; سنڌي شخصيتون: شازيه، خشڪ، ثقافتي، رنگن، جهڙي، وزير، فرهاد، سولنگي،
Showing posts with label شازيه، خشڪ، ثقافتي، رنگن، جهڙي، وزير، فرهاد، سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label شازيه، خشڪ، ثقافتي، رنگن، جهڙي، وزير، فرهاد، سولنگي،. Show all posts

22 September, 2013

شازيه خشڪ - وزير فرهاد سولنگي

شازيه خشڪ
ثقافتي رنگن جهڙي
وزير فرهاد سولنگي
سنڌي موسيقيءَ ۾ منفرد گائيڪي جو انداز رکندڙ خوبصورت گلوڪاره شازيه خشڪ جو تعلق هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان آهي. پاڻ ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ڌاري پروفيسر فاروق احمد مرزا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هيو. شازيه خشڪ شروعاتي تعليم به اُتي ئي پرائي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اردو ادب ۾ ڪيائين سنڌ جي هيءَ پڙهي لکي فنڪاره سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهران پنهنجي آواز ۽ ثقافتي لباس سبب تمام سٺو نالو ڪمايو. شازيه خشڪ ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي علم سياست جي پروفيسر محمد ابراهيم خشڪ سان شادي ڪئي. شازيه خشڪ کي فن موسيقيءَ جو شوق ننڍپڻ کان هوندو هيو. پر بحيثيت گلوڪاره جي هن پهريو ڀيرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران منقعد ڪيل بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس ۾ ابراهيم منشي جو ڪلام ڳايو ته ”سهڻي کائي پئي سور ورو وانجهو، ساوڻ سير درياھ جي“ ان کان پوءِ ۱۹۹۲ع ڌاري پروفيسر ابراهيم خشڪ سان پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر تي سميع بلوچ جي ادبي پروگرام ۾ پاڻ بطور مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ شازيه خشڪ هن سان گڏ ڪراچي ٽي وي سينٽر گهمڻ آئي هئي ۽ انهيءَ دوران هن کي پروفيسر خشڪ سينئر پروڊيوسر سلطانه صديقي سان ملايو جيڪا ان وقت ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ماروي سيريل جي تياري ڪري رهي هئي. اهڙي طرح سلطانه صديقي کيس ماروي ڊرامي ۾ اداڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. جنهن تي شازيه خشڪ چيو ته مونکي اداڪاري سان دلچسپي ناهي بلڪه مونکي ڳائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ کيس سلطانه صديقي ڳائڻ لاءِ گهرايو ۽ هن کان هڪ ٿري لوڪ گيت ” مارا اڏ تان پکيئڙا ڪڏهين آ نه ماري ديس“ ڳارايو.