روپلو
ڪولهي
اسانجو
هيرو
انجنيئر
پرديپ ڪالاڻي
خبر نه آهي ته سنڌ
کي ڪنهن جي بددعا لڳي آهي يا سنڌي قوم ڪنهن جنم ۾ ڪهڙا گناهه ڪيا هئا، جو پنج هزار
سال پراڻي موهن جو دڙو جهڙي ثقافت رکندڙ قوم جنهن مان ڦيٿو مليو ۽ انهي ڦيٿي تي اڄ
سڄي دنيا جا سفر طئه ٿين ٿا، جنهن مان چرخو مليو ۽ انهي چرخي (گراڙي) تي اڄ سڄي
دنيا جا ڪارخانا هلن ٿا، سڄي دنيا ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته جنهن گهر جو ڪچن ۽ باٿ روم
صاف نه آهي ته هو گهر مهذب نه آهي، اهي باٿ روم ۽ ڪچن موهن جي دڙي مان مليا. پر اڄ
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پنج هزار سال پراڻي ثقافت جا وارث جنهن وقت دنيا جا
ماڻهون جهنگلن ۾ اگهاڙا رهندا هئا ۽ ڪچو گوشت کائيندا هئا، اڄ اها غلام آهي ۽
اُنهي سنڌي قوم لاءِ عطا محمد ڀنڀري جي لفظن مطابق ته ”منهنجي قوم ۽ منهنجا هٿ
غلامي جي زنجيرن سان جڪڙيل آهن، تنهنڪري آئون هي ٻيو دفعو تمغه امتياز ايوارڊ نه
وٺندس“ اڄ ڇو اهڙي شاهوڪار ثقافت جا مالڪ غلامن واري زندگي گذاري رهيا آهن؟ شايد
اسان پنهنجا لڇڻ خراب ڪندي، پنهنجي شاهوڪار ثقافت جا هيرا شهيد روپلي ڪولهي جهڙا
بهادر انسان وساري ڇڏيا آهن.
ڪيسر ڪولهڻ جو پُٽ روپلو ڪولهي جيڪو مسڪين لوئر ڪلاس
سان تعلق رکندو هو، جنهن جڏهن ۱۸۴۳ع ۾ سوڍن (راجپوتن) جو سپاهي
ٿي، ٿر جي تتل واري ۽ ڪارونجهر جي پٿرن تي انگريزن کي للڪاريو ته ٽي دفعه انگريز
ڪرنل تروت پنهنجون فوجون مارائي، تڏا ويڙهي ڀڄي ويو. سنڌ جو هي بهادر سپاهي ۱۸۴۳ع کان ۱۸۵۹ع تائين مسلسل ۱۶ سال انگريزن سان
پنهنجي ڪولهي برادري جي بهادر ۽ بااعتماد ساٿين سان گڏ اڳئين صفن ۾ وڙهندو رهيو.
انهيءَ وقت انگريز پوري برصغير ۾ هماليه جبل کان وٺي نئون ڪوٽ قلعي تائين پنهنجو
راج ڀاڳ قائم ڪري چڪا هئا ۽ پهاڪو مشهور ٿي ويو هو ته ”سڄي دنيا ۾ انگريزن جي
حڪومت ايتري وسيع آهي جو مٿان سج لهي ئي ڪو نه ٿو“. پر هن ڌرتي جي بهادر سپوت کي
ڪرنل تروت چوٿون دفعو ۲۱ آگسٽ ۱۸۵۹ع کان تقريبن ٽي
مهينا اڳ ۾ تڏهن گرفتار ڪري سگهيو جڏهن هن هزارين فوجي ڀڄ ڪڇ، ٻاڙمير، راڌن پور،
حيدرآباد، ميرپورخاص مان گهرائي بدين رستي آڻي، سڄي ٿر جي هزارين ڪلوميٽر ايريا کي
سخت ڪڙو چاڙهي ناڪابندي ڪئي. اُن وقت انگريزن وٽ جديد هٿيار، بم گولا مشينون،
رائفل، بندوق وغيره هيون پر روپلي ڪولهي ۽ سندس ساٿين وٽ صرف تير، ڌناڻي، تلوار،
ڀالا بڙڇ ۽ گليل وغيره جهڙا معمولي هٿيار هئا. جنهن ڏينهن روپلو گرفتار ٿيو، اُنهي
ڏينهن سخت برسات هلي رهي هئي، ننگرپارڪر جون گودرو ندي ۽ پٽياڻي ندي وهي رهي هئي،
اُنهي ڏينهن دوبدو آخري ويڙهه ٿي، جنهن ۾ روپلي جا ساٿي، ۷ هزار ڪولهي شهيد
ٿيا ۽ سندن خون اُنهن وهندڙ ندين ۾ وهيو ۽ اُهي نديون رت سان ڳاڙيون ٿي ويون.
ڪولهين ساهه ڏي ويساءِ بچايو ۽ سندس راجه لاڌو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه ۽ ٻيون برادريون
ٻاووا ۽ ميگهواڙ ڀڄي ويا، پر هي سنڌ جو سرويچ سپاهي ۽ چريو پُٽ مسلسل ٽي مهينا ۲۱ آگسٽ تائين انگريزن
جي ٽارچر سيل ۾ سخت تشدد جو نشانو ٿيندو رهيو. ٽارچر سيل ۾ تشدد دوران انگريزن.
سندس ساٿين ۽ سوڍن جا نالا ۽ ڏس پتا پُڇڻ لاءِ روپلي جي هٿن جي ترين کي ڏيو ٺاهي
ٻاريو، ته هن سنڌ جي بهادر سرويچ پُٽ انگريزن کي اهو چيو ته شايد ”اوهان اهو سمجهو
ٿا ته منهنجون تريون ٻري رهيون آهن ۽ مونکي تڪليف ٿي رهي آهي“ پر آئون اهو سمجهان
ٿو ته ”اها روشني آهي جنهن سان منهنجو وطن ۽ منهنجي برادري سدائين لاءِ روشن ٿي
رهي آهي، جيڪا قيامت تائين روشن رهندي، تنهنڪري آئون پاڻ اها روشني مرڻ دم تائين
روشن رکندس“ اُتي وري روپلي ڪولهي جي اڻ پڙهيل ۽ سادي سودي ڳوٺاڻي زال جو ڪردار ته
ڏسو جڏهن انگريز سندس زال کي اهو سمجهائي روپلي وٽ وٺي آيا ته روپلي کي سمجهاءِ ته
انگريزن سان بغاوت بند ڪري، آڻ مڃي ۽ ساٿ ڏي ته اسان روپلي کي غريب سمجهي، زنده
سلامت آزاد ڪري ڇڏينداسون ۽ جيڪڏهن نه مڃائي سگهين ته روپلي اڳيان تنهنجي جسم جي
بي حرمتي ڪنداسون. اُن وقت روپلي جي زال جي ذهن ۾ ته هڪ ئي اڻ تڻ هئي ته اُنهي
بهاني آئون پنهنجي بهادر ورِ جو آخري ديدار ڪري وٺان. جڏهن انگريزن رتن ٻائي ڪولهڻ
کي روپلي وٽ ٽارچر سيل ۾ وٺي آيا ته سندس زال پنهنجي بهادر وَر روپلي ڪولهي کي ڏٺو
ته هو، سخت تشدد ڪري صرف ساهه کڻي رهيو هو ۽ سندس بهادر زال رتن ٻائي ڪولهڻ پنهنجي
وَر روپلي کي ڀاڪر پائي اهو چيو ته ”اي روپلا مونکي انگريزن ڌمڪي ڏني آهي، ته
جيڪڏهن تو آڻ نه مڃي ته هو مونکي تنهنجي اڳيان بي آبرو ڪندا پر تون پوءِ به پنهنجي
وطن ۽ ساٿين سان غداري نه ڪج. تون جيڪڏهن وطن تان شهيد ٿي وئين ۽ منهنجي آبرو لُٽجي
ويئي، پر توسان منهنجو وچن آهي ته منهنجي ڪُک مان جيڪو ٻار پيدا ٿيندو، اُنهي جي
آئون وري اهڙي تربيت ڪندس جو اهو وري روپلي ڪولهي جو روپ وٺي انگريزن سان پنهنجي
رت جي آخري ڦُڙي تائين وڙهندو رهندو. انگريزن جڏهن روپلي جي زال کان پُڇيو ته
روپلي ڇا چيو ته جواب ۾ ٿر جي سادي عورت انگريزن جي ڳالهه کي گهٽ اهميت ڏيندي صرف
اهو چيو ته اوهان واري ڳالهه ڪرڻ مونکي وسري ويئي.
رت ديــس تنهنجي
راهه ۾، ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي
وڃي، تنهنجو قرض به لهي وڃي.
روپلي جي ٽارچر
دوران ئي سوڍي راجا لاڌو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه انگريزن سان ٺاهه ڪري انعام طور
ننگرپارڪر جون جاگيرون ورتيون ۽ اڄ به سڄي ننگرپارڪر جي زمين جو رڪارڊ سوڍن (ٺڪرن)
جي نالي تي آهي ۽ اهي سوڍا ۱۹۴۷ع کانپوءِ جاگيرون ۽ زمينون ڇڏي
ڀڄي ويا ۽ روپلي ڪولهي جي يادگار به ٺهرائي ڪو نه سگهيا. پر ڪولهي اڄ به سنڌ ۾
جيڪڏهن وڌ ۾ وڌ ملندا ته اهي ننگرپارڪر ۾ مسڪيني ۽ رحم جوڳي حالت ۾ پنهنجو گذر سفر
ڪندي نظر ايندا. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته شهيد روپلي ڪولهي جي بهادري جي ڪولهين جي
نئين ٽئي کي اها خبر ئي ڪونهي ته روپلو ڪولهي ڪير هو. ڇو جو انگريز انهن جاگيردارن
۽ وڏيرن کي سمجهائي ويا هئا ته ڪولهين ۽ ڀيلن کي موچڙي هيٺ رکجو ۽ اُنهن کي سُڌرڻ
نه ڏجو ۽ تعليم کان پرتي رکجو، جيڪڏهن اهي سُڌري ويا ته اوهان انهن سان ڪنهن به
فيلڊ ۾ مقابلو ڪري ڪو نه سگهندا. اها حقيقت آهي ته اسان سڀني شايد! ڪولهين کي
سڃاتو ئي ڪونهي. ڪولهي ايمانداري ۾ اهڙا ايماندار جو ڪو زميندار جيڪڏهن هاري رکندو
ته ڪولهي رکندو ۽ جيڪڏهن رکندو ته اُنهن کي ڇڏيندو ڪو نه، محنتي اهڙا جو ڪڻڪ،
سارين، مرچ ۽ ڦُٽي ۽ ڪمند ڪٽڻ جو سخت ڪم ڪولهين جهڙو ٻيو ڪو به ڪري ڪو به نه
سگهندو، سونهن ۾ ۲۰ سيڪڙو ڪولهي اهڙا سهڻا جو جيڪڏهن مس ورلڊ ۽ مس يونيورس
مقابلي ۾ موڪلجي ته اهو انعام به کٽي اچن، ايترو پرسينٽيج ٻئي ڪنهن برادري يا ذات
۾ ڪو نه ملندو. پنهنجي ڪمينٽمينٽ ۾ اهڙا پڪا جو ها ڪن ته نه ڪو نه ڪن ۽ جيڪڏهن نه
ڪن ته پوءِ ها ڪو نه ڪن.
No comments:
راءِ ڏيندا