الحاج حضرت مولانا مفتي عبدالرحيم لغاري
صوفي غلام مصطفيٰ
هن ڌرتي ڪيترن ڪامل انسانن کي جنم ڏنو جن پنهنجون زندگيون اسلام ۽ خدا
جي مخلوق جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏيون. اهڙن نيڪ ۽ صالح انسانن مان الحاج حضرت مولانا
مفتي عبدالرحيم صاحب جن به هڪ هئا. پاڻ مشهور بلوچ قبليي لغاريءَ جي عظيم ۽ نيڪ دل
انسان حضرت حاجي فيض محمد جا صالح ۽ نيڪ فرزند هئا. پاڻ ۲۳ جمادي الاول سن ۱۳۴۸هه
بمطابق ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۲۹ع تي جمعي جي مبارڪ ڏينهن تي، ڳوٺ باگو خان جتوئي، لڳ نصرپور، ضلعي
حيدرآباد ۾ پيدا ٿيا. جيئن ته سندن اصل ڳوٺ، احمداڻي لغاري، تعلقي مورو ۾ واقع آهي
پر جڏهن سندن ولادت ٿي هئي ته سندن والده پنهنجن مائٽن وٽ، ڳوٺ باگو خان جتوئي ۾
ترسيل هئي.
ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي هڪ مدرسي ۾ حاصل ڪيائون. اهو
مدرسو هڪ پاڪ باز ۽ نيڪ عورت جي نالي منسوب هو ۽ مدرسي کي ماسي سڳوري جو مدرسو ڪري
سڏيو ويندو هو. قرآن پاڪ جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، پاڻ پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيا.
اسڪول سندن ڳوٺ کان ۲ ميل پري، پراڻي گچيري ۾
هو. ان ڪري پاڻ، روزانو پيادل اسڪول ويندا هئا. ان بعد پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي
خيال سان، جامعه عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيا. ۲۶ سيپٽمبر ۱۹۴۴ع کان ۱۹۴۸ع تائين انهي اسڪول تعليم حاصل ڪندا رهيا. پاڻ
نهايت ذهين اعليٰ دماغ صلاحيتن جا مالڪ هئا. ان ڪري کين ميٽرڪ جي امتحان ۾ سٺي
پوزيشن حاصل ٿي. ان بعد ان ئي اسڪول ۾ معلم جا فرائض انجام ڏيڻ لڳا. ان بعد روينيو
ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪيائون. پر هي درويش صفت انسان ته حق جو ڳولائو هو، ان
ڪري کين نوڪري واري زندگي پسند نه آئي ۽ نوڪري ڇڏي، ضلعي دادو جي هڪ ڳوٺ امينياڻين
جي مشهور عالم سيد امير محمد شاهه جي مدرسي ۾ اعليٰ ديني تعليم جي حصول جي خيال
سان داخل ٿيا، جتي پاڻ قرآن پاڪ جو ترجمو تفيسر تاريخ فقير، حديث ۽ منطق جي تعليم
مڪمل ڪيائون. ۲۰ آڪٽوبر ۱۹۵۶ع ڇنڇر جي ڏينهن سندن دستاربندي ٿي. دستار بندي بعد، پاڻ پنهنجي ڳوٺ
واپس موٽي آيا.
جامع عربيه جي باني سيد علي اڪبر شاهه، مرحوم مخدوم امير محمد، سيد
امير محمد شاهه ۽ مولوي ميان احمد مذائي سان وڏي عقيدت هوندي هئن. ڪافي وقت هنن
بزرگن سان گڏ گذاريائون.
جيئن ته مولوي صاحب جن عالم بڻجي چڪا هئا، ان ڪري پاڻ اهو مناسب نه
سمجهيائون ته ائين ڳوٺ ۾ ويهي زندگيءَ کي برباد ڪجي. بهتر اهو آهي ته خلق خدا کي
به علم جي روشني سان روشناس ڪرائجي. اهو مقصد دل ۾ سانڍي، ڳوٺ کي خيرباد چئي، اچي
مورو شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. اتي پنهنجي ذاتي خرچ تي هڪ مدرسو انوار العلوم جي
نالي سان قائم ڪيائون. مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي شاگرد اچڻ لڳا.
جن جي رهائش ۽ کاڌي جو انتظام پنهنجي جيب خرچ مان ڪندا هئا. ڪتاب به مدرسي جي لاءِ
مصر، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن کان ذاتي خرچ تي گهرائيندا هئا. کين زندگيءَ ۾ ٻه دفعا
حج بيت الله جي سعادت عطا ٿي ۽ اتان صرف ديني ڪتابن کان علاوه ڪا شيءِ نه آندائون.
آخري وقت تائين، مدرسي جا اعليٰ نگران ۽ مهتمم رهيا. مدرسي کي پنهنجي ذاتي خرچ تي
هلائيندا هئا ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان هٿ ڊگهو نه ڪيائون. شاگردن کي ڪڏهن به گدائي
لاءِ نه موڪليندا هئا. بلڪ کين کاڌو پنهنجي گهران ٺهرائي کارائيندا هئا. سندن
مدرسي ۾ سنڌ بلوچستان جا شاگرد، ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.
مولوي صاحب جن جا سوين شاگرد، جيڪي هن مدرسي مان دستاربند ٿي نڪتا
آهن، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. ان طرح سندن علم جو فيض
اڄ به جاري ۽ ساري آهي.
پاڻ وقت جا وڏا مفتي به هئا. ڪيترن ئي اهم سرڪاري فيصلن ۾ سندن
فتوائن تي عمل ڪيو ويندو هو. ڪيترن ئي عالمن جي ڏنل تحريرن ۾ پاڻ درستي ڪندا هئا.
سندن تقرير پر اثر ۽ دلنشين هوندي هئي. ۱۹۷۳ع واري تحريڪ ختم نبوت ۾ پاڻ اهم ڪردار ادا ڪيائون. پاڻ سچا عاشق
رسول هئا. جڏهن سندن سامهون سرڪار ختم مرتبت صلي الله عليه وسلم جن جو اسم مبارڪ
چيو ويندو هو ته عشق رسالت مآب ۾ سندن اکين مان پاڻيءَ جا نار جاري ٿي ويندا هئا ۽
محويت طاري ٿي ويندي هئي.
کين پيران پير غوث الاعظم حضرت عبدالقادر جيلاني رحه سان دلي عقيدت
هئي هر سال يارهين جو عظيم اليشان جلسو منعقد ڪرائيندا هئا ۽ پيران پير جي شان ۾ شعر
گهڻو پڙهندا هئا. انهي نسبت سان پاڻ جنهن محلي ۾ رهندا هئا، ان محلي جو نالو به
دستگير ڪالوني رکڻ جي تجويز ڏنائون ۽ ان محلي جو نالو سندن راءِ مطابق دستگير
ڪالوني رکيو ويو.
مولوي عبدالرحيم صاحب جن جو روحاني تعلق، حضرت پير انور علي شاهه
لنڊو شريف سان هو ۽ پير صاحب جن کان دست بيعت ٿيا. پير صاحب جي وفات بعد، سندن
فرزند سيد عرفان علي شاهه سجاده نشين آهي. سندن محبت به مولوي صاحب سان بي پناهه
هئي. اڪثر صلاح مشوري لاءِ کين درگاهه عاليه تي گهرائيندا هئا.
پاڻ ۲۲ فيبروري ۱۹۵۱ع ۱۵ جمادالاول ۱۳۷۰هه ۾ پنهنجي هڪ عزيز دوست محمد لغاري جي نياڻي سان نڪاح ڪيائون. ان
شاديءَ مان کين ٽي نياڻيون ۽ هڪ فرزند بشير احمد عطا ٿيو. سندن وفات کان ڪجهه وقت
اڳ، سندن رفيقه حيات وفات ڪري وئي.
پاڻ هڪ زميندار ۽ خوش رزق انسان هوندي به خوش اخلاق، رحم دل ۽ ننڍي
وڏي سان نهايت ادب ۽ مسڪراهٽ سان پيش ايندا هئا.
سندن قائم مدرسي ۾ اٽڪل ٽن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. انهن
ڪتابن مان اڪثر اڄ ڪلهه مارڪيٽ ۾ دستياب نه آهن. پر مولوي صاحب جي مدرسي ۾ اڄ به
محفوظ آهن.
پاڻ ۲ محرم الحرام ۱۴۰۱هه اڱاري جي ڏينهن بمطابق ۱۱ نومبر ۱۹۸۰ع تي هن فاني جهان مان
لاڏاڻو ڪري ويا. سندن جسد خاڪي کي مدرسي جي صحن جي هڪ پاسي کان دفن ڪيو ويو. سندن
وصيعت موجب؛ سندن جنازي جي نماز مرشد زاده حضرت عرفان علي شاهه پڙهائي ۽ شهر جي
هزارين ماڻهو سندن شاگردن ۽ عالمن بخاري ميدان ۾ سندن نماز جنازه ۾ شرڪت ڪئي.
No comments:
راءِ ڏيندا