; سنڌي شخصيتون: خانبهادر حسن علي آفندي

29 October, 2012

خانبهادر حسن علي آفندي


خانبهادر حسن علي آفندي
[۱۸۳۰ع – ۱۸۹۶ع]
خانبهادر حسن علي آفندي ولد ميان محمد احسان آخوند ، ۱۴ ربيع الاولد ۱۲۴۶ هه مطابق ۷ آگسٽ ۱۸۳۰ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي پدري شفقت کان محروم ٿيو؛ جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، اميد عليءَ جي هٿ هيٺ تعليم پرائڻ لڳو. ان وقت جي رواج مطابق، پهريائين شهر جي کتابخاني مان قرآن پاڪ ناظران سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جو درس به ورتائين.


پاڻ ڀري ٿيڻ سان، روزگار جي تلاش ۾ سرگردان رهيو، آخر جهرڪن جي ڀرسان، ويهن روپين جي پگهار سان راڄي نظاماڻيءَ ۾، هڪ زميندار وٽ منشي مقرر ٿيو. ستت ئي کيس نوشهري فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي دفتر ۾ سرڪاري ملازمت به ملي ويئي. هوڏانهن سندس وڏي ڀاءُ کي، اها اڻ تڻ هئي، ته ڪيئن به ڪري حسن عليءَ کي انگريزي پڙهائجي، ته جيئن سندس مرتبو وڌي. پاڻ اڃا انهيءَ شش و پنج ۾ هو، ته هڪ عيسائي دوست وٽ ڪهي آيو؛ جنهن جي رفات سان، ڀاءُ کي انگريزي تعليم ڏيارڻ جو مونجهارو به حل ڪيائين.
خدا مالڪ آهي، جنهن کي چڱو گهري، ته سندس سڀ سعيا ستت ئي ساب پون ٿا. هينئر حسن علي به انگريزي ٻوليءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪري ورتي، پوءِ ته ڪنهن اعليٰ عهدي لاءِ، پهريائين ڪوٽڙيءَ ۾ آگبوٽن واري آفيس ۾ ڪلارڪ ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي ضلعي ڪورٽ ۾ سرشتيدار ۽ ترجمان مقرر ٿيو. ڪورٽ جي ڪار گذارين ۾، ڏينهون ڏينهن سندس ڏيٺ ويٺ وڌي ؛ جنهنڪري ڪيترن ئي وڪيلن ۽ ججن سان واقفيت وڌيس. ساڳئي وقت روزانو وڪيلن جي تقريرن ٻڌڻ سان قانون جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو کيس شوق جاڳيو. پوءِ ته پنهنجي خداداد لياقت ذريعي، هوشياريءَ اورچائيءَ ۽ حاضر جوابيءَ سان ڪافي ڪجهه پرائي ورتائين. ان وقت جو وڏو جج، مسٽر مڊلٽن، سندس هوشياريءَ کان خوب متاثر ٿيو. جنهن سواءِ امتحان ڪرڻ جي، کيس ”وڪالت“ ڪرڻ جو اجازت نامون ڏنس.
وڪالت جي سند (Degree) ملڻ سان، حسن عليءَ پهريائين حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي. ان مان وڏو ناماچار ڪڍيائين. ان وقت جي سرڪار سندس اورچائيءَ، ذهانت ۽ هوشياريءَ سببان، کيس ”سرڪاري وڪيل“ بڻائي، ڪراچيءَ آندو ويو، جنهن عهدي تي لڳاتار چوڏهن سال رهي، پنهنجي قابليت جا جوهر جرڪايائين. ۱۸۸۱ع ۾ ڪراچي ميونسپل جو ڪائونسلر ٿيو – ۱۸۹۱ع ۾ سنڌ جي زميندارن پاران بمبئيءَ ڪائونسل ۾ نمائندو به مقرر ٿيو.
حسن علي، مسلمانن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. پاڻ مسلمانن کي تعليمي، اقتصادي، توڙي سماجي لحاظ کان پوئتي ڏسي نه پئي سگهيو. سوچيائين، ته انگريزي تعليم کان سواءِ مسلمان هرگز ترقي ڪري نه سگهندا. اهو ئي سبب هو، جو پاڻ اڳ ۾ ٿي، ۱۶ مارچ ۱۸۸۴ع تي ”مجمع محمدي“ نالي ۶۳ ميمبرن تي مشتمل هڪ تعليمي جماعت قائم ڪيائين، ان جماعت تحت مسلمانن جي مالي مدد ڪري، کين انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ خوب همتائڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو جو سندس سموريون ڪوششون مسلمانن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيون ۽ مسلمان ترقيءَ ڏانهن تيزي سان گامزن ٿيڻ لڳا.
افسوس حياتيءَ کيس مهلت نه ڏني، جنهن ڪري هي قومي درد رکندڙ انسان، ۲۱ شوال ۱۳۱۴ هه مطابق ۲۰ نومبر ۱۸۹۶ع تي گذري ڪري ويو. سندس وفات تي هزارين مسلمانن ڏک جو اظهار ڪيو. هينئر حيدرآباد جي سرزمين ۾، حسن علي آفندي، ابدي ننڊ ۾ ستل آهي .
آفندي، هڪ کلمک ۽ هر دلعزيز انسان هو. هميشہ وٽس امير خواه غريب لاءِ دل جا دروازا کليل هئا. سندس رازدان ۽ ٻانهن ٻيلي ساٿي، مولوي الله بخش ”اٻوجهو“ (وفات ۱۹۰۱ع) ۽ شمس الدين ”بلبل“ (وفات ۱۹۱۹ع) هئا. صوم صلوات جو بالڪل پابند هو، ايتري قدر جو سفر دوران وضوءَ لاءِ ڪوئنرو ۽ قبله سڃاڻن لاءِ قطب نما به ساڻ هوندو هوس. صوفي منش به هڪڙو ئي هو. مطلب ته، آفندي مرحوم اميراڻي لباس ۾ فقير دل مومن هو. سندس ياد ۾ عوام لاءِ ڪافي سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي سوسائٽيون قائم ڪيل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا