; سنڌي شخصيتون: سردار ڄام گل محمد خان سهتو - گلاب علي سهتو

19 October, 2012

سردار ڄام گل محمد خان سهتو - گلاب علي سهتو


سردار ڄام گل محمد خان سهتو
تاريخ جي اڻ وسرندڙ شخصيت
گلاب علي سهتو
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
سياڻن سچ چيو آهي ته چڱو انسان ڪڏهن به نٿو مري هن جون چڱايون، نيڪين ۽ سٺي ڪردار جي سڃاتو وڃي ٿو، اهڙن نيڪ انسانن ۾ سردار گل محمد خان سهتو جو پڻ شمار ٿئي ٿو، سردار ڄام گل محمد خان سهتو جو جنم ۱۹۰۱ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر سيٺارجا بالا ۾ ٿيو، سندس والد ڄام واحد بخش خان سهتو ڪيترين، پشتن کان سهتا، مڱڻيجا، ڌاريجا، ڪوريجا، سُريجا، جهيجا، ونڊير جا پڳدار هئا، کين سردار گل محمد خان سهتو جي جنم جي ڏينهن پاڻ ايترا ته خوش ٿيا جو پنهنجي زرعي ايراضي مان فوري طور ۱۲ ايڪڙ دانءُ ڏئي ڇڏيائون، سردار ڄام واحد بخش خان سهتو جي وفات کانپوءِ پاڻ پنهنجي برادري جي پڳ ٻڌائون، پاڻ پنج وقت نماز، تهجد گذار هئا، پاڻ هند سنڌ ۾ پنهنجي برادري جي وڏي جي حيثيت ۾ رياست ۾ ڪرسي نشين هئا، ان ايڏي وڏي برادرين جي سرداري هجڻ باوجود پاڻ برادري جي هر ماڻهن وٽ غم ۽ خوشي ۾ شريڪ ٿيندا هئا، نه صرف ايترو پر پاڻ پاڙايوارن سان به ساڳين ريتن رسمن موجب اٿندا ويهندا هئا، پاڻ سياسي، سماجي هلچل سان گڏ ديني خدمات به انجام ڏيندا هئا ۽ بزرگن جي مزارن تي وڃي حاضري ڀرڻ اتي ثقافتي ميلا ڪرائڻ ۽ تهذيبي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ محفلون منعقد ڪرائي انهن جي رونق ٿيندا هئا ۽ پنهنجي تڪ ۾ ضابطي هيٺ بغير رياستي انتظام جي نظم و ضبط جي معاملن تي پاڻ قابو پائيندا هئا، سندن سخا وارو هٿ هميشه ڪشادو رهيو، جتي به اولياءَ الله جي انتظامن ۾ حصو ورتائون اڄ به سندس پونئير ان سلسلي کي جاري رکيو اچن، سردار هوندي به کين عارفانه ۽ فقيري صفتون نمايان نظر آيون، سندن عوامي طاقت ۽ مقبوليت کي نظر ۾ رکندي جڏهن ڌارين گورن سنڌ ڌرتي تي پنهنجا ناپاڪ پير وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ حُر تحريڪ ۽ ٻي مزاحمتي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ امڪاني خطرن کي ٽارڻ لاءِ ۱۹۴۴ع ۾ انگريز سرڪار ڊفينس آرڊيننس آف برٽش گورنمينٽ تحت ضلعي خيرپور ۾ ٽن اهم شخصتن کي گرفتار ڪيو، جنهن جي عوامي ۽ سماجي طاقت کان انگريز ڊنل هئا، انهن مان ڄام گل محمد سهتو جي شخصيت هڪ هئي، انگريز سرڪار طرفان سردار صاحب کان وفاداريون حاصل ڪرڻ لاءِ پهريائين ته پنهنجي ڪارندن معرفت ۽ القابن ۽ انعامن جي لالچ ڏني وئي پر انهن سڀني آفر کي ٺڪرائيندي پنهنجي خاندان جي هزارها سال جي تاريخ کي غداري جو داغ نه لڳرايو ۽ زندان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني، تنهن کانپوءِ انگريزن کين طرح طرح جون تڪليفون عذاب ۽ عقوبتون ڏنيون پر هن مانجهي مرد ڀونءِ جو ڀرم رکندي پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪيو، سندن ڪردار لطيف سائين جي هن شعر جي عڪاسي ڪري ٿو.


تون لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
مون ڪو اهڙو نه ڪيو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پريت پنهوار جي.
غاصب گورن هن اڻ موٽ انسان جي استقامت ۽ استقلال کي ڏسي مايوسي کان سواءِ ڪجهه حاصل نه ڪيو ۽ اميري واري عرصي کان وڌيڪ ڊيگهارو ڪري ڇڏيو، جيئن ته سردار گل محمد خان جن درگاهه غوث پاڪ ملتان شريف جا مريد ۽ پانڌيئڙا هئا، مرشد جي عرس جي موقعي تي بالا سيٺارجا ۽ آس پاس جي شهرن کان ويندڙ جماعت جي سالاري پٺ ڪري ويندا هئا ۽ مرشد مخدوم مريد حسين قريشي جي نظر عنايت سان ئي کين انگريزن کان غير مشروط آزادي ملي، سياسي لحاظ کان ۱۹۵۴ع ۾ خيرپور رياست مان ايم ايل اي (ميمبر آف ليجسليٽو اسيمبلي) جي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان سرڪار جي حمايت يافته اميدوار کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻيائون، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ضلعي ڪائونسل خيرپور جا ميمبر چونڊيا ۽ علائقي فلاح وبهبود لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو، ۱۹۶۶ع ۾ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو ۽ پيپلز پارٽي جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سيٺارجا بالا اچي کين پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني ۽ سردار صاحب جن ان موقعي تي پنهنجي برادري سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ شهيد جي اسرار تي پاڻ نئون ديرو وڃي اليڪشن دوران مٽ واهڻ، سيدو ديرو ۽ ٻين علائقن ۾ موجود سهتا، مڱڻيجا برادري جي ماڻهن کي شهيد ڀٽو کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو ۽ اتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مقابلي ۾ بيٺل وڏيرو ڀرڀل خان مڱڻيجو کي شهيد جي حق ۾ دستبردار ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کين سدائين چاچا ڪري سڏيندا هئا، هن باڪردار، باضمير، بااصول ۽ امن جي سفير سنڌ ڌرتي جي صدين جي ساک بحال رکي ڪڏهن به پنهنجي برادري جي ماڻهن ويڙهائڻ جي ترغيب نه ڏني پر سدائين جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايائون، پنهنجي قبيلي جي تمام ماڻهن کي محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو درس ڏنو، سندن رهبري ۾ ڪو به قبيلائي تڪرار نه ٿيو، هن امن پسند انسان دوست ۽ عارفانه شخصيت جي مالڪ ۸۳ ورهين جي عمر ۾ ۹ آگسٽ ۱۹۸۴ع بمطابق ۱۱ ذوالقعد ۱۴۰۴ هجري تي وفات ڪئي، سندس مزار پير شاهه عبدالرشيد رحه جي صحن ۾ آهي، جتي هر سال ۱۱ ذوالقعد تي پوري سنڌ کان برادري جا ماڻهو اچي ورسي ۾ شرڪت ڪندا آهن، جتي سندس پونئيرن طرفان لنگر جو باقاعده بندوبست آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا