; سنڌي شخصيتون: سيد سمن شاهه - آر عمراڻي، نور سنڌي،

07 October, 2012

سيد سمن شاهه - آر عمراڻي، نور سنڌي،

سيد سمن شاهه

مجذوب درويش

آر عمراڻي



سيوا ڪر سمنڊ جي جت جر وهي ٿو جال

سئين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لال

جي ماسو جُڙيئي مال، ته پوڄارا پُرِ ٿئين.

سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ڪيترائي بزرگ، اوليا، مجذوب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن جن ۾ حضرت شاهه ڪريم بلڙي وارو، صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو ۽ مجذوب اولياءُ لاڙ جو لعل سيد سمن شاهه سرڪار قابل ذڪر آهن.


لاڙ جو لعل سيد سمن شاهه سرڪار هڪ منفرد مقام جو مالڪ ٿي گذريو آهي جيڪو پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ چوندو هيو “ڪڪڙ دا ٻچا چائي آؤ ۽ ماڻهو دا ٻچڙا گهن وڃو.” جيڪا روايت تقريبن سوا سئو سالن کان اڄ به جاري آهي. ميلي جي موقعي تي لکين عقيدتمند سندس حاضري ڀرڻ سان گڏ ڪڪڙ کڻي ايندا آهن ڪُهي پاڻ به کائيندا آهن ۽ ٻين کي به کارائيندا آهن.

ڪن بزرگن جو خيال آهي ته سائين سمن شاهه ڪپڙن کانسواءِ گذاريندا هيا. پيرين پنڌ جهرجهنگ کي جهاڳيائون اهڙي طرح جڏهن جوڀن جواني ۾ آيا مجاز جي معرفت هڪ ڇوڪري جنت ڏانهن متوجهه ٿيا. سندس ڀائر کيس ڪافي قدر روڪيندا به هيا. پاڻ اهو ٻڌي زاروزار روئيندا به هيا اهڙو فرياد کڻي پاڻ ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي جي ڀر ۾ هڪ اوليا ڪبير شاهه تي آيا. اُتي فرياد ڪيو “او مرڳئي مائٽ سائين”. سمن شاهه جي اهڙي حالت ڏسي ان جنت نينگري کي سائين وٽ وٺي آيا ۽ کين ٻڌايو ويو ته اُها ڇوڪري جنت هيءَ آهي. پاڻ ڇوڪري ڏانهن ڏسي ۽ مٿي تي هٿ رکي چيو “اي ميڏي ڀيڻ هي”.

سيد سمن شاهه جي اهڙي هاڪ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويئي ان دور جي صوفي شاعر محمد فقير کٽياڻ سان هڪ سنگ وٺي اچي سرڪار سمن شاهه ڏي پهتو. پاڻ ان وقت هڪ کٻڙ جي هيٺان آرامي هيا. محمد فقير کٽياڻ، سنگ جي وسيلي يڪتارا ۽ چپڙيون کڻي ڪافي ڪلام شروع ڪري ڇڏيو. سيد سمن شاهه ڪلام ٻڌي هڪ وڏي لٺ کڻي اُٿيو ۽ فقير کي ڏسندي ئي مٿي ۾ لٺ واهي ڪڍي، پر فقير جو ڪلام بند ڪو نه ٿيو. جڏهن فقير ڳائي بس ڪيو ته ڇا ڏسي ته فقير سڄو رت ۾ لعل ٿي وهنجي ويو. تنهن تي سيد سمن شاهه وراڻيو هڻ ڀل وڃ، مين تيڪون رنگي لعل ڪيتا هي. پوءِ محمد فقير کٽياڻ واپس وريو. اهڙي معلومات محمد فقير کٽياڻ جي رسالي ۾ پڻ موجود آهي.

مائي ڀاڳي جي حوالي سان مشهور آهي ته هڪ دفعي مائي ڀاڳي بيمار ٿي پيئي جنهن کي کڻي اچي سرڪار سمن سائين جي روضي مبارڪ ۾ ڇڏيائون، پاڻ ٻهاريون ڏيندي مَٽيون ڀريندي بلڪل ٺيڪ ٿي ويئي. پوءِ هيءُ ڪلام چيائين “سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي.” اهڙي ڪلام ڳائڻ تي کيس وڏي مڃتا ۽ شهرت ملي حالانڪه مائي ڀاڳي سيد راضي شاهه نئون ڪوٽ واري جي مريد هئي، جتي سندس جسد خاڪي مدفن ٿيل آهي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پراڻو دوست محمد يوسف لغاري جو وطن به ٽنڊوباگو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته سيد سمن سرڪار جا ٽي خليفه هوندا هيا جن ۾ گلاب راءِ به هڪ آهي، جيڪو سائين جي صحبت ۾ رهي ڪري مسلمان ٿيو. پاڻ پنهنجو نالو غلام محمد رکرايو. سمن سرڪار جي وفات بعد پاڻ مڪي هليو ويو اُتي ئي گذاري ويو.

لالو فقير ڪهيري به سرڪار سمن شاهه خدمت گذار هيو، پاڻ سرڪار کي اڪثر ونڊرائيندا رهندا ۽ کين ماني ٽڪي پڻ کارائيندا هيا. مائي سليمت مڱڻهار جيڪا سيد سمن شاهه کي راڳ ڳائي ٻڌائيندي هئي. سيد سمن شاهه وٽ جيڪي به عقيدتمند ايندا هيا ته کين چوندا هيا ابا هڙي ڪم سان آيو آهين، واپس وڃ تنهنجو ڪم ٿي ويندو.

پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر جو چوڻ آهي ته اسان جو بزرگ حاجي محمد طالب ڪنڀر پنگريو وارو، سيد سمن شاهه جو خدمت ۽ عقيدت ۾ رهندو هيو. جنهن جي چوڻ موجب سيد سمن شاهه ۱۴ رجب ۱۳۴۹ مطابق ۲۰ ڊسمبر ۱۹۲۹ع ڌاري ڪاري واهه جي ڪپ تي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا. سندس جسم اقدس کي موجوده جڳهه تي دفن ڪيو ويو. اهو به معلوم ٿيو آهي ته سيد سمن شاهه جو روضو مبارڪ غلام محمد خان تعمير ڪرايو. هن وقت روضي مبارڪ جي تعمير نئين سر ڪرائي ويئي.


 

