; سنڌي شخصيتون: سيٺ نهالچند پٻاڻي - فقير سليم

08 September, 2012

سيٺ نهالچند پٻاڻي - فقير سليم


سيٺ نهالچند پٻاڻي
فقير سليم
هونئن ته سنڌ ڌرتي جي رهاڪن ۾ مهمانوازي واري روايت قديمي آهي پر ٿر ۾ جتي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي بنيادي سهولت اڄ به ميسر ناهي ته اڄ کان اٽڪل ۱۵ سال اڳ تائين ۵۰ سالن تائين مليل ٿر ۾ ذاتي ڪمن ڪارن يا گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندڙ مهمانن جي اسلام ڪوٽ ۾ بهترين خدمت ٿيندي رهي. انهي مهمان نوازي ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪندڙ اسلام ڪوٽ جي رهواسي روينيو کاتي جي هيڊ منشي رامچند لهاڻو جي گهر ۾ ۱۹۱۳ع ڌاري جنم وٺندڙ سيٺ نهالچند هو. سندس خاندان کي مکي جي حيثيت حاصل هئي. انهي ڪري سيٺ رامچند پنهنجي پٽ سيٺ نهالچند کي شهر واسين سان هر معاملي ۾ لهه وچڙ ۾ اچڻ  بابت تربيت ڏني هئي. سيٺ نهالچند ست درجا تعليم حاصل ڪرڻ بعد مقامي سطح جي سياست تان کان پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪئي. سندس سياسي پاليسين کان مخالفت رکندڙ ماڻهو به انهي ڳالهه جا حامي آهن ته هو هڪ وڏو مهمان نواز هو. سيٺ نهالچند سياست ۾ پير رکڻ سان ئي ورهاڱي بعد ۱۹۴۰ع ۾ شهر جي سينٽري ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ٿيو. کيس عوامي خدمت ڪرڻ جو شوق هو. انهي ڪري هن شهر واسين جي ڀرپور خدمت ڪئي. جنهن جي عيوض کيس بعد ۾ يونين ڪائونسل ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين جون پڻ ذميواريون مليون ته انهي سموري عرصي دوران  سيٺ نهالچند سنڌ سميت پوري ملڪ جي سياستدانن ۽ ڪامورن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. سندس اوطاق تي ڏينهن رات مهمانن جا ميلا متل هوندا هئا. سمورن مهمانن کي کارائڻ ۽ رهائڻ جا بهترين انتظام هوندا هئا. سيٺ نهالچند جي اوطاق تي حر جماعت جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سميت ملڪ جا اهم ترين سياستدان ايندا رهندا هئا. انهي ڪري ملڪي يا سنڌ سطح تي ٺهندڙ ڪنهن به ڪاميٽي يا ڪائونسل ۾ سندس نالو ضرور شامل ڪيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو سيٺ نهالچند سک ويلفيئر ڪائونسل، جسٽس آف پيس، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ڪاميٽي، هيلٿ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو ۽ هندو پنچائت جوصدر پڻ رهيو. سندس شاعري به  بهترين هوندي هئي. سندس لکيل ڀڄن ۽ شعر اڄ به اڪثر ڀڳت ڳائيندا رهن ٿا.


سيٺ نهالچند پنهنجي واسطن ۽ تعلقاتن جي بنيادن تي شهر ۾ بوائز هاءِ اسڪول، گرلس اسڪول، هيلٿ سينٽر ۽ ريسٽ هائوس تعمير ڪرايا. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترا ئي اهم فيصلا پڻ ڪيا ۽ ۱۹۹۷ع ۾ سيٺ نهالچند ديهانت ڪري ويو. سندس حياتي ۾ ئي سندس وڏي پٽ وڪيل ۽ ليکڪ وشنداس جي موڀي پٽ موهن لعل راجا کي پڻ ۱۹۸۰ع ۾ ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين بڻايو ويو. جنهن پنهنجي  سان شهر  جي مٺي ۽ ننگرپارڪر وارن ٻنهي رستن تان اڍائي سؤ جي لڳ ڀڳ نمن جا وڻ لڳرايا. جنهن سبب اسلام ڪوٽ کي نمن جي شهر طور پڻ سڃاڻپ ملي.

No comments:

راءِ ڏيندا