; سنڌي شخصيتون: مير علي نواز خان - پير علي محمد راشدي

03 October, 2012

مير علي نواز خان - پير علي محمد راشدي


مير علي نواز خان
پير علي محمد راشدي
مير امام بخش خان جي انتقال (۸ - فيبروري ۱۹۲۱ع) بعد، سندس وڏو صاحبزادو مير علي نواز خان (۱۳- فيبروري ۱۹۲۱ع) تخت تي ويٺو. والد جي پوئين زماني ۾ رياست کان بدر ٿيل هو، ۽ دهليءَ طرف رهندو هو. ڏاڍا ڏک ڏٺا هئائين. وڏو خرچائو، سخي مرد، ۽ حضور شرم هو. ڏکن ڏاکڙن سندس دل کي بنهه نرم ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن جو به سور سهي ڪو نه سگهندو هو. ڪنهن جي به عرض مدعا کي رد ڪري ڪو نه ٿي سگهيو. اهو ئي سبب هو جو ماڻهن سندس شرافت ۽ سخاوت جو ناجائز فائدو ورتو، ۽ کيس هميشه حاجتمنديءَ جي حالت ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.


شاعر هو، ۽ تنهنڪري عاشق مزاج . سندس عشق لاهور جي هڪ مائيءَ سان لڳو، ۽ عشق به اهڙو، جنهن کي واقعي ”عشق“ چئجي. مائي مير صاحب کان عشق جون مختلف منزلون تڪڙو تڪڙو طئه ڪرائيندي رهي. لاهور هلي ويندي هئي ته پوءِ ڪو ويهي ڏسي مير مهجور جو حال! نينهن جي نانوَ ۾ نوڙت ڀريا نو سؤ نياپا، سوز ۽ گداز جا دلدوز ثبوت، هجر جي رات جون ڪاريون ڪهاڻيون، شامِ غم ۽ صبحِ فراق جا قهري قصا، آزيون، نيزاريون، ميڙيون منٿون ۽ ان اپرانڌ رپين جون همياڻيون... هجر ۽ وصال، وصال ۽ هجر جي انهي ڪشمڪش واري زماني اندر ئي مير صاحب جي شاعريءَ جا ناپٽ وهي نڪتا، ٺهه پهه اردو غزلن جو هڪ ديوان، ۽ سنڌي ڪافين جو هڪ ڪتاب جوڙي راس ڪيائين. ”ناز“ تخلص هوس ۽ شعر ۾ چڱو سوز ۽ گداز سمايل. عشق مجازيءَ جي ان مصيبت کيس عشق حقيقيءَ ڏانهن به رغبت ڏياري. چنانچ اميريءَ سان گڏ، ڪڏهن ڪڏهن فقيري به ڪندو رهيو. گيڙو ڪفني، مٿو اگهاڙو، هٿ ۾ يڪتارو، زبان تي رندي ڪلام، ويرانن ۾ جهوپڙيون، ۽ جهوپڙين ۾ رهي عاشقانه صدائون بلند ڪرڻ!
پنهنجي وقت جو سخي مرد هو. پئسو کٽندو هوس ته پاڻ ڪاهي اچي خزاني جو دروازو زوريءَ کوليندو هو. ڪنهن وقت ته چوندا هئا ته ٽجوڙين ۾ فقط ٻه - چار آنا پيل نظر ايندا هئس. وقت جو وزير شايد اصلي رقم آسي پاسي ٽاري ڇڏيندو هو. پويون دفعو مون ساڻس ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ڪچهري ڪئي، هڪ ٻئي دوست سان گڏ. تحفي ڏيڻ لاءِ ٻي ڪا به وٿ وٽس ڪا نه رهي هئي، هڪ تلور پکي شڪار ٿيل موجود هوس، جو بطور سوکڙيءَ جي پيش ڪيائين. حجاب کان اکيون هيٺ هئ س، پر ملاقاتي پراڻي دوست کي هٿين خالي ڪيئن موٽائي؟
جوانيءَ جي زماني ۾ بيحد خوبصورت ليکيو ويندو هو. مون جڏهن ڏٺو، تڏهن  عمر ۾ پڪو ٿي چڪو هو ۽ جسم ۾ بيحد متارو ٿي ويو هو، ايتريقدر جو هلڻ چلڻ به مشڪل لڳندو هوس. پر ان هوندي به چهري تي گذريل خوبصورتي جا نشان موجود هئس. قد ۾ ڊگهو، رنگ ڪڻڪ ونو، ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ شهپر ڊگها - بنهه ڪُوپو مڙس هو.
پهريون دفعو مون کيس هڪ محفل ۾ ڏٺو. خيرپور جي وڏي سرڪاري محلات، ”فيض محل ۾، مسٽر محمد ايوب کهڙي سندس اعزاز ۾ سرود سماع جي پارٽي ڏني هئي، جنهن ۾ ٻاهريون ڳائڻ واريون گهرايل هيون. سڄيءَ رياست ۽ پسگردائيءَ جا معزز موجود هئا. دير تائين راڳ ۽ رقص ٿيندو رهيو. مير صاحب پاڻ ڪوچ تي متمڪن هو، ۽ باقي شريڪ مجلس هيٺ غاليچن تي پلٿيون ماري، طول وهاڻن کي پٺي ڏيو ويٺا هئا. مير صاحب وقتاً فوقتاً گاني تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو ۽ نيون نيون فرمائشون ڪندو ٿي رهيو. کيس خيال هو ته هو پاڻ به موسيقيءَ جي فن جو وڏو ماهر آهي. حاشيه نشين، برجسته سلام ڪري سرڪار جي سخن شناسيءَ جو داد ڏيندا ٿي رهيا. ميزبان، يعني کهڙي صاحب ۽ ٻين وڏيرن ۽ ڪامورن، رپين جون مٺيون ڀري مير صاحب مٿان گهوري طوائفن ڏانهن پئي اڇلايون. چاندي جو هڪ ٿالهه رپين سان ڀري خود مير صاحب جي اڳيان به رکيو ويو هو، جنهن مان مير صاحب به گاني وارين جي همت افزائي ٿي فرمائي.
قصيدن پڙهڻ لاءِ ڪجهه شاعر به آيل هئا. انهن ۾ لاڙڪاڻي وارو ماستر غلام سرور قادري مرحوم (تخلص ”فقير“ ) به هو. خوبصورت، گلدار ڪاغذن تي هڪ طويل مدحيه نظم ڇپارائي آيو هو، جنهن جي هڪ تڪ مون کي اڄ تائين ياد آهي:
”ايم. اي کهڙو به آهي صادقانِ مير مان!“
کهڙو صاحب خيرپور رياست جو زميندار هو، ۽ ان ڪري ڪنهن حد تائين مير صاحب جو رعيتي. اوائلي زمانو هوس. سندس والد مغفور مرحوم، وڏيرو شاهه محمد خان، تازو فوت ٿي ويو هو. پاڻ ڪاليج ڇڏي اچي خانداني ڪاروبار سنڀالڻ لڳو هو، ۽ سياست ۾ به اوائلي پير ٿي کنيائين. خيرپور جي وزير شيخ محمد قادر سان دوستي هيس، جنهن هر موقعي تي کيس اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اهو ئي سبب هو جو هن وزير صاحب جي مشوري مطابق، مير صاحب جي اعزاز ۾ اها پارٽي رچي هئي. حقيقت هيءَ آهي ته منهنجي پنهنجي سياسي تربيت پڻ ساڳئي ئي ماحول ۾ ٿي. شيخ محمد قادر منهنجو به دوست هو. سياسي ميدان ۾ وس آهر آءٌ سندس خدمت ڪندو هوس، ۽ هن پاڻ به منهنجو چيو ڪڏهن ڪو نه موٽايو.
مير علي نواز خان جي زماني جو هڪڙو جشن مون کان ڪڏهن ڪو نه وسرندو. اهو جشن مير صاحب جي ”باليءَ“ سان شاديءَ واري موقعي تي ٿيو. سال پوريءَ طرح ياد نه اٿم، پر شايد ۱۹۲۳ع هو، يا ۱۹۲۴ع. باليءَ سان مير صاحب جي عشق جو ڪهڙو عالم هو، تنهن جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي. وڏيءَ محنت  ۽ مشقت بعد وڃي باليءَ ۽ سندس ڀائرن (بگو خان ۽ فيروز خان) شاديءَ جي ڳالهه قبول ڪئي - ڄڻ مئي مڙهه ۾ ساهه پئجي ويو. مير صاحب دل کولي خرچ ڪيو. مهمانن لاءِ ڪئمپون کلي ويون. گرميءَ جو زمانو هو، تنهنڪري ڪکايون لانڍيون ٺاهيون ويون، جن تي پاڻي اڇلايو ٿي ويو ته جيئن ٿڌيون رهن. خيرپور ريلوي اسٽيشن واري ڦاٽڪ کان وٺي شهر تائين، ان زماني ۾ ميدان ئي ميدان هوندو هو: اهو سارو ميدان لانڍين ۽ ڪئمپن سان ڀريو ويو. مير صاحب جي پنهنجي رهائش ۽ شاديءَ جي مجلس لاءِ خاص لانڍيون پڻ انهيءَ ئي ميدان ۾ ٺاهيون ويون. طوائفن جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جون بلڊنگون خالي ڪرايل هيون. اٽڪل اسي کن طائفا لاهور، امرتسر، دهلي ۽ بمبئيءَ منجهان اچي ويا. هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي ڪنڊ ڪڙڇ مان طبلي جي ٿاڦ ۽ سارنگيءَ جي رون - رون ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. ساري خيرپور ڄڻ لاهور جي هيرا منڊي بڻجي ويئي هئي. ماڻهن جا ڳاهٽ هئا. هر مهمان جي لانڍيءَ ڏانهن هڪ طائفو روانو ڪيو ٿي ويو. اها ورهاست شام ويلي پئي ٿي. تماشه بين ساري هندستان مان ڇڪجي اچي خيرپور ۾ جمع ٿيا هئا. ناچ، گانا، کانا، آتشبازيون، جادوءَ جا کيل، مشاعرا، قصيده خوانيون - غرض ته عيش ۽ تفريح لاءِ جا شي تصور ۾ اچي ٿي سگهي، سا موجود هئي. ڪيترا وڏا ماڻهو ۽ آفيسر به دعوت تي آيل هئا. جناب پير صالح شاهه صاحب مرحوم راڻيپور وارو، مرحوم حڪيم مولوي محمد صادق صاحب راڻيپور وارو، ۽ هز هائينس مير نور محمد خان مرحوم حيدرآباد وارو، مون پهريون دفعو اتي ڏٺا. مرحوم خانبهادر الهه بخش سان (جيڪو ۱۹۳۸ع ۾ جدا سنڌ جو چيف منسٽر بڻيو) منهنجي پهرين واقفيت ان موقعي تي ٿي. شام جو منهنجي پنهنجي رهڻ واريءَ جاءِ تي گاني جو انتظام ٿيو. گاني واري هئي مختار بيگم امرتسري، جنهن اڳتي هلي وڏو نالو پيدا ڪيو. اڃا سندس اوائلي زمانو هو. سندس حسن ۽ جوانيءَ واري ٻوٽي کي تاهنوز ڪوسو واءُ ڪو نه لڳو هو. هڪ ٺمري خاص مزي سان ڳايائين:
”مين توسي ناهين بولون ري!“
بمبئيءَ مان هيراٻائي نالي هڪ طوائف آيل هئي، جنهن جا وار ايڏا ڊگها هئا جا اُڀي قد بيهي (”قد جي به ڪافي ڊگهي هئي) وارن جو مچو کڙين هيٺان ڏيئي ڇڏيندي هئي.
مجلس هلندي، خزانو خالي ٿي ويو. ڪيترن ڏينهن تائين پنهنجين فين وصول ڪرڻ خاطر طوائفن کي خيرپور ۾ رهي ڌڪا کائڻا پيا.

No comments:

راءِ ڏيندا