; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڌڻي بخش چانڊيو - وقار مٺل جسڪاڻي

27 September, 2012

پروفيسر ڌڻي بخش چانڊيو - وقار مٺل جسڪاڻي


پروفيسر ڌڻي بخش چانڊيو
هڪ جاکوڙي ڪردار
وقار مٺل جسڪاڻي
پروفيسر ڌڻي بخش ولد رسول بخش چانڊيو سندس بابت جيئن پاڻ ٻڌايو، پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض آهي.
ڄم: ڳوٺ علڻ شاهه، تعلقه ڪنڊيارو، تاريخ ۰۶. ۰۲. ۱۹۳۷.
قرآني تعليم: ڳوٺ هوت خان جلباڻي، لڳ لاکا روڊ.
پرائمري اسڪول: ۴ درجا، ڳوٺ علڻ شاهه، تعلقه ڪنڊيارو.
سيڪنڊري تعليم: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڪنڊيارو.


۷ درجا انگريزي: مئٽرڪ ۱۹۵۶ع، سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. ان سان گڏ سنڌي فائينل ۽ انٽر ڊرائنگ پڻ، پاس ڪيا.
زرعي تعليم: ۱۹۵۷- ۱۹۵8 ٽنڊوڄام ڪاليج ۾ داخلا ورتي. جتي ۵۰ روپيه اسڪالرشپ ماهانه ملندي هئي. غربت سبب ۳ سال پنهنجي هٿ سان ماني ڪندو رهيس. چوٿون سال ميس ۾ ماني کاڌي. سال ۱۹۶۲ع ۾ B.S.c (Agri.) سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. سٺين مارڪن هئڻ ڪري ۲۰ شاگردن کي گهر ويٺي آرڊر ڏئي گهرائي، ان وقت جي پرنسپال محترم عبدالباقي شيخ ۱۵ ڏينهن پوري ڪئمپس ۾ تربيت ڏياري، جنهن ۾ سڄي ريسرچ جي معلومات ڏني وئي. ۱۵ ڏينهن کان پوءِ سڀني کان پنهنجي دلچسپي واري شعبي بابت پڇيو ويو ته هو ڪاليج ۾ يا ريسرچ ۾ وڃڻ گهرن ٿا. آگسٽ ۱۹۶۲ع ۾ استاد ٿيس ان وقت Botany ۽ هاڻي P,B,G. آهي. 
۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿيس ۳۵ سال پڙهائڻ ۾ گذاريا.
۱۹۶۲ع کان ۱۹۶۶ع ۴ سال M.Sc. ڪرڻ ۾ لڳا، ڇاڪاڻ F1 کان F3 ۽ پوءِ ٿيسس لکڻ ۾ لڳا. سنڌ طبيه ڪاليج مان ۴ سال حڪمت جو ڪورس پاس ڪري رجسٽرڊ حڪيم پڻ آهيان.
۱۹۷۲ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مشهور ڪچهري پروگرام ۾ ڏاڏو فتح خان سان ۳۰ سال ڪم ڪيو. پروگرام سانگين جا سنيها ۾ آبادگارن کي مشورا ڏيندو رهيس. ڪچهري ۾ سگهڙن، فنڪارن، اديبن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون.
۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ فتح خان جي صلاح ۽ دعا سان ڳائڻ شروع ڪيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ P.T.V تي ڳائي گريڊ A جو فنڪار آهيان.
درگاهن تي ڳائي، گادي نشينن کان سرٽيفڪيٽ مليل آهن. پنهنجي حد يونين ڪائونسل موسي کٽياڻ جو سابق ڪائونسلر آهيان. مون ڳائڻ جي تربيت ناهي ورتي، ٻڌي ٻڌي ڳايو اٿم. مان ڪلياڻ، ڀيروي، مانجهه، ڪوهياري، نانگ، ڀيم، لوڙائو، ٿوڙي، آسا، پهاڙي، راڻو، سورٺ، ڌناسري، پرڀاتي، درگا چڱي انداز ۾ ڳائي سگهان ٿو. مون ۲ ڀيرا ڀٽ شاهه ثقافتي اسٽيج تي پڻ ڳايو آهي.
شام جو شاگردن کي پڙهائيندو آهيان، جنهن ۾ PBG, ABG, P.B.G،A.B.G Botany  ۽Agronomy  آهي.

1 comment:

  1. رب مٿن رحمتون ڪري، اسان جو استاد هو،، تياڳ واري ماني ۾ هيڪر اسان سندس گهر وياسون، چيئين ته تنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان به وڃي ڳائي آيو آهيان. محمد عمر چنڊ

    ReplyDelete