; سنڌي شخصيتون: الحاج عطا محمد خان لنڊ - شڪيل احمد ڪٻر

29 October, 2012

الحاج عطا محمد خان لنڊ - شڪيل احمد ڪٻر


الحاج عطا محمد خان لنڊ
شڪيل احمد ڪٻر
سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي خوشبودار، پاڪ ۽ زرخيز مٽي مان هر دور ۾ اهڙين مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي جدوجهد ۽ صلاحيتن سان انسان ذات جي ڀلائي لاءِ کوڙ سارا ڪارناما انجام ڏئي پنهنجي وجود کي امر بڻائي ڇڏيو. سيٺارجا لڳ ڳوٺ وليداد خان لنڊ ۾ ۱۹۰۹ع ۾ رئيس جادل خان لنڊ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مرحوم الحاج عطا محمد خان لنڊ پڻ انهن شخصيتن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي بهادري، قائدانه صلاحيتن، خدمت خلق جي ڪري وڏو نالو ڪمايو ۽ مرڻ بعد به اڄ ماڻهو کين دلي محبت، عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا. 

مرحوم پنهنجي انهي خلق خدا جي خدمت ۽ بهادرانه صلاحيتن جي ڪري اڳوڻي مغربي پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر اڪثريتي ووٽن سان چونڊيو ويو. مرحوم شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پوءِ فائينل ڀنگو بهڻ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. شروع ۾ رياست خيرپور جي ميرن واري حڪمراني جي دور ۾ تپيداري جي نوڪري ڪئي .اتي ذهني سڪون نه ملڻ ڪري نوڪري ڇڏي ذاتي ڪاروبار ڪيو .عوام سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين تي دل بيچين ٿيندڙ هن شخصيت صرف زميداري ۽ خدمت خلق کي ترجيح ڏيندي سياست جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ رياست جي ڏڍاين خلاف آواز اٿارڻ تي کيس رياست بدر ڪيو ويو. جنهن بعد هن محرابپور ۾ ڪجهه عرصو رهائش اختيار ڪئي ۽ محرابپور ۾ ئي اتي زميندار اتحاد جو قيام عمل ۾ آڻي گڏجاڻي به اتي ڪري رياست خلاف هڪ نئون محاذ کوليو. رياست خيرپور جي والي مرحوم مير علي خان ٽالپر جي دور ۾ رياستي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺندي ميمبر چونڊجندو رهيو ۽ اتي اڪيلي سر مخالف ڌر جي ميمبر جو ڪردار ادا ڪندو رهيو ان کان علاوه مغربي پاڪستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو وٺي اتان جو پڻ ميمبر چونڊيو جتي پڻ هن حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ مان هيءَ واحد ميمبر هو جيڪو حزب اختلاف ۾ رهيو. گورنر نواب آف ڪالاباغ جي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ ان جو هڪ شاهي انداز جو جلسو ٿيو جنهن ۾ هزارين ميٽر اعليٰ قسم جو  ڪپڙو گورنر جي استقباليه بينرن توڙي سندس اچڻ واري رستي تي وڇايو ويو. حاجي عطامحمد لنڊ کي خطاب جو موقعو ڏنو ويو ته هن پهرين تنقيد ان عمل تي ڪئي ته هڪ حڪمران جي لاءِ ايترو ڪپڙو ضايع ڪيو ويو آهي جوان سان سوين غريب جا اگهاڙا انگ ڍڪجي پئي سگهيا ته نواب آف ڪالاباغ اهڙي تنقيد تي ناراض ٿيو ۽ سندس گرفتاري جو حڪم ڏنو. جنهن بعد هو بلوچستان ۾ وڃي روپوش ٿي رهيو جڏهن ته رياست جي دور ۾ حق سچ ڳالهائڻ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ تي مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا. مرحوم سابقه صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي مقابلي ۾ محترمه فاطمه جناح جي حمايت ۽ مدد ڪئي ۽ هرقسم جو دٻاءَ قبول ڪيو . سنڌ اندر ميرواهه اڪيلو تعلقو هو جتان مادرملت سئو سيڪڙو کٽيو هو. مرحوم پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران پارٽي ٺاهڻ بعد لاهور جيل ۾ ساڻس ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ ان وقت جي پ پ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالوحيد ڪٽپر جي سيٺارجا ۾ عام جلسي دوران پ پ ۾ شموليت جو باقاعده اعلان ڪيو. ۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ کيس ڀٽو صاحب پاران ٽڪيٽ ڏني وئي مگر هن اها واپس ڪئي ۽ اهو چئي پ پ کي به خيرباد ڪيوته اتي جاگيردار، پير ،مير ۽ سرمايه دار اچي ويا آهن ۽ جيڪي ڪڏهن به غريب عوام جا سڄڻ نه ٿا ٿي سگهن . اختلاف به پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ تان ٿيو جنهن بعد آزاد اميداور طور چونڊ لڙي ۽ هارايو. جڏهن ته مرحوم آخري دور ۾ ٽائون ڪميٽي سيٺارجا جو چيئرمين پڻ رهيو جڏهن ته سيٺارجا پوليس چوڪي جي هڪ اي ايس آءِ رحمت الله هڪڙو تي قاتلانه حملي جي الزام هيٺ سندس ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل پڻ ٿيو. مرحوم الحاج عطا محمد خان لنڊ سنڌ اندر اهڙن جوڌن جوانن مان هيو جنهن ڪڏهن به دولت يا شهرت بجاءِ غريب ماڻهن جي حقن ۽ ساڻن ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين خلاف هر محاذ تي جنگ جوٽي ۽ ڪڏهن به حڪو متن، بيوروڪريسي يا ڪنهن ظالم آڏو ڪنڌ نه جهڪايو. سندس قول هو ته دنيا ۾ صرف ٻه قومون آهن هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم ٻي ڪا به قوم نه آهي ۽ مظلوم جو ساٿ ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ ۾ ئي الله جي رضا آهي. شهيد ڀٽو کان علاوه مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد خان ٽالپر، رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ، سيد ميرڻ شاهه، خواجه صفدر، ڪيپٽن محمد اسلم، محمود اعظم فاروقي سميت ٻيون شخصيتون سندس هڪ عمر رهيون، مرحوم ڪٻڊي راند، گهوڙن، صوفياڻي راڳ جو شوقين رهيو هن ۶ پٽ ۽ ۷ نياڻيون پويان ڇڏيا ۽ رئيس فدا احمد خان لنڊ سندس سياسي جانشين طور خدمت خلق ۾ مصروف عمل آهي، مرحوم جي خدمتن کي اڄ به سنڌ اندر عزت، محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا