لعلچند
امرڏنومل جڳتياڻي
مثالي
سنڌي نثر نگار
ممتاز
مهر
ويهين صديءَ جي
پهرين مها ڀاري جنگ ۱۹۱۸-۱۹۱۴ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي مشهور
نثر نويس ۽ ساهتڪار سنڌي ادب ۾ مشهور ٿيا تن ۾ لعلچند امرڏنومل جڳتياڻي جو نالو
سر فهرست آهي، خاص ڪري ناول ۽ ڪهاڻي ڪلا جي حوالي سان سندس ناول ”چوٿ جو چنڊ“ ۽
ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ مختلف سنڌي رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿينديون رهيون پر
ڀايان ٿو ته ورهاڱي کان گهڻو پوءِ پهريون دفعو سندس ڪهاڻين جو مجموعو ۽ ناوليٽ
”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ انڊيا ۾ سنڌي ٽائيمس پبليڪشن، الهاس نگر طرفان ۱۹۸۵ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو
هو، لعلچند جڳتياڻي ۲۵ جنوري ۱۸۸۵ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾
جنم ورتو ۽ ۱۸ اپريل ۱۹۵۴ع ۾ بمبيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس
وصيعت موجب سندس هاٺيون ۱۸ اپريل ۱۹۵۶۾، سندس جنم واري
شهر حيدرآباد سنڌ ويجهو، سنڌو نديءَ ۾ پرواهه ڪيون ويون. ياد رهي ته سنڌ سان شديد
محبت ڪندڙ پر حساس دل سنڌي ليکڪ جهڙوڪ؛ ڄيٺمل پرسرام، پرسرام ضيا، امر لعل
هنڱوراڻي ۽ لعلچند جڳتياڻي ورهاڱي ڪارڻ سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ هندستان جي ڪيمپن ۾
شرنارٿي ٿي رهڻ جو صدمو برداشت ڪري نه سگهيا ۽ هڪ ٻئي پٺيان جلد لاڏاڻو ڪري
ويا. اها به ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته لعلچند امرڏنومل ورهاڱي کان اڳ، ڪراچيءَ
مان سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ طرفان نڪرندڙ رسالي جو ايڊيٽر پڻ هو.
لالچند جڳتياڻي، نج
ڪهاڻين ۽ ناوليٽ کان سواءِ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب ترجمون پڻ ڪيا. مثلًا
هڪ انگريزي ناول جو ناول ترجمو ”سون ورنيون دليون“ جي نالي سان ڪيو. اهو ڪتاب اڳ ۾
ترتيبوار ۱۹۲۵ع کان ۱۹۲۸ع ۾ شايع ٿيو هو. ورهاڱي کان
پوءِ ان ناياب ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۵۶ع ۾ ٻيهر ڇپرائي
پڌرو ڪيو، جنهن جا هن وقت تائين چار پنج ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. ان ڪتاب بابت
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن پهرئين ايڊيشن ۾ لکن ٿا؛ ”ڪتاب جي آکاڻي، گفتگوءَ
جو انداز، جذبات نگاري وغيره سڀ ڪامياب ۽ موهيندڙ آهن. وري لائق سنڌيڪار سندس
ترجمي کي اهڙيءَ ته سلوڻيءَ سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جو ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو
ته اصل کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي سليس، سلوڻيءَ ۽
موهيندڙ زبان ۾ تمام ٿورا ڪتاب پيش ٿيل آهن“. ساڳيءَ ريت ان ڪتاب جي چوٿين ايڊيشن،
سال ۱۹۹۳ع ۾ امداد حسينيءَ جا تاثر هي آهن؛ ”موجوده دور ۾ ’سون
ورنيون دليون‘ جي اهميت ۽ افاديت انڪري به آهي ته ان مان سنڌي ٻوليءَ جو هڳاءُ ٿو
اچي. اڄ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي نج-پڻي کي قائم رکڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن، تڏهن هن ڪتاب
جي اهميت تهائين وڌي ٿي وڃي.“
نند ڇڳاڻي (ڪتاب ”ڪشنيءَ
جو ڪشٽ“ جو مرتب) لعلچند جڳتياڻيءَ جي رچنائن تي پنهنجي راءِ لکي ٿو ته؛ ”ڇندن،
بندن ۽ علم عروض کان مڪت نئين ڪوتا جو جڏهن اڃا آغاز به ڪو نه ٿيو هو، تڏهن ٽئگور
کان متاثر ٿي نثري نظم ۾ (لعلچند) جو لکيل ”سدا گلاب“ ان قسم جو پهريون ڪتاب آهي.
”سدا گلاب“ ورهاڱي کان گهڻو اڳ، شايع ٿيو هو ۽ اڃا تائين ناياب آهي. جڏهن ته ايم
يو ملڪاڻيءَ بعد ۾ ٽئگور جي ”گيتان جلي“ ۽ ٻين شعرن جو سنڌيءَ ۾ الٿو ڪيو هو.
ملڪاڻي صاحب جي ترجمن، توڙي اصل لکڻين جي پنهنجي انفراديت ۽ اهميت آهي. سندس
ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اهو ڪتاب ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ
جي، سنڌي ادب جي اوسر جو سربستو رڪارڊ آهي.
لعلچند امرڏنومل
جڳتياڻيءَ جي هڪ ناوليٽ ۽ ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ ۾ هڪ مختصر ڪهاڻي ”ننڍڻي
نينا“ ناوليٽ ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“، ڊگهي ڪهاڻي ”لڄاوتي“ ۽ آخري ڊگهي ڪهاڻي ”جانب لاءِ
جل“ شامل آهن. اهي سڀ ڪهاڻيون ۽ ناوليٽ، ورهاڱي کان گهڻو اڳ جي سنڌ جي مڊل ڪلاس
هندو سماج جي گهر گرهستيءَ جو عڪس آهن. ٻولي اها ئي ڪتب آندل آهي، جيڪا ان دور ۾
هندو سنڌي گهرن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. لعلچند جيئن ته سنڌ جي ٻن وڏن شهرن حيدرآباد
سنڌ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو، تنهن ڪري سندس رچنائن ۾ پڻ شهري وايومنڊل ۽ ڪردار پيش ڪيل
آهن. سندس رچنائن ۾ جيڪي نج محاورا ۽ چوڻيون استعمال ڪيل آهن، سي سنڌي ٻوليءَ جي
شاهوڪاريءَ، مٺاس ۽ انساني نفسيات کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ انهن رچنائن جي مجموعي بيهڪ ۽
ماحول سان ٺهڪن ٿيون. ياد رهي ته حالتن جي اثر هيٺ، ٻولي يا ته لفظن جي خزاني سان
اڳتي وڌندي آهي، يا اصل لفظن بجاءِ ڌارين لفظن جي يلغار سبب، گهڻو ڪجهه وڃائيندي
به آهي. تنهن ڪري اها سنڌي جيڪا لعلچند پنهنجي دور ۾ ٻڌي يا پڙهي ۽ پنهنجين لکڻين ۾ آندائين، سا اڄوڪي سنڌ
جي شهرن ۾ ڪٿي ٿي ٻڌڻ ۾ اچي يا لکڻ ۾ ٿي اچي؟ لعلچند جي ٻوليءَ ۾ نه ڪي سنسڪرت جي ڀرتي
آهي، نه ڪي عربي، فارسيءَ جي. نج پج سنڌي ۽ هر قسم جي ڌرمي يا سياسي تعصب کان بچيل.
جنهن تعصب اڳتي هلي سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ کي گهڻو نقصان پهچايو، جنهن جي تلافي اڄ
تائين ناهي ٿي سگهي. لعلچند جڳتياڻيءَ کي هاڻي پڙهڻ ائين آهي، ڄڻ تقريبًا اسي سال
اڳ جي وڃائجي ويل سنڌي سماج کي ٻيهر اسڪرين تي فلم وانگر ڏسڻ ۽ هڪ ناسٽيلجيا واري
ڪيفيت ۾ اچڻ. مٿي ڄاڻايل ناوليٽ ۽ ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل ماحول ۽ منظرنگاري گهڻو تڻو
سنجيده ۽ اداسيءَ واري آهي. پر مون کي لعلچند جڳتياڻيءَ جي هڪ نئين هٿ آيل پر
ناياب ڪهاڻي ”تلوڪ ٽِمي“ (اٽڪل هڪ صدي اڳ هڪ مخزن ۾ ڇپيل) سنڌي مزاحيه ادب جي هڪ
شاهڪار اوائلي ڪهاڻي لڳي. ان دور جي حيدرآباد شهر، ان جي ماڳن، هنڌن، امن ۽
شانتيءَ واري ماحول ۾ رهواسين ۽ ڪردارن کي ڪهاڻيڪار خوب چٽيو آهي. سلوڻي ۽ چسڪيدار
ٻولي ۽ تلوڪ ٽيميءَ جو کلي کلي کيرو ڪندڙ ڪردار، سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ڪردار ليکيو
ويندو.
No comments:
راءِ ڏيندا