; سنڌي شخصيتون: الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر - اڪبر درس

03 October, 2012

الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر - اڪبر درس


الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر
اڪبر درس
سنڌ ڌرتي هونئن ته سوين بهادرن کي جنم ڏنو، انهن مان هڪ الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر جو نالو سرفهرست آهي. پاڻ ۱۹۲۰ع حيدرآباد ۾ پيدا ٿيا. مير صاحب جو نالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به زنده جاويد آهي. پاڻ بنيادي طور مزدورن جا رهنما هئا. پر ملڪي سياست ۾ جڏهن بهرو ورتائون ته سڀني سياستدانن کي پوئتي ڇڏي ويا.
ورهاڱي کان پوءِ آيل مسلمان ڀائرن جي آڌر ڀاءُ ۽ کين رهائش جون سهولتون فراهم ڪري ڏيڻ سندن پيٽ، ڪپڙي، لٽي جون ضرورتون پوري ڪري ڏيڻ، روزانو سوين ديڳون ٽنڊي مير محمود ميرز بنگلوز مان تيار ڪرائي ريلوي اسٽيشن تي پهچرائي پنهنجو حق مسلماني ادا ڪرڻ، جنهن جا هزارين اردو ڳالهائيندڙ جا بزرگ گواهه آهن ته ورهاڱي وقت محموداڻي ميرن جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان جو ڪو مثال ئي نه آهي.


مير رسول بخش خان ٽالپر بلدياتي اليڪشن کان پنهنجي سماجي سياست جي ابتدا ڪئي. جنهن بعد سنڌ ۽ ملڪ جي سياست تي ڇائجي ويو.
پاڻ فاطمه جناح جو ساٿ ڏيئي ايوب آمر آڏو نه جهڪيو ۽ نيٺ ايوب کي پنهنجا گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ڪيائون ۽ نيٺ ايوب مان قوم کي نجات ملي. هن ملڪ جو باشعور عوام ڄاڻي ٿو ته مير رسول بخش خان ٽالپر حقيقتن شير سنڌ هو، جنهن جو ننڍو مثال نواب نوروز خان جي شهزادن کي  ايوب دور اندر حيدرآباد سينٽرل جيل اندر ڦاهيون ڏنيون ويون ته ڪو ماڻهو لاشن کڻڻ جي لاءِ تيار نه هو پر اهو بهادر مير رسول بخش خان ٽالپر جو ٽنڊو مير محمود کان گاڏيون کڻي حيدرآباد سينٽرل جيل پهتو. بلوچ شهزادن کي پنهنجي ڪوٽ مان بيبين پنهنجا رکيل ڪفن جيڪي آب زم زم ۾ مس ٿيل هئا شهزادن جي نذر ڪيائون ۽ مير صاحب کي چيائون ته اهي ڪفن اسان پنهنجي لاءِ رکيا هئا پر پهريون حق انهن بلوچ شهيدن شهزادن جو آهي انهن کي اهي ڪفن پهرايا وڃن.
وڏي شان شوڪت سان شهزادن جون ميتون بلوچستان پهتيون ته انهي ڏينهن بلوچ قبيلن جي سردارن الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر کي پنهنجي جرڳي جو ميمبر منتخب ڪيو.
الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر کي اهو به اعزاز آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد ٽنڊي مير محمود ۾ پيو. اتي ئي جهنڊي جي تشڪيل ۾ مير صاحبان جي تجويز کي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پارٽي جي سرگرم اڳواڻن تسليم ڪيو ته هن ملڪ جي عوام کي اهو به ياد رکڻ گهرج ته جيڪا تلوار جهنڊي تي ۽ انتخابي نشان به ٽنڊي آغا جي هڪ مرزا ذوالفقار علي ڀٽي کي ميرزا بنگلوز ۾ بطور تحفي آڻي ڏني. جيڪا پارٽي جي نشاني آهي. ياد رهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڏينهن جا ڏينهن ٽنڊو مير محمود ۾ پارٽي جي تشڪيل لاءِ گڏجاڻيون ڪندو هو. هنن ٻنهي ڀائرن جي سياست جو ڪو ملهه ئي نه هو بااصول ديانتدار اصول پسند سياستدان جن تي اڄ تائين ڪرپشن يا اقربا پروري جو الزام نه لڳو آهي. گورنر به رهيا وزير به رهيا ۽ سينئر وزير به رهيا. مير اڄ به مائيٽاڻي ملڪيت تائين محدود آهن. سادو کائڻ سادو پائڻ، سندن سادگي قابل تحسين هئي. واهه اي محموداڻي مير هن ڌرتي جي سکن جا فقير واهه، تنهنجو ايمان واهه تنهنجي گرج واهه، تنهنجي گجگوڙ، تحقيق هن دور جي انسانيت تي توکي ياد رکڻ فرض ٿئي ٿو.
۱ مئي ۱۹۸۲ع ۾ هن مهان شخص هن فاني دنيا  لاڏاڻو ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا