انجنيئر امام علي سومرو
ساهتي پرڳڻي جو روشن تارو
پروفيسر محمد هارون سومرو
هر ماڻهو جي پنهنجي عليحده سڃاڻپ ٿئي ٿي. هو پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان سڃاتو
وڃي ٿو. ماڻهوءَ جو جهڙو ڪردار ۽ عمل هجي ٿو، سندس شخصيت جو عڪس به ماڻهن جي ذهنن
۽ دلين ۾ اهڙو ئي جڙي ٿو. زندگيءَ جو حقيقي حسن اهو آهي ته ماڻهوءَ جو جسم يا سندس
هڏا به خاڪ ٿيو وڃن پوءِ به ماڻهن جي دلين تي اهڙا نقش چٽي وڃي جو سندس نالو کڻڻ سان
ئي احترام وارا جذبا ڪر کڻي سندس لاءِ عزت ۽ عظمت جو مينار بڻجن.
ڪي ڪي ماڻهو، الله سائين جي طرفان انمول تحفو ٿيندا آهن. بنا ڪنهن وڌاءَ
جي جنهن ماڻهو جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، اهو به الله سائين جي طرفان هڪ تحفو هو. جنهن
پنهنجي محنتن، ڪوششن ۽ ڪاوشن وسيلي هند سنڌ ۾ پنهنجي مڃتا ڪرائي.
ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ احترام لائق سائين عبدالله سومري جي گهر
۾ امام علي سومري ۱۴ فيبروري
۱۹۳۷ع تي جنم ورتو. هي سندس ٽيون نمبر پٽ هو. سنڌ جي روايتن
موجب خاندان جي سڀني گهر ڀاتين اتفاق راءِ سان سندس نالو رکيو ۽ چون ٿا ته هن خوشنصيب
ماڻهو جي جنم ڏينهن کي باقاعده ملهايو ويندو هو ۽ گهر ڀاتين طرفان خوشي جو اظهار ڪيو
ويندو هو.
امام علي سومري صاحب جي ننڍپڻ کان تعليم ۽ تربيت سندس والد صاحب جي طرفان
ٿي. سندس والد صاحب يعني عبدالله سومري جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. هي آرٽسٽ
ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ نهايت نهٺو، نماڻو، غريب پرور ۽ شاگردن جي لاءِ ٻاجهه رکندڙ هو.
ورهاڱي جي اوچتي حادثي وقت انتهائي حوصلي، همت ۽ قربانين سان علمي ميدان
۾ ڪڏي ڪاهي پيو. هن مجاهد پاڻ ارپڻ واري جنهن جذبي تحت جيڪو ڪردار نڀايو انهيءَ جو
ڪو مثال نه ٿو ملي. هُن محترم قاضي غلام عليءَ جو ٻانهن ٻيلي ٿي، رات ڏينهن محنت ڪري،
هاءِ اسڪول ٺارو شاهه کي ساڳئي اوج تي رسائڻ ۾ ڪردار نڀايو، ان کي نظر انداز نه ٿو
ڪري سگهجي. هن ماڻهو جي پوري زندگي غريب شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ ۽ منجهن حوصلو پيدا
ڪري عزت ۽ عظمت جي بلندين تي پهچائڻ مقصد رهيو. امام علي خوشنصيب چئبو جو سندس والد
محترم ايتري مهانتا رکندڙ هو ۽ سندس تربيت به اهڙي ماحول ۾ ٿي.
