; سنڌي شخصيتون: عبدالمعيد قريشي - ڊاڪٽر بدر اڄڻ

03 October, 2012

عبدالمعيد قريشي - ڊاڪٽر بدر اڄڻ


عبدالمعيد قريشي
اسلاميه ڪاليج جي بانيءَ جي حياتيءَ جو احوال
ڊاڪٽر بدر اڄڻ
عبدالمعيد قريشي، جنهن کي اي ايم قريشي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، ان جي حياتيءَ جا ڪيترائي داستان آهن.
داستان پهريون:
عبدالمعيد پناهه گير جي حيثيت سان سال ۱۹۲۵ع ۾ ڪاٺياواڙ کان آگبوٽ ذريعي، ڪراچي بندر تي اچي لٿو. بندر تي لهڻ مهل هن وٽ ڪل ٻه رپيا هيا، هڪ جوڙو، هڪ چادر ۽ هڪ پاڻ. پهرين رات بندر تي ئي بينچ تي گذاريائين. ڇاڪاڻ ته ان وقت جي ڪراچي يعنيٰ کارادر جي ننڍڙي آباديءَ ۾ سندس ڪو سڃاڻو ڪونه هيو، اٺ ڏينهن گذرڻ بعد هن جو خرچ اٺ آنا ٿيو ۽ باقي وڃي ڏيڍ رپيو وٽس بچيو، پاڻ کان سوال ڪيائين ته اڙي معيد، هاڻي ته ڪو هٿ پير هڻجي نه ته گذر سفر ڪيئن ٿيندو، بندر جي ڪم ڪار ۾ ڪيترائي مزدور هئا هن به ڳوڻيون ۽ ٻيو سامان کڻڻ ۽ ڍوئڻ جو ڪم شروع ڪيو، صاحبن جا سلام ڪندي ڪجهه سيڌو سامان گهرائڻ لاءِ هن کي آفيسن مان ڪم مليو، نياز ۽ نوڙت ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ جي سلي ۾ کيس ڪجهه رپيا بچڻ لڳا، ايتري ۾ جهاز جي لاءِ سامان آڻڻ جو کيس ٻڌو آرڊر مليو، ان طرح سان هو ننڍڙو ٺيڪيدار بڻجي ويو ۽ کارادر ۾ هڪ ڪوٽڙي ڪرائي تي وٺي رات جو ان ۾ رهڻ لڳو۽ ڏينهن سڄو بندر تي سامان پهچائڻ جو ڪم ڪندو رهيو، ٿوري عرصي ۾ هن هڪ ٽرڪ قسطين تي ورتي ۽ ٺيڪيدار بڻجي ويو.

عبدالمعيد قريشيءَ کي تعليم جي محرومي هر وقت ستائيندي رهندي هئي ۽ سندس دلي خواهش بڻجي وئي ته جيڪر تعليم جي خدمت ڪيان ته جيئن اندر واري محرومي جو سدباب ٿئي، ٺيڪيداريءَ منجهان جيئن کيس هزار گڏ ٿيڻ لڳا ته هڪ طرف ٽرڪ وٺي ۽ ڌنڌي کي وڌائڻ لڳو ته ٻئي طرف گرو مندر تي هڪ بنگلو مسواڙ تي وٺي اسڪول کوليائين. سال ۱۹۴۰ع تائين، هو قريشي عبدالمعيد مان اي ايم قريشي بڻجي ويو، هن مسواڙ تي چڱي جاءِ ورتي، ڇهه ٽرڪون، هڪ بس، هڪ پيٽرول پمپ ۽ ٻه اسڪول، هڪ ڇوڪرن ۽ ٻيو ڇوڪرين لاءِ الڳ قائم ڪيائين، ان سان گڏ اسلامڪ ايڊيوڪيشن سوسائٽي ٺاهيائين، چند سٺن عالمن ۽ استادن جون خدمتون حاصل ڪيائين، جن ۾ علامه شبير احمد عثماني ۽ اي ايم مولوي، شڪارپور جي صديقي خاندان جو عالم ۽ استاد سر فهرست هيا.
ساڳي سال، ڍالميا سيمينٽ فيڪٽري جو سيمينٽ بندرگاهه تي پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو ٺيڪو مليس، تنهن مان هو ٽيڪجي ويو ۽ ٽرڪن جو تعداد به وڌايائين ۽ ان سان گڏ قريشي ٽرانسپورٽ ڪمپني به قائم ڪيائين.
سال ۱۹۴۲ع ۾ آمريڪي آرمي لاءِ بندر تي مال پهچائڻ جو ٺيڪو مليس، هيءُ ڪراچي بندر ۽ ڪلڪتي بندر ٻنهي تي مال پهچائڻ لڳو، جنهن منجهان هن وٽ ڊالرن جو چرچو وڌي ويو. سال ۱۹۴۴ع ۾ برٽش آرمي لاءِ سؤ ٽرڪون، اٺ گاڏا، روز پهچائڻ جو ٺيڪو مليس. آمدني جي واڌاري هجڻ ڪري ٽرڪ ۽ بس سروس هن ڪراچي کان حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ۽ سموري ڪراچي لاءِ ٽرانسپورٽ سروس ڏيڻ جو سلسلو جوڙيو، جنهن ڪري هو قريشي ٽرانسپورٽ سروس جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر بڻجي ويو.
سال ۱۹۴۷ع ۾ قريشي روزنامه ڊان اخبار جو ڊائريڪٽر بڻيو، ان سان گڏ گجراتي اخبار جو مالڪ ۽ هفتيوار انگريزي اخبار ويوز پوسٽ جو ايڊيٽر بڻيو.
سال ۱۹۴۸ع ۾ موٽر پارٽس سامان جي ٻڌي جو واپاري بڻيو، سال ۱۹۴۹ع منجهه ٽي پئٽرول پمپ قائم ڪيائين.
سال ۱۹۵۱ع ۾ ڌاٻيجي منجهه، لوڻ ۽ ڪيميڪل جو ڪارخانو قائم ڪري ان جو ايم ڊي بڻيو، جتان سال ۾ ڏهه لک ٽن لوڻ پيدا ٿيڻ لڳو.
سال ۱۹۶۲ ۾ پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪمپني قائم ڪيائين، جتان تعميرات جي لاءِ گهربل سامان ٺهڻ لڳو. هن داستان جي پڄاڻيءَ تائين عبدالمعيد قريشي ڪنهن به غير اخلاقي ۽ عياشيءَ جي عملن کان پرڀرو رهيو، نشي ۽ سگريٽ کان به پري، نه وري ڪنهن ڪلب يا جيمخاني جو ميمبر بڻيو. وقت وڃائڻ هن جي سوچ منجهه ئي ڪونه هيو.
هن وقت تائين تعليم جي شعبي ۾ قريشي صحب ٻانهن تعليمي ادارا، ڪي جي کان وٺي ڊگري ڪاليج، آرٽس ڪامرس، سائنس ۽ لاڪاليج قائم ڪري چڪو هو، ان کان علاوه، ايم اي جا ڪلاس به شام جي شفٽ ۾ چند ڪاليجن منجهه قائم هئائين، جن ۾ ان سال ۾ اڪٽيهه هزار ڇهه سئو (۶۰۰، ۳۱) شاگرد زير تعليم هيا ۽ مجموعي طور ٻه لک شاگرد ايم ايم ايس سي ۾ ڊگري ٽن ئي شعبن ۾ حاصل ڪري چڪا هئا، ذڪر ڪيل شاگرد، ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر پنهنجو گذر سفر ڪرڻ لڳا ۽ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن منجهه روزگار ڪرڻ لڳا ها.
داستان ٻيون:
سماجي خدمتون:
مزدورن ۽ غريبن لاءِ هن جو عزم هو ته اهڙا ادارا قائم ڪجن، جيڪي مزدورن کي سکيا ڏئي تربيت يافته بڻائين ته جيئن اهي پنهنجي روزي ڪمائي سگهن، ان لاءِ هن ٽيڪنيڪل سينٽر قائم ڪيو جنهن ۾ رهائش جو به بندوبست به ٿيل هيو، هن غريبن ۽ بي سهارا يقيم خانو ٺهرايو ان کان علاوه اسلامي مدرسو پڻ قائم ڪيائين.
هڪ جامع مسجد جوڙايائين
راندين لاءِ ڪامپليڪس جوڙايائين
ڪاليجن ۾ لائبريريون قائم ڪرايائين، ياد رهي ته اسلاميا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ هڪ مرڪزي لائبريري قائم ڪئي وئي، جتان هر سال اعليٰ تعليم جا استاد، فيض حاصل ڪرڻ لڳا ۽ ان سان گڏ مقابلي جي امتحانن لاءِ ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ به پڙهائي ڪئي ويندي هئي، ان لائبريريءَ مان راقم سان گڏ عبدالعزيز بلو (مرحوم) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪيترا ئي ٻيا به فيض حاصل ڪندا رهيا.
سياسي خدمتون
سال ۱۹۴۲ع ۾ اي ايم قريشي مسلم ليگ ڪراچيءَ ۾ ورڪر طور پير پاتو، سال ۱۹۴۳ع ۾ پارٽيءَ جي خدمت ڪئي، هن سنڌ جي ٻهراڙين ڏانهن سفر لاءِ گاڏيون فراهم ڪيون، ان کان علاوه، ڀارت وڃڻ لاءِ ۽ مختلف ميڙاڪن لاءِ فنڊ ڏيندو رهيو، ان جي سلي پٺيان هن کي سنڌ صوبائي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو.
سال ۱۹۴۵ع ۾ صوبائي اليڪشن ڪاميٽيءَ تي ميمبر مقرر ڪيو ويو، سال ۱۹۴۶ قائد اعظ۾ ڪراچي آيو، سر غلام حسين هدايت الله، وزير اعليٰ سنڌ کي ملاقات لاءِ گهرايائين، ان کان علاوه يوسف هارون، صدر سنڌ مسلم ليگ، محمد ايوب کهڙو، صوبائي وزير ۽ اي ايم قريشي جن کي به سڏايائين، انهن سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايائين ته انگريز بادشاهه پاڪستان ٺاهڻ وارو مطالبو مڃڻ کان انڪاري آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بنگال ۾ مسلم ليگ جون سيٽون تمام گهٽ آهن، سال ۱۹۴۵ واري اليڪشڻ ۾ جي ايم سيد وٽ کٽيل ڪل نو سيٽون هيون، ان کان علاوه جي ايم سيد بنا اجازت جي ڪانگريس سان سهڪار ڪيو آهي، گورنر سنڌ فرئنس مودي، تجويز ڏني ته سنڌ اسيمبلي ختم ڪيو ۽ نيون اليڪشن ڪرايو ته جي ايم سيد کي هارائي سگهجي ٿو. (جي ايم سيد کي ڪيئن هارايو ويو، ان جو حوال پوءِ ڏبو)
اي ايم قريشي کي جناح صاحب، اليڪشن ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو، ان سان گڏ هن کي سنڌ پارلياماني پارٽيءَ جو ٽن سالن لاءِ ميمبر مقرر ڪيو ويو، جناح صاحب قريشيءَ کي بهاري پناهگيرن کي آباد ڪرڻ لاءِ انچارج بڻايو، جيڪي ڀارت ۾ جهيڙن کان ڀڄي سنڌ ۾آيا هئا، سيپٽمبر ۱۹۴۶ ۾ قريشي کي آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو.
سال۱۹۴۷ نائين جون تي اي ايم قريشي آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جي اجلاس ۾ دهليءَ ويو، جتي امپريل هوٽل ۾ ڪائونسل جي گڏجاڻي جاري هئي ته خاڪسارن پاران هينڊ گرينيڊ اڇلايو ويو، قريشي اسٽيج تي ٽپو ڏئي جناح صاحب مٿان پاڻ کي اڇلائي حملي کان بچايو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ دهليءَ ۾ لساني فساد برپا ٿي ويا، مسلمانن کي پراڻي قلعي ۾ ڪيمپ لڳائي اتي ترسايو ويو، لياقت علي خان وزيراعظم جي حڪم تي قريشي صاحب روزانو ٽي چار هزار مڻ کاڌي جي شين طور هوائي جهاز ذريعي دهليءَ وارن پناهگيرن لاءِ موڪليندو رهيو.
ڪراچي ۾ ريل ۽ جهازن ذريعي جيڪي پناهگير بي حال ۽ بي گهر بڻجي پهتا هئا انهن جي بحاليءَ لاءِ به قريشي کي انچارج بڻايو ويو هو.
سال ۱۹۴۸ ۾ ڪراچيءَ ۾ صوبائي مسلم ليگ جو ٻن سالن لاءِ صدر چونڊيو ويو، جتي پنهنجي مخالف محمود هارون کي اٺ سئو ووٽن تان شڪست ڏنائين، سال اٺيتاليهن جي شروعات ۾ الطاف حسين، ايڊيٽر روزاني ڊان اخبار جو قريشي صاحب وٽ آيو ۽ مولانا شبير احمد عثمانيءَ جي امداد لاءِ ٻه سئو رپيا چندو گهريائينس، جيڪو کيس فورن ڏنائين ۽ مولانا جي موجودگيءَ بابت پڇا ڪيائينس، هن ٻڌايس ته مولانا جيڪب لائين جي ڪنهن ڪوارٽر ۾ رهي ٿو، قريشي صاحب ساڳي شام جو مولانا جي ڳولا ۾ سموري جيڪب لائين ۾ گهميو ۽ آخر ۾ وڃي هڪ ننڍڙي ڪوارٽر ۾ کيس ڳولهي لڌائين، جتي مولانا فرش تي هڪ سنهڙي تڏي مٿان بيمار حالت ۾ لٽيل هيو، ٽن ڪلاڪن تائين مولانا کي منتون ڪندي نيٺ مڃائي کيس پنهنجي گهر وٺي آيو، اتي هن جو علاج ۽ معاشي مسئلو حل ڪرڻ کانپوءِ هن کي گهر وٺي ڏنائين ۽ سندس خاندان کي ڀارت مان گهرائي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ڪيائين.
قريشي صاحب کي پاڪستان مسلم ليگ جو متفقه طور تي خزانچي چونڊيو ويو، پنجن سالن کان جيڪو عهدو راجا صاحب محمود آباد واري خالي ڪيو هو ان سان گڏ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ نامزد ڪيو ويو.
مولانا شبير احمد عثماني، دوري تي بهاولپور ويو هو، ته اتي هو بيمار ٿي پيو ۽ اچانڪ انتقال ڪري ويو، بهاولپور جي وزيراعليٰ، علامه شبير احمد جو مڙهه ڪراچي آندو قريشي صاحب جي رهائشگاهه تي، جتان قريشي صاحب اسلاميه ڪاليج جي ميدان ۾ هڪ پاسي تي هن کي دفن ڪرايو ۽ پوءِ مٿانئنس اٽليءَ جي ماربل سان خوبصورت مقبرو اڏايو جيڪو اڃا به موجود آهي، ساڳئي ڏينهن تي مولانا يحيٰ عثماني سندس پٽ کي اسلاميه ڪاليج ۾ اسلاميات جو ليڪچرار مقرر ڪيائين، ان وقت هن جي پگهار نو سو ڪيائين ۽ مسلم ليگ ڪوارٽرس ۾ ٻه فيملي ڪوارٽر به الاٽ ڪائينس، ياد رهي ته پنج سئو مسلم ليگ ڪوارٽرس ناظم آباد چورنگي وٽ قريشي صاحب تعمير ڪرايا هيا، پناهگيرن لاءِ هڪ هڪ ڪوارٽر جي قيمت ۳۲۵۰ رپيا هئي، جيڪي قسطن ۾ وصول ڪيا ويا هئا ۽ ڪيترن پناهه گيرن اهي به ڪونه ڏنا هئا.
سال ۱۹۵۰ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر صوبائي مسلم ليگ سنڌ جو ٽن سالن کان صدر چونڊجي ويو.سال ۱۹۵۲ع ۾ مسلم ليگ پارلياماني بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو، پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اختيار به کيس ڏنو، جڏهن ته چيئرمين خواجا ناظم الدين وزيراعظم هيو.
سال ۱۹۵۶ع ۾، ميمبر، ويسٽ پاڪستان ليجسليٽو ڪائونسل (MPA) چونڊجي ويو
سال ۱۹۵۷ع ۾ مسلم ليگ قومي گارڊ جو سالار بڻيو، جتي هن آل پاڪستان مسلم ليگ جا ست سئو نيشنل گارڊ قائم ڪيا.
