شيخ اياز
ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪرمچنداڻي/ٽنڊو
الهيار
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
تون اڃا پيو جيئن هائي
ڙي جيئڙا!
مهان ڪوي شيخ مبارڪ علي اياز ۲
مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾ جنميو. سندس والد جو نالو شيخ غلام
حسين هو.
شيخ اياز جو پهريون غزل ماهوار رسالي ”سدرشن“ شڪارپور جي جنوري-فيبروري
۱۹۳۸ع واري شماري ۾ شايع ٿيو.
ٽهِ ماهي ”مهراڻ“ ۱۹۵۵ع
۾ سندس ٽيهارو کَن بيت شايع ٿيا ۽ هو ڪوي (شاعر) جي حيثيت ۾ نمايان اُڀري آيو. شيخ
اياز ”ڀونر ڀَري آڪاس“ جي ڇپجڻ سان وڏي مڃتا ماڻي.
سال ۱۹۶۲ع ۾ شيخ اياز جا شعري ڪتاب ”ڀونر ڀَري آڪاس“، ”ڪُلهي
پاتم ڪينرو“، ۱۹۶۳ع ۾ خطن تي ٻڌل ”ڪاڪَ ڪَڪوريا ڪاپڙي“. سال ۱۹۶۴ع ۽ ۱۹۶۸ع
۾ ضبط ڪيا ويا.
شيخ اياز زندگيءَ جو گهڻو عرصو سکر ۾ گذاريو. زندگيءَ جا آخري ڪجهه ورهيه،
ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ گذاريائين. دل جي بيماري ۽ ٻين عارضن سان همت سان ويڙهه ڪندو
رهيو. هو علاج لاءِ لنڊن پڻ ويو، پر اتان موٽڻ کانپوءِ به مڪمل صحتياب ڪو نه ٿيو ۽
۲۸ ڊسمبر
۱۹۹۷ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ۲۹ ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ مٽيءَ
ماءُ حوالي ڪيو ويو.
شيخ اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ جو باني آهي. هو بيت، دوها، وايون، گيت،
نظم، آزاد نظم، هائيڪا ڏيڍ سٽا، ڪهاڻيون ۽ نثر جا بي مثال ۽ لازوال نمونا ڇڏي ويو آهي.
انهن جو ادبي ڪٿ اياز جي وڇوڙي کانپوءِ ساڻس پيار ڪرڻ وارن ۽ پرستارن لاءِ وڏو آٿت
۽ آڌار آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا