حضرت قلندر لعل شھباز
رحه
مختصر سوانح حيات ۽
خدمتون
ڊاڪٽر محمد يعقوب
مغل
سنڌ صدين کان الله
وارن، ولين، درويشن ۽ صوفين جو آستان رھي آھي، جن ھميشه ماڻھن کي پيار، محبت، امن
آشتي ۽ ڀائيچاري جي تبليغ ۽ تلقين پئي ڪئي آھي. انھن عظيم صوفين ۽ اولياءِ ڪرام ۾
حضرت عثمان قلندر لعل شھباز رحه کي امتيازي حيثيت حاصل آھي ۽ سندن شخصيت سنڌ واسين
۽ سنڌ کان ٻاھران آيل معتقدن لاءِ قابلِ احترام آھي.
قلندر لعل شھباز
رحه جو عرس ھر سال شعبان جي مھيني ۾ سيوھڻ شريف ۾ ملھايو ويندو آھي ۽ ھن موقعي تي
سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کان علاوه ننڍي کنڊ جي ڏورانھن علائقن مان به قلندر
شھباز رحه جا شيدائي ۽ عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آھن ۽ درگاهه تي خراج عقيدت اچي
پيش ڪندا آھن.
قلندر لعل شھباز
رحه جي اوائلي زندگي ۽ وطن بابت به مختلف روايتون آھن. تاريخ معصومي ۽ حديقته
الاولياء قديمي ماخذ آھن. حديقته الاولياء عبدالقادر بن سيد ھاشم ٺٽوي ۱۰۱۲ھ ۾ لکيو ھو ۽ ھن ڪتاب ۾ اولياء الله ۽
قلندر لعل شھباز جو به تذڪرو ڪيل آھي. انھن ڪتابن کان علاوه سنڌ جي مشھور اديب،
محدث ۽ شاعر مولانا محب علي سنڌي ٺٽوي (وفات ۱۰۴۳ھ) به قلندر لعل شھباز جو مختصر احوال ڏنو
آھي. مولانا محب علي جي تحقيق مطابق حضرت لعل شھباز رحمته الله عليه جو نالو عثمان
ھو ۽ پاڻ مرند جا رھندڙ ھئا. سندن نسب تيرھين پيڙھي ۾ امام جعفر صادق رحه سان وڃي
ملي ٿو. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جي به راءِ آھي ته بعد ۾ لاعلمي سبب مرند
کي مروند سڏيو ويو. مرند تبريز ۾ ھڪ ڳوٺ جو نالو آھي. مطلب ته يقين سان چئي نٿو
سگھجي ته پاڻ آذربائيجان جي ڳوٺ مرند ۾ ڄاوا ھئا يا تبريز (ايران) جي ڳوٺ مرند ۾.
قلندر لعل شھباز
رحه ستن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيو. پاڻ ۱۸ سالن جي عمر جو ھو ته سندس والد محترم لاڏاڻو
ڪري ويو ۽ جڏھن پاڻ ۲۰ سالن جو ٿيو ته سندس والده ماجده گذاري وئي. ابتدائي تعليم بابا ابراھيم
ولي ڪربلائي کان حاصل ڪيائين ۽ سندس بيعت ڪيائين.
ان کانپوءِ قلندر
رحه وطن کان سير و سياحت لاءِ نڪتو ۽ سندس ملاقاتون مختلف صوفياءِ ڪرام ۽ وقت جي
اولياءَ الله سان ٿيون ۽ پاڻ وٽائن فيض حاصل ڪيائون.
پاڻ حضرت امام رضا
رح جي مزار تي اعتڪاف ۾ ويٺو، جيڪو چاليھن ڏينھن تائين جاري رھيو. پاڻ اتان عراق
ويو، جتي امام ابو حنيفه رحه جي مزار تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ حضرت عبدالقادر جيلاني
رحه جي درگاه تي حاضر ٿيو. ان بعد بغداد کان حجاز مقدس تائين پيادل سفر ڪيائين. ان
سفر دوران پھريائين ڪربلا موليٰ ۽ ان کانپوءِ حرمين شريفين پيادل روانو ٿيو. حج
بيت الله ادا ڪرڻ کانپوءِ مدينه منوره ۾ خشوع ۽ خضوع سان عبادت ڪيائين.
روايت ۾ آيو آھي ته
اتان کيس بشارت ملي ته ھندوستان ۾ الله جا بندا سندس ملاقات لاءِ منتظر آھن، اتي وڃي
دين جي ”ھند“ ۽ ”سنڌ“ جي ماڻھن جي خدمت ڪريو. واپسيءَ ۾ ٻيو حج ادا ڪري بغداد ۾
پير عبدالقادر جيلاني جي درگاھه تي ٻيھر حاضري ڏيڻ کانپوءِ ايران ۽ مڪران کان ٿيندو
سنڌ ۾ آيو.
حضرت لعل شھباز
رحه، حضرت غوث بھاءَ الدين زڪريا ۽ سندس فرزند حضرت صدرالدين عارف ٻنھي سان به
ملاقاتيون ڪيون آھن. حضرت غوث بھاءَ الدين زڪريا ملتاني جي تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو
ته شيخ فريد الدين شڪر گنج، سيد جلال سرخ بخاري ۽ حضرت شھباز قلندر رحه سان سندس
ياراڻي ھئي ۽ ھي چار يار گڏجي سير ڪندا ھئا. نصيحت جون محفلون مچائيندا ھئا ۽ ڪيترن
ئي ھنڌن تي سندن بيٺڪون موجود آھن.
روايت آھي ته قلندر
شھباز رحه ملتان ۾ اٽڪل ڏھه سال گذاريا ۽ خان شھيد ساڻن ڏاڍي عقيدت رکندا ھئا ۽
چاھيائين ٿي ته اتي حضرت قلندر شھباز رحه لاءِ خانقاه ٺھرائي پر پاڻ قبول نه ڪيائين.
شاهه شرف الدين بوعلي قلندر کين صلاح ڏني ته ھندوستان ۾ اڳي ئي قلندر موجود آھن.
تنھنڪري پاڻ وڃي سنڌ وسائين جتي سندن بي حد ضرورت آھي.
لعل شھباز ملتان
کان جڏھين سنڌ ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو ته پھريائين سڄي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ آخر ۾ اچي
سيوھڻ ۾ رھائش اختيار ڪيائين. جلد ئي سندن علمي صلاحيتن ۽ روحانيت کان سيوھڻ ۽ آس
پاس جا بزرگ ۽ صوفي ايترو ته متاثر ٿيا، جو کين پنھنجو روحاني رھبر تسليم ڪيائون ۽
اڄ سوڌي حضرت لعل شھباز قلندر رحه کي سنڌ جو روحاني بادشاهه قبول ڪيو وڃي ٿو.
مير علي قانع ٺٽوي
تحفته الڪرام ۾ لکي ٿو ته سيد عثمان مروندي سيوھڻ ۾ اچي جنھن محلي ۾ رھيو اتي بدڪار
عورتن جو اڏو ھو. حضرت شھباز قلندر رحه جي دعا سببان اھي بدڪار عورتون حضرت شھباز
رحه جي آڏو اچي توبھه تائب ٿيون ۽ الله تعاليٰ جي عيادت ۽ ذڪر ۾ مشغول ٿي ويون. ان
بعد بدڪار مرد شور مچائيندا آيا ۽ پاڻ محسوس ڪيائين ته ھنن جي نيت خراب آھي ۽ فساد
ڪرڻ لاءِ آيا آھن. تنھنڪري پاڻ ھڪدم دعا گھريائون اي ڌڻي پاڪ نبي پاڪ جي صدقي ھنن
کي ھدايت نصيب ڪر. ان دعا بعد فسادي ھڪدم قلندر سائينءَ جي سامھون زمين تي ڪري پيا
۽ معافي جا طلبگار ٿيا. حضرت قلندر رحه کين اٿاري سندن سامھون دين اسلام پيش ڪيو ۽
اھي سڀ مسلمان ٿي ويا. سيوھڻ جيڪو اڳ ۾ بدڪاري جو مرڪز ھو، اھو روحانيت جو مرڪز
بنجي ويو.
تحفة الڪرام ۾
قلندر لعل شھباز جي باري ۾ جيڪو احوال ڏنل آھي، اھو گھڻي ڀاڱي قديم ماخذن جي روشني
۾ لکيو ويو آھي. باقي پوءِ جا تذڪره تحفته الڪرام جو لکيل احوال نقل ڪن ٿا.
ھڪ دفعي سيوھڻ ۽ ان
جي پس گردائي ۾ ڏڪار پئجي ويو ۽ سڄو علائقو غير آباد ٿي ويو. ماڻھن اچي کين دعا ڪرڻ
لاءِ راضي ڪيو. پاڻ دعا گھريائون. سندس دعا قبول پيئي ۽ ھڪدم برسات پوڻ لڳي ۽ سڄو
علائقو سرسبز ۽ شاداب ٿي ويو. اھو به روايت ۾ آيو آھي ته لعل شھباز رحه جي دعائن ڪري
ڪيترا بيمار شفاياب ٿيا. قلندر لعل شھباز رحه جو شمار ننڍي کنڊ جي عظيم صوفياء ڪرام
۾ ٿئي ٿو. پاڻ وڏا عاشقِ رسول ۽ صاحب روحانيت ھئا. سندس ڪوشش جو نتيجو ھو جو وادي
سنڌ جي وڏي علائقي ۾ وحدانيت جو پرچار ٿيڻ لڳو ۽ ماڻھو قلندري طريقت جا قائل ٿيا.
قلندر شھباز رحه نه
صرف چوٽيءَ جا عالم ۽ صاحبِ تصوف ھئا. پر ان سان گڏوگڏ صاحب معرفت به ھئا. پاڻ
عظيم معلم، مقرر، اديب ۽ شاعر به ھئا. عربي ۽ فارسي علوم ۽ ادب تي کين بي حد عبور
حاصل ھو. انھيءَ کان علاوه قرآن حديث ۽ فقه جو سندن مطالعو ڏاڍو وسيع ھو. سندن
لکيل ڪيترا ڪتاب مدرسن جي نصاب ۾ شامل ھئا. جن مان خاص ڪتابن جا نالا ھي آھن. عقد،
اجناس، ميزان الصرف، صغير قسم ٻيو وغيره. ميزان الصرف لاءِ اختلاف آھي ۽ چيو وڃي ٿو
ته اھو ڪتاب شيخ عثمان جالنڌري جو لکيل آھي.
لعل شھباز رحه جو ڪلام
ديوان يا ڪليات جي شڪل ۾ اسان کي اڃان سوڌي ملي نه سگھيو آھي. تنھن ھوندي به مختلف
مضمونن، مقالن ۽ تذڪرن ۾ سندس ڪلام نقل ڪيل آھي ۽ ڪجھه حوالا ملن ٿا. تذڪره شھباز
۾ سنڌ جي مشھور محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي شھباز جي ھڪ نعت ۽ ڏھه غزل جمع ڪري
پيش ڪيا آھن. انھن جي مطالعي مان قلندر شھباز رحه جي شاعري جو ڪجھه اندازو ٿئي ٿو.
پاڻ قادريه طريقت
سان منسلڪ ھئا. ان جي باوجود حضرت علي ڪرم الله وجھه جي تعليمات ۽ تصورات کي پاڻ
شانِ قلندري سمجھندا ھئا. ”تعليمات مرتضوي“ جو بنياد فلسفه فقر تي رکيو ويو آھي.
انھيءَ سببان طريقت قلندري جو بنياد به فقر ۽ فنا في الله ھو.
قلندر شھباز رحه
فرمائين ٿا.
در صد جائي کھن
کردم لباس فقر پوشيدم
برآن برج که من
بودم ھزاران يک ريد استيم
حضرت قلندر شھباز
رحه انھن صوفين مان ھئا، جن کي جمالي صوفي چيو وڃي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو پاڻ
جلدئي سيوھڻ ۾ عظيم قابل احترام شخصيت بنجي ويا. قلندر شھباز رحه جو پيغام ڀٽڪيل
انسانيت لاءِ شمع ھدايت جي مثل آھي ۽ وحدت الوجود جي باريڪ نڪتن سان ڀريل آھي.
سندن زندگي محبت، خلوص ۽ ھمدردي جي جذبن سان لبريز ھئي ۽ سندن زندگيءَ جو مقصد دين
اسلام کي ڦھلائڻ ۽ تبليغ ڪرڻ ھو.
حضرت قلندر شھباز
رحه جي نزديڪ زندگي الله تعاليٰ جي ڏنل مقدس امانت آھي، جنھن جو صحيح استعمال
لازمي آھي. ليڪن انھيءَ جي برعڪس آرام طلبي، سُستي، خلوت پسندي ۽ گوشه نشيني
اختيار ڪرڻ سان انسان زندگي جو عظيم مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي. اھو ئي سبب آھي جو
قلندر شھباز جي زندگي مان مسلسل جدوجھد، عزم و استقلال ۽ عمل جو پيغام ملي ٿو.
(ليکڪ سابق
سفارتڪار ۽ سابق ڊائريڪٽر قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي آھي)
حيدريم قلندرم مستم
اعجاز ممنائي
سنڌ جي سرزمين کي
اھو اعزاز حاصل آھي ته ھيءَ سرزمين اوليائن، درويشن ۽ بزرگن جي سرزمين طور اڄ به
پوري دنيا ۾ ياد ڪئي وڃي ٿي. ھن عظيم ڌرتيءَ تي ھر دور ۾ املھ مالڪ انسان پيدا ٿيندا
رھيا آھن جن ڀٽڪيل ماڻھن کي سنئين واٽ ڏيکارڻ لاءِ مختلف طريقن سان تبليغ پئي ڪئي آھي
جن جي بدولت ڪيترائي ماڻھو اونداھيءَ جي ڪُن مان نڪري روشنيءَ جي منزل کي وڃي پھتا
انھن عظيم انسانن مان حضرت لعل شھباز قلندر رح جو نالو وڏي اھميت جو حامل آھي حضرت
لعل شھباز جو اصل نالو شاھ حسين ھو سندس پيدائش ۲۲ رجب المرجب ۵۳۸ھ ۾ صبح صادق جي وقت سيد ابراھيم ڪبيرالدين
جوابي جي گهر ۾ ٿي جيڪو ڪربلا معليٰ ۾ حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي باغ جو
نگران اعليٰ ھو جڏھن ته سندس والده مروند جي حاڪم سلطان شاھ جي ڏوھٽي ھئي. حضرت
لعل شھباز قلندر جا ڪيترائي لقب مشھور آھن جن ۾ لعل، شھباز، قلندر، سيف، شمس
الدين، مھدي، سخي سالار عابد زاھد مست ضامن سائين شيرِ علي مخدوم وغيره آھن پر
قلندر سڀ کان وڌيڪ مشھور لقب رھيو ڇوته سندس اھو لقب رب تعاليٰ جي طرفان عطا ٿيو.
لعل شھباز جي اسم مبارڪ کان ٿيندي جڏھن پاڻ درويشي طريقت وحقيقت ۽ معرفت جي سرداري
حاصل ڪئي ته رب تعاليٰ جي طرفان کيس اسم قلند جو تحفو مليو قلندر جي لغوي معنيٰ
الله لوڪ يا دنيا کي ترڪ ڪندڙ آھي پاڻ قل کان قل تائين سڀ ڪجھه ڄاڻندڙ ھو کين علم
جي پھرئين دروازي جو سڀ علم حاصل ھو قلندر ھر شيءِ کان بي نياز ھر خوف کان بي خطر
فقيري ۽ درويشي ۾ ڪامل رب سان دوستي جو حامل حضوراڪرم صلعم سان محبت جو پيروڪار
مولا علي عليه السلام جي فيض جو ثاني ۽ پنجتن پاڪ جي گهراڻي جي نشاني انھن مڙني
صفات جو مجموعو قلندر آھي. جڏھن ته پنھنجي زندگيءَ ۾ اڪثر ڪري لعل(ڳاڙھو) لباس
پھريندو ھو انڪري ماڻھن کيس لعل چوڻ شروع ڪيو ڇوته پاڻ فرمائيندا ھئا ته لعل رنگ امام
حسين عليه السلام پسند ڪيو ھو تنھنڪري مان ڳاڙھو لباس پسند ڪريان ٿو مونکي اھو لقب
حضرت بيبي فاطمه سلام الله عليھا عطا ڪيو آھي ڇوته مان حسيني لعل آھيان پاڻ ننڍپڻ
کان وٺي تنھائي پسند ھئا ۽ اڪيلو جهنگل طرف روانو ٿي ويندو ھو ۽ رب تعاليٰ سان اڪيلائيءَ
۾ وڃي راز و نياز جون ڳالھيون ڪندو ھو پاڻ ستن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيو جڏھن
ته شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ مروند ۾ حضرت شيخ منصور جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪيائين اھڙي
طرح اسلامي علم سکڻ جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ ٿوري ئي عرصي اندر وڏن عالمن کان
استفاده حاصل ڪري متقي ۽ پرھيزگار بڻجي ويا پاڻ ويھن سالن تائين پنھنجي والده وٽ
رھيا ۽ سندس خدمت وَ اطاعت کي ترجيح ڏيندا رھيا ھڪ ڏينھن حضرت ابراھيم رحمته الله
عليه ماڻھن کي گڏ ڪيو ۽ قلندر لعل شھباز رح جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو ته پاڻ طريقت
جا زاھد ۽ شريعت جا ڪامل ھوندا انڪري توھان سڀ ان جي صحبت اختيار ڪجو ھيءَ ڪامل
بزرگ ۽ وقت جو ولي آھي حضرت قلندر لعل شھباز رح بغداد ۾ رھندي ماڻھن کي رب تعاليٰ
جي رحمانيت جو درس ڏيندا رھيا پاڻ دين اسلام جي سربلنديءَ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا
دورا به ڪيا جن ۾ سڀ کان اڳ مقامِ حرمين شريفين مڪه مڪرمه جي زيارت لاءِ عمري جي
سعادت حاصل ڪرڻ بعد رب پاڪ جي اوليائن ۽ علماءِ ڪرام جي درٻارن تي حاضري ڏنائون ان
کان پوءِ نجف معليٰ ھليا ويا جتي اميرالمومنين حضرت امام علي عليه السلام جي دربار
اقدس ۾ حاضري ڏيئي ڪجھ ڏينھن قيام ڪرڻ کان پوءِ کيس غائبانه اجازت ۽ حڪم مليو ته
پاڻ ڪربلا معليٰ تشريف فرما ٿيا جتي مولا امام حسين عليه السلام جي درٻار اقدس ۾
قيام ڪيائون ۽ امام حسين عليه السلام جي ديدار سان پرمشرف ٿي سردارِ طريقت جو رتبو
حاصل ڪيو ۽ مٿس وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويئي پاڻ ڪجھ ڏينھن کان پوءِ حضرت امام علي
رضا عليه السلام جي دربار مبارڪ تي حاضريءَ لاءِ روانا ٿيا ۽ بعد ۾ سردار اولياءِ
غوث الاعظم رح جي دربار تي حاضري ڏيئي پاڪ و ھند جي سرزمين طرف سفر شروع ڪيو ان
سفر ۾ ساڻس سندس مريد حضرت علي سرمست رح به گڏ ھو پاڻ سنڌ جي سرزمين سيوھڻ پھتا
جتي ماڻھن کي پنھنجي تعليم سان فيضياب ڪيو ۽ ڪيترن ئي عالمن ۽ فقراءِ سان ملاقات ڪئي
ان کان پوءِ پاڻ ملتان ۾ حضرت بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني رح سان ملاقات پڻ ڪئي ۽
پنھنجو تعارف ڪرايو بعد ۾ حضرت داتا جي دربار تي حاضري ڏني ۽ ڪجھه ڏينھن قيام کان
پوءِ پاڻ ھندستان جو سفر شروع ڪيو ۽ ان وقت جي ڪامل ولي حضرت بختيار ڪاڪا رح جي
ديدار سان مستفيد ٿي فيض وٺي حضرت معين الدين چشتي رح جي دربار ۾ پھتا ۽ چلاڪشي
دوران کيس سندس زيارت نصيب ٿي ۽ کيس چيو ويو ته چلاڪشي ختم ڪرڻ بعد حضرت بُوعلي
قلندر رح جي دربار تي ھليو وڃ پاڻ ائين ئي ڪيائين ۽ حضرت بُوعلي قلندر رح سان
طريقت ۽ معرفت تي خوب ڪچھري ڪيائين ۽ حضرت بُوعلي قلندر رح کيس سنڌ ھي سرزمين تي
رھڻ جو تاڪيد ڪيائين ان کان پوءِ پاڻ سيالڪوٽ ۾ حضرت امام علي الحق رح جي دربار ۾
حاضر ٿيا ۽ چند ڏينھن رياضت ۾ گذاري واپس سيوھڻ ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ مستقل سڪونت
اختيار ڪيائين ۽ دين اسلام جي سربلنديءَ خاطر سرگرم عمل رھيا ۽ ماڻھن کي واحد خدا
جي وحدانيت جا سبق ڏيندا رھيا ڇوته ان وقت سيوھڻ ۾ ظلم زيادتيون ۽ بت پرستي عام
ھئي جنھن جو پاڻ خاتمو ڪيائين وٽس انسانيت جو وڏو احترام ھو پاڻ ڪنھن جي به عقيدي
سان ڇيڙڇاڙ نه ڪيائين اھو ئي سبب آھي جو اڄ ساڻس عقيدت رکندڙن ۾ مسلمانن کان سواءِ
ٻين مذھبن جا ماڻھو به شامل آھن قلندرانه معرفت حقيقت ۾ مولاءِ متقيان امام علي
عليه السلام ۽ رحمت اللعالمين نبي المرسلين حضرت محمد مصطفيٰ صلعم تائين رسائي آھي
پاڻ انھن جي معرفت جي طفيل مشھور ٿيا ۽ ماڻھن کي خود مڃرايو ته پنھنجي پير وَ مرشد
جي بندگي جي بدولت پاڻ کي قلندر چوِرايو حقيقت ۾ معرفت کان سواءِ ڪابه عبادت قابل
قبول ڪانھي عبادت خالص خدا جي آھي پر خداوند ڪريم انبياءَ و اوصياء موڪلي پاڻ
تائين رسائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھايو ھونءَ خدا پاڻ به پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي سگهي
پيو پر کيس معرفت جو سبق سيکارڻو ھو تنھن ڪري انبيائن ۽ اوصيائن جو سلسلو شروع ڪيو
جڏھن ھڪ لک چوويھه ھزار انبيائن جو سلسلو ختم ٿيو ته امامت جو سلسلو شروع ڪيائين
امام فقط اسلامي مملڪت جو رھبر ئي نه ھوندو آھي پر روحاني و مادي رھبري ۽ ظاھري و
باطني رھبريءَ سان قيادت ڪندڙ ھوندو آھي خداوند قدوس امام کي پناھ گاھ جي حيثيت
سان متعارف ڪرايو جڏھن الاھي اديان ۽ مذاھب انبياء عليھم السلام جي قلوب تي نازل ٿيندا
آھن ته مينھن جي بُوندن جي مثل صاف ۽ شفاف ھوندا آھن پر جيئن جيئن غليظ ماحول ۽ ڪمزور
و ناپاڪ ذھنن مان گذرندا آھن ته اھي ايترا آلوده ٿي ويندا آھن جو انھن مان بنيادي
پاڪيزگي ضايع ٿي ويندي آھي اھڙن موقعن تي مذھب کي پنھنجي اصل شڪل ۾ باقي رکڻ ھڪ
معصوم پيشوا يا محافظ ھجڻ ضروري آھي قلندر ڪامل بزرگ ۽ دين اسلام جو حقيقي پيروڪار
۽ پاسبان ٿي ھن ڌرتيءَ تي آيو ۽ پنھنجي تبليغ ذريعي روحاني فيض نمايان ڪري غفلت جي
ننڊ مان انسانيت کي جاڳايو قلندر دنيا سان نه پر پنھنجي رب ۽ پنھنجي مرشد سان محبت
جو درس ڏنو آھي اچو سڀ گڏجي پاڻ ۾ قلندرانه صفات پيدا ڪريون قلندرانه سيرت سان
معاشري کي حسد، فريب، بغض، ڪيني، دوکي ۽ دولاب جھڙن گناھن جي ڌٻڻ مان ٻاھر ڪڍون.
پيشوائي رند اندم
از خود نم خود با خودنم
علي شيرِ خدائي ما
جانم خود خدا جانم
لال شهباز قلندر
سندس قلندري فڪر ۽ سنڌ
مسرور سيال
سنڌ سموري سونهن
آهي ۽ اِها سونهن جتي قدرتي نظارن سان آهي ته وري اتي سمنڊ جون ڇوليون، سنڌو دريا
جون موجون، کيرٿر جي پهاڙن واري قطار، منڇر ۽ ڪينجھر جا نظارا آهن سنڌ جي قدامت
جون ثابتيون مهين جو دڙو ڏئي رهيو آهي ته اتي ٺٽي جي مڪلي وارو قبرستان آهي ڪراچي
جي چوٿنڀي به آهي، سنڌ سرسبز شاداب آهي هن جي ڌرتي قدرتي وسيلن سان مالامال آهي،
اتي سنڌ جي اصل سونهن ۽ سونهن جو سبب هن ڌرتي جي خمير ۾ سچائي ايمانداري، خلوص،
مهمان نوازي، حق سچ جي پيغام کي قبولي وٺڻ آهي ان ۾ مظلوم سان محبت ۽ محبت جو
پيغام ڏيندڙن سان عقيدت آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن ڌرتي محبتي انسانن کي پاڻ ڏانهن
ڇڪيو آهي ۽ انهن کي نه رڳو پنهنجي سيني تي جاءِ ڏني آهي پر پنهنجي هنج ۾ به
سمهاريو آهي. هن ڳالھه ۾ ڪوبه عجب ناهي ته عجيبن جا عجب هن ڌرتي سان سلهاڙيل رهيا
آهن اُهي عجيب اصل محبوب آهن جيڪي ڌرتي جي مهربانين جو راڳ هر وقت الاپيندا رهن ٿا
اهڙا محبوب سنڌ جي هر شهر ڳوٺ وستي ۾ ڌرتي جي هنج ورتل آهن انهن ۾ شاھه عبدالطيف ڀٽائي،
سچل سرمست، عبدالله شاھه غازي، شاھه عنايت شهيد، مخدوم بلاول شهيد ۽ قلندري سلسلي
جا مست الست سيد حاڪم سرڪار پٽ واري جھڙا شامل آهن. قلندري سلسلو محبتن جو سلسلو
آهي حق، سچ جو سلسلو آهي. هي واحد سلسلو آهي جيڪو تولا ۽ تبرا جو پرچارڪ رهيو آهي.
هن سلسلي مان وڏيون بزرگ هستيون جنم ورتو آهي جن روحاني فڪر سان گڏ سماج ۾ براين
جي خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو آهي جتي به ويا اتي ظلم ۽ بربريت سامهون رڪاوٽ بڻجي
مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جا مددگار ثابت ٿيا. اهو ئي سبب هو جو جڏهن آذرڀائجان جي شهر
مروند مان عراق ويا اتي روحاني فيض حاصل ڪري روضي امام مظلوم امام حسين عليه
السلام، روضي غازي عباس عليه السلام، نجف ۾ روضي امام علي عليه السلام ۽ سمورن
آئمه عليه السلام جي مقدس حاضريون ڀريون عبادت رياضت ۾ گذاريو غيبي حڪم ملڻ تي ايران
امام رضا عليه السلام جي مزار مقدس تي حاضري ڀرڻ ۽ اتي چلو ڪٽڻ کانپوءِ بشارت ملڻ
تي مديني ۽ مڪي ۾ پهچن ٿا اتي يارهن مهينن تائين رهن ٿا ڪعبت الله، روضي رسول الله
صلي الله عليه وآله وسلم، جنت البقيه ۾ روضي سيده فاطمه زهره سلام الله عليها،
روضه امام حسن عليه السلام، روضه امام علي بن الحسين سيد ساجدين علي زين العابدين،
امام محمد باقر عليه السلام امام جعفر صادق عليه السلام کان روحاني فڪر وٺڻ کان
پوءِ امر ملڻ تي ايران، افغانستان کان ٿيندا سنڌ ڏانهن روانا ٿين ٿا چيو وڃي ٿو ته
امام جعفر صادق عليه السلام جي نمائندي جي حيثيت سان سندن امر تي سنڌ ڏانهن آيا
بلوچستان جي مڪران واري علائقي مان سفر ڪندا آيا جڏهن مڪران ۾ قيام ڪيائون ته اتان
جي ماڻهن رياضت روحاني ڪشش ۽ ڪرامتون ڏسي سندس تائب ٿيا پاڻ ملتان به ويا ۽ اتي جي
روحاني بزرگن سان ڪچهريون ٿيون پر هن جي روحاني طاقت اڳيان سموريون روحاني شخصيتون
گھور وڃڻ لڳيو هيون کيس حڪم هو ته سيوستان سيوهڻ وڃن سو پاڻ پنهنجي منزل سيوهڻ کي
قرار ڏيندي سفر کي جاري رکيو سيوهڻ ۾ سڪندر بودلو هڪ مست الست يگانو هو جيڪو هر
وقت اِهو چوندو رهندو هو ته منهنجو مرشد ايندو ته ظلم کي ختم ڪندو. هي اُهو آواز
هو جيڪو چرٻٽ راجا جي ايوانن کي لوڏي ڇڏيندو هو سيوستان سيوهڻ جو حاڪم جيسر چرٻٽ
راجا هو. جنهن لاءِ چوڻي به مشهور ٿي ته (اونڌي نگري چرٻٽ راجا) جيڪو هڪ ظالم حاڪم
هو عوام مٿان ظلم ڪندو هو هن بودلو کي به گھرائي قيد ڪرائي ڇڏيو هو ۽ مٿس تشدد ڪرائيندو
هو جڏهن به مٿس تشدد ڪيو ويندو هو ۽ هن جي جسم تي ڪوڙا لڳايا ويندا ها ته بودلو جي
زبان مان هڪ ئي آواز نڪرندو هو منهنجو مرشد ايندو هن ظلم کي ختم ڪندو ۽ هڪ ڏينهن
اُهوبه آيو جڏهن بودلو جو مرشد سيوهڻ اچي پهتو ۽ اتي قيام ڪيائين سندس روحاني فيض
عام ٿيڻ لڳو مظلوم وٽس فريادون کڻي اچڻ لڳا چرٻٽ سمورا حيلا هلايا ته جئين روحاني
شخصيت سندس علائقي مان نڪري وڃي فوج به موڪلي وئي پر هن جي انڪار تي فوج بضد هئي
تان جو جڏهن سندس جلال ڏٺائون ته فوج ۽ وزير مشير ڀڄي نڪتا چرٻٽ راجا جو تخت ته ڇا
پر سندس قلعي کي پاڻ اونڌو ڪري دنيا لاءِ عبرت طور پيش ڪيو دنيا کيس لال شهباز
قلندر جي نالي سان سڃاڻڻ لڳي ۽ هن جي عقيدت ۾ ايندا ويا. ان هستي کي قربِ خدا حاصل
ٿيندو ويو ايتري تائين جو دنيا اِهو به ڏٺو ته پنهنجين مرضين کي هُن جي مرضين ۾
شامل ڪري ڇڏيائون جيڪو به حاجتون کڻي پئي آيو جھوليون ڀري پئي ويو اڄ قلندر جي
مزار هيڻن، ڪمزورن، مظلومن، بي سهارن، سماج جي ڌڪاريل انسانن لاءِ ڇانورو بڻيل آهي
دنيا لکن جي تعداد ۾ حاضري ڀري ٿي، قلندر شهباز کي لال ان ڪري سڏيو ويندو آهي ته
پاڻ ڳاڙهي رنگ جو لباس پهريندا هئا، شهباز ان ڪري ته پاڻ وجد ۾ اچي پرواز ڪندا
هئا، قلندر ان ڪري جو حق، سچ چوندا هئا چيو وڃي ٿو ته سندس نالو محمد يا حسين رکيو
ويو پر حالتون خراب هئڻ ۽ آلِ محمد جي حق ۾ نه هجڻ سبب عثمان به سڏيو ويو مشهور
عثمان مروندي ٿيا پر دنيا کيس لال شهباز قلندر سڏيو ۷۳۴هجري ۾ جڏهن دنيا جو مشهور سياح ابنِ بطوطه
دنيا جو سفر ڪندي سيوهڻ پهتو ته پاڻ لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀرڻ جو شرف
حاصل ڪيو هو مشهور محقق شيخ اڪرم پنهنجي تحقيقي ڪتاب موجِ ڪوثر ۾ برٽن جي هسٽري آف
سنڌ ۾ لکيو آهي ته قلندر لال شهباز علمِ لسانيات جو ماهر پڻ هو هنو جا ٻه ڪتاب
ميزان الصرف ۽ صرفِ صفر آهن جيڪي علم جا ذخيره آهن لال شهباز قلندر هڪ وڏي مرتبي
وارا شاعر به هئا جنهن جو ڪلام معرفت جا دروازا کوليندڙ هو، فقيري رنگ ۾ هو دين جو
عالم هو سندس علمي وسعت يا درجو آيت الله العظميٰ جوهو جيڪو شريعتي مسئلن جو حل
قرآن، حديث آئمه جي فرمانن جي روشني ۾ ڏيندا هئا قلندر جو نعرو ظالمن لاءِ ڏهڪاءُ
پيدا ڪندڙ هو اڄ به دمادم مست قلندر وارو جملو ورجايو ويندو آهي مطلب ته قلندري فڪر
روحانيت سان گڏ مزاحمتي ڪردار وارو رهيو آهي جتي ڪيترائي مغرور، متڪبر به اچي
پنهنجا سر جھڪائي پنهنجي ڪمزوري ۽ هيڻائي جو اعتراف ڪندا رهن ٿا. مورخن مطابق سرڪار
لال قلندر ۱۰۳ يا ۱۱۲ سال ظاهري زندگي دنيا اندر رهيا ۱۸ شعبان ۶۷۳ هجري ۱۲۷۵ع ۾ هن فاني دنيا مان ظاهري اکيون بند ڪيون پر بند اکين
سان ۽ ڌرتي ۾ آرامي ٿيڻ باوجود به پنهنجو فيض جاري رکيل آهي لکين انسان بنا ڪنهن
مذهبي متڀيد جي ساڻس عقيدت رکن ٿا سندس درگاھه هن وقت به سماجي ڀلائي واري ڪم ڪري
رهي آهي ڏکايل انسان درگاھه تي اچن ٿا ۽ پنهنجا ڏکن کي سکن صورت ۾ تبديل ڪري وڃن ٿا
هن درگاھه کي ٻه سال اڳ دهشتگردن به نشانو بڻايو ۽ آپگھاتي بم حملو ڪيو جيڪو عين
ان وقت ڪيو ويو جڏهن ڌمال ٿي رهي هئي مقصد قلندري ڌمال کي بند ڪرائڻ هو پر سوين
قلندري ڌمالين جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ باوجود به ڌمال رڪجي نه سگھي قلندر۷۶۷ هون عرس مبارڪ ٿي رهيو آهي ۽ لکين عقيدت
مند شريڪ ٿي رهيا آهن جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته قلندري فڪر شيطاني حملن سان رڪجڻ
وارو ناهي قلندر جي ڌمال جاري رهڻي آهي نوبت وڄڻي آهي ڀير تي ڏونڪا لڳڻا آهن نغارا
وڃڻا آهن ناد نادِ علي پڙهندا رهندا مست ملنگ جھومندا رهندا .قلندري مزاحمتي تحريڪ
جاري رهڻي آهي هر دور جو چرٻٽ حڪمران خلاف مظلوم دامادم مست قلندر ڪندا رهندا.
حضرت لعل شهباز قلندر
تاريخ ۽ شجرو مبارڪ
جنيد حسين جعفري
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي،
سنڌ ڌرتي صوفين، بزرگن جي ڌرتي آهي جنهن جي نشاندهي آخري پيغمبر پنهنجي وقت ۾ ئي ڪري
ويا هئا چيائون مون کي سنڌ مان ٿڌري هير اچي رهي آهي. امام حسين به پنهنجي وقت اهو
چيو، اگر مان ڪربلا نه وڃان ها سنڌ وڃان ها. هزارين سال پراڻي تاريخ ڪنهن به ڌرتي
جي نه آهي صرف ۽ صرف سنڌ ڌرتي واحد آهي. روحاني نقطي نظر کان ڏسجي سنڌ ڌرتي مڪمل
امن، ڀائيچاري سڪون واري ڌرتي آهي جتي ماڻهو رحم ڪرم، علم ۽ صوفيت کي پسند ڪرڻ
وارا ماڻهو رهندا آهن، وڏي ڳالھ هن ڌرتي جي صوفين پنهنجي دعائن سان رڻ ۾ اهڙا
انمول موتي پيدا ڪيا آهن جيڪي صوفين، درويشن جي خدائي پيغام کي پنهنجي من موهيندڙ
انداز سان پيش ڪري دنيا جي ڪنڊڪرڇ کي پيغام ڏئي رهيا آهن جن ۾ عابده پروين، صنم
ماروي جهڙيون صوفي ڳائڻيون پنهنجي منفرد انداز ۾ صوفيت جي پيغام کي ڦيلاهن ٿيون.
