ڊاڪٽر تنوير عباسي
سچ ۽ سونهن جي علامت
مرتضيٰ سيال
ڊاڪٽر تنوير عباسي اسان
کان وڇڙيو ضرور آهي، پر وسريو مُور ناهي. سچ، سونهن ۽ سُرت واري آفاقي فلسفي جو
پوئلڳ پنهنجي سڀاءُ، روين ۽ عمل ۾ سچو صوفي هئو. هُن هميشه ڏيڻ چاهيو ۽ پنهنجي
حياتيءَ جو هر پَل پنهنجي ديس، ديس وارن، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي گهڻو ڪجهه ڏيندي گذاريو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي وڏو شاعر هئو يا نه پر وڏو ماڻهو ضرور هُئو. آءٌ پنهنجي زندگيءَ
۾ جن ماڻهن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، اُنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي سرفهرست
آهي. مون هُن کي سدائين مُرڪندي ڏٺو، حساس دل رکندڙ ۽ اندر جو انتهائي اجرو شخص.
هر ماڻهوءَ کي زندگي، سماج ۽ ماڻهن کان ڪيئي شڪايتون هُجن ٿيون، جن جو ذڪر به هر
شخص ڪندو رهي ٿو، پر ڊاڪٽر تنوير کي مون ڪڏهن به ڪنهن جي شڪايت ڪندي نه ٻُڌو. هڪ
ڀيري کيس ڏاڍو ڏکارو ڏٺم، هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن انتهائي ويجهو دوست شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر هئو ۽ اهو ڪنهن بنهه ننڍڙي غلط فهمي جي ڪري
سندس ڏک جو سبب بڻيو. ادل سومرو، اياز گل ۽ آءٌ ساڻس ملڻ سندس گهر وياسين. ڊاڪٽر
صاحب پير سلپ ٿيڻ جي ڪري زخمي ٿي پيو هئو. اُن ڏينهن کيس زخم جو نه پر دل گهرئي
دوست جي روي جو ڏاڍو درد هئو، بس اهو هڪڙو موقعو اهڙو هئو جو کيس ڏکارو ڏٺو هوم ۽
اهو ڏينهن، اهي پَل مون کان ڪڏهن به ناهن وسريا. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ننڍين ننڍين غلط
فهمين جي بنياد تي پنهنجن انتهائي پيارن ماڻهن کان به پري ٿي ويندو آهي. هونئن ته
دوستي ڏاڍو مضبوط رشتو آهي، پر جڏهن غلط فهمي کي وِٿي ملي ٿي ته مضبوط رشتو به
نازڪ بڻجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر تنويز پنهنجن دوستن تي ساهه ڏيڻ وارو ماڻهو هُئو. هو اُن
حد تائين معصوم ماڻهو هُئو جو ڪنهن دوست جي غلط ڳالهه يا ارڏائي جي خبر پوندي هوس
ته ان ڳالهه تي اعتبار نه ايندو هوس. هڪ دوست کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ بيورو آف
ٽرانسليشن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. اُن دوست جو علمي ادبي قد ۽ ذهانت بورڊ ۾
ويٺل ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ويئي. اُن زماني ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب
بورڊ جو چيئرمين ۽ غلام رباني آگرو بورڊ جو سيڪريٽري هُئو. جويو صاحب جامي چانڊيي
کي بورڊ ۾ وٺي ويو ته جيئن بيورو آف ٽرانسليشن جو ڪم بهتر انداز ۾ شروع ڪري سگهجي.
اُن رٿا تحت چونڊ عالمي ادب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرائڻو هُئو. جامي جي
مقرري سيڪريٽري ۽ اُن جي پوئلڳن کي نه وڻي ۽ انهن ملي ڀڳت ڪري بورڊ ۾ احتجاج ڪيو
ته ”ٻاهريون ماڻهو ڇو رکيو ويو آهي“ جامي اُن ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ جو فصيلو ڪري ڇڏيو،
شام جو بورڊ کان واپسي تي جامي سڌو مون وٽ آيو هُئو. مون اُن ئي وقت جامي کي ٻڌايو
هُئو ته ائين ڇو ۽ ڪنهن جي ڪري ٿيو آهي، پر جامي کي اعتبار نه آيو هئو. پوءِ وري
جڏهن ڊاڪٽر تنوير کي اها ڳالهه ٻُڌائي هيم ته اُن به اهو چيو هو ته ”رباني صاحب
ائين نه ٿو ڪري سگهي“ ڊاڪٽر صاحب جي رباني صاحب سان به دوستي هُئي ۽ اُن ناتي جي
ڪري هو نه پيو سمجهي ته سندس دوست ائين ڪري سگهي ٿو. خير اڳتي هلي اُها ڳالهه سچ
ثابت ٿي. ڊاڪٽر جهڙو پاڻ انتهائي سچو، ايماندار ۽ معصوم ماڻهو هُئو، ٻين کي به
اهڙو ئي سمجهندو هئو. ڊاڪٽر تنوير صاحب سان منهنجون ڪافي ملاقاتون ٿيون، هو اسان
دوستن کي پنهنجن ٻچن جيان ڀائيندو هُئو. هڪ ڀيرو مون کيس خط لکيو هُئو، جنهن ۾
پنهنجي پريشانين ۽ مايوسين جو ذڪر ڪيو هئو. ڊاڪٽر صاحب فوري طور جواب لکي مون کي
ڪافي آٿت ڏني هئي ۽ سمجهايو هُئو. هُن اهو به چيو هُئو ته پهرين فرصت ۾ ساڻس ملان،
پوءِ جڏهن ساڻس خيرپور ملڻ ويو هوس ته ڪافي دير ڏاڍي پيار سان سمجهائيندو رهيو هو.
