ڪيسوٻاءِ
سوڍو
ماڻهو
منجهه مٽي ڪيئن مهڪي
خليل ڪنڀار
”ڌرتي اسانکي نيٺ اوڳاڇي ڇڏيو..“
اهي لفظ راڻي رتن سنگهه جي پوٽي سنڌ ڇڏڻ ويل چيا هئا،
جنهن کان ايئرپورٽ تي موڪلائڻ وارو اڪيلو سورهيه بادشاه جو پٽ هو. اسلام ڪوٽ جي پاسي
۾ موجود ارجن سنگهه ٺڪر به جڏهن سموري ڳوٺ سميت لڏي رهيو هو ته گهوڙي جي رڪاب ۾ پير
وجهي پوئتي نهاريائين ته اهو چئي رهي پيو ته، ”ڏاڏي ري گوئاڙي رُڙي ڪو ڇڏان..“ يعني ڏاڏي جو وطن
سُڃو ڪونه ڇڏيندس.
هئي وطن ڇڏڻ جي ويرا آئي،
۽ ساٿ به سنبري بيٺو هو،
ٿيا نيڻ ميارون ميران جا،
۽ چنڊ به اُڀري بيٺو هو،
پيا ڌرتي جا هئا ڇيهه ڇڄي،
۽ ڏونگر ڏيئي جيئن ٻريو پئي،
ڪيسوٻاءِ ڄڻ ساهه ٿڌي سان،
سوڍي رت جو ڍڪ ڀريو پئي!
اهڙا انيڪ ڪردار پوءِ وطن سان وفا جي جُرم ۾ عجب جهڙين
مصيبتن مان گذريا ۽ گذرن پيا. جڏهن ته انهن جي حُب الوطني ڪنهن نظريي جي تابع به ڪونه
هئي. بس! صرف سندن پير ڌرتي ۾ کُتل هئا. انهن لاءِ ته ڌرتي ئي ڌرم هئي. اها ٻي ڳالهه
آهي ته سنڌ انهن جي وارثي نه ڪري سگهي آهي. ۽ هو اڄ به وڌيل ڀاتي وانگر جيئن پيا. پورڻ
واءِ جاگير جو جاگيردار ڪيسوٻاءِ سوڍو پڻ ٿر جو اهڙو ئي ڪردار هو، جيڪو ان زماني ۾
وطن سان ويڙهجي ويهي رهيو، جنهن زماني ۾ لڏڻ جي ڄڻ ته رِيت پئجي وئي هئي. انهيءَ لڏپلاڻ
۾ هن جي گهر واري ۽ ڌيءَ پڻ هندستان لڏي هليون ويون. جتان سندس ساهراڻي قبيلي ۽ عزيزن
ان وقت جي مشهور ڌاڙيل ٻلونت سنگهه کي، کيس هندستان وٺي اچڻ لاءِ اماڻيو.
ٻلونت سنگهه کيس سمجهائي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪيسوٻاءِ،
ٻلونت سنگهه کي چيو؛ ”مونکي وٺي هلڻو آهي، ته ڪارونجهر کي ڪوري کڻي هل!“ سندس اهڙي جواب ۽ انڪار تي ٻلونت سنگهه زور زبردستي
ڪرڻ لڳو ته ڪيسوٻاءِ لٺ کڻي ٻلونت سنگهه تي وريو ۽ چيائينس؛ ”ٻليا!...... تو مون ني ٻيهاڙي“ يعني ”اڙي ٻليا! تون مونکي ڊيڄارين ٿو؟“ ٻلونت سنگهه اهو ردِعمل ڏسي،
چپ چاپ واپس هندستان هليو ويو ۽ سندس وڇوڙي ۽ طعنن سبب، سندس ڌيءَ آپگهات ڪيو ۽ انهيءَ
اطلاع تي چون ٿا ته سندس منهن مان هي دردناڪ جملو نڪتو هو، جنهن اندر هڪ ئي جملي ۾
ورهاڱي جو سمورو درد سمايل آهي؛
”الائي
ڪهڙي ڪرمن جي سزا پيا ڀوڳيون،
نه جيئرن
جا ڄاڃي، نه مئن جا ڪانڌي.“
ڪيسوٻاءِ سوڍو، جيڪو ڌرتيءَ جي سڃاڻپ هو، سندس موت
کان پوءِ هن جي پٽ کي سڃاڻپ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻو پيو ۽ وطن سان وفا جي ريت نڀائڻ
لاءِ مسلمان به ٿيڻو پيو ۽ ڪالهه اهو بابو شيخ پٽ ڪيسوٻاءِ جي نالي وارو سڃاڻپ ڪارڊ
رکندڙ ماڻهو خاموشي سان گذاري ويو. وطن جي هن حقيقي هيرو جي موت جي خبر ٿر ۾ ڳورپٽ
جي موجودگيءَ واري خبر جيتري اهميت به حاصل نه ڪري سگهي. ڪيسوٻاءِ جي موت کان پوءِ
هنن جي زمينن تي قبضا ٿيا، ۽ بابو کي راجپوتن جي قبيلي ۾ به الائي ڇو ڪيسوٻاءِ جي پٽ
بدران ڪولهڻ جي پٽ جي ئي سڃاڻپ ملندي رهي. ڪيسوٻاءِ ۽ بابو شيخ هزار ارهه زوراين جي
باوجود ڪڏهن ڪا پريس ڪانفرنس به ڪا نه ڪئي ۽ نه ئي سيٺين وانگي وطن ۾ بي وطن هئڻ جي
شڪايت ڪئي. بابو شيخ ته ڪڏهن مذهب کي به مسئلو نه بڻايو. جڏهن هو ٺڪرن ۾ ڪولهڻ جو پٽ
ٿي ۽ پارڪر ۾ ڪيسوٻاءِ جو پٽ ٿي نه جي سگهيو ته مسلمان ٿي ويو. بابو شيخ، جنهن گهڙي
اکيون پوريون، ان گهڙي ڪارونجهر جي دامن ۾ هڪ سماجي تنظيم جي “پر وقار” تقريب ۾ سنڌ
جا ساڃاهه-وند ان غم کان بي خبر شريڪ هئا، ته هڪ وطن دوست هيرو جو “وطن دوست پٽ” گذاري
ويو آهي.
ڪوئي ايسي ڀي ڪرتا هي، اپني عشاق سي.......
ڪيسوٻاءِ جا ڪيئي قصا پارڪر ۾ عام جام آهن. جڏهن ڪيسوٻاءِ
جو ذڪر ٿئي ٿو ته اهو سندس سونهن ۽ ڏيا کان شروع ٿي، سندس حُب الوطني ۽ بهادري تي
ختم ٿئي ٿو. اڄ به پارڪر ۾ ڪنهن جي آمد جا انتظام ٿيندا آهن، ته ڪو نه ڪو ڀڻڪو ضرور
ٻڌبو آهي؛
”ڪهڙو ڪيسوٻاءِ ٿو اچي، جو اهڙا
انتظام ٿا ڪريو“.
ڪيسوٻاءِ ۽ بابو
شيخ، پنهنجو نه گذارڻ جهڙو به وقت، ان احساس جي پناهه ۾ گذاري ويا ته هي وطن اسان جي وڃڻ
کانپوءِ سڃو به هوندو ۽ اڪيلو به ٿيندو ۽ انهن جو ڏکين حالتن ۾ بغير ڪنهن دانهن جي
ڌرتيءَ سان نڀائي وڃڻ جو وڙ، هيءُ ديس شايد صدين تائين نه وساري سگهي.
تو سان جيڪر هلندس آئون،
منهنجو ديس اڪيلو ٿيندو،
تون نه کٿيرو کيس به ڪونهي،
ٽونئر، ٽڪون ۽ ويس به ڪونهي،
ها پر تو کي ديس به ڪونهي،
ماڻهو منجهه مٽي ڪيئن مهڪي،
تو کي ڪو نه سمجهه ۾ ايندو!!
No comments:
راءِ ڏيندا