; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر خان محمد پنهور - عبدالمجيد پنهور

29 October, 2012

ڊاڪٽر خان محمد پنهور - عبدالمجيد پنهور


ڊاڪٽر خان محمد پنهور
سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار
عبدالمجيد پنهور
ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن،. سندس محبتون ۽ گُڻَ   اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ  قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي.


هن کي سنڌ جي مشاهيرن سان ته ڄڻ عشق هئو ۽ ان جو وڌيڪ احساس هن کي معاشري جي بي حسي وڌيڪ احساس ڏياريندي هئي. ان جي ڪري ئي هن شيخ عبدالمجيد سنڌي سان وڌيڪ تعلق جوڙيو. شيخ صاحب برِصغير جي سياست جو سرواڻ هئو پر انتهائي سادو ۽ سٻاجهو انسان هئو. شيخ سنڌي ڊاڪٽر پنهور جو رول ماڊل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. شيخ صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي هلندي ڊاڪٽر پنهور صحافت کي ئي پنهنجو مشن بڻايو. هن سياست بجاءِ سماج سڌارڪ طور معاشري ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙيو. سندس چوڻ هئو ته سياست اسان جهڙن ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي. هن سِگا ۾ پڻ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ سِگا ۾ سرگرمين دوران سندس مَحور ۽ مرڪز عام ماڻهن جي تعليم ۽ انهن ۾ سجاڳي رهيو. صحافت هجي يا سماجي خدمتن جو شعبو، ڊاڪٽر پنهور ٻنهي شعبن سان ڀرپور نموني نڀايو. وسيلن جي اڻهوند، ماڻهن جي بيجا اختلافن ۽ تنقيدن جي باوجود ڊاڪٽر پنهور بنا ڪنهن سان شڪايت ڪرڻ جي خدمت واري پنهنجي ڌُن ۾ اڳ کان اڳرو رهيو. ڪامورو  ٿيڻ جي بجاءِ هن استاد ٿيڻ کي ترجيح ڏني. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو. صحافت جي نامياري استاد پروفيسر ذڪريا ساجد چواڻي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ٿيڻ سان سنڌ جي نوجوانن کي صحافت پڙهڻ ۽ سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو  ملي سگهيو. اهڙي ريت سماجي شعبي ۾ ڊاڪٽر پنهور اتساهه ۽ نواڻ پيدا ڪئي. هن عام ۽ باشعور ماڻهن کي سماجي ڪمن لاءِ همٿايو.
هڪ طرف هن جي تجويز تي سِگا جي پيلٽ فارم تان صحت جو سال، تعليم جو سال، ساهت سال،  ڳوٺ سڌار سال ڪري ملهايو. صحت سال جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون. وڏن  فزيشن ۽ سرجن انهن ڪئمپن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ۽ انهن کي دوائون ڏنيون. تعليم جو سال ملهائڻ لاءِ ڊاڪٽر پنهور سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهتو. ان سان ماڻهن ۾ تعليم لاءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ پيدا ٿي. ڳوٺن جي ماڻهن پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. سنڌي ساهت سال ۱۹۸۱ع ۾ سنڌي اخبارن  خاص نمبر شايع ڪيا، نوان ڪتاب شايع ٿيا ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نئون اتساهه پيدا ڪيو. ۱۹۸۲ع ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد رکيو. ڳوٺ سڌار جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر پنهور هر ڳوٺ ۾ ويو. سندس