هي اهي صوفي، ولي، بزرگ آهن جن خدا جلجلال جي وحدانيت کي ڪائنات جي ڪنڊڪرڇ تائين
پهچايو آهي هاڻ خدا جلجلال به انهن خدا بندن جي درگاهن، مقبرن تي ايندڙ مريدن، جيڪي
سندن پيغامن مان متاثر ٿيندا آهن انهن جي ڪا به دعا ان درگاهن تي گهرن ۽ قبول نه ٿئي
اهو ٿي ئي نٿو سڳهي، اهو قدرت جو قانون آهي خود خدا پنهنجي ڪلام ۾ فرمايو آهي
اوهان منهنجو ذڪر ڪيو آئون واعدو ٿو ڪيان آئون اوهان جو ذڪر ڪندس، جنهن جو مثال
ماضي ۾ صوفي، خدا بندن جي زندگي ڏسون کين پنهنجي ذات، وجود، بنا ڪنهن سهولت، سڄي
زندگي، سادن ڪپڙن ۾ خدا سان عشق، وحدانيت جو درس ڏئي ويا آهن کين عشق جو معيار،
درجات ايترا ته بلند هوندا پنهنجي محبوب جي تلاش ۾ محفلن مان نڪري تنهائين جا پاسا
وٺي، رڻ ريگستانن جا منهن ڪري هليا ويندا هئا پنهنجي ذات کان ايترا ته بيزار ٿي
ويندا هئا جو هو نفس، خواهشن تي حاڪم ٿي ويندا هئا سندن وجود ۾ ايتري ڪرامت هوندي
هئي کين ڪو مريض، بيمار وٺي ايندو سندن هٿ ۾ ايتري شفقت هوندي هئي اهو مريض صحتياب
ٿي ويندو هو. حضرت لعل شعباز قلندر جو شجرو حضرت علي جي فرزند حضرت جعفر صادق،
حضرت جعفر صادق جي فرزند حضرت محمد اسماعيل، حضرت محمد اسماعيل جي فرزند حضرت محمد
عريضي، حضرت محمد عريضي جي فرزند حضرت اسماعيل ثاني، حضرت اسماعيل ثاني جي فرزند
حضرت محمد منصور، حضرت محمد منصور جو فرزند حضرت سيد غالب، حضرت سيد غالب جو فرزند
حضرت عبدالمجيد، حضرت عبدالمجيد جا ٻه فرزند ٿيا، حضرت منتخب بالله، حضرت منتظر
بالله، حضرت منتظر بالله مان حضرت شاه شمس تبريض جو نصب ملي ٿو، ان نصب مان شمس
واري سادات نصب ڄاڻيو وڃي ٿو ۽ حضرت منتخب بالله مان حضرت قلندر لعل شعباز سادات
جو نصب ڄاڻيو وڃي ٿو، حضرت منتخب بالله جي فرزند حضرت محمد مهدي، حضرت محمد مهدي
جي فرزند حضرت هادي، حضرت هادي جي فرزند حضرت احمد، حضرت احمد جي فرزند حضرت
محمود، حضرت محمود جي فرزند حضرت نوح، حضرت نوح جي فرزند حضرت شمس الدين، حضرت شمس
الدين جي فرزند حضرت ابراهيم ڪبير الدين جوابي، حضرت ابراهيم ڪبير الدين جوابي جو
فرزند حضرت عثمان مروندي (لعل شعباز قلندر) آهي. حضرت لعل شهباز جي پيدائش مروند
شهر ۾ ٿي، حضرت قلندر جي جڏهن پئدائش ٿي ان وقت سب علائقي واسي، خلق جو مجموع جمع ٿي
ويو ڇو ته حضرت قلندر پنهنجي ننڍري عمر ۾ پنهنجي والد سان گفتگو ڪري رهيو هو ڇو ته
حضرت لعل شهباز جو پي حضرت ابراهيم ڪبير الدين جوابي جڏهن ڪربلا، حضرت امام حسين
جي روضي تي ويو هو اتي کين بشارت ٿي هئس ته توکي هڪڙو پٽ عطا ٿيندو جيڪو سڄي ننڍي
کنڊ تي حڪمراني ڪندو، ان ڪري حضرت ابراهيم ڪبير الدين جوابي پنهنجي پٽ جو پهريون
اسم گرامي شاه حسين رکيو، سيد غلام علي شمسي، سيد حاڪم علي شاه درويش اهي سب حضرت
قلندر جا اسم گرامي آهن. حضرت قلندر لعل ننڍ پڻ کان ئي تمام عظيم شخصيت جا مالڪ
هئا، ننڍپڻ ئي معجزات ۽ ڪرامات ڏيکارڻ شروع ڪندا هئا، جن کي خود سندس مادر گرامي ڏسي
حيران ٿي ويندي هئي ۽ سندس گڏ داهي فرمائڻ لڳي، مون پنهنجي پوري زندگي ۾ اهڙو ٻار ڪڏهن
به نه ڏٺو، حضرت قلندر لعل جو ظاهري حسن هڪ عظيم مثال رکندو هو، ڪجه فقيرن جو چوڻ
آهي سندس پيشاني نور جيان چمڪندي هئي، حضرت قلندر جي عمر جڏهن ست سال ٿي تڏهن پاڻ
مڪمل قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائون، جڏهن ڪير سندس مخاطب ٿي سوال پڇندو هو ته پاڻ کين
قرآن پاڪ جي مختلف آيتن مان جواب ڏئي مخاطب ٿيندا هئا. حضرت لعل شهباز جي عمر جڏهن
۱۲ سال ٿي تڏهن پاڻ پنهنجي هڪ ساٿي کي وٺي شهر ٻاهر نڪري ويندا هئا، جتي ڪنڊن
جا وڻ هوندا هئا اتي بي ڪري پنهنجي ساٿي کي چوندا هئا ته دول تي دمال وڄائي، جيڪو
هو پاڻ سان گڏ کڻي ايندا هئا، دمال وڄائڻ سان گڏ سندس فقير دم مست قلندر چوندو هو،
۽ حضرت قلندر لعل ان آواز تي جنبش جي صدائن سان گڏ علي ولي جي صدائن کي بلند ڪندا
هئا ۽ پنهنجي جسم کي ڪنڊن سان هڻندو هو، ايتري قدر ڪافي جسم رت سان لعل ٿي ويندو
هو، اهو ئي سبب آهي هر سال سندس درگاه تي فقير جمريون هڻي دمال ڪندا آهن. حضرت لعل
شهباز اڪيلائي کي اڪثر پسند ڪندا هئا، سندس اخلاق، حسن جمال، پاڪ سيرت نصب ڏسي ڪري
وڏن وڏن مهذب گهراڻن ۽ قبيلن کان شادي لاء رشتا آيا ليڪن پاڻ ذڪر جلجلال ۽ خدا جي
عبادت ڪندا هئا، هميشه خدا جي عشق کي دنيا جي عشق سان ترجيع ڏيندا هئا. پاڻ سير
سفر ڪرڻ کي به اهميت ڏيندا هئا، اڪثر مشهد شهر امام علي رضا جي روضي مبارڪ هلي
ويندا هئا ڇو جو مشهد شهر ٻين شهرن نصبت مروند شهر جي تمام ويجهو هوندو هو، مشهد
جو سفر پهاري هوندو هو، قلندر لعل پورو سفر پيرن اگهاري ۽ فاقي جي حالت ۾ هوندو
هو. حضرت قلندر جي عمر جڏهن پنجويه سال ٿي، تڏهن پاڻ مروند کان ڪربلا تشريف
فرمايون، اتي سيد بابا ابراهيم جي صعبت اختيار ڪري ورتائون ۽ ڏهه سال امام حسين جي
روضي ۾ ٻهاري ڪڍندا رهيا، جڏهن سندس عمر پنٽيهه سال ٿي، تڏهن پاڻ حج جي ارادي سان
مڪه مڪرمه ڏانهن سفر ڪيائون، حج جا سب فرض ادا ڪرڻ بعد پاڻ رسول صه جي روضي مبارڪ
جي زيارت ڪرڻ لاء سفر تي نڪتا ۽ اتي هڪ مجاور جي حيثيت سان رهڻ لڳا، اتي سندس
ملاقات حضرت شير شاه جلال سان ٿي، جتي ٻنهي ڪافي عرصي تائين حضرت محمد مصطفي صه جي
روضي تي ٻهاري ڏيندا رهيا ۽ نبي پاڪ صه جي پاڇي ۾ زندگي گذارڻ لڳا، حرمين شريفين
جي زيارت کان پوء پاڻ حضرت علي جي روضي مبارڪ جي زيارت لاء نجف اشرف روانا ٿيا، تڏهن
سندس عمر ايڪهتاليه سال هئي، ۽ پوء حضرت علي جي روضي تي هڪ خادم حيثيت زندگي گذارڻ
لڳا، ڪجه عرصي بعد کين بشارت ٿي، توهان ڪربلا طرف روانا ٿيو توهان جو بابا حضرت
ابراهيم ڪبيرالدين جوابي توهانجي ديدار جا مشتاق آهن ۽ امام حسين جي روضي تان ئي
توهانکي طريقي امر ميسر ٿيندو، ته پاڻ فورن ڪربلا طرف روانا ٿيا، ڪربلا پهچي پنهنجي
بابا جي قدم بوس ٿيا، پنهنجي بابا کي قلندري طريقي سان عرض ڪيائون، سندس بابا ورڻايو،
توهان جو عرض، دربار حسين ۾ ضرور پيش ڪنداسين، اڃان ڪجه ئي ڏينهن گذريا، سندس بابا
مبارڪباد ڏني ۽ فرمائون، توهان جو عرض، دربار حسين ۾ قبول ٿي چڪو آهي. اسان جي
منزل آسان ڪرڻ بعد توهان ننڍي کنڊ طرف نڪري وڃو، اتي اسانجو هڪ طالب آهي، شاه جمال
مجرد، ان کان پنهنجون امانتون حاصل ڪري الله جي دين جي تبليغ ۾ مصروف ٿي وڃجو. ڪجه
ڏينهن ئي گذريا ته سندس والد حضرت ابراهيم ڪبير الدين جوابي جو دارالفنا کان
دارالبقا ڏانهن انتقال ٿي ويو، ان کان بعد پاڻ پنهنجي والد جي غسل ڪفن جو بندوبست ڪري
کين امام حسين جي صحن ۾ دفن ڪيو، جيڪو اڄ به موجود آهي. پوء پاڻ ننڍي کنڊ طرف سفر ڪرڻ
شروع ڪيو، سڀ کان پهرين ڪوالالمپور شهر ۾ تشريف فرمايون، جتي سندس ملاقات حضرت شاه
جمال مجرد سان ٿي، حضرت شاه جمال مجرد جڏهن سندس چهرو ۽ چهري تي ڪرامت ڏٺي ته
فرمايون، توهان لعلن جا لعل آهيو. توهان مون کان پنهنجون امانتون وٺي وٺو، جيڪي
امام زين العابدين کان پشتن پشت اچي رهيون آهن، جنهن ۾ امام زين العابدين جو طوق
به هو، جيڪو حضرت جمال پنهنجي گلي مان لاهي حضرت قلندر جي حوالي ڪيو ۽ حضرت قلندر
اهو پٿر پنهنجي گلي ۾ پاهي ڇڏيو ۽ پوري زندگي اهو پٿر پنهنجي گلي سان لڳائي هلندا
هئا، اهو پٿر اڄ به سندس قبر جي صحن ۾ موجود آهي. ان کان بعد برصغير ۾ تبليغ لاء نڪري
ويا، ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ قبيلن جي اصلاح پاڻ پنهنجي اخلاق ۽ سهڻي سيرت سان ڪندا هئا ۽
ڪيترن فقيرن، مريدن کي مختلف بستين طرف موڪليندا رهيا، ان دور ۾ سنڌ ۾ هڪ بدترين
رياست موجود هئي.
