; سنڌي شخصيتون: امين فقير مڱريو - نواز ڪنڀر

10 October, 2012

امين فقير مڱريو - نواز ڪنڀر


امين فقير مڱريو
پير صاحب پاڳاري جو ارڏو سپاهي
نواز ڪنڀر/سانگهڙ

تاريخ ۾ مثال بڻجندڙ ڪردارن جهڙو ئي ڪردار، هڪ ئي وقت غازي ۽ شهيد جو درجو ماڻيندڙ، امين فقير مڱريو به آهي. پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه جو هي ارڏو سپاهي، انتهائي مفلسي، ريڍاري ۽ ٻڪرار واري حالت مان هلندو، طارق فقيرن سان گڏ سيلاني بڻجي، اٿندو ويهندو وڃي درگاهه شريف جي خدمت لاءِ پهتو، جيڪا واٽ سندن وڏن جي به هئي. جتان کين پير صاحب پاڳاري جن پاران ۱۹۶۵ع واري جنگ ۾ ملڪ جي دفاع جون ذميواريون سنڀالڻ جو حڪم به ٿيو ته هيلي ڪاپٽر به. حُرن پاران جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جنگ کٽرائڻ سبب کيس صدر پاڪستان فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان پاران سندس خدمتن جي صلي ۾ تغمهِ شجاعت به مليو ته تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ زمين به. پر سندس اصل ڪاميابي ۽ حاصلات غازي ٿيڻ هئي.

خانداني شغل سمهه راڳ جي شوقين ۽ راڳي، درگاهه شريف جي نئين سر تعمير جو نگران ۽ سنڌ ۾ مثال جو درجو رکندڙ ڪاري ماڇي ڌاڙيل کي مارڻ واري ٽولي ۾ شامل هن جوڌي جوان جي جيتوڻيڪ شهادت جنگ دوران اڳيان پٺيان هلندي رهي پر قدرت کي، کيس اهو اعزاز اڃا ڪجهه ٻئي نموني عطا ڪرڻو هو. سکر سينٽر جيل ۾ اڳ ۾ ئي گرفتار امين فقير مڱريو کي هٿ ٺوڪي ضمانت تي آزاد ڪرائڻ بعد ۸ رمضان بمطابق ۶ آڪٽوبر ۱۹۷۳ع تي روزي جي حالت ۾، ڌوڪي سان آزاد ڪرائي، خيرپور کان سانگهڙ آندو ويو. جتان وري هڪ نئين تاريخ جي شروعات ٿي. روايتن مطابق امين فقير کي سانگهڙ آڻي پير صاحب کان منهن موڙائڻ ۽ پير صاحب تي شاهد طور بيهارڻ (شايد لنڊن ڪيس ۾) لاءِ تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو. مذاڪرات به ٿيا ته لالچون به مليون پر قيدي هوندي ۽ پوليس جي پهري ۾ هوندي، پنهنجن توڙي پراون، آفيسرن ۽ اختيار ڌڻين جي اڳيان آڻ نه مڃيندي مثالي بهادري، وقار ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو. کيس شهيد ڪرڻ ۽ دفن ڪرڻ متعلق مختلف ۽ متضاد روايتون ملن ٿيون. کيس سکر جيل مان سانگهڙ آڻڻ ۽ ٻه ٽي ڏينهن مذاڪرات ڪرڻ، توڙي تشدد بعد، شهيد ڪرڻ وارين روايتن مان لڳي ٿو ته کيس ۹ آڪٽوبر ۱۹۷۳ع تي شهيد ڪيو ويو. ڪي ماڻهو سن ۽ تاريخ سان اختلاف به ڪن ٿا.. اڄ به ان وقت جا ڪجهه پوليس ۽ روينيو آفيسر ۽ ملازم، ڪي ٻيا اکين ڏٺا ۽ ڪنين ٻڌا عام ماڻهو توڙي ملازم ضرور موجود هوندا. هاڻ کڻي اهي ئي راز افشا ڪن! جي ٻيو نه ته به، هاڻ ان وقت جا مخالف يا انهن جا پونيئر ئي کڻي وڏي دل گردي ۽ اعليٰ اخلاق جو مظاهرو ڪندي، مدفن جو مقام ئي کڻي ظاهر ڪري وجهن!

No comments:

راءِ ڏيندا