ڳوٺاڻي ترقيءَ جي جذبي سنڌ جي هر ٽهيءَ کي ته اتساهيو پر سنڌ جي بزرگن هن سجاڳي واري ڪم ۾ عملي طور حصو ورتو. ڊاڪٽر پنهورپنهنجي ساٿين ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، روشن ٻگهيو، رسول بخش گچيرائي ۽  اسان جهڙن ننڍڙن ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ سماج جي ترقي واري قافلي ۾ هر شعبي جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ سندس وڏو ڪمال هئو. ڊاڪٽر پنهور سڀني ڪمن لاءِ ٽيم ٺاهيندو هئو پر هو پاڻ به سڄي عمر هڪ ورڪر رهيو. هڪ سادو، سٻاجهو، اتساهيندڙ ۽ محنتي ماڻهو ۽ اهڙو ماڻهو جنهن جي اسان کي ،اسان جي سماج کي  کوٽ محسوس ٿيندي رهندي. هو سڀني جو دوست ۽ همدرد هئو ۽ سڀ کيس پنهنجو سمجهندا هئا. هن جو پنهنجي دوستن سان سدائين محبت ڀريو ورتاءُ هوندو هئو، اهو ڀلي سڪندر ميمڻ هجي يا شمشير، هدايت يا تاجل هجن. دوستن سان دوستي جي حوالي سان هڪ واقعي بابت ٻڌائيندو هلان ته: ڪجهه دوستن اسلام آباد  ۾ سندس ڪم بابت سخت اختلاف ڪيو ۽ ايتري تنقيد ڪئي جو هو ٻارڙن وانگر روئي پيو هئو، پر ان جي باوجود مون کي خبر  آهي ته هو سدائين انهن دوستن سان ساڳي عزت ۽ محبت سان هلندو هئو. سنڌيونيورسٽي ۾ نوڪري دوران پڻ هن کي الاهي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. پر ان جي باوجود  هن ان تڪليف جو جواب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري ڏنو. سنڌي صحافت  کي سنڌي سماج  جي ترقيءَ جو اهم مورچو سمجهندو هئو. جڏهن سنڌي رسالن ۽ اخبارن جا اشتهار بند ٿي چڪا هئا ته ڊاڪٽر پنهور سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي جماعت ٺاهي، سنڌي صحافت تي سيمينار ڪرايا. سنڌي صحافت  ۾ سنڌي ڪمپيوٽر جي استعمال جي سلسلي ۾  سنڌي صحافت تي ٿيل سيمينار کان شروعات ٿي هئي. انهيءَ سيمينار لاءِ مهتاب اڪبر راشدي جي سربراهي ۾ سنڌالاجي پاران تاريخي سنڌي اخبارن جي نمائش لڳائي وئي هئي، جڏهن ته ماجد ڀرڳڙي جنهن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، ان سنڌي ڪمپوزنگ تي پريزنٽيشن ڏني هئي . ڊاڪٽر پنهور جي ڪم ۾ سچائي هئي. هو اڪيلي سِر هڪ اداري جو ڪم ڪندو هئو. سندس ڪم مان ائين لڳندو هئو ته هو اڪيلو شخص نه پر هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي. هن ۾ ماڻهن کي سيکارڻ جو هڪ ڏانءُ هئو. ڊاڪٽر پنهور ادارن ٺاهڻ ۾ ۽ ٽيم ٺاهڻ ۽ ٽيم کي گڏجي کڻي هلڻ ۾ تمام گهڻو يقين رکندو هئو.  سندس گهڻ پهلوئي سرگرمين جو بنيادي مقصد سنڌجي ماڻهن ۾ سجاڳي  پيدا ڪرڻ، ٻڌي پيدا ڪرڻ، انهن کي سماج لاءِ اتساهڻ هئو. هو هڪ عملي ماڻهو هئو. سندس هر عمل ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم لاءِ ئي هوندو هئو. ڏهه سال مسلسل بيماري ۾ رهڻ جي باوجود نه هن ۾ سماج مان  ڪا نا اميدي پيدا ٿي ۽ نه ئي ڪڏهن هن کي سماج سڌارڪ يا استاد هجڻ تي پاڻ کان ڪنهن قسم جي شڪايت. ڪڏهن ڪڏهن معاشري جي بي حسي جي ڳالهه نڪرندي هئي ته ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ سندس اکين جي ڪنڊ مان ڳوڙها ڪري پوندا هئا. سنڌ ۾ ڊاڪٽر پنهور جون خدمتون سدائين ياد رهنديون هيون، هو سنڌ جو خاموش خدمتگار هو.

No comments:

راءِ ڏيندا