمد سعيد جان سرهندي - ذوالفقار چانڊيو

09 September, 2012

پير محمد سعيد جان سرهندي - ذوالفقار چانڊيو


پير محمد سعيد جان سرهندي
ذوالفقار چانڊيو
پير محمد سعيد جان سرهندي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي اهم شخصيت هئي. پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو بهترين ساٿي رهيو. پاڻ سن ۱۹۲۵ع ڌاري، ٽنڊو محمد خان جي لڳ ٽنڊو سائينداد ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم، گهر ۾ پڙهن بعد، سائين پير محمد سعيد جان سرهندي، دادو ضلعي جي مشهور عالم سيد امير علي شاهه وٽ عربي سنڌي فارسي تعليم ورتي. ساڻس سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه به گڏ پڙهيو ۽ سندس بهترين دوست پڻ هيو. باقي تعليم، پير محمد سعيد جان سرهندي، سنڌ جي مشهور عالم مولوي عبدالله وٽ پڙهيو. جنهن بعد انگريزي جي تعليم مڪمل ڪيائون.


پير محمد سعيد جان سرهندي مذهبي انسان هيو. پاڻ فطري طور تي غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو ۽ جدوجهد ۾ سدائين اڳڀرو رهيو. سندن خدمتون عوام لاءِ هڪ وڏي ڳالهه هئي. پاڻ اھڙين صلاحيتن جو مالڪ هو جو، سندن مخالفن سان ڪچهرين دوران، کين پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو.
پير محمد سعيد جان سرهندي علائقي اندر هڪ وڏو مهمان نواز هو. جيڪي ڳالهيون راڄن ڀاڳن ۾ ٿينديون هيون تن ۾ سدائين خوش اخلاق نظر ايندو هو. پاڻ بهادر انسان هئو. ۱۹۷۷ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ ايم پي اي ٿيو. چونڊجڻ بعد پاڻ علائقي اندر وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ڪرايائين ۽ انهن تاريخي ڪمن ۽ عوام جي خدمتن ڪري اڄ به عوام جي دلين ۾ موجود آهي.
پاڻ ايوب خان ۽ ايران جي بادشاهه رضا شاهه پهلوي جو به سٺو دوست رهيو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته غريب ماڻهو سکيو ٿئي ۽ جاگيراڻا نظام نه هجن ۽ سچ جو وڏو سالڪ هو. پير محمد سعيد جان سرهندي جا ڪيل فيصلا ايترا ته حق وارا هوندا هئا جو پاڻ مشهور هوندو هو ۽ ماڻهو چاهيندا هئا ته فيصلا به پير محمد سعيد جان سرهندي ڪري. پاڻ پهريان ايم پي اي هئا، جن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي ٻي ڏينهن سندن غائباڻي جنازي نماز پڙهائي جنهن بعد کيس جيل موڪليو ويو.
پير محمد سعيد جان سرهندي جن ۱۹ جنوري ۲۰۰۸ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

No comments:

راءِ ڏيندا