سال ۱۹۶۰ع ۾، ايوب خان جي مارشل لا، پاران EBDO جو نوٽيس کيس ڏنو ويو، جيڪو سمورن سياستدانن کي به ڏنو ويو هو. قريشي صاحب، سماجي خدمتن ڪري ڪيس لڙيو ۽ نيٺ، هن مٿان نوٽيس واپس ورتو ويو. ان خلاف، سهروردي ۽ گرماني به ڪيس وڙهيا هئا، پر ٻيا سمورا، سياستدان، ڇهن، ستن سالن لاءِ بندش هيٺ آندا ويا هئا، فقط قريشي صاحب ئي هيو جنهن کي معاف ڪيو ويو هو.
سال ۱۹۶۲ع ۾ قومي اسيمبلي جي، وڏي علائقي واري سيٽ جيڪا، ناظم آباد، لالو کيت، ايئرپورٽ کان وٺي ابراهيم حيدري تائين ڦهليل هئي، اتان ڪامياب ٿيو، مقابلي ۾ جناب جسٽس لاري ۽ ٻين ستن اميدوارن کي سئو ووٽن تان شڪست ڏني هئائين.
سال ۱۹۶۵ع ۾، ويسٽ پاڪستان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو.
سال ۱۹۶۶ع ۾ روزاني انجام (اردو) اخبار جيڪا سرڪاري ٽرسٽ ۾ آيل هئي، ان جي عملي اسٽرائيڪ ڪئي ۽ بک هڙتال تي ويٺا، قريشي، انهن جي ڪيمپ تي وڃي ويٺو ۽ سندن مطالبن جي حمايت ڪيائين. انهن ملازمن جي غريب فيملين لاءِ امداد جو به اعلان ڪيائين، جنهن جي نتيجي هيٺ کيس، گرفتار ڪيو ويو (ڊي پي آر هيٺ) ۽ پنجيوهن ڏينهن لاءِ ڪراچي جيل ۾ بند رهيو.
سال ۱۹۶۹ع ۾ صدر پاڪستان پارلياماني پارٽين، مرڪزي ۽ صوبن جي ميمبرن جي ٻي مارچ تي ميٽرنگ سڏائي جنهن ۾ قريشي صاحب، ٺهراءُ پيش ڪيا.
ملڪ ۾ سياسي وڳوڙ هجڻ ڪري وڏا مسئلا پيدا ٿي ويا آهن. جن ۾ شاگردن وڏو حصو ورتو آهي تنهن ڪري انهن جو حل تلاش ڪرڻ گهرجي.
شاگردن جا مسئلا خاص طور تي حل ڪيا وڃن ۽ تعليمي ادارا فورن کوليا وڃن ۽ پڙهائيءَ جو سلسلو جاري ڪيو وڃي.
لوئر سيڪنڊري تائين تعليم مفت ۽ لازمي ڪئي وڃي، سيڪنڊري ليول تائين مفت ضرور ڪئي وڃي.
ڪاليجن واري تعليم مٿان بندش ختم ڪئي وڃي ته جيئن خانگي ادارا به کوليا وڃن، موجوده خانگي ڪاليج ڀلي سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي.
پريس، پبليڪشن تي بندش وارو قانون ختم ڪيو وڃي ته جيئن جمهوري عمل جاري رهي سگهي.
سرڪاري تحويل ۾ ورتل پريس ۽ اخبارون، فورن، ورڪرس جي تحويل ۾ ڏنيون وڃن.
ناجائز دولت، ڪرپشن ۽ رشوت جي بازار بند ڪرڻ لاءِ، هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾، ٽربيونل جوڙيو وڃي ته جيئن انهن عملن کي ٻنجو ڏئي سگهجي.
بينڪون ۽ انشورنس ڪمپنيون، ڪارخانا، قومي ملڪيت ۾ ورتا وڃن ته جيئن معيشيت، مسڪين، دوست بڻجي وڃي.
وڳوڙن کان متاثر ٿيل شخصن جي خاندانن جي مالي مدد ڪئي وڃي.
مٿين ٺهراءُ تي، قريشي صاحب چواڻي جيڪڏهن عمل ڪيو وڃي ها ته ايوب خان کي ڌڪا ڏئي نه ڪڍيو وڃي ها.
۲۵، مارچ سال ۱۹۶۷ع، تي ايوب خان، حالتن کي ڏسندي، صدارت تان هٿ کنيو. ساڳئي ڏينهن، يحيٰ خان مارشل لا نافذ ڪئي. ڀٽو صاحب ميدان تي اچي ويو، پرائيويٽ ڪاليجن جي استادن تحريڪ هلائي، قريشي صياحب واري اسلامڪ ايڊيوڪيشن سوسائٽي جي تحريڪ پٺيان، جنهن ۾ هن جا ويهارو کن تعليمي ادارا هيا، استادن جي مطالبي هيٺ، ۲۵ مئي تي قريشي صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. نون مهينن لاءِ جيل ۽ پنج لک ڏنڊ وڌو ويو. کيس ميانوالي جيل ڀيڙو ڪيو ويو. بڪين جي تڪليف ڪري اتي سندس آپريشن ڪيو ويو. هن جا قائم ڪيل سمورا تعليمي ادارا قومي ملڪيت هيٺ، سرڪار جي تحويل ۾ اچي ويا، جڏهن ته قريشي صاحب اڃا جيل ۾ هيو.
سال ۱۹۷۰ع ۾ قريشي صاحب جي زال جو انتقال ٿيو ۽ هن کي آزاد ڪيو ويو.

سال ۱۹۷۱ع ۾ قريشي کي فليٽيز هوٽل لاهور ۾ سولين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، جناب ذوالفقار علي ڀٽي، گهرايو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏنائين، جنهن لاءِ هن انڪار ڪيو، پر ڀٽي صاحب ڳالهه دل ۾ رکي.
آڪٽوبر ۱۹۷۱، ستين جنوري تي، ڪراچي جيل ۾ وڏو هنگامو ٿيو. جيل ڀڳو ۽ ۲۵۰ قيدي ڀڄي ويا. جيل ۾ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آنسو گيس تمام گهڻي استعمال ڪئي وئي، جنهن ڪري قريشي صاحب بيهوش ٿي ويو ۽ کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. هن جي حالت نه سڌري. آخرڪار، ڀٽي صاحب واري معالج سرجن نصير شيخ، سندس آپريشن ڪئي ۽ گلي ۾ ٽيوب وڌو، جيڪو غلط جاءِ تي پئجي ويو. ان طرح سان قريشي جو آواز ختم ٿي ويو. ساهه جي تڪليف ٿي پيس.
سال ۱۹۷۳ ۾ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر جيلسي، آپريشن ڪري، ٽيوب ٺيڪ جاءِ تي وڌو ۽ ڪجهه فائدو ٿيس.
۱۹۷۴ع، دوران قريشي، بستري داخل رهيو ۽ آواز ٻاهر ڪو نه نڪرندو هيس، فقط اشارن ۽ رڪاوٽن سان ڪجهه لفظ ٻاهر نڪندا هئا.
اهي ڏينهن هيا، جو راقم ۽ ڊاڪٽر در محمد کي پروفيسر لطيف احمد خان، قريشي صاحب سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ سندس بنگلي تي وٺي ويو، جيڪو ڪاليج جي هيٺان، پوئين ڳليءَ ۾ واقع هيو.
انٽرويو جو احوال هن ريت آهي
قريشي صاحب بيمار حالت ۾ آرام ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. اسان سلام ڪري بيٺاسين ته لطيف خان اسان جو تعارف اردوءَ ۾ ڪرايو، قريشي صاحب هٿ وڌائي سنڌيءَ ۾ خيرعافيت ڪئي. مان حيران ٿي ويس، ويهڻ جو اشارو ڪيائين، ڪرسيون پنهنجي ڀرسان رکيائون هئائين ڇاڪاڻ ته هن کي نڙيءَ ۾ ٽيوب ويل هيا ۽ آواز، هوا مائل رڪاوٽون سان اچي رهيو هو جيڪو صاف ٻڌڻ لائق گهٽ هيو.
۱: شروعات اتان ڪيائين ته مان پاڪستان جي خدمت ڪئي آ، پر هن حالت ۾ پيو آهيان، جناح جڏهن به ڪراچيءَ ۾ ايندو هو ته مان هن جي گاڏي هلائيندو هوس. سياسي، سماجي ميڙ ڪوٺائڻ منهنجي مٿان هوندا هئا. لطيف خان ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، هن قوم جي مان خدمت ڪئي ۽ کين رت پياري، پر هن قوم جهڙي منافق ۽ بي وفا ۽ ٻيا لفظ به گلن وارا ڪڍيائين، ٻي ڪو نه ٿيندي، هي دور ۷۴-۱۹۷۵ وارو هو جڏهن پاڪستان ٻه ٽڪر ٿي چڪو هو. ساهي پٽي وري شروع ٿيو ته هي ملڪ نيٺ ٻه اڌ ٿيڻو هو ڇاڪاڻ ته هن ملڪ کي عوام ڪو نه ٺاهيو هو، خاص، چند ماڻهن جي ٽولي ٺاهيو هو.
تيرهين آگسٽ ۱۹۴۷ جو ڏينهن هيو، جناح آيو ۽ چيائين ته وڏو جهنڊو ٺهرايو، جيڪو اسان ٻي ڏينهن، وزير مينشن تي چاڙهڻ لاءِ پهتاسين، ڪجهه ماڻهو گڏ ٿيا، پڇڻ لڳا ته ڇا آهي؟ اسان منجهان ڪنهن جواب ڏنو ته پاڪستان ٺهي ويو آ ۽ جهنڊو چڙهي ويو شام جو گڏجاڻي ٿي وئي، ماڻهن يعني عوام کي خبر ئي ڪو نه هئي ته ڇا ٿي ويو آ. بعد ۾ اخبارن ۽ ميڙاڪن ۾ ڳالهيون وڌڻ لڳيون.
۲: اسان سوال ڪيو ته جي ايم سيد کي ڪيئن هارايو؟ يڪدم ورڻيائين ته، جناح آيو ۽ چيائين ته مسلم ليگ کي وڌيڪ سيٽيون ملڻ لاءِ حڪومت اسيمبلي ٽوڙڻ ضروري آهي ان وقت مسلم ليگ کي فقط سنڌ ۾ نو سيٽيون مليل هيون. اسيمبلي ٽوڙي وئي ۽ ٽڪيٽ ورهائڻ جي ڳالهه تي جي ايم سيد سان جناح جو اختلاف ٿيو هو. جناح فرمايو ته بندوبست ٿي ويو آ، جي الانا کي ٻه لک رپيا ڏنائين ته اليڪشن جو خرچ هلايو وڃي جي الانا مون کي چيو هڪ لک رپيو پاڻ وٽ رکيائين جنهن سان ٽاور تي واچن جو دڪان کوليائين ۽ باقي لک اليڪشن تي خرچ ڪيائين، قريشي ساهه پٽي وري شروع ٿيو ته کيس حڪم ٿيو ته ڪراچي مان سئو گاڏيون، ننڍيون وڏيون، لي مارڪيٽ مان پنج رپيه في ماڻهوءَ جي حساب سان ڀريون وڃن جيڪي، ٺٽي واري روڊ کان رات جو ئي هلايون وڃن، صبح جو سوير، سٺ سيڪڙو پولنگس تي قبضو ڪري زبردستي ووٽ وجهي، پيٽيون ڀري ڇڏيون، انتظاميه مڪمل مدد ڪندي، گورنر صاحب اهڙو حڪم ڪمشنر کي ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح سان اسان جون وڏيون ٽرڪون ۽ بسون، جي ايم سيد جي ننڍڙين گاڏين کي ٽڪر هڻنديون حيدرآباد، دادو، حدن ۾ پهچي ساڳي ڪارروائي ڪري صبح جو ڏهين وڳي ئي واپس ورڻ لڳيون. ان طرح سان جي ايم سيد کي هارايوسي نه ته، هن بي پير کي ڪير هارائي سگهي ها. ان طرح سان ۳۵ صوبائي اسيمبلي جون سيٽيون سنڌ کي حاصل ٿيون. اجلاس سڏايو ويو. ڪانگريس بائيڪاٽ ڪيو هو انهن جا ليڊر گرفتار هيا ۽ اجلاس ۾ جي ايم سيد ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو مسلم ليگ ميمبرن درميان يڪراءِ پاس ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح سان پاڪستان ٺهي ويو هيو. هي ملڪ عوام ڪو نه ٺاهيو هو. ٻاهران ماڻهو زوريءَ آندا ويا جيڪي، هيٺين ڪلاس جا هيصا جن کي پنهنجا گهرگهاٽ ڪو نه هيا پر لياقت علي خان، پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ اهو ڪم ڪرايو. ڪراچيءَ ۾ فساد ڪرائي، هندن کي زوريءَ لڏايو ويو. ان آسري تي فسادن ۾ ٺاپر اچي ته پوءِ موٽي اچجو. هندن کي وڃڻ کان پوءِ، آيل پناهگيرن کي انهن جون جايون سامان سان ڀريل حوالي ڪيون ويون، بعد ۾ انهن جون ڇڏيل زمينون به الاٽ ڪيون ويون. اهي زرعي پيشي سان ماڻهو وابسته ڪو نه هيا، تنهن ڪري اهو لوڪل زميندارن کي وڪڻي ڪراچي ۾ لڏي آيا، ڪجهه زمينون، دنگئي هجڻ ڪري، گهڻي رقم وارن کي ڏئي آيا جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺن ۾ راڄن جي وچ ۾ جهيڙا ٿيا جيڪي دشمنين روپ ۾ وڌندا ويا ۽ نيٺ خونريزي پهتا.
۳: قريشي صياحب وڌيڪ چوڻ لڳو ته، ريگل چوڪ تي ڪيفي جهان هوندي هئي، جنهن ۾ شام جو هو وڃي ويهندو هو، مختلف قسم جا ماڻهو، سياسي، سماجي، ادبي يا پارٽي جا اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ چانهه پاڻيءَ جو سمورو بل، هن جي کاٽي ۾ هوندو هو. پناهگيرن جي جيئن ته هن، وڏي خدمت ڪئي هئي ۽ انهن کي گهرگهاٽ، روزگار، تعليم ۽ ٻيا سماجي مسئلا، هن حل ڪيصا هئا، تنهن ڪري اها سموري آبادي هن جو حلقو بڻجي وئي.
هو ٻڌائڻ لڳو ته جڏهن به ڪو جلسو ڪرڻو هوندو هو ته گاڏيون، هن جون وينديون هيون ۽ جلسي جا ماڻهو جمع ٿي ويندا هئا ان طرح سان، ايوب خان لاءِ جلسا، هن ئي ڪرايا، بعد ۾ جڏهن ڀٽو صاحب آيو ته ان جا جلسا به قريشي صاحب ڪريايا. هنن کي ڪاليج ۾ خاص مهمان طور گهرائيندو رهيو. ان جلسن جا فوٽا اڃا به ڪاليج ۾ لڳل آهن.
۴: قريشي صاحب چوڻ لڳو ته مان جيڪو ان وقت جو ميداني بادشاهه هيس، جيڪو جلسو ڪامياب ڪرڻ يا ناڪام ڪرڻ منهنجي آڱر جي اشاري سان هوندو هو، اهو بي تاج بادشاهه جيل ڀيڙو ٿي ويو ۽ روڊن تي رلڻ وارو ڀٽو شاهه بڻجي ويو. ملڪ.....، ڀٽو صاحب سولين، مارشل لا، ايڊمنسٽريٽر ٿي ڪراچيءَ آيو. اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ اچي لٿو. محمد خان جوڻيجو، ان وقت هوم سيڪريٽري هو. اهو شروع ۾ منهنجي اداري ۾ سيڪريٽري هيو ۽ منهنجو وڏو احترام ڪندو هيو. ان کي موڪليائين ته قريشي کي وٺي اچ. هو اچي پهتو، مان ان وقت بيمار هيس. نڙيءَ ۾ ٽيوب پيل هيا. مون چيومانس ته منهنجي حالت هيءَ آهي. جوڻيجي صاحب هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته سائين منهنجي عزت ۽ نوڪريءَ جو سوال آ، توهان کي ڀٽي صاحب جي خوب ڄاڻ آ. هن جي انداز تي مان تيار ٿي، اسٽيٽ هائوس پهتس ته ڀٽو صاحب ورانڊي ۾ پلتار ڪري رهيو هيو. جڏهن به هو پريشان هوندو هو ته ائين اڪيلو گهمندو ۽ سوچيندو رهندو هو.
مان گاڏيءَ مان ڪنهن جي سهاري سان آهستي هلندي سامهون ٿيس ته چروٽ مان ڪش هڻندي چيائين ته؛ اچو قريشي صاحب، مان توهان جي لاءِ سٺي نوڪري لايا آهي. اهو ٻڌي، منهنجي ته دل سڙي وئي. دل ۾ چيم ته؛ ڪلهه جو ڇوڪرو جنهن کي مان سياسي پليٽ فارم مهيا ڪيو، اهو ٿو مون کي نوڪري ڏي؟.

No comments:

راءِ ڏيندا