ڊاڪٽر مسعود احمد
سهتو
ساهتي پرڳڻي جو يادگار
ڪردار
چوندا آهن ته هن دنيا ۾ هونئن ته
هر ڪو جيئندو آهي پر ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو ڪنهن ڪنهن ۾ پيدا ٿيندو آهي. هڪ مسيحائي
پيشي سان تعلق رکندڙ اهڙو ڪردار جنهن جو ڪم صرف مريضن کي تپاسي علاج فراهم ڪرڻ نه پر
عوام الناس جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻين لاءِ جيئڻ جو نمونو هئي. هن جي سوچ اها هوندي هئي ته
جيڪڏهن هو ڊاڪٽر آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته هو مريضن کان ڳريون فيون وٺي،
ڪمائڻ جي جستجو ۾ لڳي وڃي، پر هو مريضن کي دوا درمل ڏيڻ سان گڏوگڏ جيڪڏهن انهن وٽ پيسا
ڏوڪڙ نه هوندا ھيا ته کين واپس موٽائڻ بجاءِ دوا وغيره ڏئي ڪرايو ڀاڙو به ڏيندو هو.
هڪ اهڙي شخصيت کي علائقي واسي سخي ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو جي نالي سان سڃاڻن ٿا. جنهن
پنهنجي زندگي ۾ کوڙ سارا اهڙا ڪم ڪيا جن جي ذريعي عوام کيس سٺي نالي سان ياد ڪري ٿو.
ظاهر آهي ته عوامي فلاح جي ڪمن کي ترجيح ڏيڻ تي غريب عوام کين سٺي موٽ ڏئي سگهي ٿو
۽ ساهتي جا مقامي ماڻهو سندس محنتن ۽ خلوص جي جذبي کي ڏسندي اڄ به سندس وڇوڙي کي هڪ
وڏو خال قرار ڏيندي سندس ڪيل فلاحي ڪمن کي ياد ڪري روئي ويهن ٿا.
ساهتي پرڳڻي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي
ڳوٺ ڦُلي (محمد حيات سهتو) ۱۹۵۹ع جي ڏهاڪي ۾ سهتا برادريءَ جي نيڪ مرد حاجي اميربخش
سهتي جي گهر ۾ اک کوليندڙ مسعود احمد سهتو ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڦلي ۾ حاصل
ڪرڻ کان پوءِ ڀرواري شهر ڪوٽڙي ڪبير مان مڊل ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هڱورجا مان ڏهون
درجو پاس ڪرڻ کان پوءِ اسلاميه ڪاليج سکر مان
انٽر جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو، حاجي امير بخش توڙي جو ٻه شاديون ڪيون هيون، سندس
وڏي گهرواريءَ مان ۳ پٽن ۽ ۳ نياڻين جو اولاد هو، جن ۾ وڏي ۾
وڏو ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو آهي، سندس ٻئي نمبر تي ننڍي ڀاءَ انجنيئر ذوالفقار علي سهتو
ساروڻيون ساريندي ٻڌائي ٿو ته سندس وڏو ڀاءَ ڊاڪٽر مسعود جو خواب هو ته هو وڏو ٿي ڊاڪٽر
ٿيندو، ان ڪري ئي سندس مرضي ۽ خواهش مطابق انٽر ميڊيڪل گروپ ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ کيس
ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ ويهاريو ويو، جتي ٽاپ ڪرڻ بعد کيس ميڊيڪل جي يونيورسٽي ايل ايم سي
(لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز LUMHS ڄامشورو ۾ ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ
داخل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽريءَ جو ڪورس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڄامشورو اسپتال مان ئي هائوس
جاب پورو ڪري ورتو. ٽريننگ پوري ٿيڻ کان پوءِ ميڊيڪل جي ئي شعبي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر
تسليم سان ازدواجي رشتو جوڙيائين. جنهن مان کيس ۳ پٽن جو اولاد اٿس جڏهن
ته سندس ٻي گهرواري مان ۳ نياڻين ۽ ۲ پٽن جو اولاد اٿس، سندس ٻنهي گهروارين
جا ٻارڙا مختلف تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽري جو هائوس جاب پورو ڪري ڊاڪٽر
مسعود فزيشن کان پوءِ سرجري واري شعبي ۾ ۵ سال نواب شاهه اسپتال ۾ ڪورس ڪري
مهارت حاصل ڪئي، ٽريننگ ڪرڻ بعد کيس اهو احساس جاڳيو ته خلق خدا جي خدمت ئي هڪ وڏي
عبادت آهي، ان دوران حڪومت پاران کيس خانواهڻ شهر ۾ گورنمينٽ نوڪري ملي، جنهن کان پوءِ
سندس ڀرپاسي جي شهرن ۾ بدلي ٿي، جتي هن ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏيندي عوام الناس
کي طبي ميدان ۾ سهولتون فراهم ڪيون. هن ڪوٽڙي ڪبير کان ڪنڊيارو شهر ڏانهن هجرت ڪئي،
جتي پهچڻ بعد شهر ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ کولي، جتي شام جو پارٽ ٽائيم ۾ هو مريضن کي تپاسيندو
هو، سندس جي مريضن سان گفتگو اهڙي انداز سان هوندي هئي جو مريض کان حال احوال اورڻ
دوران هو اڌ صحتياب ٿي ويندو هو، سندس آواز ۾ مٺاس هئي، جهڙو ڏسڻ ۾ سهڻو جوان هو تهڙي
ئي سندس ڳالهائڻ ۾ اها قرب هوندي هئي، قد بت جو ڊگهو سهڻو جوان جڏهن اسپتال ۾ ويهندو
هو ته مختلف علائقن جا ماڻهو پنهنجن مسئلن، مدد لاءِ وٽس هلي ايندا هئا، جيڪو به شخص
سندس ڪنهن ڪم سانگي ايندو هو ته هو ان کي بنا چانهه پاڻي پيارڻ جي واپس نه ڇڏيندو هو،
هميشه ادا ڀائو واري نرم ۽ قرب ڀرئيو ڳالهائڻ سندس عادت هوندي هئي، چهري تي هميشه مرڪ
سجائي رکندڙ ڊاڪٽر مسعود وٽ ڪي مريض اهڙا به ايندا هئا ۽ جن وٽ ڏوڪڙ به نه هوندا هئا
پر هي اهو واحد نوجوان ڊاڪٽر هو جنهن جو پنهنجي ڪمپائونڊر اسماعيل کوسو کي اهو چئي
ڇڏيل هو ته جيڪڏهن وٽس ايندڙ مريض وٽ ڏوڪڙ ناهن ته ان کان هو زبردستي گهر نه ڪري، ڇاڪاڻ
جو عوام جي خدمت سندس اولين ترجيح هوندي هئي.
مختلف علائقن جا سياسي توڙي سماجي
تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻهو ڊاڪٽر صاحب وٽ تعاون لاءِ ايندا هئا، هو دل کولي سندن مدد
ڪندو هو، جڏهن ته عيد وغيره جي ڏينهن ۾ هو اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ غريبن، مسڪينن جي هر ممڪن
هوندو هو، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن هن ڪنڊياري شهر ۾ پنهنجي پٽ جي نالي سان (حسام) ميڊيڪل
سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ته هن اهو اعلان ڪيو ته هو هر سال مارچ جي مهيني ۾ شروع واري
ڏهاڪي ۾ عورتاڻي مخصوص بيمارين جو مفت علاج لاءِ ڪيمپ لڳائيندو، ايئن سندس موجودگيءَ
توڙي هاڻي به ان پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ هر سال مفت ڪيمپ لڳائي ويندي آهي، جتي سندس
وني ڊاڪٽر تسليم مسعود سهتو ۽ ڪراچي، حيدرآباد سان تعلق رکندر مشهور گائناڪالوجسٽ ڊاڪٽر
حصو وٺي مريضن جو آپريشن ۽ مفت دوائون فراهم ڪندا آهن، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان
غريب ۽ مسڪين ماڻهن جون عورتون آپريشن ڪرائي صحتياب ٿي وينديون آهن، جن کان ڪنهن به
قسم جي ڪا به فيس وغيره نه ورتي ويندي آهي، هن پنهنجي زندگي جي ٿورڙي عرصي ۾ ڪنڊيارو
۾ ميڊيڪل جي شعبي ۾ کوڙ ساريون نواڻ آڻي عوام کي حيدرآباد، سکر وڃڻ کان بچائي ڇڏيو
هو، هن جديد سهولتن سان وابسته ڪمپيوٽرائزڊ ليبارٽري، الٽرا سائونڊ مشين، نجي ڪمپنين
جو ميڊيڪوز ۽ ميڊيڪل سينٽر جو قيام عمل ۾ آڻي ڄڻ ته هتان جي عوام کي گهر ويٺي سستو
۽ بهتر معياري علاج فراهم ڪري ڏنو هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس قائم ڪيل ميڊيڪل سينٽر
۾ نوشهروفيروز، خيرپور ۽ ٻين ڏورانهن علائقن مان مريض هتي علاج لاءِ پهچندا آهن، سنڌ
گريجوئيٽس ايسوسيئيشڻ (سگا) جي پليٽ فارم تي رهي ڪري به ڊاڪٽر مسعود علائقي ۾ کوڙ سارا
فلاحي ۽ ڀلائي وارا ڪم ڪرايا، هن سگا جي پليٽ فارم تي رهي عورتن لاءِ پڻ روزگار جا
ذريعا پڻ فراهم ڪيا، جنهن تحت عورتن کي سلائي مشين سميت هٿ جي هنر جي سکيا ڏني ويندي
هئي، جنهن تي مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو گهرن ۾ روزگار ڪرڻ لڳيون، ان کان علاوه همدرد
انسان ويلفيئر ايسوسيئشن به سندس قائم ڪيل ادارو آهي، جڏهن ته ساهتي اسڪول به سندس
محنتن جو نتيجو آهي جتي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي اولاد کي تعليمي ماهرن جي نگراني هيٺ
مناسب فيس تي تعليم ڏني ويندي آهي.
صوفياڻي راڳ سان محبت رکندڙ ڊاڪٽر
هر سال مارچ جي مهيني ۾ لڳائيندڙ مفت ڪيمپ ۾ صوفياڻي فنڪارن کي گهرائيندو هو صوفياڻو
ڪلام ٻڌي روح کي راحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو، سندس وٽ کو سارا اهڙا به ماڻهو ايندا هئا
جن جا ڊاڪٽر مسعود جي واسطيدار ماڻهن ۾ ڪم ڪار هوندا هئا، ڊاڪٽر کين خط پٽ به لکي ڏيندو
هو، سندس اها سوچ هوندي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن انسان جو مون ۾ ڪم پيو آهي ته الله جي مهرباني
آهي ۽ هاڻي مون تي اهو فرض ٿو ٿئي ته مان وس آهر سندس جائز ۽ ممڪن مدد ڪيان.
ثقافتي ۽ ادبي سنگت جا دوست مختلف
ضلعن ۽ شهرن کان ڊاڪٽر وٽ پهچي ويندا هئا ۽ دعوتناما کڻي تعاون لاءِ عرض ڪندا هئا،
ڊاڪٽر جا توڙي جو اڪثر ايندڙ ماڻهو غير واسطيدار هوندا هئا پر هو انهن کي پنهنجي حيثيت
آهر ضرور مدد ڪري پوءِ کين روانو ڪندو هو، سندس ڪلينڪ جي ٽيبل تي ڪارڊن ۽ دعوتنامن
جي ٿهي (ڍير) هر وقت پيل هوندي هئي، ڊاڪٽر مسعود ڊاڪٽرن جي تنظيم پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن (PMA) ضلع نوشهروفيروز جو ڪيترائي
دفعا صدر به رهي چڪو، ڊاڪٽر هڪ شخصيت نه پر هڪ ادارو هو، هو مختلف ماڻهن جا مسئلا ٻڌي
انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ڊاڪٽر مسعود جهڙي ريت پاڻ سخي هئو ساڳي طرح سان سندس
دسترخوان به هميشه ڪشادو هوندو هو، سندس وٽ فقير، غريب، محتاجن جي رش هوندي هئي، ڪي
شخص ساڻس ڪلينڪ تي ملاقات ڪري عرض ڪندا هئا ته سائين اسان مسڪين آهيون، محتاج آهيون،
اسان جا ٻچا بک تي ويٺل آهن، اسان جي مدد ڪريو، ڊاڪٽر کين فوري طور مالي طور مدد ڪندو
هو.
هن پنهنجي سموري حياتي، غريب انسانيت
جي مدد ۽ ڀلائيءَ لاءِ پتوڙي ڇڏي. ڊاڪٽر مسعود سهتو ۲۳ هين آڪٽوبر ۲۰۰۹ع تي ڪراچي جي اسپتال
۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا