; سنڌي شخصيتون: اي آر ميمڻ - مصطفيٰ ملاح/ڪراچي

11 October, 2012

اي آر ميمڻ - مصطفيٰ ملاح/ڪراچي


اي آر ميمڻ
اداڪار ۽ صداڪار
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
ريڊيو ۽ ٽي وي جو سينيئر اداڪار ۽ صداڪار، ٽي وي ڊرامن ۾ اڪثر گورنر، وزير، وڏيرن، جا ڪردار ڪري مقبوليت ماڻيندڙ اي آر ميمڻ، گذريل رات دير سان اباڻي ڳوٺ ڀريا سٽي ۾، دل جو دورو پوڻ سبب، لاڏاڻو ڪري ويو. ٻين بيمارين سان گڏو گڏ هڪ اک جي نظر به ختم ٿي چڪي هئس ۽ ٻي اک جي نظر گهٽجي ويئي هيس. اهڙيءَ طرح ڀلوڙ اداڪار اي آر ميمڻ، ۴ سال پهريان شگر سبب الهه تلهه وڪڻي، ڪراچي نيشنل ميڊيڪل سينٽر مان علاج ته ڪرايو پر ڊاڪٽرن حياتي بچائڻ لاءِ ان کي هڪ ڄنگهه کان به معذور ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ٻيهر هن ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو ته انهن ٻيهر آپريشن ڪرائڻ لاءِ ساڍا چار لک گهري ورتا. جڏهن ته پهريان اٺ لک علاج تي خرچ اچي چڪو هو.

پوري جواني ريڊيو ۽ ٽي وي کي ڏيندڙ اي آر ميمڻ، هڪ ڄنگهه کان معذور ٿيڻ جي ڪري، هڪ کٽ تي پيو هو. گهر وارا هر شيءِ اتي ئي کٽ تي ڏئي رهيا هئا. هو آخر تائين سامهون رکيل ٽي وي ڏسي ۽ ريڊيو ٻڌي ڪري، زندگي جون ڪجهه گهڙيون گذاريندو رهيو. دل جي تڪليف سبب هي بيساکي تي هلي ڦري نه پيو سگهي. ڊاڪٽرن موجب ته بيساکي جو زور دل تي پوندو ۽ اهو خطرناڪ آهي. ۲۴ ڪلاڪ کٽ تي ويهڻ ڪري، هن پنهنجي کاڌ خوراڪ به گهٽائي ڇڏي هئي.
اي آر ميمڻ ڪراچي ۾ ٻن ڪمرن واري مسواڙي فليٽ ۾ رهندو هو. ڪراچي کي جواني ڏيندر اي آر ميمڻ، آخري ڏهاڙن ۾ ڪراچي کان بيزار ٿي پيو هو ۽ عيدالفطر کان پوءِ، پاڻ پنهنجي ڳوٺ ڀريا سٽي ۾ رهڻ لڳو هو. گهر جو وڏو سربراهه گهر هلائيندڙ جيڪڏهن کٽ تي ويهي رهي ته ڇا حال هوندو ان گهر جو؟ انهيءَ دوران هن کي شوبز جا ساٿي، مٽ مائٽ، يار دوست وساري ويهي رهيا هئا.
اي آر ميمڻ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ڪنهن سان شڪايت ڪيان. ڪنهن کي دانهن ڏيان؟ هت ڪير ڪنهن جي ٻڌڻ وارو آهي؟ مرحوم نور محمد لاشاري ۽ مرحوم انور سولنگي ائين هليا ويا، پر ڪنهن به انهن لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته مون لاءِ ڇا ڪجهه ڪندا؟ جيڪو مون وٽ هو، اهو علاج تي لڳائي ڇڏيو. هاڻي ايتري طاقت نه آهي جو ٻيهر آپريشن ڪرايان. هوڏانهن ثقافت کاتي هن جي علاج ۾ مالي مدد ته ڪئي پر علاج مهانگو هئڻ ڪري، هن جو مڪمل علاج نه ٿي سگهيو ۽ موت هن کي وڌيڪ مهلت ڪونه ڏني!!

No comments:

راءِ ڏيندا