دريا خان هيسباڻي
سنڌ جو مهان مهمان نواز
۽ صوفي فقير
اطهر هيسباڻي
مادر وطن سنڌ پنهنجي ڪُک مان ڪيئي املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن، جن
۾ سياستدان، دانشور، مفڪر، عالم دين، شاعر، فنڪار، صحافي، واپاري، مزدور، هاري، ڪمي
ڪاسبي وغيره شامل آهن. هڪ خاص ڳالهه، جنهن کان ڪو به انڪاري نه ٿيندو، اها آهي سنڌ
ڌرتيءَ جي مهمان نوازي. هن ڌرتيءَ تي علم، عقل، ادب، فن سڀني کان مهمان نوازي گوءِ
کڻي وئي، ڇو ته اسين هر ميڙاڪي ۾ پنهنجي مهمان نوازي جي شان کي اُتاهون ڪري پيش ڪندا
آهيون. هيءَ ڌرتي پيار جي وستي آهي، هتان جا ماڻهو هر دلعزيز، مهمان نواز، امن ۽ آشتيءَ
جا ديوانا ۽ پريت جا پروانا آهن. هو هر آيل جي مهمان نوازي دل کولي ڪندا آهن ۽ آيل
مهمان تان ٻلهار پيا ٿيندا آهن ۽ رب پاڪ جا احسان ۽ ڳڻ ڳائيندا آهن، جڏهن ته پوري دنيا
۾ ائين ناهي. سو مهمان نوازي جي ڳالهه پي ڪئي سين ته هن ڌرتيءَ تي ڪيتريون ئي وڏيون
وڏيون ڪشاديون اوطاقون قائم ۽ دائم آهن.