سمن سرڪار

لاڙ پٽ ۾ روحانيت جي خوشبوءَ پکيڙيندڙ سندس ميلو

نور سنڌي

سمن سرڪار جو ساليانو عرس مبارڪ ۱۱ کان ۱۳ نومبر تائين سندس آخري آرام گاهه پنگريو ويجھو ملھائجي رھيو آھي. جتي رڻ پٽ ۾ وڏيون بازارون لڳايون ويون آھن، ھزارين ڪڪڙ گڏ ٿي ويا آھن، جتي گۡھوڙن اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا جاري آھن، ٽن ڏينھن لاءِ راڳ رھاڻ به جاري رھندو. جتي سڄي سنڌ مان عقيدتمندن جو سمنڊ اٿليل آھي. درگاه واري علائقي ۾ ڪڪڙن جو دَسَ گونجي رھيا آھن. لاڙ پٽ ۾ لڳندڙ ميلن مان سڀ کان وڏو ميلو آھي. سمن سرڪار جو جنم ڪٿي ٿيو، ان حوالي سان به مختلف روايتون آھن. ڪن لکيو آھي ته سندس جنم ڀومي پنگريو لڳ ديھ سانگي ڦرھو، ڪن تعلقي تلھار جي ڳوٺ بڙدي جمالي، ڪن خيرپور گنبو لکيو، ڪن ڳوٺ ٻورڙا تعلقو ٽنڊو باگو لکي آھي. اهڙيءَ ريت سندن جنم تاريخ تي به تضاد آھن ته وصال تي به؛ ان حوالي سان به مختلف تاريخون لکيون ويون آھن. ان ڪري اھي سڀ تحقيق طلب روايتون آھن ته سندس وڏا ھاري ھئا. پاڻ سيد گل شاھ غازيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. روايتون آھن ته سمن سرڪار جڏھن جوانيءَ ۾ پھتو ته ھڪ ڇوڪري جنت سان سندس دل لڳي وئي ۽ ان ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ رکيو، جيڪا ڳالھ ڇوڪريءَ جي مائٽن کي نه وڻي، پر ھيڻا ھئڻ ڪري ڪجھ نه پيا ڪري سگھن. نيٺ ماڻھن جي مھڻن مان تنگ ٿي، سمن شاھ جي والد کي روئندي التجا ڪئي، جنھن ڇوڪري مائٽن حوالي ڪئي ۽ سمن شاھ کي گھر جي ھڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو. ان ڏک ۾ سمن شاھ چار ڏينھن نه ڪجھ کاڌو نه پيتو، جڏھن کيس ڪوٺيءَ مان ڪڍيو ويو ته ان ڇوڪريءَ جي ڪا خبر نه پيس، ته ھو ڪٿي لڏي ويا آھن. انھن جي ڳولا ۾ رلندو رھيو. ان صورتحال ۾ مٿس عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ مستيءَ جي عالم ۾ هيڏانهن هوڏانهن رُلڻ لڳو. ڪيترائي مهينا اُن حالت ۾ گذاريائين. آخر ڳوٺ جي ويجهو ڪبير شاهه جي قبرستان ڏي هليو ويو ۽ اتي آستان بڻائي ويهي رهيو. چون ٿا پاڻ اتي چلو ڪڍيو. روايتون آھن ته سيد سمن سرڪار کي اُن بزرگ کان حقيقي امانت نصيب ٿي، جنهن کانپوءِ سدائين سُڪون ۽ ماٺ ۾ رهڻ لڳو. ائين ھن سيد جو مزاجي عشق، عشقِ حقيقي تي وڃي پھتو ۽ سڄي سنڌ خاص طور لاڙ پٽ ۾ سندس روحانيت جي خوشبو پکڙجي وئي. سندس مريد ۽ عقيدتمند وڌڻ لڳا ۽ مٿس جيئري ميلو مچي ويو. روزانو سوين عقيدتمند وٽس حاضري ڀري دعائون ڪرائيندا ھئا. روايتون آھن ته پاڻ ھڪ ھنڌ ٽڪي نه ويٺا. مختلف جڳھين تي ڪجھ وقت رھي وري اتان کان ٻئي ھنڌ ھليو ويندو هو. کيس سک چين نه ايندو ھو. چون ٿا انگريز حڪومت جي دور ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر سندس سيرت ۽ ڪرامتن کان متاثر ٿي ميلي لڳائڻ لاءِ چار بلاڪ زمين سندس فقيرن کي الاٽ ڪئي. چون ٿا سمن سرڪار جا ٽي خاص فقير هئا، هڪڙو ميان گلاب راءِ جيڪو ھندو ھو، جنھن کي پاڻ مسلمان ڪري سندس نالو غلام محمد رکيو، جيڪو سندن خاص خدمتگذار ۽ خليفو هو. سمن شاهه جي وفات بعد مٿس روضو ٺھرائي بعد ۾ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ ويو، جتي ھو عشقِ رسول صه ۾ هميشه لاءِ مديني ۾ رهي پيو ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي روضي مبارڪ ۾ ٻهاريون ڏئي ايندڙن ويندڙن کي پاڻي پياريندو هو. آخر ۾ اتي ئي وفات ڪيائين ۽ جنت البقيه ۾ دفن ڪيو ويو. ٻـيــو فـقـيـر لالـو ڪهيـري هـو ۽ ٽيـون فقيـر مائي سليمت هئي، جيڪا سائينءَ جو کاڌو تيار ڪندي هئي. روايتون آھن ته مائي فقيراڻي سليمت لطيف سائينءَ جي مريد ھئي ۽ سمن سرڪار جي عقيدتمند ھئي، جنھن کي لطيف سائينءَ جو رسالو ياد ھوندو ھو ۽ سيد سمن شاھ جي اسرار تي کيس شاهه لطيف جو ڪلام ڳائي ٻڌائيندي هئي. جيڪو ٻُڌندي سمن سرڪار ڪڏهن ڪڏهن وجـد ۾ اچي ويندو هو. سندن مادري ٻولي سرائڪي هئي. سمن سرڪار سموري عمر شادي ڪانه ڪئي. سندن سونهاري اڇي ۽ گهاٽي، چهرو گول، اکيون سرخيءَ مائل وڏيون، سخت خماريل ۽ هميشه زمين ۾ کتل هونديون هئس. ڪڏهن ڪڏهن وجد جي حالت ۾ آسمان طرف کڄي وينديون هئس ته عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. مٿي جا وار ڊگها ۽ وڏا هوندا هئس. ڪڏهن لباس پهريل هوندو هئس ته ڪڏهن بنا لباس جي هوندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ پاڻ چوندو هو ته مون کي نوراني لباس آهي. ڪڏهن جُتي پائيندو هو ته ڪڏهن وري پيرين اگهاڙو هلندو وتندو هو. حُقي ۽ چلم جو شوقين هو. ڪو سٺو کاڌو کيس آڻي ڏبو هو ته اُن ۾ حُقي جو پاڻي ملائي لذت ضايع ڪري کائيندو هو. روايت آهي ته سندس حياتيءَ ۾ جڏهن ڪو ماڻهو وٽس ڪا مراد کڻي ايندو هو ته ڪنڌ هيٺ ڪري کيس جواب ڏئي ڇڏيندو هو ۽ جنهن تي راضي ٿيندو هو ته کيس چوندو هو ته: ”ڪڪڙ چا آوين.“ کيس ڪڪڙ وڻندو ھو. سندس حياتيءَ ۾ عقيدتمند ڪڪڙ کڻي ايندا ھئا. سندس لاڏاڻي بعد به سوالي توڙي عام عقيدتمند سندس درگاهه تي ڪڪڙن جو نذرانو کڻي ايندا آهن. ان ڪري کيس ڪڪڙن واري سرڪار به سڏيو وڃي ٿو سمن سرڪار جو ميلو سنڌ جي وڏن ميلن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي ناليواري لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي، سائين سمن سرڪار تي هڪڙو گيت (سمن سائين، مان ته گولي غلام تنهنجي در جي) ڳايو، جنھن جي شاعره به مائي ڀاڳي پاڻ ھئي. ان کانسواءِ لاڙ ۾ ”سمن تون سُڌير آهين، بر پوٺي جو پير آهين.“ گيت به مشھور آھي. سمن سرڪار، ڪڪڙن جي پير ۽ ڪڪڙن جي سرڪار طور به مشهور آهي. ميلي جي موقعي تي يا عام طور سندس عقيدتمند پاڻ سان گڏ ديسي ڪُڪڙ (ٻانگو) گڏ کڻي ايندا آهن. عقيدتمند درگاھ تي ڪڪڙن کي ڪھي چانورن ۾ رڌي درگاھ تي لنگر ھلائيندا آھن. سالياني ميلي کان سواءِ هر چنڊ واري مهيني جي پهرين سومر جي رات جنهن کي سهائو سومر چيو ويندو آهي، ان رات پڻ سندس درگاھ تي هزارين مريد نذراني وارا (ٻانگا) ڪڪڙ کڻي ايندا آهن. عقيدتمندن طرفان آندل اهي ديسي ڪڪڙ ھو پنهنجي گهرن ۾ ئي پالي وڏا ڪندا آهن ۽ سُکا طور پاليل ان ڪڪڙ کي اهي عقيدتمند سمن شاهه جي ڪڪڙ جو نالو ڏيئي ان کي سٺي خوراڪ کارائي مچائي مواڙ ڪري پنهنجي هٿن سان درگاهه تي کڻي اچي باسيل سُکا ڏين ٿا. عقيدتمندن چواڻي ان سُکا سان سندن دل جو اميدون پوريون ٿينديون آهن. سالياني عرس مبارڪ کان سواءِ هر جمعي جي رات ۽ هر مهيني جي سهائي سُومر تي درگاهه تي ايندڙ عقيدتمندن ۾ نوجوان عورتن جو پڻ وڏو انگ شامل آهي. سندن لاڏاڻو ڊسمبر ۱۹۲۹ع ۾ ڪاري واهه جي ڪپ تي ٿيو، جتان پوءِ سندس جسد مبارڪ کي کڻي جتي سندس مزار آھي، اتي ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو. هيءَ درگاه هن وقت اوقاف کاتي وٽ آهي. درگاه جو گادي نشين سيد علي بخش شاهه آهي. سمن سرڪار جي مزار تي عام ماڻھن کانسواءِ مشھور سياسي سماجي علمي ادبي روحاني شخصيتون به سلامي ڀرڻ اچن ٿيون. سمن سرڪار جو ميلو نومبر جي ۱۱کان ۱۳ تائين جاري رھندو. ان بعد ٻه ڏينھن عورتن لاءِ مخصوص ڪيل ھوندا، جنھن کي ڳاڙھو ميلو سڏين. ھن دفعي ڪابه سرڪاري شخصيت ميلي ۾ ڪونه پئي اچي. ميلي جو افتتاح به مقامي اقتداري وڏيرن ڪيو آھي. ميلي ۾ اُٺن گھوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا، ملاکڙو، راڳ رھاڻ جي محفل جاري آھي. سڄي سنڌ ۾ زائرين جو وڏو تعداد ميلي ۾ پھتل آھي. درگاه جي آسپاس ڪڪڙن جو ٻانگو ئي ٻانگون ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن. اطلاع آھن ته اوقاف کاتي پاران ميلي جي حوالي سان ڪو خاص انتظام به نه ڪيو ويو آھي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا