; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - مير اعظم علي ٽالپر

10 August, 2013

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - مير اعظم علي ٽالپر

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
سنڌ جي هڪ تاريخ
مير اعظم علي ٽالپر
”حق موجود“ ”جيڪو کيڙي، سو ئي کائي“ جو نعرو ڪنن تي پوڻ شرط پڪ ٿي ويندي هئي ته هي شخص ڪو صوفي يا ڪميونسٽ آهي. سو اصل ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ئي شخصيت هوندي هئي، ڪامريڊ مير محمد منهنجو عزيز ته هو پر هڪ دوست به هو. هو جيڪا ڳالهه عام حالت ۾ نه ڪندو هو ته هٿ جي اشاري سان سڏي ڪن ۾ چئي ڏيندو هو. بظاهر ڪامريڊ مير محمد هڪ عام شخص هو، پر سندس اندر ۾ هڪ وڏي تاريخ سمائل هئي. بقول سندس جنم ۱۹۴۲ع ڌاري ٿيو هو ۽ شروعات ۾ سياسي شعور کيس علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ کان جاڳيو. ان بعد کيس حڪيم جي ڪم سکڻ جو شوق جاڳيو ۽ مولوي معاذ سان گڏ دهلي جي اصل حڪيم جي دواخانه ۾ طب جي علم سان پاڻ کي سنواريو. جنهن بعد چاچا ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سنڌ جي غريب ۽ مسڪين هارين جي پوئيواري ڪرڻ لاءِ پاڻ ملهائڻ جو عزم ڪيو ۽ نعرو هنيو ته ”جيڪو کيڙي، سو کائي.“ سندس زندگي مختلف رنگن سان ڀريل آهي ۽ ان تي تفصيلي روشني وجهي لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي. هن ۱۹۶۹ع ۾ ايوب جي زماني ۾ ملڪ جي بنيادي جمهوريت لاءِ لوڪل بورڊ جي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ هڪ طاقتور (زميندار) اميدوار کي شڪست ڏئي بي ڊي جو ميمبر ٿيو ۽ ڪارڪنن کيس ۱۰ ڪليوميٽرن تائين ڪلهن تي چاڙهي سرڪس ڪرايو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجو گهر ٽنڊو ڄام ڇڏي پنهنجي زمين تي ڍورو نارو ۽ هيرل تي رهائش اختيار ڪئي ۽ وڏو عرصو اتي مريضن جو علاج به ڪندو رهيو. اڄڪلهه هيرل ريلوي اسٽيشن (هڪ ننڍڙي) هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏي هلي ٿي ان جونالو مشرف جي دور ۾ سائين جادم مڱريو مٽرائي پنهنجي والد ترڪو مڱريو جي نالي منسوب ڪري ڇڏيو هو.

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي سياسي زندگي جي ابتدا ۱۹۷۰ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي کان ڪئي ۽ کيس پهريون جنرل سيڪريٽري نامزد ڪيو ويو. ليڪن اها مقرري متنازعه رهي، جنهن لاءِ اڄ به ۱۹۷۰ع جي آگسٽ مهيني جي عبرت اخبار شاهد آهي ته ان ۾ اها خبر شايع ٿي ته ”ڪامريڊ مير محمد ٽالپر کي پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽايو ويو آهي.“ جڏهن ته ان ئي خبر ۾ معراج محمد خان جو به ذڪر شامل آهي ته ڪامريڊ کي جنرل سيڪريٽري مقرر ئي ڪيو ويو هو ته پوءِ هٽائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. حالانڪ معراج محمد خان ڪامريڊ جي عزت افزائي ڪندي اهو بيان ڏنو هو. حقيقت ۾ ڪامريڊ مير محمد پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري وقتي طور هو ۽ سندس تقرير ۱۹۷۰ع جي چونڊ دوران ٽنڊو ڄام شهر جي هڪ وڏي امام بارگاهه جي ميدان تي ڪيل عوام کي نه رڳو سجاڳ ڪيو، پر کلائي کلائي پيٽن ۾ سور وڌو هو. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي سان ڪامريڊ جو ناتو وڌيڪ گهڻو نه هليو. خاص ڪري پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاران بلوچستان اسيمبلي ٽوڙڻ، ميرن سان اختلاف پيدا ٿيڻ بعد ڪامريڊ پيپلز پارٽي کي الوداع چئي ڇڏيو. جيتوڻيڪ حاڪم علي زرداري کي پيپلز پارٽي ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر آندو هو، ليڪن ذوالفقار علي ڀٽو پاران مير علي بخش ۽ ٻين ميرن سان پيش آيل واقعن ڪامريڊ جي دل کٽي ٿي پئي. هي دل جو صاف ۽ بي باڪ ۽ منهن تي چئي ڏيندڙ هو ۽ هڪ دفعي مير برادران جي بنگلي تي ڪنوينشن ۾ تقرير دوران ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته؛ ”منهنجي پارٽي غريبن جي پارٽي آهي“ ان تي ڪامريڊ هڪدم چيو ته؛ ”هي مخدوم، هي پير، مير سڀ غريب آهن ته پوءِ امير الائي ڪير آهي؟“ ڪامريڊ صاحب جي اها خاصيت هئي ته هو جيل ۾ قيدي دوستن وٽ ملڻ لازمي ويندو هو. ان سلسلي ۾ آئون ان جو خود شاهد آهيان ته جڏهن ۱۹۶۹ع جي زماني ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جي تحريڪ ۾ يحيٰ خان جي مارشل لا ۾ آئون بک هڙتال سبب سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد هوس ته سڀ کان پهرين اهو ئي منهنجو عزيز چاچو ڪامريڊ مير محمد ٽالپر مون سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پهتو هو ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ لالا اعظم کيس عزت سان ويهاريو ۽ اسان ملاقات ڪئي هئي. ان بعد جڏهن ڪو مسئلو يا ڳالهه هوندي هئي ته مون کي ضرور ٻڌائيندو هو.
هو جڏهن ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ هندستان ويو ته ساڻس آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي پروڊيوسر وينا شرنگھي ملي ته هن کيس منهنجي واقفيت اڃا به پراڻي ۱۹۷۲ع جي ٻڌائي ۽ کيس ڪجهه گفٽ به مون لاءِ ڏنا، جيڪي هو هت کڻي آيو ۽ پوءِ وينا جي والد مهراج گوپي ڪرشن جي ديهانت تي شهدادڪوٽ وڃڻ ٿيو، جتي خود وينا شرنگھي به آيل هئي ۽ اتي سنڌ جي تاريخ لکندڙ سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سان به ملاقات ٿي هئي.
اصل ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر هڪ زماني جي انسائيڪلوپيڊيا هو ۽ سندس دماغ ۽ حافظو ڏاڍو مضبوط هو ۽ اڄ به هندستان جي پهرين وقتي وزيراعظم ۽ پهرين وزير تعليم مولانه ابوالڪلام آزاد جي ۱۸ منٽ ڪيل ملاقات کي يادگار چوندو هو ۽ کيس پنهنجو مرشد سمجهندو هو. ڪامريڊ مير محمد سان منهنجين يادگيرين ۾ اها يادگيري اهميت رکي ٿي ته جڏهن مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان آيو ته ساڻس عام طرح ملڻ ڪجهه مشڪل هو سو مون کي چيائين ته ڪنهن اخبار جو نمائنده خصوصي بڻائي ڪارڊ ٺهرائي ڏي ته آئون مرتضيٰ سان ملاقات ڪري اچان. ان وقت اتفاق سان آئون کيس انڪار نه ڪري سگهيس ۽ سڌو ”روزانه آفتاب“ جي پريس ۾ وٺي ويس ۽ سنگت ۾ محمد بخش جوهر ۽ احمد خان شيخ ويٺا هئا ۽ حقيقت ٻڌائڻ تي هڪدم ڪامريڊ صاحب کي ڪارڊ ٺهي مليو ۽ ان بعد الله جنت نصيب ڪري سڀني کي سائين شيخ علي محمد چيو ته هاڻ ڪامريڊ انٽرويو به وٺيو اچجان. ان زماني ۾ ڪامريڊ ايترو لکندو نه هو. ان بعد هن پهرين اخبار ”روزانه سنڌ“ لاءِ ڪالم ”روڪڙو جواب“ لکڻ شروع ڪيو. ان بعد ”اڇا منهن، ڪارا مُنهن“ پنهنجي طبيعت مطابق ڪتاب تحرير ڪيو. جنهن بعد ڪل ملائي ۸ ڪتاب لکيا.
ڪامريڊ مير محمد صاحب جيئن ته ڪميونسٽ ٽائيپ هو ۽ سندس گهر جو در ڳاڙهو هوندو هو ۽ پوسٽ جو دٻو سندس گهر جي ٻاهران در تي لڳل هوندو ۽ ٽپالي سدائين ٽپال ان ۾ وجهندو هو. هن جي خاصيتن ۾ اها به خاصيت هئي ته مائي خيري جي مسجد جو ذڪر ڪندي ڪيترن ئي بزرگن جو ذڪر ڪندو هو ۽ پڻ انهن مٿان نالن جون تختيون به هڻائيندو هو. سندس دل ۾ هزارين پيرن فقيرن جا قصا سمائل هئا. بقول ان جي ته مون اڌ رات جو ڪيترائي نالي وارا شخص ڪراچي ۾ نشي ۾ ٻڏل رنن پٺيان ڊوڙندي به ڏٺا آهن. هن جي ڪارنامن ۾ ٽنڊو ڄام لاءِ لطيف شاخ ٽالپرن جي ڳوٺ ۾ بوائز ۽ گرلس اسڪول ۽ ڄام صادق علي کان گئس منظور ڪرائڻ آهي.
ڪامريڊ جي سنگت تمام وڏن ماڻهن کان وٺي غريبن تائين هئي، جن ۾ سائين جي ايم سيد ان بعد امداد محمد شاهه، حيدر بخش جتوئي، بلوچ رهنما اڪبر بگٽي، غوث بخش بزنجو، عطاءُ الله مينگل، ڊاڪٽر عبدالحي بلوچ وغيره. ان کانسواءِ هتان لڏي هندستان ويل سندس ڪافي دوست هئا. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر نه رڳو سنڌ پر پاڪستان جو هڪ هيرو هو ۽ هن ملڪ جي آزادي ۽ انگريز جي ڪڍڻ وارين تحريڪن ۾ به حصو ورتو ۽ ورهاڱي کي ڏٺو. هن پنهنجي زندگي ۾ مختلف ملڪن جا دورا ڪيا، جن ۾ ترڪي، ايران، هندستان خاص ڪري شامل آهن ۽ ان کانسواءِ گڏيل پاڪستان وقت اوڀر پاڪستان ۾ به گهڻو رهيو. مطلب جي ڳالهه اها آهي ته ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سنڌ جو هڪ سدا حيات هيرو هو، جيڪو پنهنجي سيني اندر هزارين راز رکي اڄ مڻين مٽيءَ هيٺ پنهنجي مٽيءَ ماءُ حوالي آهي. جنهن کي پنهنجي والده گهر اندر ننڍپڻ ۾ ابا ميرل سڏيندي هئي، سو اهو ”ميرل“ يا ”ڪامريڊ“ اصل ۾ مير محمد ٽالپر اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. ليڪن سندس داستان هن ”سنسار“ ۾ سدائين پيا گونجندا. يادگيري ايندي ته ڪڏهن ٽهڪڙن ۾ ته ڪڏهن ڏک ۽ غم جي هن ”سنسار“ ۾. جتي نه مان رهندس نه تون رهندين، رهندو فقط نالو الله جو!


No comments:

راءِ ڏيندا