انهن ڏينهن ۾ آءٌ بيروزگار هوس. مون ڊاڪٽر صاحب سان ذڪر ڪيو ته هُن فوري طور موٽ
ڏني ته ”ڪا ڳالهه ناهي، گڏجي ڪوشش ڪريون ٿا، الله بهتر ڪندو“ ٿورن ڏينهن کانپوءِ
ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري جون جايون آيون هيون، جن ۾ سچل آڊيٽوريم خيرپور لاءِ
پروگرام مئنيجر جي پوسٽ به انائونس ٿي هُئي، مون ڊاڪٽر صاحب جي صلاح سان اپلاءِ
ڪيو هُئو، جڏهن انٽرويو ڪال آئي ته مون ڊاڪٽر صاحب کي ٻُڌايو، اُن ئي ڏينهن ڊاڪٽر
صاحب ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي سان ڳالهايو ۽ کيس چيائين ته
”مرتضيٰ پروگرام مئنيجر لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي، هي مون کي ڏاڍو عزيز آهي، پر انٽرويو
۾ پنهنجي اهليت ثابت ڪري ته هن کي ميرٽ تي رکجو، اهو خيال ڪجو ته ڪنهن جو حق نه
مري.“ ڊاڪٽر صاحب جا اهي لفظ مون کان ڪڏهن به وسري نه ٿا سگهن. هُن نه رڳو سدائين
ميرٽ ۽ سچائي جي ڳالهه ڪئي، پر اُن تي عمل به ڪيو.
ڊاڪٽر تنوير جا اهي لفظ
به ڪڏهن نه وسرندا، جيڪي هُن خيرپور ۾ خادم سنڌي جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي
صدارتي تقرير ۾ چيا هُئا. هُن چيو هئو ته ”زنده قومون پنهنجي لڙائي جنگي ميدانن
مان نه پر تعليمي ادارن سان کٽنديون آهن، جيڪڏهن اسان کي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري دنيا
سان مقابلو ڪرڻو آهي ته پاڻ کي تعليم جي هٿيار سان ليس ڪريون، جيڪي ماڻهو نعريبازي
تي گذارو ڪن ٿا، کين سمجهڻو ۽ سوچڻو پوندو ته اسان وٽ ڪيترا سائنسدان آهن، ڪيترا
انجنيئر آهن ۽ ڪيترا اعليٰ ذهن آهن. تعليمي طور اسين ڪاٿي بيٺا آهيون، شعور ۽
ادراڪ کانسواءِ ڪجهه به حاصل ڪري نه ٿا سگهون.“ هن اهو به چيو هُئو ته ”اسان کي
آزادي هڪ ڪيڪ جيان پليٽ ۾ رکي ڏني وڃي ته به اُن کي سنڀالي نه سگهنداسين. اُن لاءِ
اسان کي تعليمي ۽ شعوري طور سگهارو ٿيڻو پوندو.“
ڊاڪٽر صاحب جون ڳالهيون
ياد ڪندي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته، ڊاڪٽر صاحب وٽ جڏهن به ڪو اديب ايندو هُئو ته
خيرپور ۾ موجود اديبن ۽ شاعرن کي به گهرايو ويندو هئو ۽ پوءِ زبردست ڪچهري ٿيندي
هُئي. تنوير عباسي جنهن به محفل ۾ هوندو هُئو، اُن محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا هُئا.
هو رڳو پنهنجي ٽهي يا هم عمر دوستن سان ئي نه پر نوجوانن سان وڌيڪ ويجهو هوندو
هُئو، اهو ئي سبب آهي جو هو نوجوان اديبن ۽ شاعرن لاءِ رهنمائي ۽ اتساهه جو سبب ۽
ذريعو بڻيل رهيو.
ڊاڪٽر اسحاق انصاري جڏهن
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهائيندو هئو ته ٽيچرس هاسٽل تي ڊاڪٽر تنوير
شامل هوندو هُئو. اهي سڀئي يادگيريون اڄ منهنجي لاءِ هڪ املهه خزاني جي حيثيت رکن
ٿيون.
تنوير عباسي سنڌ جو اهو
ساڃاهه وند ۽ سچو صوفي هُئو، جنهن سڀني کي محبتن جا خزانا ڏنا. سندس شخصيت سنڌ جي
مختلف سياسي، سماجي توڙي ادبي ڌرين لاءِ هڪ جهڙي ۽ غير تڪراري رهي. ادبي جهيڙن کي
نبيرڻ توڙي ٻين علمي ادبي معاملن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪردار سدائين
رهنمائي وارو رهيو. هو محبتن ۽ سچاين جو امين ۽ سچل سائين جي دڳ جو پانڌيئڙو هو،
جنهن جي ذات اسان لاءِ ڪالهه به اتساهه جو سبب هُئي ۽ اڄ به سچائي جو اهڃاڻ آهي.
هو اسان کان وڇڙي ويو آهي، پر وسريو ناهي ۽ نه ئي ڪڏهن وسري سگهي ٿو.
(25 نومبر تي ڊاڪٽر تنوير
عباسي جي ورسي هئي)
No comments:
راءِ ڏيندا