ڊاڪٽر منظور
قادر
ديوانگي جتي
دنگ ڪري ٿي!
عزيز گوپانگ
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ريڊيو پاڪستان جي گيٽ وٽ ٿي هُئي يا
هيرآباد جي عظيم هوٽل ۾، اهو چڱي طرح ياد ڪونهي پر ٿِي اِتي ڪٿي هُئي، اِهي اسيءَ
واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا جڏهن ريڊيو ۽ اسان جي سرمستي ٻئي عُروج تي هئا!
اديبن ۽ فنڪارن جا هُجوم هئا جيڪي ريڊيو اسٽيشن تي پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڇنڊي
شام جو گهرن ڏانهن موٽندا هئا. ”هي ريڊيو پاڪستان آهي ۽ اوهان ٻڌي رهيا آهيو
پروگرام سُرهي سانجهه“ اِهو چئي سموري سنڌ سان ڳنڍجي وڃبو هو! نه گهر ياد هوندو هو
نه گهاٽ، هي به اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هُئي!
منظور قادر! هُن پنهنجو نالو ٻُڌائيندي هٿ ملايو هو. هُن سمجهيو پئه
ته دوستيءَ لاءِ اِهو ئي ڪافي آهي، پر مان جيڪو ٻين کان ته ڇا پر پنهنجي ذات کان
به بي نياز هوندو هوس اُن لاءِ اهڙيون ميل لاقاتون ڪا حيثيت ڪو نه رکنديون هيون،
تن ڏينهن ۾ پورو حيدرآباد مُنهنجي اندر گهمندو ڦرندو ۽ پاڻ وڃائيندو رهندو هو!
شاعريءَ جو رڻ مون ۾ گجندو رهندو هو، بي خبري ۽ بي پرواهي منهنجي بدن جو حصو بنجي
رهي هئي، دوستي رکڻ ۽ نڀائڻ جو پورهيو مون کان پُڄندو ئي ڪو نه هو تڏهن ڪنهن جو
نالو مون کي ڪيئن ٿي ياد رهي سگهيو ۽ اُهو به تڏهن جڏهن مان پاڻ ئي پنهنجي پويان
ڊوڙندو رهندو هوس ۽ شام جو پاڻ کي واپس گهر وٺي وڃڻ ۾ وقت لڳندو هو! وري هو ڪٿي
ملي ٿو، گنڀير ۽ ڌيرج واري آواز سان پنهنجو نالو ٻڌائي ٿو، هُو ڪٿان جو آهي، اِهو
به ٻُڌائي ٿو، ڇا ڪري ٿو سو پڻ ٻُڌائي ٿو ڇڏي ۽ اِهو ورجاءُ جڏهن وري وري ٿيڻ لڳو
تڏهن مون کي سندس باري ۾ ڪجهه ڳالهيون ياد رهڻ لڳيون جيئن:
نالو: منظور قادر
ذات: اُنڙ
ڳوٺ: الهه وسايو انڙ لڳ خانواهڻ
ڪرت: ميڊيڪل جو شاگرد (ڊاڪٽر)
وندر: اداڪاري، صداڪاري، شاعري ۽ بس!
پوءِ مان کيس هڪ چڱي ماڻهوءَ جي حيثيت سان سڃاڻڻ لڳس، هٿ ملائي هڪ
ٻئي کي موڪلائڻ بدران ٻه چار گهڙيون ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳاسين، هڪ ٻئي کان پنهنجي
پنهنجي شاعري ٻُڌي سين ۽ واهه جي، واهه واهه ڪئي سين! پوءِ هڪڙو وقت اهڙو به آيو
جو سندس نالو فون نمبر سميت مون پنهنجي ڊائري ۾ لکي ورتو! پوءِ ته کيس وسارڻ جو
سوال ئي پيدا نه پئه ٿيو!
