عرفان
مهدي
اهڙا
قومي ورڪر روز پيدا ناهن ٿيندا
جميل گاد
جولاءِ ۱۹۶۷ع تي هالا پراڻا ۾ غلام مهدي ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عرفان مهدي بابت
اڄ جي ٽهي جا قومي ڪارڪن سوال ڪندا آهن ۽ پڇندا آهن ته عرفان مهدي ڪيئن هيو؟ ته آئون
جواب ڏيندو آهيان ته عرفان مهدي جي پهرين سڃاڻ اها آهي ته هو سائين جي ايم سيد کي ڏاڍو
پيارو هيو، تڏهن ته عرفان جي آپگهات کانپوءِ سائين جي ايم سيد هالا پراڻا عرفان جي
تڏي تي هليو هيو ته اتي عرفان جي والد ۽ مائٽن سان مخاطب ٿيندي سيد چيو هو ته ”اسان
اوهان سان عذر خواهي نه ڪنداسين بلڪ اوهان اسان سان عذر خواهي ڪيو، ڇو ته عرفان مهدي
اسان جو هيو. وري جڏهن پڇيو ويندو آهي ته عرفان مهدي سائينءَ کي ايترو پيارو ڪهڙي سبب
جي ڪري هيو؟ ته آئون کين جواب ڏيندو آهيان ته عرفان هر دلعزيز اڳواڻ ۽ هر وقت ورڪر
ته هيو، جنهن ڪري به سيد کيس ڀائيندو هيو، پر هن کي حَدَ کان وڌيڪ ان ڪري ڀائيندو هو
ڇو ته سائين جي ايم سيد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان وڏي محبت رکندو هو ۽ وڏي ڳالهه ته
عرفان ننڍي ڄمار ۾ ئي ”شاهه جو رسالو“ حفظ ڪري ڇڏيو هو ۽ سيد شاهه جي رسالي کي سنڌي
زبان جو قرآن سڏيندو هو ۽ عرفان مهدي کي حيدر منزل ڪراچي توڙي سن ۾ آڏو ويهاري کانئس
شاهه سائين جا بيت ٻڌندو هو جنهن ڪري سائين عرفان کي جيئرو جاڳندو قرآن سڏيندو هو.
اسان وٽ قومي سٿ اندر شروع کان وٺي ٻن قسمن جا ماڻهو
رهيا آهن، هڪڙا اهي جيڪي باصلاحيت ۽ نظرياتي جن پنهنجون پوريون صلاحيتون ۽ زندگيون
بغير ڪنهن غرضن جي قومي تحريڪ کي ارپي ڇڏيون ۽ ٻيا اهي جن جي ذهنيت ڪرمنل رهي آهي،
جن جيئي سنڌ هلچل جي آڙ ۾ پنهنجون ذاتي زندگيون ٺاهيون، جيئي سنڌ کي پنهنجي گذر معاش
جو ذريعو بڻايو، اهڙن ماڻهن سائين جي ايم سيد جي پيارن ۽ حقيقي پيروڪارن کي ڪڏهن به
برداشت نه ڪيو، يا ته کين مختلف طريقن سان حراسان ڪيو ويو يا سچن ماڻهن کي پارٽي ڇڏڻ
تي مجبور ڪيو ويو يا اهڙن ماڻهن کي عرفان مهدي وانگر مجبور ڪيو ويو ته اهي خودڪشيون
ڪن!.
عرفان مهدي منجهه قدرت اهڙيون بي بها صلاحيتون ڀري
ڇڏيون هيون جو هو هڪ گهڻ پاسائي شخصيت بڻجي چڪو هو، عرفان بهترين ڪمپيئر، شعله بيان
مقرر، اديب، شاعر، شاهه جي رسالي جو حافظ، هر وقت قومي ورڪر، دلير نوجوان، وفادار،
سچو، مخلص سياسي اڳواڻ، سنڌ تان سِرُ گهوريندڙ سورمو ۽ سرويچ هيو. عرفان مهدي ۾ ايتري
ڏات جتي جيئي سنڌ جي هزارين ڪارڪنن ۾ هن لاءِ محبت پيدا ڪئي ته ٻئي طرف نه سَهو ۽ ڪرمنل
ليڊر هن جي قائدانا صلاحيتن تي چڙهي پيا ۽ هو اندران ئي اندران عرفان مهدي کي جيئي
سنڌ کان پري ڪرڻ جا منصوبا جوڙڻ لڳا. ۱۹۹۱ع
۾ عرفان لاءِ تنظيم اندر ماحول انتهائي تنگ ڪيو ويو، کيس ايجنسين جو ايجنٽ سڏيو ويو،
مٿس ڪرپٽ هئڻ جا الزام لڳايا ويا، مطلب ته ڪن ڳجهن هٿن جي اشاري تي يا نه سهپ سبب هن
کي تنظيم کان ڌار ڪرڻ جو مڪمل منصوبو جوڙيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو گهڻو ڪجهه
سهي سهي نيٺ هو تنگ ٿيو ۽ آهستي آهستي غير سرگرم ٿيندو ويو، جنهن جو فرق اهو پيو جو
جڏهن هو جساف جو مرڪزي پريس سيڪريٽري هيو ته جساف سموري پرنٽ ميڊيا تي ڇانيل هوندي
هئي پر هن جي غير سرگرم ٿيڻ کانپوءِ جساف ميڊيا مان غائب ٿيندي وئي، ان ئي سال ۱۹۹۱ع جي مئي مهيني ۾ جساف جي اليڪشن ٿي ته عرفان مهدي
پهريون ڀيرو پاسيرو رهيو ۽ ڪنهن به عهدي تي نه بيٺو، اهڙي طرح عرفان جهڙن باصلاحيت
۽ چڱن نوجوانن جي پاسيرو ٿي وڃڻ ڪري جساف جو صدر هڪ عادي ڏوهاري بڻجي ووي، جنهن ڪري
جساف ان کانپوءِ ڏوهارين لاءِ هڪ سڻبو گرهه بڻجي وئي، اها به گهڻن کي خبر آهي ته لاڙڪاڻي
سان واسطو رکندڙ هڪ ڪرمنل اڳواڻ ڀري محفل ۾ عرفان مهدي جي ڳل تي چماٽ به وهائي ڪڍي
هئي، هڪ طرف تنظيم ۾ سندس لاءِ ايئن دروازا بند ڪيا ويا ٻئي طرف زال ڊاڪٽرياڻي پاڻ
بيروزگار ان ڪري هر وقت مٽن مائٽڻ پاران واندي هئڻ وارن طعنن به هن کي جهوري وڌو هو،
ان پيڙا واري دور ۾ هن ۲۵ ورهين جي ڏاهي نوڪري لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي ته ڀلا تنظيم
۾ هلڻ نه ٿا ڏين ته گهر وارن جي واندي هئڻ واري ملامت کان ته بچجي ان ڪري هن حيدر منزل
تي اچي جتي آئون به موجود هيس سائين جي ايم سيد کي عرض ڪيو هئائين ته سائين جي ايم
سيد جيڪو ڪنهن به سرڪاري ماڻهو کي ڪم نه چوندو هو پر عرفان جي جهريل حالت ڏسي سائين
جي ايم سيد، ان وقت جي وزير اعليٰ ڄام صادق جي صلاحڪار غازي صلاح الدين کي فون ڪري
عرفان کي نوڪري وٺرائي ڏيڻ لاءِ چيو هو.
جولاءِ ۱۹۹۱ع جڏهن نوڪري جي ڪوشش دوران ڪيترائي ڏينهن عرفان مونسان گڏ حيدر منزل
ڪراچي تي ترسيل هيو، هڪ رات ڊاڪٽر صفدر سرڪي، عرفان مهدي ۽ مون حيدر منزل تي گڏ ويٺي
ماني کاڌي ته اتي گفتگو دوران مون پهريون ڀيرو هن ارڏي نوجوان عرفان جي شخصيت ۾ جهول
(مايوسي) وارو عنصر ڏٺا، ليڊرن تي ڪاوڙ، بيروزگاري جو احساس، ايئن سمجهيو سندس ڳالهائڻ
مان رڳو فراريت جا ڏس پئي مليا، هڪ زندهه دل نوجوان، هر وقت جيئڻ جو تمنائو انسان
۽ سنڌ جي آزادي جو طالبو آپگهات ڪرڻ ليڊرن کي مارڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو، ڇو ته هن
کان سڪون کسجي چڪو هو، هو آدرشي قسم جو نوجوان هيو هن جي سوچ عام زندگي گهارڻ کان مٿانهين
هئي، هن قومي جدوجهد ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ پئي گهريو جيڪو هن کي ڪرڻ نه ڏنو ويو، ان پيڙا
۾ نيٺ هن بيزار ٿي پنهنجو انت آندو ۽ ۴ آگسٽ ۱۹۹۱ع
تي سج لهڻ مهل پنهنجي اديب دوستن سان گڏ ڄامشورو المنظر وٽ گهمندي ڦرندي اچانڪ ڪنهن
کي به اونت ڏيڻ بنا پنهنجو پاڻ سنڌو درياهه حوالي ڪري ڇڏيو.
اسان جا ڪيترائي ان وقت جا اڳواڻ عرفان مهدي جي آپگهات
سبب خوش ٿيا هئا، ڇو ته هاڻي هنن جي صلاحيت ماڻهن کي جيئي سنڌ جي اڪيلي اسٽيج ملي وئي
هئي ۽ باصلاحيت مقرر مان هنن جي جان آجي ٿي هئي، عرفان مهدي پاران ڪيل ان اچانڪ خودڪشي
تي ڪنهن کي يقين نه پئي آيو، ڇو ته عرفان بي بها صلاحيتون رکڻ سان گڏ ٻين کي جيئڻ جا
گس ڏسيندڙ انسان پڻ هيو، تڏهن سندس والد سميت سڀني اهو چيو ته اهڙو لاجواب نوجوان بلا
جواز ايئن پنهنجي زندگي جو ڏيئو ڪيئن ٿو اجهائي سگهي!؟ ڪنهن جو ڪهڙو خيال هيو ته ڪنهنجو
ڪهڙو خيال!
پر مون پنهنجي پياري ويجهي دوست ۽ سياسي استاد عرفان
جي خودڪشي وقت به اهو چيو هو ته عرفان خودڪشي ڪئي آهي ۽ اڄ به آئون ان موقف تي قائم
آهيان، عرفان انتهائي حساس رومانوي ڌرتي جي دورن کي سمجهندڙ ۽ ڌرتي واسين سان محبت
ڪندڙ نوجوان هيو، اهڙي جرئت اهو ئي ڪري سگهي ٿو، آئون عرفان مهدي جي ان خودڪشي واري
عمل جي حمايت ڪونه پيو ڪريان، پر جڏهن ڏوهاري، ڀته خور ۽ سائين جي ايم سيد جي نظرئي
۽ پارٽي کي پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪندڙن ۽ پارٽي اندر گهيرو ڪري سيد جي سچن
پيروڪارن ۽ ڪم وارن ماڻهن سان عقوبتون ڪن ته ڪم وارا باضمير ماڻهو ڪهڙو رستو اختيار
ڪن!؟
آئون عرفان مهدي کي قومي تحريڪ جو مقتول سڏيندي، ان
وقت جي انهن اڳواڻن کي عرفان مهدي جو قاتل سڏيان ٿو جن عرفان مهدي ۽ ان جهڙن ڪيترن
باصلاحيت ۽ باڪردار ماڻهن جا تنظيم اندر وقت بوقت پئي رستا بند ڪيا آهن ۽ آئون واضح
۽ يقين سان چوان ٿو ته اهڙا ماڻهو سرڪار جي حساس ادارن جا پگهاردار هوندا آهن، جيڪي
هڪ ٺهيل ٺڪيل منصوبي سان قومي تحريڪ ۾ موڪليا ويندا آهن جيڪي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن
ته سنڌ جي قومي تحريڪ ڪنهن به صورت ۾ فعال نه ٿئي، جنهن ڪري هڪڙا ماڻهو عرفان مهدي
وانگر پنهنجون پياريون جوانيون ۽ جانيون وڃائيندا رهيا آهن ته ٻيا وري مايوس ٿي غير
سرگرم ٿيندا رهيا آهن. ان ئي ڪري اڄ به سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ اسان جي تنظيم تي پيداگير
ماڻهن جو قبضو آهي ۽ اڄ به هو صحيح ماڻهن جي راهن ۾ رنڊڪون وجھندا رهن ٿا جنهن جو ئي
سبب آهي جو اڄ به بي تهاشا قربانين باوجود قومي تحريڪ سنڌي ماڻهن ۾ ايئن فعال ناهي
ٿي سگهي! جيئن ٿيڻ گهرجي ها!
جيئي سنڏ تحريڪ سان واستو رکندڙ پيارن مان اهو سنڌ جي ڏاهن پيارن مان سائين جي ايم سيد جي نمبر کان بعد ۾ ٻيو نمبر وڻندڙ شخصيت آهي
ReplyDelete