ڊاڪٽر محمد صالح
ميمڻ
غلام نبي مغل
گذريل ويهين صديءَ ۾ سنڌ جي
سرزمين، ڪجهه هيرن موتين جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا، ڪي پنهنجي دور جا شاعر، اديب ۽
سياستدان هئا ته ڪي انسانيت جا هڏ ڏوکي هئا. اهي ٿر جي تهذيب ۽ سنڌ ملڪ جو ميٺاڄ ۽
بين الاقوامي روين جا پڻ مظهر هوندا آهن. ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ به انهن ماڻهن
منجهان هڪ هو. منجهس انسانيت جو عڪس نظر ايندو هو، ماڻڪ موتين جون خوبيون ۽ سونهن
محسوس ٿيندي هئي. هو صاحب بهار جي مند ۾ ٽڙيل ڳاڙهن گلابن جي خوشبو وانگر هو. دنيا
جو ايڏو وڏو ماڻهو هو، پر منجهس ڪنهن ٿريءَ جو املهه روح موجود هو ۽ صاف ظاهر
ٿيندو هو ته هو ماڻڪ موتي آهي، بهار جي مند ۾ ٽڙيل ڳاڙهو گلاب آهي، نماڻو ٿري به
آهي ته هڪ پروگريسو، ڪنزرويٽو ڏيپلائي به آهي، پر انهن سڀ خوبين سان گڏ هُو هڪ
سٻاجهو سنڌي به هو.
شروعاتي ڏينهن ۾ منهنجي ڊاڪٽر
صاحب سان رواجي واقفيت هئي. اسان کان گهڻو سينئر هو. پر پوءِ اڳتي هلي تعلقات وڌيڪ
گهرا ٿيا ته خبر پيم ته ڊاڪٽر صاحب منهنجي لکڻين کي گهڻي شوق ۽ اُڪير سان پڙهندو
هو ۽ آئون سندس پسند جي ليکڪن مان هوندو هوس. مون کي عجب لڳو ته سنڌ جو ايڏو وڏو
ماڻهو ۽ پنهنجي پيشي جي ڪري گهڻو مصروف ماڻهو به سنڌي ادب پڙهي ٿو! جنهن جو اسان
جي عام رواجي پڙهيل ماڻهوءَ کي ڪو شوق نه هو ۽ اهي پنهنجي وڏي ننڍي آفيسري ۾ پورا
هوندا هئا، پر ادب سنڌي توڙي ٻين زبانن جو هجي، کين ڀانءِ ڪو نه پوندو هو، شايد اڄ
به اها حالت آهي. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجيون سهڻي مخزن جي ايڊيٽر طارق اشرف سان گڏ
رهاڻيون ٿينديون هيون. آئون ڪراچي ۾ سندن ڪلفٽن واري بنگلي تي به ويندو هوس ۽ کين
خوش خرم ڏسندو هوس. پنهنجي پيشي کان سواءِ ملڪي ۽ بين الاقوامي ادب ۽ ڪرنٽ افيئرس
تي چڱو خاصو ڳالهائيندا هئاسين.
سندن ادبي ڪتاب جي جوڙجڪ، طارق
اشرف، منهنجي ئي فليٽ تي ڪئي ۽ انهيءَ ڪتاب کي نه رڳو ڇپايو، پر ڪتاب جي رونمائي
جو بندوبست ڪراچيءَ جي هڪ وڏي هوٽل ۾ اسان ئي ڪيو هو. پر انهيءَ سڄي معاملي ۾
ڊاڪٽر صاحب جي صلاح يا موجودگي ضرور گڏ هوندي هئي. انهيءَ فنڪشن جي لاءِ مون ۽
منهنجا ٻار جيجي زرينا بلوچ کي چار ڏينهن پاڻ وٽ روڪيو ويٺا هئا ۽ نهايت شان وٽان
اهو فنڪشن ٿيو هو. ڊاڪٽر صاحب نهايت خوش نظر آيو، پر آئون حيران هوس ته هيڏو وڏو
تجربيڪار ماڻهو، پر ڪتاب جو نالو هو ”مونجهارن ۾ ڦاٿل ماڻهو.“ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي
پيشي جو اعليٰ هنرمند هو، پر سندس جيءَ ۾ هڪ ٿري به لڪل ويٺو هو ۽ ڏيپلي جو دڳ دڳ
سندس رڳن ۾ محسوس ٿيندو هو.
هڪ دفعي هڪ ٿري مريض، ڊاڪٽر
صاحب وٽ علاج لاءِ آيو. ڊاڪٽر صاحب کيس ڪو نه سڃاڻندو هو. جڏهن مريض ٻڌايو ته؛ هو
ٿر مان آيو آهي ته ڊاڪٽر صاحب پهريون سوال اهو ڪيو ته؛
”ڪر خبر، هن ڀيري ٿر وٺو؟“
جواب مليو: ”ها سائين.“
ڊاڪٽر صاحب ٻيو سوال ڪيو؛ ”ٿورو
يا گهڻو؟“
مون کي انهيءَ ڊاڪٽر صاحب جي
لفظن ۾ مارئيءَ واري وطن جي سِڪ ۽ اُڪير محسوس ٿي. ڳالهيون گهڻيون آهن، هڪ وقت مون
کيس ”مونجهارن ۾ ڦاٿل شخص“ جي حالت ۾ به ڏٺو. انسان تي گرميون سرديون اينديون
رهنديون آهن. وڏن انسانن کي قدرت جگر به فولاد جهڙا ڏنا آهن. ڊاڪٽر صاحب وڏو انسان
هو! آخر ۾ وليم شيڪسپيئر جي هن جملي سان ڳالهه ختم ڪندس:
“Be not afraid
of greatness, some are born great, some achieve greatness and some have
greatness thrust upon them.” (William Shakespeare)
آئون ڊاڪٽر صالح ميمڻ لاءِ اهو
ئي چوندس ته هو واقعي به عظيم انسان هو.
No comments:
راءِ ڏيندا