آزاد جتوئي
مون ونيءَ جو وَرُ
حسينه آزاد جتوئي
ماڻهو ناهن موٽندا، ورسيون موٽي اينديون آهن، ۽ سُڪل اکين کي ڌوئي وينديون
آهن. مان جيان به پئي، کاوان به پئي، کلان به پئي، روئان به پئي ۽ حضور بخش جا ڏنل
پنج ٻار پاليان به پئي. انهن ٻارن ۾ مون کي حضور بخش نظر ايندو آهي. حضوربخش جا يار
دوست جڏهن منهنجي گهر ايندا آهن ۽ منهنجن ٻارن سان ملندا آهن ته چوندا آهن؛ ٻار پنهنجي
پيءُ جا مهانڊا ڏيندا آهن.
زندگيءَ جا پنجويهه سال چار مهينا، گڏ گذارياسين. شاديءَ جي سلور جوبلي
به ملهائيسين، جنهن کان پوءِ، ۲۶
آگسٽ ۲۰۰۹ع تي هو مونکان وڇڙي ويو. ائين ئي اوچتو. اچانڪ الائي
ڇا ٿيس. اڄ ڏينهن تائين خبر نه پئجي سگهي.
سندس زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو هو. هن شايد ڪڏهن سوچيو به نه هوندو
ته ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“. هر انسان هن دنيا ۾ مسافر هوندو آهي. هر انسان ٿڪبو به
آهي ۽ ٿڪجڻ کان پوءِ ٿڪ ڀڃندو به آهي. شايد ”آزاد“ به ڪڏهن ٿڪ ضرور ڀڃي ها پر جڏهن
ٿڪجي ها. مون کيس زندگيءَ جي هل هلان ۾ ڪڏهن به ٿڪل نه ڏٺو. ٿڪل ماڻهوءَ جي منهن تي
ايڏيون مسڪراهٽون ڪٿي هونديون آهن؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته هو زندگيءَ جي ڊگهي اڻٿڪ
جدوجهد ڪندي، بغير ٿڪجڻ جي ان پار هليو ويندو، جنهن پار کان ڪو موٽندو ناهي. چوندا
آهن؛ ”بندي جي من ۾ هڪڙي هوندي آهي پر خدا جي من ۾ ٻي هوندي آهي.“ شايد خدا کي به هڪ
سهڻي، کلڻي ۽ ملڻي ماڻهوءَ جي ضرورت هوندي. شايد جنت جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي خدا جا پيارا
رهيل هوندا آهن، جن جي ڪچهريءَ ۾ هڪ کلڻي ملڻي ٻهڳڻ ۽ ملنسار ماڻهوءَ جي ضرورت هوندي،
تڏهن خدا جي اک منهنجي پياري وَرَ حضوربخش آزاد جتوئيءَ تي پئي هوندي ۽ کيس گهرائي
ورتو هوندائين. ڀٽائيءَ جو بيت آهي؛
اُپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،
آهي کي اکڙين، عجب پَرَ
پسڻ جي.
سو مان به کليل اکين سان دنيا جهان ڏسي سگهندي آهيان. مومل جو دفتر ڏسي
سگهندي آهيان. اها ڪرسي ڏسي سگهندي آهيان، جنهن تي آزاد اچي ويهندو هو ۽ اخبار جو ڪم
ڪندو هو. هر شيءِ ڏسي سگهان ٿي، پر جڏهن اکيون پوريندي آهيان ته شاهه چواڻي فقط پرينءَ
کي پسي سگهندي آهيان. پوريل اکين سان فقط آزاد ۽ سندس کلندڙ مرڪندڙ چهرو ڏسي سگهندي
آهيان.
جن آزاد جتوئي کي ڏٺو هوندو يا جيڪي ساڻس مليا هوندا تن کي ئي خبر هوندي
ته آزاد جتوئي ڪهڙي شخصيت هئي. سندس چهري تي هر وقت مُرڪ هوندي هئي. هو کلڻو ملڻو ڳالهائڻو
انسان هيو. هو هڪ پيار ڪندڙ، احساس رکندڙ مڙس به هئو ته پنهنجي ٻچن جو شفيق پيءُ به
هو، جنهن کي پنهنجن ٻچن جي مستقبل جو هر وقت اونو هوندو هو. نه فقط آزاد هڪ سٺو پيار
ڪندڙ مڙس ۽ سٺو شفيق پيءُ هو، پر هو وڏو قومپرست به هو، بس. نعرا نه هڻندو هو، ڪم ڪندو
هو. هو جاکوڙي هو، کاهوڙي هو. هو انسان دوست هو.
آزاد جتوئي ۴ مارچ ۱۹۵۶ع
تي هڪ وڏيرڪي ۽ مذهبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو الهه بخش جتوئي هو، سندس
ڏاڏو مولوي غلام رسول جتوئي، جيڪو هڪ حڪيم به هو ۽ سندس منظوم خطبا اڄ به سنڌ جي مسجدن
۾ جمعي نماز کان اڳ پڙهيا ويندا آهن. ٽيليويزن جي پروگرام ”رنگ منچ“ ۾ محمد قاسم ماڪا
انهن خطبن ۽ مولودن جا حوالا ڏنا آهن. چوڻ جو مقصد آهي ته هڪ وڏيرڪي ۽ مذهبي خاندان
سان واسطو رکندڙ، حضور بخش عرف آزاد جتوئيءَ ۾ نه ته ڪو وڏيرڪو غرور هيو ۽ نه مذهبي
جنون. هن ۾ سهپ هئي، هن ۾ ڏات هئي، هن ۾ ڏاهپ هئي، هن ۾ پيار هيو، هن ۾ انساني اقدار
هيا، هو ليکڪ هو، هن ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ به لکيو. اهڙي طرح سندس دوستيون به لکندڙن،
پڙهندڙ، شاعرن، اديبن ۽ اداڪارن سان هيون. سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ به ڇپجنديون رهيون.
آزاد جتوئي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو به شروعات کان وٺي ميمبر رهيو.
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، پاڪستان آرٽ ڪائونسل جو ميمبر، سنڌ مدرسي
جهڙي اعليٰ تعليمي اداري جي بورڊ جو به هو اعزازي سيڪريٽري رهيو، جيڪو خود هڪ وڏو اعزاز
آهي.
کيس هڪ بئنڪ ۾ ملازمت ملي، جتي هو پنهنجي لياقت، قابليت، ديانت، محنت
۽ ايمانداريءَ ذريعي وڌندو وڃي هڪ سينئر عهدي تي پهتو. هن ”مومل مئگزين“ جاري ڪئي جنهن
کانپوءِ هن سال ۲۰۰۸ع تي ”روزاني مومل اخبار“ کي ميدان ۾ آندو. ”مومل اخبار“
سندس خواب به هو ۽ سندس عشق به هيو. عشق ۽ مُشڪ لڪندا ناهن. هن هڪ بهترين ادارو ٺاهي
ڏنو، ڏينهن رات محنت ۽ لڳن ۽ خوشيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. اَٺَ مهينا لڳاتار مان به سندس
ساٿ ۾ رهيس. سندس خيال هيو ته هن اخبار ذريعي سنڌ ۾ جاڳرتا آڻبي، سنڌ جي سجاڳيءَ لاءِ
ڪم ڪبو. پر افسوس جو سنڌ جو هي ”راڻو“، ”مومل“ کي ماڻي نه سگهيو.
مان پنهنجي وسان بس انهيءَ ڪوشش ۾ مصروف آهيان ته ”مومل“ ڪنهن نه ڪنهن
طرح سان هلندي رهي. بند نه ٿي وڃي، مان آزاد جتوئي جي ”مومل“ کي بند ٿيندي ڏسي نه ٿي
سگهان. انهيءَ سلسلي ۾ آزاد جي دوستن ۽ گهڻ-گُهرن کي به عرض آهي ته اهي مومل کي بند
ٿيڻ کان بچائي وٺن. سرڪاري دفترن ۾ ويٺل، ڪلچر کاتو، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج
اٿارٽي جيڪو جتي به آهي، اهي ”مومل“ جي ادبي، اخلاقي ۽ مالياتي مدد ڪن. مان جڏهن مالياتي
مدد جي ڳالهه ٿي ڪريان ته ان جو مقصد هرگز اهو ناهي ته ڪو پنهنجي کيسي مان ”مومل“ جي
مدد ڪري، بلڪ ان جو مقصد اهو آهي ته ادارا مومل کي اشتهار ڏيندا رهن جيڪي ٻين اخبارن
۽ رسالن کي ملي رهيا آهن ته جيئن ”روزاني مومل“ نه فقط هلندي رهي پر اڳتي به وڌندي
هلي. جيئن آزاد جتوئي جو ٻاريل هي ڏيئو روشني پکيڙيندو رهي.
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
No comments:
راءِ ڏيندا