راڻو چندر سنگهه
هڪ روايت جو نالو هو
چنديرام کتري
وسڪاري جي هيلوڪي سانوري رت جون ڀرجي آيل گهٽائون، پرمات جا پٽ پسائڻ
وقت ان راڻي چندر سنگهه کي ڏسي نه سگهنديون، جنهن پنهنجي جيون جون اوڻاسي سانوڻيون
عمرڪوٽ لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ راڻا جاگير ۾ نرالي شان ۽ شوڪت سان گذاريون.
۱۹۳۱ع ۾ راجپوتن جي چوويهين راڻي ارجن سنگهه جي گهر جنم وٺندڙ راڻي چندر
سنگهه پرائمري تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪري وڌيڪ علم پرائڻ لاءِ ڀارت جي شهر
ديرادون جو رخ ڪيو.
ديرادون جي تڏهوڪي علمي حيثيت واري هاڪ جو هڪڙو ئي حوالو ڪافي آهي ته
پنهنجي زماني جي ذهين ۽ زيرڪ سياسي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان پيلو مودي
تائين پنهنجي دور کي متاثر ڪندڙ ڪيترا ئي ماڻهو ديرادون جا شاگرد هئا.
راڻا چندر سنگهه اڃا جواني ۾ مس پير پاتو هو ته سندس والد راڻا ارجن
سنگهه پرلوڪ پڌاريو ۽ راڻا چندر سنگهه کي سورنهن سالن جي عمر ۾ راڻن جي ان گادي تي
ويهڻو پيو. جنهن گادي جي پنهنجي هڪ نرالي تاريخي روايت رهي آهي.
هن گادي تي ويهندڙ هر وقت جو هر راڻو راجپوت هئڻ جي باوجود راجپوت ۽
رجپوت بظاهر ته هڪڙي اکر جي فرق کانسواءِ ساڳي ڳالهه ٿا محسوس ٿين پر انهن ٻنهين اکرن جي معنيٰ ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. ان فرق
جي معنيٰ هي آهي ته راجپوت جي معنيٰ آهي راجه جو پٽ ۽ رجپوت جي معنيٰ آهي ڌرتي جو
پٽ.
هن گادي تي ويهندڙ راڻن پنهنجو پاڻ کي راجه جا پٽ هجڻ جي باوجود ڌرتي
جا حلالي پٽ ثابت ڪيو.
سنڌ تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ جيڪا پهرين گوريلا جنگ راڻن جي پاران
وڙهي وئي اها لڳاتار ساڍا ٽي سال جاري رهي. جمهن جو سڀ کان اهم ۽ شاندار مثال
روپلي ڪولهي جي ڦاسي وارو واقعو آهي.
راڻي جي پاران وڙهي ويل ان تاريخي سامراج مخالف جنگ جي ماٺي ٿيڻ
کانپوءِ ئي انگريز ميسور جي مجاهد ٽيپو سلطان ۽ جهانسي جي راڻي کي زير ڪري سگهيا
هئا.
اڳتي هلي بابو سڀاش چندر بوس، ڀڳت سنگهه ۽ سورهيه بادشاهه شهيد جون
انگريز مخالف گوريلا جنگيون راڻي پاران شروع ڪيل گوريلا جنگ جو تسلسل هيون.
ان وقت کان وٺي راڻي چندر سنگهه جي گادي تي ويهڻ واري سال تائين پورا
هڪ سؤ ٽي سال سنڌ تي انگريزن جو قبضو رهيو. سڄي سنڌ سميت راڻن جا مخصوص سياسي ۽
ثقافتي قدر به انگريريزي ڪلچر سان ٽڪراءُ ۾ رهيا پر راڻن جي مخصوص راجپوتاڻين
روايتن ڪڏهن به ڪا شڪست قبول نه ڪئي. جيئن چوندا آهن ته شڪست کائڻ ذلت ڪونهي پر
شڪست کي قبول ڪرڻ ذلت آهي. تيئن راڻن پنهنجي پوري تاريخ ۾ ڪڏهن به شڪست قبول نه
ڪئي. جديد ڏيهي ۽ پرڏيهي سياست ۾ راڻي چندر سنگهه راڻن جي ان پراڻي روايت کي سؤ
سيڪڙو سچ ثابت ڪري ڏيکاريو.
راڻي چندر سنگهه جي پالنا سندس پتا جي راڻي ارجن سنگهه بلڪل اهڙي ريت
ڪئي هئي جهڙي ريت دنيا جي عظيم فاتح سڪندر اعظم جي تربيت ان جي پيءَ فيلقوس ڪئي
هئي.
شڪار، گهوڙي سواري، نشاني بازي ۽ ملهه جي سکيا ٻالڪپڻ کان ئي راڻي
چندر سنگهه جي حصي ۾ آئي هئي.
هن کي پنهنجو والد هڪ جيڏهن ڇوڪرن سان روزاني شام جو ملهه ويڙهائيندو
هو ۽ بشمول سندس ڪنور چندر سنگهه متعلق مشهور آهي ته هن کي جڏهن به ڪو ڇوڪرو ملهه
ڪيرائيندو هو ته هو اٿڻ شرط ان ڇوڪري کي زوردار ثڦڙون وهائي ڪڍندو هو. ڇاڪاڻ ته
شڪست کي مٺي ماٺ ۾ قبول ڪرڻ هن جي مزاج ۾ ئي نه هو. اها ڳالهه اڳتي هلي سياست ۾ به
هن ثابت ڪئي ۽ هن پوري سياسي ڄمار ۾ ڪڏهن به ڪا اليڪشن نه هارائي.
پاڪستان جي پهرين چونڊ وقت راڻي چندر سگنهه جي عمر گهربل حد کان فقط
ڇهه مهينا گهٽ هئي. تنهن ڪري هن پنهنجي رشتيدارن سوائي سنگهه کي چونڊن ۾ ڪامياب
ڪرايو ۽ ڇهن مهينن کانپوءِ چند سنگهه عميل سياست ۾ پير پاتو. ۱۹۵۳ع ۾ ٿيل ان چونڊ کان ٺيڪ ٻه سال پوءِ ۱۹۵۵ع ۾ ملڪ تي ون يونٽ لاڳو ڪري صدين کان قائم مختلف
قومن جي وجود کان مڪمل ريت انڪار جو اعلان ڪيو ويو. ون يونٽ جو سڄو زمانو سياسي
ماٺار جوهڪ بيحد ايذائيندڙ زمانو هو. جنهن جي آخري ايامن ۾ شهزادن جهڙي شخصيت جو
مالڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ نئين سياسي نظرئي سان آراسته ٿي سياسي ميدان ۾ آيو
۽ هن پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ڪئي. ڀٽي جي سياسي خيالن کان متاثر ٿي جاگير جي
راڻي پنهنجو سياسي رشتو ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلز پارٽي سان جوڙي رتو ۽ ون يونٽ
ٽٽڻ کانپوءِ ٿيل ۱۹۷۰ع وارين عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي
آيو. ان عرصي دطوران ۱۹۷۱ع واري پاڪ ڀارت جنبگ جي
نتيجي ۾ راڻي چندر سنگهه جي قبيلي جي تمام وڏي اڪثريت لڏ پلان ڪري هندستان هلي وئي
۽ جنگ جي خاتمي کانپوءِ ان کي واپس آڻڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي راڻا چندر سنگهه جي
اڳواڻي ۾ چونڊيل نمائندن جو هڪ وفد هندستان اماڻيو جنهن ۾ راڻي جا ٽي دوست پير
غلام رسول شاهه جيلاني، مير علي بخش خان ٽالپر ۽ خانصاحب عبدالڪريم پلي شامل هئا.
ان دوري کان وٺي ۱۹۹۹ع ۾ روڊ رستي لاهور پهتل ڀاتي وزير اعظم واجپائي
جي آمد تائين راڻي چندر سنگهه هر وقت ٻنهين ملڪن ۾ ڀائيچاري قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون
سڀئي واسطيداريون استعمال ڪندو رهيو.
امن پسند راڻي چندر سنگهه جو ڪردار ٻنهين ملڪن ۾ ڪشيدگيون گهٽائڻ
لاءِ ان ڪري به اثرائتون رهيون جو پاڪستاني سياست جي وڏن نالن ذوالفقار علي ڀٽو،
پير صاحب پاڳارو، بينظير ڀٽو، نواز شريف، غلام مصطفيٰ جتوئي، رئيس حاڪم علي
زرداري، پير غلام رسول جيلاني، مير علي بخش ٽالپر ۽ ٻين سان جتي هن جون وڏيون
حجتون هيون اتي راڻا چندر سنگهه جي سس لڪشمي ديوي ڀارتي پارليامينٽ جي ميمبر ۽
سندس سنڍو وي پي سنگهه هدنستان جو وزير اعظم به رهي چڪو آهي. ورهاڱي کانپوءِ ٻنهين ملڪن ۾ ساڳئي طرح
اثر رسوخ فقط هڪڙو سئي سياستدان قائم رکي سگهيو. جنهن جو نالو راڻا چند رسنگهه هو.
راڻا چندر سنگهه سياست کان شڪار تائين زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجي هڪ
ڌار ۽ منفرد اخلاقيات جو مالڪ هو.
جهڙي ريت شڪار ڪرڻ وقت هو خونخوار ۽ خطرناڪ جانورن کي به حملو ڪرڻ جو
موقعو ڏيندو هو بلڪل تهڙي ريت هن سياست ۾ به ڪنهن تي لڪي وار نه ڪيو.
هو سياسي ميدان جو اهڙو مانجهي هو جيڪو سياست جي تيز کان تيز طوفان
جي اڳيان به اوچي ڳاٽ بيهي سگهندو هو.
۱۹۸۸ع وارين عام چونڊن کان اڳ لانٻي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ شهيد بينظير ڀٽو
صاحبه جي موجودگي ۾ ڪيل راڻي چندر سنگهه جي تاريخي تقرير کان وٺي چيلهار جي چوراهي
تي ڪيل هن جي عوامي خطاب تائين هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪجهه گهريو ڪونه. ڇو ته ڪجهه
گهرڻ راڻن جي ريت ناهي رهي. ان ڳالهه جي شاهدي لطيف سائين جي هنن سٽن مان به ثابت
آهي ته:
ڏونگهار آڇ م تن کي ڪاسا جنين ڪم
پنندي پرڏيهه ۾ سوڍن ٿئي شرم
اهڙي ريت اليڪشني جلسن ۾ هن جون ڪيل سڀ تقريرون رڪارڊ تي آهن جن جي
اختتام تي هو سدائين هڪڙو جملو چوندو هو ته:
فلاڻي نشان تي ٺپو هڻي ڇڏڻ کپي
اي مان جو حڪم جي
۽ ماڻهو هن جي اهڙي حڪم کي به پيار ڀري حجت سمجهي، پنهنجين اکين تي
رکندا هئا.
زماني جي اکين کي اهڙو ٻيو ڪوبه سياستدان نظر نٿو اچي جيڪو عوام کان
حڪم جي ذريعي ووٽ وٺي سگهي.
هاڻ جڏهن هن چيتي جي گهر جهڙيون هن جون اکيون هميشه هميشه لاءِ ٻوٽجي چڪيون آهن ۽ ڪيهر شينهن
جي گجگوڙ جهڙو هن جو گجدار آواز سدائين لاءِ خاموش ٿي ويو آهي تڏهن مون وٽ ساروڻين
جا ڪجهه تازا گل جهولي ۾ آهن جيڪي سندس شمشان گهاٽ تي نڇاور ڪندي لطيف سائين جو سر
راڻو ئي آلاپي سگهجي ٿو ته:
ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آيو، ويل ٽري ويئي،
مون ڏنءُ ڏيئي، ڍوليو ڍٽ قراريو.
No comments:
راءِ ڏيندا