; سنڌي شخصيتون: جيجي زرينہ - مهراڻ درس

25 October, 2012

جيجي زرينہ - مهراڻ درس


جيجي زرينہ
ڌرتيءَ سان نينھن نڀائيندڙ جيجي
مهراڻ درس
سنڌ جي سرزمين فطرت جي سمورين حسناڪين سان مالا مال رهي آهي، جڏهن تاريخدان جنگين جي ميدانن ۾ جهيڙيندڙ بهادر سپهه سالارن جي ڳڻپ ڪن ٿا ته يقينن سنڌ جا سورما سوين بهادريءَ جي خوبين سان ٽمٽار نظر اچن ٿا، جڏهن ادب ۽ شاعريءَ جي کيتر جي کاهوڙين جي پرچار ڪئي ويندي تڏهن سنڌيڙيءَ جي ڀٽ ڌڻيءَ درازن جي سچوءِ ۽ شيخ اياز جهڙن فڪر انگيز شاعرن جو قد سمورن کان مٿانهون محسوس ٿيندو، اهڙيءَ طرح جڏهن دنيا جي سازن ۽ سرن ۽ ڪلاڪارن جي ڪلا جو ذڪر ٿيندو، تڏهن ڀٽائيءَ جو تنبورو، چنگ، مرلي، ٻين سميت اهي ساز جيڪي هٿن جي آڱرين ۽ ڦوڪ سان سريلا سر ڇيڙين ٿا ته داناءَ به دنگ رهجي وڃن ٿا.


سازن ۽ سرن کي پنهنجي گلي جي آواز سان سلهاڙي جڏهن فنڪار آلاپيندا آهن تڏهن اهي سر ساز ۽ آواز روح جي غذا بڻجي پوندا آهن. ان روح جي غذا کي جلا بخشيندڙ دنيا جي فنڪارن جي ڳڻپ ۽ ڳولا ڪبي تڏهن سنڌ جي سريلن راڳين جي هڪ ڊگهي مالها جڙي پوندي، جيڪي سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ سريلا ۽ سيبتا لڳن ٿا، اڄ ان مهان راڳڻ جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، اها سنڌ جي ڪوئل جنهن کي سڄي سنڌ احترام وچان جيجي جي عظيم رشتي سان ياد ڪري ٿي، ها اها جيجي زرينه بلوچ جيڪا ۱۲ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي حيدرآباد جي ڳوٺ الهداد چنڊ جي رهواسي محمد موسيٰ جلالاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. محمد موسيٰ پنهنجي لاڏليءَ تي پيار منجهان آمنہ نالو رکي، ڳڙ ۽ مٺايون ورهايون. ميونسپالٽيءَ جي ملازم محمد موسيٰ، پنهنجي هن نياڻيءَ کي آڱر کان وٺي اسڪول آندو، جتي جيجي تعليم جي روشنيءَ سان منور ٿيڻ لڳي.
جيجي زرينه ۱۹۶۰ع ڌاري فائينل جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۶۳ع ۾ کيس ماستريءَ جي نوڪري ملي، جيڪا پاڻ ۳۸سال ايمانداريءَ سان بجا آڻيندي رهي. جيجيءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان پاران ڪرايل نون فنڪارن جي مقابلي واري پروگرام ۾ حصو ورتو. جتي جيجيءَ پنهنجي پاڻ تي فرضي نالو زرينه رکيو، جيڪو اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻيو. جيجي زرينه بلوچ کي، راڳ جي سکيا ڏيندڙ استاد، سنڌ جو ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن هو. جيجي زرينه بلوچ جي شخصيت ۾ وڌيڪ نکار تڏهن آيو، جڏهن پاڻ ۱۹۶۴ع ۾ پنهنجي جيون ساٿيءَ جو سڳو، ملڪ جي مشهور سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجو سان سلهاڙيو. جنهن کان پوءِ پاڻ، دنيا جي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لڳي ۽ ان علمي ڄاڻ جي نتيجي ۾ جيجيءَ تنهنجي ڳولا، تنهنجون ڳالهيون، جهڙي بهترين ڪهاڻين جا ڪتاب کي تخليق ڪيو.
جيجي زرينه سنڌ سان بي انتها محبت ڪندڙ عورت هئي، جنهن لوڪ گيتن ۽ سهرن سان گڏ، اهڙا ته قومي گيت ڳايا جو نوجوان نسل ۾ قومي تحريڪ ۽ ڀرپور حصو وٺڻ جو جذبو پيدا ڪيو. جيجي زرينه جا لوڪ گيت؛ منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مان پاڻيءَ تي ٿي وڃان، تمام گهڻا مشهور ٿيا. قومي گيتن ۾ جيئي سنڌ، ۽ ٻيا ڪيترا ئي قومي گيت مشهور ٿيا ۽ انهن ننڊ پيل جهان کي جاڳائي ڇڏيو. جيجي زرينه هڪ ئي وقت بهترين استاد، بهترين گائڪہ، بهترين ليکڪہ، بهترين صداڪاره، بهترين اداڪاره ۽ بهترين سياسي ورڪر هئي. قدرت طرفان چند خوش نصيب ماڻهن کي اهڙيون خوبيون ڀاڳ ۾ عطا ٿينديون آهن. جيجي زرينه جيڏي پاڻ قداور شخصيت هئي، اوترو ئي سندس گهر ۾ پليل اولاد سنڌ ۾ مڃتا ماڻي رهيا آهن. ضياءَ جي ظلم خلاف، سڄي ملڪ جي باغين سان سنڌ جا باغي سلهاڙيل هئا پر سموري ملڪ جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهندڙ سنڌ جي اها بهادر نياڻي اختر بلوچ هئي، جنهن حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي، ڊڪٽيٽر ضياءُ کي للڪاريو هو ۽ گرفتاري پيش ڪري، اسير بڻي هئي! انهيءَ کان علاوه سنڌ ۾ جڏهن به ۽ جتي به ڪو قومي ڪاڄ ٿيندو هو ته هوءَ قومي تحريڪ جي سفير بڻجي اتي پهچندي هئي ۽ قومي ڪارڪنن ۾ جوش ۽ جذبي جا طوفان برپا ڪري ڇڏيندي هئي.! جيجيءَ جي وڇوڙي کي ۶ سال گذري چڪا آهن پر ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن آهي. سندس طبعي وڇوڙو ضرور ٿيو آهي، پر روحاني طور هوءَ به اسان سان گڏ آهي. 

No comments:

راءِ ڏيندا