; سنڌي شخصيتون: جيا جادواڻي - پروفيسر نامديو تارا چنداڻي

22 September, 2012

جيا جادواڻي - پروفيسر نامديو تارا چنداڻي


جيا جادواڻي
سندس ادبي سفر- ھند مھا ساگر کان سنڌو نديءَ طرف
پروفيسر نامديو تارا چنداڻي
مان هنديءَ جو اڌياپڪ استاد رهيو آهيان. هندي پروفيسرن جي ٽن هفتن جي هڪ ڪورس هلندي، جوڌپور ۾ پروفيسر ويندر ڪاتياين دوست ٿي ويو. هڪ ڏينهن بزار ۾ اڍائي سئو روپيا خرچ ڪري ”تَتِوَمَسِي“ ناول خريد ڪري مون کي ڏيکاريائين؛ ”توهان هن کي سڃاڻو ٿا؟“ هن جو اشارو ناول جي ليکڪا طرف هو. لکيل هو؛ جيا جادواڻي. مون هٻڪندي چيو: ”نه! سڃاڻانس ته نٿو!“ هن مون تي چڙهت ڪندي چيو؛ ”ڏاڍو سٺو لکي ٿي، سنڌي آهي.“ هن ڪالر مٿي کڻندي چيو. مان ڄڻ مات ٿي ويس. دل ۾ چيم؛ ٻچو، مون کي گهر پهچڻ ڏي. مون وٽ سرچ انجڻ آهي، جيا کي ڳولهڻ ڏکيو نه هوندو.


پوءِ مون نيٽ تي جيا جو اهو ناول، ڪهاڻيون، ڪويتائون، پريچيه (تعارف) ۽ فوٽو ڏسي محسوس ڪيو، اسان جو ديش وڏو آهي، تمام وڏو آهي.
مون به هڪ ڏينهن ڪٿي شري لکمي کلاڻي کي، پنهنجو ڪالر مٿي ڪري پڇيو: توهان جيا جادواڻيءَ جو نالو ٻڌو آهي. سنڌي ساهتيه جي گهمندڙ ايلچي لکميءَ جيا بابت گهڻي ڄاڻ ڏني، جا نيٽ تي نه هئي. مون آهستي پنهنجو ڪالر هيٺ ڪري ڇڏيو، چپ چاپ.
هاڻ جڏهن خود جيا سان سڃاڻپ ٿي آهي پوءِ به ڪالر مٿي کڻڻ جي جرئت ڪا نه ٿي ٿئي، وري جڏهن هن جو مون کي اي ميل ۾ موڪليل وڏو ناول مٺو پاڻي، کارو پاڻي، پڙهيم ته هميشه لاءِ ڪالر هيٺ ڪري ڇڏيم.
سولو جلد، ساهتيه رچڻ ۽ ساهتيه طرف سمر پت ٿي، هڪ ناول لکڻ لاءِ سالن جي لڳاتار سنجيده محنت ڪري ڪلاساڻ هڪ تهذيبي ورثي جي مثالي درجي جو ڪتابي قلعو اڏڻ جو فرق ڏسي مان دنگ رهجي ويس.
ٽي ناول، چار ڪهاڻي سنگرهه ٻه ڪويتا سنگرهه، لوڪ ٽيلي فلم، هن جي رچنائن جا اڀياس انواد (ترجما) ۽ هندي ساهتيه (ادب) جي تمام وشال هندي مهاساگر ۾ جتي چڱا ڀلا خبر ناهي ڪيڏانهن گم ٿي ويندا آهن، اتي هن جو آدر سان ذڪر ايندو رهي. اهو شايد ان ڪري ممڪن ٿيو آهي، جو هن جي رچنا ڪار جو ۽ هن جي ويچارڪ جو جوڙ بهتر ٽيوننگ ڪري سگهيو آهي ۽ شايد ان ڪري عام پاٺڪ (پڙهندڙ) کان ه وڌيڪ خاص پاٺڪ متاثر ٿئي ٿو. ودروهه (مزاحمت) هن جي ويچارڪ جو سڀ کان وڏو بارود آهي ۽ لڳ ڀڳ امورت شيد ڪلا ۾ ان جي تجلا ڏيندڙ چنگاري آهي. جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي امورت مورت جيان جهلڪي ٿو. جيا جي نثر ۾ نظم جي روڪ ٽوڪ بي حجاب ايندي رهي ٿي ۽ ان ڪري هن جي نثر ۾ لاجڪ ڳولهڻ وارا خاموش ڏسندا رهجي ويندا هوندا.
جيا جادواڻيءَ جي پر ڪشش ڀاشا (ٻولي) ۽ شيلي (اسٽائيل) يا انداز بيان ۾ مگڌ ٿي ويندڙ پاٺڪ تي هڪ جادو ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن هن وٽ هڪ ڀاوڪ جي دل  هوندي ۽ ان جا سڀ دروازا لکيل هوندا، هن جي ساهتيه جو انڊر ڪرنٽ سماج جي سڙيل سرشتن کي ننڍا ننڍا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو ڇڏي. نئين سوچ جي منوو گيان سان ان فلاسافيءَ جي روبرو ڪري ٿو بهاري، جتي اسين خاص ڪري ريڊي ميڊ ٽريڪ تي هلڻ وارا، پاڻ کي اجنبي ٿا محسوس ڪريون. البت اسان جو پنهنجو Concern به اسان جي سامهون لڪيل بيٺل نظر ايندو رهندو، پر اسان ان کي سڃاڻڻ جي سلامتي قبول ڪرڻ کان چپ، چاپ پنا اٿلائڻ پسند ڪنداسين. هيءُ سڀ جي سمجهڻ ايترو سولو نه آهي، ته اهڙو ماحول خلقڻ ڪيترو ڏکيو هوندو.
جيا کي پڙهندي، توهان کي امرتا پريتم يا اوشو ياد اچي ته اچڻ ڏيو، ڪرشنا سوبتي يا منو ڀنڊاري ياد اچي ته اچڻ ڏيو، ڦڻيشورناٿ ريڻو يا پرل بڪ ياد اچي ته اچڻ ڏيو، هريش واسواڻي يا سريش جوشي ياد اچي ته اچڻ ڏيو، هن کي سمجهڻ ڪجهه سولو ٿيندو.

No comments:

راءِ ڏيندا