سو ايئن منظور قادر، جڏهن اڃا ڊاڪٽر به نه ٿيوهو، سو منهنجو دوست ٿي
ويو. دوستي به هُن رکي هُئي ۽ نڀائي به هُن ئي آهي، باقي مون ۾ ته اهي خوبيون شروع
کان آهن ئي ڪو نه! اڃا به اڳواٽ فون هو ئي ڪندو آهي، حال احوال، دل ۽ دنيا جا هو ئي وٺندو ۽ ڏيندؤ رهندو آهي. ڪراچي
وڃان ته سندس وڃي مهمان بنجان پر جي هو حيدرآباد اچي، تڏهن به ميزباني پاڻ ئي ڪري،
گذريل سال جڏهن حيدرآباد آيو ۽ فون ڪري پنهنجي اچڻ جو ٻُڌايائين ته مون ساڻس
ملاقات جي پڪ ڪرائي پر ڀُلجي ويس، هُن نه مهڻو ڏنو ۽ نه ميار، ماٺ ميٺ ۾ ڪراچي
موٽي ويو، مون ڀانيو ته ناراض ٿي ويو هوندو پر ڪٿي! هُن دوستي رکي هئي ڪو وهنوار
ڪو نه ڪيو هو، سو ٿورڙن ڏينهن ۾ ئي فون ڪري پنهنجي ساڳئي ماٺي ۽ مٺي آواز ۾ حالي
احوالي ٿيو! تڏهن مون سمجهي ورتو هو ته منظور وٽ دوستيءَ کي تورڻ جا وٽ ۽ اوزار
آهن ئي ڪو نه، هو بس هڪ دوست آهي، دل آويز دوست! جنهن وٽ روين جون نه ميارون نه
پچارون، پيو هر وقت حيران ڪندڙ واقعا، خيال ۽ شعر ٻُڌائيندو!
پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر، سرشست ۾ مُڪمل فنڪار، بُت ۾ ريسلر، آواز ۾
صداڪار، روين ۾ دوست، خيال ۾ شاعر ۽ پوري جوڙجڪ ۾ هڪ حُسناڪ هستي جي مالڪ ڊاڪٽر
منظور قادر سان هاڻي منهنجي دوستيءَ کي اچي پنجويهن سالن جو هڪ پوري ڄمار جيترو
عرصو پورو ٿيو آهي، ايتري عرصي ۾ هڪ انسان ڦوهه جوانيءَ جي ڏاڪي مٿان پير رکندوآهي
۽ ايتري عرصي ۾ اسان جي دوستي به اچي جوان ٿي آهي، فرق اِهو آهي ته ماڻهو جوانيءَ
کان پيريءَ ڏانهن سفر ڪندو آهي ۽ دوستي جوانيءَ کان جوانيءَ ڏانهن ئي سفر ڪندي
آهي، مسلسل ۽ لڳاتار زندگيءَ جي آخري ساهه تائين ۽ شايد اُن کان اڳتي تائين!
خانواهڻ کان نڪري ڪنڊياري کان ٿيندو هو حيدرآباد پهتو! اُنهيءَ دؤر ۾
جڏهن هر ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر کان علاوه ڪجهه به ٻيو ڏسڻ نٿي
چاهيو، تڏهن هُن ڊاڪٽريءَ جهڙي ڏکي تعليم جي چونڊ ڪئي ۽ پاڻ کي ڊاڪٽريءَ لاءِ
چونڊرايو، هُو هاسٽل ۾ رهيو، صبح جو پڙهيو، شام جو گهميو ڦريو ۽ رات جو وري وڃي
ڪتابن جي اُٺن کي هُشايو! ائين هو لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان پڙهي ڊاڪٽر بڻيو! هي
اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ليڪچرز جي پڙاڏن کان وڌيڪ
ڪامريڊن جون هڪلون گونجنديون هُيون! هي اُهو ئي دؤر هو جڏهن هٿ ٻڌي هلبو هو، نه ته
هلڻ نه ڏنو ويندو هو، تڏهن ڊاڪٽر نه هٿ ٻڌي هليو ۽نه ئي ڪينٽين تان ڪڏهن مفت ماني
کاڌي، مهيني جي خرچ کي هو ڏيڍ مهيني تائين ڇڪي ويندو هو ۽ ائين بچت ڪري پنهنجن
دوستن مٿان چانهيُن ۽ بسڪوٽن جي گهور ڪندو رهندو هو.
هو ڳوٺان خواب ته حيدرآباد ۾ رهڻ جو کڻي نڪتو هو، مگر اداڪار بنجڻ جي
شوق ۽ زلفن جي سلامتيءَ واري احساس کيس اچي ڪراچي ڀيڙو ڪيو. ڪراچيءَ جي بندر تي
لنگرانداز ٿي هُن پنهنجي خيالن جا رڇ ڇڪي هنڌائتا ڪيا ۽ لڳو ڪروڙن جي آباديءَ ۾
پاڻ کي ڳولڻ ۽ نيٺ وڃي پاڻ کي لڌائين. پي ٽي وي تي هڪ اداڪار طور سڃاتو ويو، سنڌ
جي شاعرن جي هجوم ۾ سندس نالو وڏي ”فونٽ“ ۾ لکجڻ لڳو، ڪهاڻي لکيائين ته سنڌ اُن
مان اُڀري ٻاهر اچڻ لڳي، ڪلينڪ شروع ڪيائين ته سُٺو ڊاڪٽر ثابت ٿيو، هلندي هلندي
ڪراچي جهڙي شهر ۾، سياست جو کارو کنيائين پر اُن ۾ کِکيون نه گُل رکي هوڪا ڏنائين
۽ ضمير جي سيٽ کڻي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو، سندس پارٽيءَ جي حڪومت آئي ته کيس چيو ويو
”ٻُڌاءِ! ڇا کپئي؟“ جواب ڏنائين؛ ”ڪجهه به نه! مون وٽ الله جو ڏنو سڀ ڪُجهه آهي.“
سچ چيائين، وٽس زنده ضمير جو اڻ ميو خزانو کُٽڻ جو نالو ئي نٿو وٺي!
نه ڪنهن جو نوڪر ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن کي نوڪر رکيائين، پنهنجي ڪلينڪ ۾ ڪم ڪندڙن کي هڪ
شريڪ ڪار تصور ڪري ٿو ۽ سندن دوست رهي ٿو، دل درخت جي دستور ڪيائين ته خدا به سندس
اڱڻ گُلن سان ڀري ڇڏيو، تماچي نالي هڪ پُٽ سميت پنجن نياڻين جو پيءُ منظور قادر
ڌيءُ کي ”ڌڻ“ نه جنت جو دروازو چئي ٿو. هڪ نه، ٻه نه، پورا پنج دروازا، ائين چوندي
سندس آواز ۾ ٿڌي ڇانوَ جو احساس ٿئي ٿو. هڪ مطمئن ۽ ”ڪمپوزڊ“ احساس.
ذاتي زندگيءَ ۾ هو شڪر ۽ صبر جي ڇٽيءَ هيٺيان بيٺل نظر اچي ٿو پر
شاعر جي حيثيت سان بي چئني ۽ حيرانگي سندس اکرن مان ڇانگ ڇلانگ ڏيندي نظر اچي ٿي،
نظم جي صنف ۾ هو مختلف ئي نه بلڪل اڪيلو نظر اچي ٿو، اسلوب توڻي خيال جي حوالي
سان! سندس هم عُمر جڏهن وار ڪارا ڪرڻ جي شوق ۾ خضابن جون قيمتون ياد ڪري چُڪا آهن
تڏهن سندس وارن ۾ ظاهر ٿيندڙ نج چاندي هُن جي سنجيدگيءَ جو ڏس ڏئي ٿي، شايد کيس
خبر آهي ته جوانيءَ جو گهر دل آهي، وار نه! ۽ دل کي ڪو به خضاب ناهي هڻبو!
هو ڊاڪٽر هجڻ جي ناتي نبض شناس ته آهي ئي آهي پر سندس دل کانئس دوا
وٺڻ ڪڏهن نه آئي ۽ مان سوچيان ٿو ته جيڪڏهن ائين ٿئي به ٿو ته وٽس پنهنجي ئي دل کي
ڏيڻ لاءِ ڪا دوا هوندي!
ڊاڪٽر منظور
قادر
سنڌ جي تهذيبي
ڍانچي ۾ پليل اديب
آصف رضا موريو
اٽڪل ويهارو سال اڳ هن گونجدار آواز رکندڙ اسٽالن بتائتي ۽ شاندار
قدائتي بردبار شخصيت ڊاڪٽر منظور قادر سان ادبي ملاقات جو ذريعو منهنجي گهڻ گهرئي
صحافي دوست فداحسين ملاڻو جو رسالو ڪلاڪار بڻيو جنهن ۾ ڪيترن سالن تائين مان ايڊيٽر
۽ ايڊيٽوريئل بورڊ جو حصو رهيم. ان رسالي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪهاڻيون، شاعري ۽ انٽرويو
باقائدگي سان ڇپندا رهندا هيا جن کي ايڊيٽر هئڻ ناطي ٻئي مواد جيان پڙهڻ ۽ ضرورت
تحت ايڊٽ ڪرڻ منهنجي ذميداري هوندي هئي.
هن همراهه جي لکڻين کان متاثر ٿي مان سندس سراهيندڙن ۽ پوءِ چاهيندڙن
جي ويڪري حلقي ۾ شامل ٿيس. وڌيڪ ميل ملاقاتين جي طفيل خيالن جي ڏي وٺ ذريعي اسان
جي وچ ۾ ذهني لاڙا وڌيڪ ويجهڙا ٿيندا رهيا. ڪجهه سال اڳ منهنجي لاڙڪاڻو واري غريب
خاني تي اسان جي شاندار دوستن اظهرپاشا ۽ نثار منصور سان ڪهي اچي منهنجي عزت
افزائي ڪئي جتي ٽي چار ڏينهن ۽ راتين جي قيام دوران جام ڪچهريون ۽ رولاڪيون ٿيون. ڊاڪٽر
منظور قادر جي باري ۾ منهنجي راءِ آهي ته سندس لکڻين جي ڀيٽ ۾ مان ان جي شخصيت، رک
رکائو، ادب آداب، تهذيب پڻي ۽ ڳالهه ٻولهه جي انداز کان وڌيڪ متاثر ٿيندو رهيو
آهيان.
ڊاڪٽرصاحب مون تي پنهنجي گهڻ مطالعي ۽ اتهاسي اڀياس سبب هر ملاقات ۾
اڻ ڏٺل جزيرن ۽ ماڳن جيان نواڻ جا خوبصورت تاثر ڇڏيندو رهندو آهي. ساڻس ٿيل هر ڪچهري
۾ نه رڳو منهنجي ادبي اوسر ٿيندي رهندي آهي پر اسان جي سنگت جا پنک وڌندا ۽
ويجهندا رهندا آهن ۽ اڄ اسان ٻنهي جي وچ ۾ صدين جو ڀروسو ۽ رشتو جڙي چڪو آهي جنهن
۾ وقت گذرڻ سان گڏ نوان رخ جڙندا ۽ روح پوندا محسوس ٿيندا آهن.
ڪجهه پڙهندڙن لاءِ ڊاڪٽر منظورقادر ٿي سگهي ٿو ته غيرمعروف قسم جو
لکاري هجي پر سچ آهي ته هي خودنمائي ڪرڻ واري لکارين منجهان نه آهي. هو خوبصورت،
جاندار ۽ پرڪشش ڳالهيون لکڻ ۽ ڪرڻ جي سليقي آڌارت سماج متعلق پنهنجي محسوسات جي
آگاهي سولائي سان پيش ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ذاتي طور ڊاڪٽر صاحب مونکي اديب
کان وڌيڪ مفڪر لڳندو آهي.
بردبار، فهميدو، تڪي توري ۽ سوچي ڳالهائڻ واري هن اديب جو خيال آهي
ته لکڻ ۽ لکندو رهڻ به محبت ۽ خوراڪ جيان زندهه رهڻ جو لازمي جز آهي. لفظن سان عشق
رکندڙ هن ڪوي جي رڳن ۾ رت سان گڏ شاعري پڻ گردش ڪندي آهي جيڪا گهڻو تڻو ڏک، خوشي،
محبت، اداسي، اميد ۽ اتساهه جهڙي داخلي ڪيفيتن کي سهيڙيندي ملي ٿي. سندس پهريون
غزل حيدرآباد مان نڪرندڙ روزاني سنڌي اخبار آفتاب ۾ ڇپيو هيو ۽ شاعري متعلق هن جا
چار ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهن.
ڊاڪٽر صاحب ڪالمنگار، ڊرامه نويس ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آهي جڏهن ته پڙهڻ جي
حد تائين سندس پسنديده صنف سوانح عمري آهي جنهن تي طبع آزمائي ڪندي پنهنجي زندگي
جي ڪهاڻي جو ڳچ حصو رقم ڪري چڪو آهي جنهن کي هاڻي ٻيهر نظرثاني ڪري رهيو آهي ته
جيئن ڇپرائي سگهجي. سندس پسنديده شاعر شيخ اياز ۽ ڪهاڻيڪار قمرشهباز آهي پر لکڻ
لاءِ ڊاڪٽرمنظورقادر وٽ ڪنهن به لکاري جو ڪم ڪڏهن اتساهه جو باعث نه بڻيو پر جواني
۾ پير پائيندي اندر جي رومانوي اڇلن کيس ادبي رچنائين جي ماءَ شاعري ڏانهن سان
متعارف ڪرايو جيڪا وقت سان گڏ کيس ادب جي انيڪ کيترن ڏانهن وٺي وئي.
سندس ڪهاڻين جو ڪتاب فيس بڪ جي نالي سان ڇپجي مڃتا ماڻي چڪو آهي. پاڻ
پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ مختلف سنڌي اردو چينلن لاءِ ويهارو کن ڊراما لکيا اٿائين جڏهن
ته ريڊيو پاڪستان لاءِ سندس لکيل ڊرامن جو ڳاڻيٽو ٻه سو کان مٿي آهي. ان کان علاوه
ڊاڪٽر صاحب مختلف اين جي اوز لاءِ انساني شعور کي جلا بخشي زندگي ڏانهن موٽڻ ۽
زنده رهڻ لاءِ اتساهيندڙ بيشمار ڊراما تخليق ڪري چڪو آهي. مضمون نگار طور پڻ ڊاڪٽر
منظور قادر جو قد ڪاٺ مٿاهون آهي پاڻ بيشمار رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو رهي ٿو جڏهن
ته سنڌي روزنامي عوامي آواز ۾ چار سالن تائين مسلسل هفتيوار ڪالم لکندو رهيو.
سٺي اديب جي لکڻين جي آئيني ۾ مان اهو ڏسندو آهيان ته سندس نظريات ڪيترا
صحتمند، غير صحتمند، مددگار يا فرضي آهن. جهڙي طرح ڪوبه شخص ناقابل هضم خوراڪ
استعمال ڪرڻ کان احتياط ڪندو آهي اهڙي ريت ڏاهو اديب ناقابل يقين خيالن ۽ نظرين کي
پنهنجي چوڌاري پکيڙڻ کان پرهيز ڪندو آهي. ڪٿي پڙهيو هيو ته انسان پنهنجي دور جي
پيداوار هوندو آهي پر ڊاڪٽر منظور قادر جهڙا ماڻهپي وارا مثبت ۽ بي لوث انسان مون
کي اسان جي تحرير برائي تحرير واري لٻاڙي دور جي پيدائش بنهه ڪونه لڳندا آهن جو اهڙا
اديب دنيا کي قلم ذريعي کوجيندا ۽ زبان رستي اصلاح ڪندا رهندا آهن جنهن جي ڪري
سندس لکڻين جا ڪردار پڙهندڙن تي انيڪ تاثر ڇڏيندا رهندا آهن.
ڊاڪٽر -منظورقادر جو جنم پهرين سيپٽمبر ۱۹۶۴ع ڌاري ضلع نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊيارو ۾ و۱قع ڳوٺ الله وسايو انڙ ۾ رهندڙ واپڊا اسڪارپ جي ملازم محمد موسي انڙ
جي گهر ۾ ٿيو. کيس چار ڀائر ۽ چار ڀينرون هيون جن ۾ ڊاڪٽر صاحب جو چوٿون نمبر هيو.
سندس ٻه ڀائر دورِ جواني ۾ ڪينسر جي موذي مرض سبب الله سائين کي پيارا ٿي ويا جن
مان وڏو ڀاءُ ۲۰۰۲ع ۾ ٻائيتاليهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٻي ڀاءُ
کي ۲۰۰۴ع ۾ ڪينسر ظاهر ٿيو جنهن جي علاج کان پوءِ ڪجهه
سال ٺيڪ رهيو ۽ وري ۲۰۱۰ع ۾ کيس ان روگ جو ٻيو
حملو ٿيو جيڪو هن چاليهن سالن جي جوان لاءِ جان ليوا ثابت ٿيو.
ڊاڪٽر منظورقادر پنجين جماعت پنهنجي ڳوٺ الله وسايو انڙ جي پرائمري
اسڪول مان پاس ڪري ڏهين جماعت جو امتحان گورنمنٽ هاءِ اسڪول خانواهڻ مان ڏئي انٽرميڊئيٽ
گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان ۽ ۱۹۹۱ع
۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان حاصل ڪئي.
ڪراچي جهڙو شاندار شهر، خوبصورت شخصيت، ڪامياب زندگي ۽ بهترين روزگار
هئڻ ڪري کيس رشتن جي کوٽ نه هئي پر پاڻ دل ۾ طئه ڪيو هيائين ته شادي سنڌي خاندان ۾
ڪرڻي آهي. سندس دل جي خواهش پوري ٿي جو پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۾ ملازمت ڪندڙ
هڪ اهڙي سنڌي ڇوڪري سان ٿي جيڪا پهرين نظر ۾ کيس ڀانئجي وئي تنهن سان ۱۷ آگسٽ ۱۹۹۵ع ڌاري شادي ڪيائين. هن
خوبصورت جوڙي کي ڄام تماچي نالي هڪ پٽ ۽ ڇهه نياڻين جي اولاد آهي.
۱۹۹۴ع ۾ کيس پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز جي ڊائيگنوسٽڪ سينٽر ۾ ڊاڪٽر
مقرر ٿيو جتان ۱۹۹۷ع ڌاري نوازشريف جي دورِ حڪومت ۾ سياسي انتقام تحت
فارغ ڪيو ويو. نوڪري کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ۱۹۹۷ع ڌاري ئي ڌاٻيجي ۾ پنهنجي وڏي نياڻي جي نالي تي شاه بانو ڪلنڪ کولي
خانگي پريڪٽس شروع ڪئي جتي ويجهڙائپ ۾ ڪا طبي سهولت نه هئڻ ۽ سندس اخلاق سان گڏ
انساني همدردي جي اصولن جي پاسداري سبب ڪلنڪ تمام سٺي هلي نڪتي. ان دور ۾ ڊاڪٽر
صاحب منير گارڊن مين گلستانِ جوهر ۾ رهندو هيو جتان روزانو قريبن سٺ ڪلوميٽر جو
سفر پائي اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ ڪهي پنهنجي ڪلنڪ پهچندو هيو. ڪراچي کان ڌاٻيجي وڃڻ وارو ڊگهو
رستو تمام خراب هئڻ سان گڏ ٽريفڪ جو آزار پڻ گهڻو هوندو هيو جنهن تي آئي ڏينهن
خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ٿيڻ ڪري هي همراهه دل برداشتو ٿي پيو ۽ ۲۰۰۰ ع ۾ ڌاٻيجي واري ڪلنڪ بند ڪري ساڳي نالي سان ڪراچي جي سنڌي آبادي ڀٽائي
آباد ۾ ڪلنڪ کولي جيڪا پڻ ٽن سالن کان پوءِ هيئر ٽرانسپلانٽيشن جي نئين ٽيڪنالاجي
۾ ڊپلوما ڪرڻ سبب بند ڪيائين.
پاڪستان ۾ هيئر ٽرانسپلانٽيشن جي نئين ٽيڪنالاجي آئي ته ڊاڪٽر
منظورقادر ۲۰۰۳ع ۾ ڇهن مهينن جي ڊپلوما ڪري ڪري پاڪ ٽاور ڪراچي ۾
هيئرٽرانسپلانٽ جي مشهور سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو سان گڏ ٽن سالن تائين هيئر ٽرانسپلانٽيشن
جي اسپتال هلائيندا رهيا. جنهن کان پوءِ ۲۰۰۷ع کان ۲۰۰۹ع تاائين اوشن ٽاور ڀرسان
ڊاڪٽر همايون سان ساڳي شعبي جي اسپتال هلائيندو رهيو. ۹۲۰۰ع ۾ ڊاڪٽر منظورقادر بلاول چورنگي واري گهٽي ڀرسان جان اسٽريٽ ۾ هڪ
بنگلو ڪرائي تي وٺي منظور هيئر پلانٽ جي نالي سال پنهنجي ذاتي ڪلنڪ کولي جنهن کي ۲۰۱۲ع ۾ ٻه تلوار وٽ سينٽرل هاسپيٽل ۾ منتقل ڪيو جتي
هن وقت به سندس ڪامياب پريڪٽس جاري آهي.
ڊاڪٽرصاحب علمي، ادبي ۽ اخلاقي ندرت سان مالا مال هئڻ ڪري ملندڙن ۽ ڀائيندڙن
جي خيالن کي متاثر ڪرڻ جي جادوگري سان مالا مال هئڻ سان گڏ پنهنجو احتساب ڪندي
سماج ۾ موجود پنهنجي تمام ڪرداري ۽ ڪرتي ذميدارين سان توازن رکڻ جو فن ڄاڻڻدو آهي.
خود تجزياتي هئڻ به ڪامياب انسانن لاءِ ضروري هنر ڀانئيو ويندو آهي جو پنهنجي ڪاميابين،
ناڪامين، خواهشين ۽ خوابن جي جائزي کان پوءِ پاڻ کي دريافت ڪرڻ جو عمل ئي انسان کي
ڪنهن اهڙي مقام تي پهچائيندو آهي جتي مقدم رهي زندهه رهڻ جي ڏاهپ ئي ڪيماگري ليکي
ويندي آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر منظور قادر مونکي مهارتون جوڙيندي نظر ايندو آهي. شايد اهو
ئي سبب آهي ته زندگي جي چڙهندڙ درياهه ۾ سندس خوش ذوقي ۽ سرگرمي نئين امڪانن ۽
ارادن سان هر قدم تي کيس ڪاميابيون ونڊيندي لڌي وئي آهي.
سٺي زندگي گذارڻ لاءِ جسماني ۽ دماغي صحت تمام ضروري ڀانئيون وينديون
آهن. ان سان گڏ رشتي داريون ۽ ڪڙنبي قربتون سنڀالڻ، فطرت کي قبول ڪرڻ جون
صلاحيتون، دوستن احبابن لاءِ اتساهي معاملا جوڙڻ، اطمينان بخش روزگار ۽ زندگي جي
هيٺ مٿاهين کي سهڻ جي هنرمندي وغيره تمام خاص ڀانئجن ٿيون جن سان ڊاڪٽر منظور قادر
ڀرجلو ڏٺو ويو آهي. هو اسان جي ٽهي ۾ موجود انهن اديبن منجهان آهي جيڪي پنهنجي
تحريري صلاحيتن ۽ ذاتي خصلتن آڌارت سنگت کي سلهاڙي کڻڻ، قوم کي جاڳائڻ جا جس ۽
پيچرا سڌا ڪرڻ سان گڏ دلين کي فتح ڪري محبتون ميڙڻ جا ڪامياب سانباها جوڙيندا
رهندا آهن.
ڪنهن اهلِ علم يا تعليم يافته انسان جي سـڃاڻ اها ٿيندي آهي ته هو “
نه” مان “آهي” جي تخليق ڪري سگهي. ان تاريخي حقيقت جي پسمنظر ۾ باشعور هئڻ جي خاص
سڃاڻ اها آهي ته هو نيون شيون، سمتون ۽ جهتون تلاش ڪندي زندگي جي هر شعبي ۾ ناممڪن
حالتن مان ممڪن پاسا ڳوليندي پنهنجي تخليقي صلاحيتن جا ثبوت ڏئي. توڙي جو موجوده
سنڌي سماج مجموعي طور تي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي جتي جا فرد اجتماعي طور تي زندگي جي
مقصديت وڃائي بي مقصد گروهن ۾ ورهائجي شڪايتن ۽ احتجاجن جو مجسمو بڻجي پنهنجون
اجتمائي صلاحيتون وڃائي رهيا آهن. ان ئي سماج ۾ ڊاڪٽر منظور قادر جهڙا سٻاجها ڪردار
۽ تخليقي ذهن مثبت ڪرتون جوڙيندي جيئڻ جا وس جوڙي رهيا آهن.
مون کي ڊاڪٽر منظور قادر جي زندگي مختلف حصن ۾ ورهايل لڳندي آهي ۽ ان
جي هر حصي ۾ سندن سرمايو شوق جي رهنمائي هوندي آهي. سندس تخليقي ذهن منجهان سرجيل
ادبي اسلوب سليس، انساني نفسيات سان ڀرجيل، سماجي حقيقتن کي ڇهندڙ، زندگي جي ويجهو
۽ مقصدي هوندا آهن جن ۾ سندس مشاهدات، تاثرات ۽ تصورات ليئا پائيندا نظر ايندا
آهن.
زندگي جو عظيم فلسفو اهو رهيو آهي ته روشني جو وجود انڌيري کان سوا مڪمل
۽ توازني ڪو نه آهي. ڪيترو به بدقسمتي يا اڻ وڻندڙ حالتن کان ڀڄجي پر فطري طور تي
اهو ممڪن ڪونه هوندو آهي جو قدرت خوشين سان دامن ڀرڻ پٺيان بدقسمتي به کنيون ايندي
آهي جنهن کي صبر ۽ توازن سان قبول ڪرڻو پوندو آهي. اهڙي ناگوار دور ۾ ڊاڪٽر منظور
قادر جهڙي ساحر دوستن جي صحبت ۾ مون کي سدائين لڳندو آهي ته زندگي نه رڳو جيئڻ جي
قابل آهي پر سندس جهول ۾ اسان جي لاءِ خوشي، ڀلائي ۽ فرحت جون گهڙيون بحرحال اڃان
گهڻيون سنڀاليل آهن.
(آصف رضا موريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا