; سنڌي شخصيتون: فواد علي لانگاهه جي ڳالهه ٻولهه

21 October, 2012

فواد علي لانگاهه جي ڳالهه ٻولهه


پاڻ مڃرائيندڙ شاگرد فواد علي لانگاهه جي ڳالهه ٻولهه
اڄ اسان اهڙي نوجوان سان اوهان کي ملايتون ٿا جيڪو سنڌ جي ٻهراڙي واري علائقي تعلقه خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گبرجي سان تعلق رکي ٿو. پاڻ PAFKIET مان TN ڪري رهيو آهي ۽ هي آخري سيمسٽر ۾ آهي. اچو ته تفصيلي انٽرويو جي طرف هلون ٿا. 
سوال: توهان جو نالو ڇا آهي؟
جواب: منهنجو نالو فواد علي لانگاهه آهي ۽ هن وقت ڪراچي ۾ رهان ٿو.


سوال: توهان پنهنجي ڪيريئر جي باري ۾ ٻڌائيندا؟
جواب: مان در اصل ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ نيٽ ورڪنگ ۾بيچلر ڪري رهيو آهيان ۽ ايم ايس جو ارادو رکان ٿو.
سوال: توهان جيڪو Model United Nation جو ذڪر ڪيو آهي ان تي روشني وجهو.
جواب: در اصل Model United Nation ۱۹۵۵ع ۾ هاررڊ يونيورسٽي  آمريڪا اسٽارٽ  ڪيو هو، جيڪو يونائيڊ نيشن جي پليٽ فارم تي قائم ٿيو ۽ اڄ پوري دنيا ۾ هر يونيورسٽي ۾ ان جو اهتمام آهي.
سوال: توهان انهن ۾ گهڻن ۾ حصو ورتو آهي؟
جواب: سڀ کان پهرين جرمني ۾ مان حصو ورتو  ۽ بيسٽ ڊيليگٽ ايوارڊ  پوري ايشيا ۾ حاصل ڪيو.
سوال: ڇا اهو سلسلو جاري آهي؟
جواب: جي هان هن وقت تائين ۱۲ ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهيان، جنهن مان ۴ انٽرنيشنل آهن.
سوال: هن وقت توهان ڪهڙي ملڪ وڃڻ جو ارادو رکو ٿا ۽ ڪهڙي ملڪ  توهان کي دعوت ڏني آهي؟
جواب: آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ ۳ ڏينهن جي ورڪشاپ ٿي جيڪا اقوام متحده جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي ۽ مون کي پاڪستان مان دعوت ڏني وئي هئي جيڪا  يو اين سان وابستگي جو نتيجو آهي ۽ هتي وڌيڪ ذڪر ڪندو هلان ته  مون کي ٻن ٻين ملڪن به دعوت ڏني آهي  يو ڪي  جي چيئرمن شپ ۽ يو ڪي  ۾ جيڪا نومبر ۲۰۱۲ ۾ ٿي  رهي آهي ۽  اٽلي ۾  ۲۱ کان ۲۵ نومبر تائين ٿي رهي آهي  ان ۾ به ڪميٽي چيئرمين چونڊيو ويو آهيان.
سوال: توهان  ماشاءَ الله ايترو  ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن  اهي اخراجات ڪير ڀريندو آهي؟
جواب: ان مان ڪجهه منهنجي يونيورسٽي  ڏيندي آهي ۽ باقي  منهنجا والدين مهيا ڪندا آهن، منهنجي وڌ کان وڌ  ڪوشش آهي ته  مون کي ڪا ڪمپني اسپانسر ڪري ته جيئن مان ملڪ جو نالو روشن ڪيان ۽ هن وقت مون  کي سخت ضرورت آهي.
سوال: توهان جا ايندڙ  وقت ۾ ڪهڙا ارادا آهن؟
جواب: در اصل منهنجي پروفيشن آءِ ٽي/ ٽيليڪام آهي، منهنجو مشن آهي ته  يونائيٽيڊ نيشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيان  ۽ مان انهن کي ٽرينڊ ڪيو، پاڪستان مان پهريون شاگرد هئس ۽ مون کي  اٿارٽيز يو اين جو بيج  سان نوازيو ويو.
سوال: پاڪستان ۾ ڪيتريون يونيورسٽين ۾ توهان حصو ورتو؟
 مان تقريبن ۱۰ يونيورسٽيز ۾ حصو ورتو آهي، آءِ بي  اي، سي بي اي، زيبسٽ، لمس، پافڪيٽ نمايان آهن، هن وقت پاڪستان ۾ پڻ ان جو رجحان ڏٺو وڃي ٿو، جيڪو شاگردن لاءِ هڪ سٺو قدم پڻ آهي.
توهان جو نوجوانن جي لاءِ ڪو پيغام
جواب: جي هان نوجوانن  کي گهرجي ته هن ملڪ جي لاءِ ورلڊ ليول تي نمائندگي ڪن، جيڪو  ماڊل يونائيٽيڊ نيشن  هڪ بهترين پليٽ فارم آهي ۽ ان کي استعمال ڪن ۽ مان هر ان  شاگرد کي ٽريننگ ڏيڻ  جي لاءِ تيار آهيان.

No comments:

راءِ ڏيندا