; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر منظور قادر، عزيز گوپانگ، آصف رضا موريو،
Showing posts with label ڊاڪٽر منظور قادر، عزيز گوپانگ، آصف رضا موريو،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر منظور قادر، عزيز گوپانگ، آصف رضا موريو،. Show all posts

08 September, 2012

ڊاڪٽر منظور قادر

ڊاڪٽر منظور قادر

ديوانگي جتي دنگ ڪري ٿي!

عزيز گوپانگ



منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ريڊيو پاڪستان جي گيٽ وٽ ٿي هُئي يا هيرآباد جي عظيم هوٽل ۾، اهو چڱي طرح ياد ڪونهي پر ٿِي اِتي ڪٿي هُئي، اِهي اسيءَ واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا جڏهن ريڊيو ۽ اسان جي سرمستي ٻئي عُروج تي هئا! اديبن ۽ فنڪارن جا هُجوم هئا جيڪي ريڊيو اسٽيشن تي پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڇنڊي شام جو گهرن ڏانهن موٽندا هئا. ”هي ريڊيو پاڪستان آهي ۽ اوهان ٻڌي رهيا آهيو پروگرام سُرهي سانجهه“ اِهو چئي سموري سنڌ سان ڳنڍجي وڃبو هو! نه گهر ياد هوندو هو نه گهاٽ، هي به اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هُئي!