خانصاحب امانت علي خان
ڪلاسيڪل راڳي
ناصر قاضي
خانصاحب استاد امانت علي
خان جي نانءِ
خوشبو ڪي زباني تيرا پيغام
هي آئي ...!!!
ننڍي کنڊ جي وڏن موسيقار گھراڻن مان پٽيالا گھراڻو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد
مقام رکي ٿو. هن گھراڻي سان وابسته موسيقارن توڙي گلوڪارن جون ڪيل فني خدمتون نه صرف
ننڍي کنڊ، پر پوري دنيا ۾ کيرون لهڻن ٿيون. هن گھراڻي تي ’پٽيالا‘ نالو رياست ’پٽيالا‘
سان وابستگيءَ جي ڪري پيو، جنهن گھراڻي جا باني خانصاحب جرنيل علي بخش خان ۽ خانصاحب
ڪرنيل فتح علي خان هئا، جيتوڻيڪ هي ٻئي موسيقار پاڻ ۾ ڪي ويجھا رشتيدار به نه هئا،
پر هميشه سڳن ڀائرن وانگر رهندا هئا، ايتريقدر جو جتي به ڳائڻ جي لاءِ کين دعوت ملندي
هئي ته هي ٻئي گڏجي ويندا هئا.
