; سنڌي شخصيتون: نياز محمد جتوئي - ناصر بلوچ

22 September, 2012

نياز محمد جتوئي - ناصر بلوچ


نياز محمد جتوئي
قابل استاد، عالم، اديب ۽ شاعر
ناصر بلوچ
سائين نياز محمد جتوئي ۱۹۴۳ع ۾ ڳوٺ دريا خان جتوئي لڳ تلهار ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم تلهار، ميٽرڪ ۱۹۶۱ع ۾ هاءِ اسڪول سعيد پور مان پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ ٽيچر طور ملازمت اختيار ڪيائين. هو نهايت ذهين، حاضر دماغ هو ۽ سدائين امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪندو هو. نوڪري دوران هن پڙهائي جاري رکي ۽ ۱۹۶۷ع ۾ ايم اي پاس ڪئي. ٽيچر طور ملازمت ڪندڙ هي باشعور استاد ۲۰۰۳ع ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي عهدي تان ۲۰۰۳ع ۾ رٽائر ٿيو.


نياز محمد جتوئي سڄي ڄمار رزق حلال ۽ صدق مڪال جو طالب رهيو، هو بهترين استاد سان گڏوگڏ بهترين اسڪائوٽ پڻ هو ۽ انهي حيثيت سان هن نه صرف پاڪستان ۾ بلڪ ملڪ کان ٻاهر خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ مسلسل ٽي سال حاجي ڪئمپ ڪراچي ۾ اسڪائوٽنگ فرائض ادا ڪيا، نياز محمد جتوئي نه صرف بهترين استاد هو پر عالم اديب، شاعر علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو، بوائز هاءِ اسڪول تلهار جي موجوده بلڊنگ ٺهرائڻ جو مرحلو هجي يا سگا جون سرگرميون هجن يا ادبي سنگت هن هر مثبت سرگرمين ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول، مسجد، امام بارگاهه، مدرسو، پڪا روڊ ۽ بجلي مهيا ڪري هڪ ماڊل وليج بنايو، مرحوم نياز محمد جتوئي، مختلف موضوعن تي گهڻا مضمون، ڪالم ۽ مڪالا لکيا ۽ هر موضوع تي شاعري پڻ ڪئي، جنهن واقعه ڪربلا تي نوحه، مرثيه ۽ قصيدا پڻ شامل آهن، سندس شاعري جا مختلف مثال پيش آهن، الله تعاليٰ جي حمد ۾ اجهو هيئن چيائون.
مرحبا صد مرحبا يا رحمة اللعالمين
محبوب ذات ڪبريا يا رحمة اللعالمين
واقعه ڪربلا تي چئي ٿو.
ڪربلا ۾ يا حسين هڪ منٽ جو مهمان آ
ٽن ڏينهن کان پياسو زهريٰ جو ته هي دل جان آ
هو ذوالفقار علي ڀٽي جو شيدائي هو ۽ جڏهن ڀٽو صاحب ميدان عمل ۾ آيو ته هنن لفظن ۾ ڀيٽا ڏنائين:
فخر قوم جو ذوالفقار علي آهي
فڪر قوم جو ذوالفقار علي آهي
جگر قوم جو ذوالفقار علي آهي
هينئر قوم جو ذوالفقار علي آهي
غلامن جو مرڪز، غريبن جو مرڪز
اميدن جو مرڪز، نصيبن جو مرڪز
۽ ٻئي هنڌ چوي ٿو.
ڏبو ڏهه دفعا ووٽ تلوار کي
علي جي پياري ذوالفقار کي
ڀٽي جون ڀلايون اسان تي هزار
ڪبو ڪين ڪارو ڪڏهن ڪار کي
هن هر موضوع تي شاعري ڪئي ۽ پنهنجو مقام پيدا ڪيو، معصوم نياز محمد جتوئي ۲۰۰۳ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ ۾ ڪجهه سالن بعد فالج سبب بيمار رهيو ۽ آگسٽ ۲۰۱۱ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو پر هو پنهنجي علمي ادبي پورهئي ۽ سماجي ڪردار ۽ خدمتن سبب هميشه زندهه رهندو.
شل خدا جون مٿس رحمتون هجن.

No comments:

راءِ ڏيندا