امام علي سومري ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ٺارو شاهه ۽ سيڪنڊري تعليم
هاءِ اسڪول ٺارو شاهه مان حاصل ڪئي. حقيقت جي نظر سان ڏسجي ته شاگردن کي سٺا ۽ محنتي
استاد ملڻ ئي الله سائين جي طرفان نعمت هوندي آهي. امام علي صاحب کي به اهڙا استاد
مليا. جن جي توجهه ۽ ٻاجهه جو هٿ هجڻ سبب سندس زندگي سهڻي ۽ وڻندڙ رهي. امام علي پنهنجي
ڪلاس فيلوز ۽ استادن جي نگاهه ۾ عزت ۽ عظمت وارو رهيو. هو پرائمپر کان فرسٽ ايئر تائين
پوزيشن هولڊر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. بدقسمتي سان انٽر جي پڙهائي دوران
سندس والد جي وفات ٿي وئي جنهن سندس زندگيءَ تي منفي اثر ڇڏيا ۽ انهيءَ عرصي دوران
مالي وسيلن جي اڻ هوند سبب سخت پريشاني ۽ اضطرابي ڪيفيت ۾ رهيو. ليڪن هن همت نه هاري
۽ فيصلو ڪيائين ته هن کي هر حالت ۾ پنهنجي زندگيءَ جو تعليمي سفر جاري رکڻو آهي.
الله تعاليٰ، مسب السباب آهي. جڏهن بندو، الله سائين تي ڀروسو رکي ڪنهن
نيڪيءَ جي عمل ۾ همت ڪري ٿو ته ”همت بندا، مدد خدا، ضرور حاصل ٿئي ٿي. سومري صاحب جي
مدد لاءِ انسانيت جو همدرد هڏ ڏوکي ٺارو شاهه جو رهاڪو ڊاڪٽر قادري اڳتي آيو، جنهن
سندس ماهوار وظيفو مقرر ڪيو. جنهن کانپوءِ امام علي صاحب کي ٻيهر هماليه جيڏو حوصلو
ملي ويو. انهيءَ بعد هڪ ٻئي محسن جي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ڪنڊياري جو شاهنوار پيرزادو
به ذهين شاگردن کي اسڪالر شپ ڏئي پڙهائڻ جو جذبو رکندڙ هو. سندس طريقو هي هو جو هيڊ
ماستر صاحبان کان ذهين شاگردن جي لسٽ وٺي اسڪالر شپ منظور ڪري انهن کي تعليم ڏياريندو
هو. هن صاحب به امام علي سومري صاحب ۽ راقم الحروف جي ماهوار ۲۵ رپيه اسڪالر منظور ڪئي جيڪا
اسان کي سال ۱۹۵۳ع کان ۱۹۵۵ع تائين ملندي رهي. امام علي صاحب انٽر جو امتحان ڊگري ڪاليج ڪاري موري
حيدرآباد مان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو. سول انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن جي ڊگري اين اي
ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان حاصل ڪئي.
امام علي سومرو صاحب مون کان درجي ۾ هڪ سال پوئتي هو. حقيقت ۾ دوستي جو
تعلق ۽ انهيءَ جي اهميت مون هن کان سکي. هو پنهنجي والد جي هڪ ويجهي دوست سيشن جج غلام
رسول سومري جي بنگلي ۾ رهندو هو. انهيءَ وقت مون وٽ رهائش جي سهولت نه هئي هن دوستيءَ
جو حق ادا ڪندي منهنجي ساٿ ۾ بنگلي کي ڇڏي مون سان گڏ سرونٽ ڪوارٽر ۾ رهڻ پسند ڪيو.
هن ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. هميشه حق جي ڳالهه
جي پاسداري ڪندي خودداريءَ سان زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏني. زندگيءَ ۾ نقصان کائڻ ته
برداشت ڪيائين ليڪن حق جي ڳالهه تان تر جيترو به نه هٽيو. ايتري تائين جو هن ڪڏهن پنهنجي
نوڪري جي پرواهه به نه ڪئي. سندس چواڻي ته؛ ”عزت ۽ ذات جو مالڪ الله سائين آهي. مان
نوڪري جو محتاج نه آهيان، نوڪري منهنجي زندگي جو معراج نه آهي. عزت سان زندگي گذارڻ
۽ اصولن تي قائم رهڻ، حق جي پاسداري ڪرڻ، انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۽ غريب، مفلس ماڻهن جي
سهائتا ڪرڻ اصل ۾ زندگيءَ جو معراج آهي.“
سومرو صاحب بي اِي پاس ڪرڻ کانپوءِ آبپاشي کاتي ۾ ڊرافٽس مين جي حيثيت
۾ مقرر ٿيو. جتي ڪجهه عرصو نوڪري ڪرڻ کان پوءِ مطمئن نه ٿيڻ سبب استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين
بعد ۾ سندس مقرري بدني ٺٽو ضلعن جي روڊس کاتي ۾ انجنيئر طور ٿي جتي ڪافي عرصو خدمتون
سرانجام ڏيندو رهيو. نوڪريءَ دوران کيس شوق جاڳيو ته ڇو نه پي آءِ اي ۾ انجنيئر ٿجي.
جلد ئي سندس اهو شوق به پورو ٿيو. سومري صاحب جي پي آءِ اي ۾ پهرين پوسٽنگ ڍاڪا يعني
اوڀر پاڪستان ۾ ٿي. جتي پاڻ هڪ سال رهيو. بعد ۾ ڪراچيءَ بدليءَ جي ڪوشش ڪيائين پر آفيسرن
جي تعصبي روين سبب بدلي نه ٿي سگهيس نتيجي ۾ کيس نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي. اهڙي
طرح سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر به رهيو جتان پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ هيڊ
آف ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. سندس چواڻي”زندگيءَ جو هي عرصو نهايت شاندار ۽ مانائتو رهيو.
پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل سبب دلي طرح اطمينان محسوس ڪندو هئس.“
هيڊ آف ڊيپارٽمينٽ جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض نهايت احسن طريقي سان بجا آندائين
۽ هڪ مثالي استاد جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايائين شاگردن جي دلين ۾ هميشه لاءِ جاءِ ٺاهيائين.
جنهن کان پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور جو پرنسپال مقرر ٿيو. سندس هي عرصو به ٽيڪنيڪل
ڪاليج خيرپور جي حوالي سان سونهري دور سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو خيرپور جا
ماڻهو اڄ به کيس سٺن لفظن۾ ياد ڪن ٿا. هن اداري ۾ اڪثريت پنجاب جي شاگردن جي هئي. سومري
صاحب محسوس ڪيو ته سنڌ جي شاگردن جي حق تلفي ٿي رهي آهي. جنهن جي ازالي لاءِ هن ٻهراڙيءَ
جي ڪوٽا موجب سنڌ جي شاگردن کي ترجيحي بنيادن تي داخلا ڏني ۽ سنڌ جو حلالي پٽ هجڻ جو
حق ادا ڪيو ۽ اهڙو ته بهترين انتظام هلائي سڌارا آندا ائين جو ڪاليج ۾ ڄڻ هڪ انقلاب
اچي ويو. سندس عرصي دوران ڪاليج ۾ اسيمبلي ٿيندي هئي. جنهن جي ڪري شاگردن ۾ وقت جي
پابندي ۽ حاضري بهتر ٿي. خيرپور ميرس بعد سويڊش انسٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي لانڍي ڪراچيءَ
۾ ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي سندس مقرري ٿي. هي دور به اصلاحي دور جي حوالي سان مشهور آهي.
امام علي اهو باصلاحيت ماڻهو هو جيڪو جنهن به اداري ۾ ويندو هو انهيءَ اداري کي قاعدن
۽ ضابطن هيٺ آڻي، خرابين کي جڙ کان ڪڍڻ جي مهارت رکندو هو. انهيءَ بعد سومرو صاحب ٽيڪنيڪل
ايجوڪيشن سنڌ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هن دور ۾ سندس محنت، ڪوشش ۽ جاکوڙي ڪردار سبب سنڌ
۾ ڪيترا ئي مونوٽيڪنيڪل ڪاليج کليا ۽ سندس اڻٿڪ جدوجهد وسيلي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪافي
ترقي ڪئي. جنهن جو مثال هي آهي ته هن سنڌي فونٽس سان ٽائيپ رائٽر متعارف ڪرايا. پاڻ
۳۰۰ کان
وڌيڪ ٽائيپ رائيٽر سنڌ جي مختلف ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ موڪلي ڏنا.
هي ماڻهو انتهائي بي ڊپو، بي باڪ ۽ بي غرض هو. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي
پوري زندگيءَ ۾ ڪنهن مير پير، منسٽر جي چوڻ تي ڪنهن جي به حق تلفي نه ڪئي. هن ماڻهن
کي سندن حق ۽ انصاف دروازي تي پهچائي حق پرستي ۽ انسان دوستيءَ جو ايندڙ آفيسرن لاءِ
اعليٰ مثال پيش ڪيو. هي آدرشي انسان هو جنهن ڪڏهن به ناجائز سفارش کي قبول ڪندي ڪنهن
غريب جي حق تي راتاهو نه هنيو. هن کي پنهنجي هيٺئين اسڪيل جي ملازمن لاءِ عزت هوندي
هئي. آفيس جو ڪم يا ملازمن جي ترقي ۾ ڪنهن سفارش يا لالچ تي ڪمپرومائيز نه ڪيو. انهيءَ
ڪري ئي ملازمن ۾ اڄ به کيس احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. هن پنهنجي سروس دوران ايشين
ڊيولپمينٽ بينڪ طرفان ڪافي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي دنيا جي ٻين
ملڪن ۾ به چٽو موقف رکيائين. جنهن جي ڪري ٻين ملڪن سان پاڪستان جي ويجهڙائپ قائم ٿي،
ملڪ جو نالو روشن ٿيو. اهڙي طرح هي اعليٰ آدرشي انسان ۱۴
فيبروري ۱۹۹۷ع تي پنهنجي حياتي جا ۶۰
سال پورا ڪري رٽائر ٿيو.
رٽائرمينٽ بعد پنهنجي زندگي ڪڏهن ڪراچي واري گهر ته ڪڏهن حيدرآباد واري
گهر ۾ گذارڻ لڳو. ۸ سال
اڳ هن حيدرآباد جي سٽيزن ڪالونيءَ ۾ ذاتي جاءِ نصير جماليءَ نالي شخص کي مسواڙ تي ڏني،
جنهن کيس هڪ سال تائين ته مسواڙ ادا ڪئي بعد ۾ جڳهه تي قبضو ڪري ويٺو. ڪافي اثر و رسوخ
هلائڻ باوجود جڳهه خالي نه ڪيائين. سومري صاحب کي انصاف لاءِ عدالت جو در کڙڪائڻو پيو.
هڪ ڳالهه لکندو هلان ته سندس زندگيءَ جي ڪردار ۽ عمل سبب سپريم ڪورٽ جو بيئرسٽر ابرار
الحسن سندس عملي شخصيت مان ايترو ته متاثر ٿيو، جو سندس سمورا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو.
هي ماڻهو زندگيءَ ۾ ايترو ته اصول پرست هو جو سندس چواڻي ته ”مون کي صرف ۳ دوست ملي سگهيا آهن. جن جو
احساس ايندي سمجهندو آهيان ته مان اڪيلو نه آهيان. جن ۾ انجنيئر بشير مهيسر، انجنيئر
عزيز ٻرڙو راقم الحروف سندس خاص دوست هئا.
سنڌي قوم جي هن عظيم محسن کي آخر ۾ ذهني اذيت ڏئي صدمو پهچايو ويو. جنهن
ڪري کيس فالج جو حملو ٿيو. پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس وڇوڙي جي ڪري
اسان هڪ باصلاحيت، اصول پرست، همت ۽ حوصلي واري انسان کان محروم ٿي ويا آهيون. الله
سائين جنت ۾ سندس درجا بلند ڪري... آمين.
No comments:
راءِ ڏيندا