۱۱۵۱ع ۾ حضرت قلندر لعل شعباز مختلف علائقن مان گذرندي سيوهڻ طرف ويا، سيوهڻ ۾
قيام ڪرڻ جو مقصد علائقي ۾ برائي جو خاتمو ڪرڻ هو، علائقي جو هندو بادشاه چرٻٽ
راجا تمام گهڻو ظالم، عياش پرست حڪمران هو، جڏهن حضرت قلندر کي خبر پئي ته سيوهڻ
شهر ۾ حد کان گهڻي بت پرستي، عياشي، زنا عام آهي حضرت قلندر سيوهڻ طرف پنهنجي مريد
بودلي بهار کي موڪليو، ان کان پهرين سيوهڻ ۾ مختلف ولي بزرگ گذريا پر اتي بت
پرستي، عياشي وڌهندي وئي، حضرت قلندر جڏهن بودلي بهار کي موڪليو، بودلي بهار اتي
ماڻهن کي سمجهايو ته انهن بودلي بهار جي ڳالھ نه مڃي ۽ بودلي بهار کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڇڏيائون، ڪجه تاريخ ملي ٿي، جنهن ڏينهن بودلي بهار جو قتل ٿيو ان ڏينهن حضرت لعل
شعباز به سيوهڻ پهتا، حضرت لعل شعباز بودلي کي ٽي ڀيرا آواز ڏني، ٽيو دفعو جڏهن
آواز ڏني، ان تي بودلي بهار خدا جي سچي عاشق جي آواز ٻڌي اٿي آيا، اها ڪرامت جڏهن
شهر جي ماڻهن ڏٺي ته اهي حيران ۽ پريشان ٿي ويا پوء صرف قلندر لعل شعباز جي باري ۾
ڳالھيون ٿينديون رهيون، جڏهن چرٻٽ راجا قلندر جي مريدن جا اهي آواز ٻڌا ته ان
پنهنجي نجومي کان پڇو، اهي ڇا جا آواز آهن ان تي نجومي ٻڌايو، بادشاه سلامت ان خدا
جي فقير هٿان اوهان جي مڪمل سلطنت تباه برباد ٿي ويندي، ان ڪري ان فقير کي جلد کان
جلد شهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. حضرت لعل شعباز بار بار چرٻٽ راجا کي الله جي دين جو
پيغام موڪليندو رهيو پر اهي نافرمان بار بار الله جي دين ۽ الله جي نيڪ بندن جو
مذاق اڏائيندا رهيا. حضرت قلندر فرمايو، اگر توهان الله جي بندن تي ظلم ڪرڻ بند نه
ڪيو ته الله توهان جي قوم تي عذاب نازل فرمائندو. ڪافي گستاخيون ڪرڻ بعد چرٻٽ راجا
اهو سوچو قلندر لعل اسان کي مريل جانور جو گوشت کائڻ کان منع ٿو ڪري، ڇو نه اسان
هن کي مريل جانور جو گوشت کارائيون ۽ ان جي بي عزتي ڪري پنهنجي علائقي مان ڪڍي ڇڏيون،
ان ڳالھ تي چرٻٽ راجا مريل ٻلي جو گوشت پڪائي لعل قلندر اڳيان پيش ڪيو، جڏهن حضرت
لعل قلندر پنهنجي نظر مٿي کڻي ڏٺو ته ان پليٽ مان ٻلي جون آوازون اچڻ شروع ٿيون،
حضرت لعل قلندر جلال ۾ اچي ڪلام پاڪ جي اها آيت فرمائڻ لڳا، خدا هنن جي دلن تي مهر
لڳائي ڇڏي آهي هاڻ اهي هدايت ڪون حاصل ڪري سڳهندا، آيت جي تلاوت سان گڏ اڃان طعام
کي ابتو ڪرڻو ئي هو ته چرٻٽ راجا جو پورو محل ابتو ٿي ويو، چرٻٽ راجا ۽ ان جي پوري
قوم زمين ۾ نيست و نابود ٿي وئي. حضرت لعل قلندر مختلف جڳهين تي عبادت ڪئي، ان جڳهين
مان هڪ جڳه سيوهڻ شريف ۾ به موجود آهي جنهن کي قلندر لعل شهباز جو تخت چيو وڃي ٿو،
ان تخت جي ويجهو هڪ باغ به آهي جنهن کي لعل باغ چئبو آهي. تاريخ ۾ ملي ٿو قلندر
لعل کان پهرين اتي ساوڪ نه هوندي هئي سندس قدم رکڻ بعد ساوڪ ۽ خوشگواري ٿي وئي،
کين اتي هڪ لهي جو وڻ به پوکيائون جنهن هيٺ پاڻ عبادت الهي ڪندا هئا اهو لهي جو وڻ
اڄ به لعل باغ ۾ موجود آهي. پنهنجي آخري وقت ۾ حضرت لعل شهباز، حضرت علي سرمست کي
پنهنجي طريقي مطابق وصيت فرمائي ۽ پنهنجي تدفين واري جڳھ جي نشاندهي به ڪئي ۽ پوءِ
پاڻ عبادت ۾ مصروف ٿي ويا، جڏهن تسبيع جي آواز فقيرن جي ڪنن تي اچڻ بند ٿي وئي ۽
فقير ويجهو آيا ته ڏٺئون پاڻ دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن ويا هليا آهن.
قلندر لعل سيوهاڻي
”اچي حاضر حسيني ٿيءُ،
قلندر لعل سيوهاڻي!“
ولي محمد طاھرزادو
سنڌ جي قديمي شهرن مان سيوهڻ
هڪ اهڙو آڳاٽو شهر آهي، جنهن تي ماضيءَ جي لڙاٽيل پردن پوڻ سببان، اڄ تائين ڪا به
اهڙي تسلي بخش ثابتي نٿي ملي، ته هن جو بنياد ڪڏهن پيو ۽ هن پنهنجي اوج ۽ اقبال جي
دور ۾ زماني جا ڪهڙا لاها چاڙها ڏٺا، ۽ پنهنجن ۽ پراون جي هٿان سيني تي ڪهڙا زخم
سَٺا؟ سنڌ جي تاريخ جي پردن تي سيوهڻ جي قدامت جي ثابتي، بهرحال سڪندر يونانيءَ جي
حملي کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو عيسوي سن کان ۳۳۶ سال اڳ سڄي دنيا فتح ڪرڻ جي خيال سان بي انداز لشڪر
وٺي، ايران، شام، فلسطين ۽ مصر کي لتاڙي، سنڌ ۾ پهتو. هو سنڌ ۾ ڪجهه عرصو، هن شهر
جي دلفريب فضا کان متاثر ٿي، هتي رهي پيو ۽ پنهنجو هڪ يادگار قائم ڪرڻ جي خيال کان
اڳوڻي قلعي جي مرمت ڪرائي، موٽي وطن ڏانهن اُسهيو.
سڪندر جي حملي کان پوءِ سيوهڻ
ڪيرن انقلابن سان روشناس ٿيو. زماني جي ڏنگيءَ چال هن کي ڪڏهن به دائمي طور پنهنجن
جي هٿن ۾ رهڻ ڪين ڏنو. هڪ حملي آور جي چنبي مان لُڇي ڦٿڪي، اڃا هن پنهنجي جان مس
ٿي آزاد ڪرائي، ته ائين ئي ڏسندي ڏسندي ڪنهن ٻئي جو ٿي ٿي ويو. ائين هلندي هلندي
آخر هن جي اوج ۽ اقبال جا ترانا جيڪي ڏيهان ڏور ٻڌبا هئا، سي آهستي آهستي ختم
ٿيندا ويا ۽ هي سڄو شهر برباديءَ واري گوشئه گمناميءَ ۾ رهجي ويو. بهرحال هن شهر
زماني جي هيٺانهين ۽ مٿانهين ان گذرندي، ڇهين صدي هجريءَ ۾ هڪ بزرگ ۽ اهل الله،
سيد عثمان بن ڪبير الدين مروندي، جنهن جي نسب جو سلسلو تيرهين پيڙهيءَ ۾ امام جعفر
صادق رحه سان ملي ٿو، سنڌ جي هن شهر ۾ آيو ۽ سيوهڻ کي پنهنجي ابدي آرام گاهه بنائڻ
جو ارادو ڪيائين. سيد عثمان مروندي اڳتي هلي قلندر شهبا جي لقب سان مشهور ٿيو. هن
هجري ۵۸۳
ڌاري آذربائجان علئاقي ۾ تبريز کان چاليهه ميل اُلهندي طرف مروند نالي هڪ ڳوٺڙيءَ
۾ جنم ورتو. پر ڪڏهن تذڪري نگارن جي راءِ آهي ته مروند افغانستان ۾ هڪ ڳوٺڙو آهي،
جڏهن ته هن سان قلندر شهباز جي پيدائش جو ڪوبه تعلق نه آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو جنم
آذربائجان ۾ ٿيو، جتي مروند نالي هڪ ڳوٺڙو اڄ به موجود آهي. اهڙيءَ ريت مروند جي
بجاءِ مرند ئي صحيح سمجهڻ گهرجي. اهڙو ساڳيو اختلاف پيدائش جي تاريخ بابت پڻ آهي.
قلندر شهباز ننڍيءَ عمر ۾
اعليٰ ذهانت جو مالڪ هو. ستن سالن جي عمر ۾ سارو قرآن شريف حِفظُ ڪرڻ انهيءَ ڳالهه
جو عين ثبوت آهي. حافظ ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي کيس ان دور جي مشهور عالمن ۽ بزرگن
وٽان وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجي اباڻي وطن کي الوداع
چئي، مشهد ۽ عراق ۾ امام رضا ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪري، مديني پاڪ ۽ ڪربلا
معليٰ کان ٿيندو مڪران پهتو. مڪران جي عالمن ۽ صوفي بزرگن، هن کي علمي چاهه ۽ فيض
جي حاصلات لاءِ آماده ڏسي، پنهنجي خاص مريديءَ جي حلقي ۾ آندو ۽ پوءِ ڪافي عرصي
گذرڻ بعد قلندر شهباز کي تبليغ ڪرڻ جي خيال سان هندستان ڏانهن روانو ڪيو. ان وقت
هندستان ۾ سلطان غياث الدين بلبن جي حڪومت هئي ۽ سندس طرفان شهزادو محمد ملتان ۾
گورنر هو. هندستان پهچڻ کان پوءِ قلندر شهباز ملتان ۾ بهاءُ الدين زڪريا جي
خانقاهه ۾ اچي رهيو. شهزادو محمد،
بهاءُ الدين زڪريا جو معتقد هو، انهيءَ وسيلي سان شهزادي محمد جي قلندر شهباز سان
شناسائي ٿي. شهزادي محمد جو قلندر شهباز سان تعلق، جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. چون
ٿا ته قلندر شهباز ملتان ۾ گهڻو عرصو شهزادي محمد ۽ ملتان جي بزرگن سان رهاڻيون
ڪيون. شهزادي محمد جي خواهش ٿي ته قلندر شهباز دائمي طور ملتان ۾ رهائش اختيار
ڪري، ۽ هن انهيءَ خيال سان کيس هڪ جدا خانقاهه جوڙائي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پر اڳتي
هلي قلندر شهباز اهڙو ارادو ترڪ ڪري آخري عمر ۾ ملتان کي الوداع چئي، سيوهڻ ۾ اچي
سڪونت اختيار ڪئي.
تذڪري نگارن جي راءِ آهي، ته
سيوهڻ ۾ قلندر شهباز پنهنجي زندگيءَ جو رڳو آخري هڪ سال گذاريو. انهيءَ حساب سان
پاڻ هجري ۶۵۰ يعني هڪ سو ٻارهن ورهين جي
عمر ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي هوندائين. قلندر شهباز جي ميلي کي وڏي اهميت حاصل آهي. سنڌ
۾ ٻيا به ڪيترائي ميلا ۽ ملاکڙا ٿيندا رهن ٿا، پر هن ميلي جو نمونو ئي ٻيو آهي. هر
سال شعبان مهيني جي تاريخ ۱۸
کان ۲۰
تائين هزارين ماڻهو سنڌ، بلوچستان، مڪران، افغانستان ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تان ڪشالا
ڪري هتي اچي گڏن ٿين ٿا. ٽئي ڏينهن صبح کان وٺي شام تائين نغارن جي ڌم ڌمان لڳي
پئي هوندي آهي. درگاهه تي صبح ۽ شام سارو ڏينهن ڌمالون پيون وڄنديون آهن. هر فن ۽
رنگ جا ماڻهو هن موقعي کي ڏسڻ ايندا آهن. سنڌ جي ٻين ميلن ۾ واپار کي وڏي اهميت
حاصل آهي، پر هتي ايئن نه آهي. ٽئي ڏينهن صبح کان شام تائين راڳ ۽ ساز جو چهچٽو
لڳو پيو هوندو آهي. شام جو ملاکڙو لڳندو آهي، جو خاص ڏسڻ وٽان هوندو آهي.
سخي شهباز
قلندر
مخدوم محمد
عثمان مروندي المعروف قلندر لال شھباز
مسعود لوهار
اڄ کان سيوهڻ شريف ۾ عارفن جي اُستاد، رندن
جي پيشوا ۽ عشق جي خوشبوءِ ورهائيندڙ حضرت مخدوم محمد عثمان مروندي المعروف قلندر
لال شھباز جو عرس مبارڪ شروع آهي. ڌمالن جي آوازن ۽ علي سائين جن جي نعرن سان مُلڪ
گونججي ويو آهي. معرفت جا مَٽ کُلي ويا آهن ۽ دنيا فيض جا ڍُڪَ ڀري رهي آهي.
هلو هلو ڪاڪ تڙئين جتي نينهن اُڇل
نڪا جهل نه پل هرڪو پسي پرينءَ کي
حضرت امام جعفر صادق جي تيرهين پيڙهيءَ ۾،
ايراني آذربائيجان جي مشھور شھر تبريز کان ۴۰ ميلن جي
فاصلي تي ھڪ ننڍڙي شھر مروند ۾ سن ۱۱۴۳ع ۾
اسان جي سنڌ جي لال، عاشقن ۽ مستن جي اکين جي ٺار، لال شهباز قلندر جنم ورتو. ستن
سالن جي صغير عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائون. پنھنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ بغداد
ڏانھن راھي ٿيا. جتي بابا ابراھيم ڪربلائيءَ جي ھٿ تي بيعت ڪري، سندن مريد ٿيا.
بابا ابراھيم، مصر جي مشھور بزرگ حضرت جمال مجرد، جنھن کي ڪافي تاريخدان قلندري
سلسلي جو باني سڏين ٿا، جا خاص خليفه ھئا. بابا ابراھيم ھڪ سال اندر ئي نوجوان
عثمان مروندي کي خلافت جو خِرقو عطا ڪري، کين پنھنجي مرشد حضرت جمال مجرد کان مليل
”سنگ مقبول“ ۽ ھڪ لٺ پڻ عطا ڪيائون. اھي ٻيئي شيون حضرت امام زين العابدين جون
ھيون ۽ تبرڪ جي طور تي ھلنديون آيون ھيون. اھو پٿر لال سائين پنھنجي ڳچي مبارڪ ۾
پائيندا ھئا ۽ ان جي بار سان سندن ڪنڌ جُھڪيل رھندو ھو. ھاڻي اھو پٿر سندن قبر
شريف مٿان ٽَنگيل آھي ۽ زائرين ان کي ”گلوبند“ چوندا آھن.
پنھنجي مرشد بابا ابراھيم جي حڪم تي بغداد
کان سنڌ طرف آيا. ان وقت ملتان جو گورنر شھزادو خان شھيد ھو. خان شھيد ھندوستان جي
بادشاهه غياث الدين بلبن جو پٽ ھو ۽ فقيرن، درويشن ۽ صوفين سان گھڻي لڳندي ھئس.
خان شھيد لال شھباز قلندر کان ايترو متاثر ٿيو، جو کين ملتان ۾ رھي پوڻ لاءِ عرض
ڪيائين ۽ سندن لاءِ ملتان ۾ خانقاهه ٺھرائي ڏيڻ جي به آڇ ڪيائين. پر لال شھباز
سائين پنھنجو مسڪن سيوھڻ کي ڪرڻ جو پڪو پھه ڪري چُڪا ھئا. ملتان ۾ سندن ملاقات
سھرورديه سلسلي جي وڏي بزرگ حضرت غوث بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني ۽ چشتيه سلسلي جي
شيخ حضرت بابا فريد شڪر گنج سان ٿي. ان وقت سنڌ ۾ غوث بھاءُ الدين ذڪريا جو روحاني
اثر رسوخ عام ھو. قلندر سائين حضرت غوث ۽ حضرت جلال سرخ بخاري سان گڏجي، سنڌ ۾ ان
وقت جي ولين، خاص طور پير پٺو ۽ حضرت صدر الدين شاهه لڪي واري سان ملاقاتون ڪيون.
سنڌ ۾ سندن ورود سان قادري قلندري سلسلي جي باقاعده شروعات ٿي، پاڻ سنڌ، پنجاب ۽
ھندوستان جي دور دراز علائقن جي سياحت ڪري اچي سيوھڻ ۾ رھيا ۽ سن ۱۲۵۲ ع ۾ رحلت فرمايائون.
پاڻ نه رڳو عارف ھئا پر وڏا عالم، لسانيات ۽
گرامر جا ماھر به ھئا. مشھور انگريز مورخ ۽ سنڌالاجسٽ رچرڊ برٽن لکيو آھي ته، ۱۸۵۲ع ۾ جڏھن ھو سنڌ آيو ته، مدرسن جي نصاب تي لال سائينءَ جا چار ڪتاب
ميزانِ الصرف، صرفِ صغير، عقد ۽ اجناس ھوندا ھئا. علامه قاسميءَ موجب ته، ميزان
الصرف علامه صاحب جي دور تائين پڻ مدرسن ۾ پاڙهيو ويندو هو. علامه قاسمي ڪتاب
”عقد“ جي باري ۾ لکيو آهي ته، هو لال سائين جي انهيءَ ڪتاب کي وري ڇپائڻ جو ارادو
رکي ٿو، اها خبر ناهي ته، اهو ڪتاب ڇپجي سگهيو يا نه، پر يقينن قلمي صورت ۾ موجود
هوندو. لال سائين جي وري فارسي شاعريءَ جو ته ڪو جواب ئي ناھي. ٽيڪنڪ، ٻولي ۽
معنويت جي لحاظ کان لال سائينءَ جو ڪلام، جيڪو ھاڻي سنڌي ۽ اردو ترجمن سان شايع به
ٿي چڪو آھي، پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ھتي ھڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آھي ته، ڪجهه نام
نھاد محقق، باوجود تاريخي شاھدين جي، لال سائين جي ڪلام کي چشتي سلسلي جي بزرگ ۽
خواجه غريب نواز اجميري جي مرشد خواجه عثمان ھاروني ڏانھن منسوب ڪن ٿا ۽ ڪجهه ٻيا
وري هڪ ڪتاب ”عشقيه“ ۾ آيل شاعريءَ کي لال سائين سان منسوب ڪن ٿا. حالانڪ اها
شاعري عثمان انصاري جي آهي. لال سائين جو ڪلام سندن سرمستي ۽ وجد جي گوناگون تجلين
سان جڳهه جڳهه تي پنھنجي شاھدي پاڻ ٿو ڏي.
آيا عثمان مروندي، چرا مستي در اين عالم
بجز مستي و مدھوشي نباشد ھيچ سامانم
(عثمان مروندي ھن بي بقا عالم جو ڪھڙو آڌار،
اسان وٽ سواءِ مستي ۽ مدھوشيءَ جي ٻيو ڪو سامان ناھي)
منم عثمان مروندي ڪه يار خواجه منصورم
تعجب مي ڪند خلقي ڪه من بردار مي رقصم
(آئون عثمان مروندي خواجه منصور حلاج جو يار
آھيان، خلق تعجب پئي کائي ته سوُريءَ تي به رقص پيو ڪريان)
شهباز لا مڪانم من در مڪان نه گنجم
عنقائي بي نشانم من در نشان نه گنجم
من عين عشق ذوقم سرمست جام شوقم
از چرخ و عرش فوقم در آسمان نه گنجم
(آئون لامڪان شهباز مڪان (Space)
۾ ڪٿي ٿو ماپي سگهان، آئون بي نشان، ڀلا ڪيئن ٿو نشان ۾ رهي سگهان. آئون عشق ۽ جام
جو شوقين آهيان. عرش ۽ اُڀ کان اُتاهون آهيان. آئون آسمان ۾ ڪٿي ٿو ماپجي سگهان)
پروفيسر ڊاڪٽر غلام حيدر سنڌيءَ وري لال سائين
تي لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ سندن فارسي رباعيون ۽ بيت پڻ شامل ڪيا آهن.
غضبت روءِ سرخ اگر نه بود، رحمت زرد روشن ساز د زود
اين سخن بشنواز توبه طلبيئي، سبقت رحمتي علي رضه عرضيئي
(جي تنهنجي ڪاوڙ ڳاڙهو منهن ٿي ڏيکاري ته
تنهنجي رحمت ان کي پِيلي رنگ ۾ تبديل ڪري ٿي ڇڏي. توبه جي قبوليت لاءِ ڌيان ڏئي ٻڌ
ته، حضرت علي سائين جي وسيلي سان پلڙو ڀاري ڪر)
لال شهباز قلندر جو مشرب گذريل نو سئو سالن
کان سنڌ جي هن ننڍڙي شهر سيوهڻ مان سڄي دنيا کي سيراب ڪري رهيو آهي. جي اسلام آباد
پاڪستان جو سياسي ۽ انتظامي ۽ ڪراچي واپار ۽ ڪاروبار جا دارالحڪومت آهن، ته سيوهڻ
شريف پاڪستان جو روحاني گاديءَ وارو هنڌ آهي. سندن درٻار ۾ شيعا، سني، هندو،
عيسائي، ملنگ مجذوب ۽ سالڪ هڪيا نظر ايندا، ته وري سنڌي، پنجابي، بلوچي، پٺاڻ ۽
طرح طرح جون ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ مختلف حُلين ۽ ڪلچر جا ماڻهو هڪ ئي صف ۾ بنا ڪنهن
نفرت ۽ وسوسي جي هن فيض جي ڀنڊار مان پنهنجا مٽ ڀريندي نظر ايندا. پاڻ جيتوڻيڪ
قادري سلسلي ۾ بيعت ٿيا پر سندن مستي ۽ الاھي عشق جي جذب جي ڪيفيت کين نه رڳو
قلندر بڻائي ڇڏيو پر پاڻ شھباز به بڻجي ويا. معرفت جي اُفق تي سندن پرواز ايتري
اوچي ۽ بصيرت ايتري گھري آھي، جو شھباز جو استعارو ڪتب آندو ويو آھي. سندن عرفان
جي روشني تجلين سمان ڌرتيءَ جي ٻاٽ کي اُجاريو بيٺي آھي. ھڪ روايت آھي ته، بغداد ۾
قادريه سلسي جي امام حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه جي مرقد تي حاضري
وقت کين نه رڳو سنڌ ۾ مسڪن اختيار ڪرڻ جو ازن ڪيو ويو پر دستگير بادشاهه پاران کين
قلندر جو خطاب پڻ مليو. لال شھباز قلندر جي روحاني پروفائيل جو سڀ کان وڌيڪ اھم
پھلو سندن اھا محبت ۽ خود سپردگي آھي، اھلِ بيت ۽ معرفت جي ڀنڊار ۽ بابُ العلم
حضرت موليٰ علي ڪرم الله وجھ سان، پاڻ حضرت علي سان عشق ۽ عجز جي اظھار ۾ فرمائين
ٿا ته:
سرگروهِ تمام رندانم، رھبرِ عاشقان مستانم
ھادي ام رھنماءِ عرفانم، ڪه سگِ ڪوُءِ شيرِ يزدانم
حيدريم قلندرم مستم، بندءِ مرتضيٰ علي ھستم
(آئون رندن جو سرخيل چوايان ٿو، مست عاشقن جو
امام ڪوٺايان ٿو. عارفن جي رھنمائن جو به رھبر آھيان، ڇو ته آئون علي رضه جي
گھٽيءَ جو ”سگ“ آھيان. حيدري آھيان، قلندر آھيان، مست آھيان، پنھنجي سرڪار علي رضه
جو تابعدار آھيان.)
تصوف ۽ ويدانت ۾ گُرو ۽ مرشد جي وڏي اھميت
ھوندي آھي، لطيف سائينءَ فرمايو آھي ته،
ڏورج ڏيئو ھٿ ڪري، ڏور م ڏيئان ڌار،
ڪوڙين لک ھزار اونداھي انڌا ڪيا.
وري جي مُرشد ۽ گرو ھجي عارفن جو به رھبر ۽
اھو به معرفت جي اُفق جو شھباز، ته پوءِ پيدا ٿيندا آھن، ميان مير لاھوري (جيڪو
شاھجھان بادشاھه، ۽ شھزادي دارا شڪوهه جو مرشد ھو)، مخدوم جعفر بوبڪائي، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه، مخدوم بلاول، قادر بخش بيدل، محمد محسن بيڪس، ناٿن شاھه
بخاري رحه ۽ حضرت احمد علي قريشي رحه، انھن کانسواءِ لاتعداد بزرگ پنھنجي ملفوظات
۾ قلندر شھباز کان روحاني فيض حاصل ڪري مقامات ماڻڻ جو ذڪر ڪن ٿا. ابن بطوطه کان
وٺي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو تائين قلندر سائين جي فيض جا پڙاڏا تاريخ جو حصو بڻجي
ويا آھن. چون ٿا ته، سر شاھنواز ڀٽو پنھنجي ھڪ ڏينھن جي ڄايل ٻارڙي کي قلندر سائين
جي درٻار تي گھُٽي ڏني ھئي. اھو ٻارڙو ذوالفقار علي ڀٽو ٿيو.
ڌم ڌم وڄن ڌمالون، ڪُلهن ۾ تن کي شالون
پيرن ۾ ڇير ڇم ڇم، آفاق ڏي اُڏارون
پَتيون گلاب موتيا، عنبر ۽ عود مشڪون
سيوهڻ شريف تنهنجون زنده رهن بهارون
حضرت قلندر لعل شهباز رح
رفيق احمد آءِ ميمڻ
سنڌ کي هڪ طرف باب الاسلام هئڻ جو شرف حاصل
آهي ته ٻئي طرف هي ڌرتي بزرگن ۽ اوليائن جي حوالي سان پڻ پوري دنيا ۾ مشهور آهي.
جن پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ فڪر جي ذريعي هن خطي جي ماڻهن جي دلين کي روحاني فيض سان
روشن ڪيو. اهڙن الله تعاليٰ جي نيڪ برگزيده بندن ۾ حضرت محمد عثمان مروندي المعروف
قلندر لعل شهباز رح شامل آهن.
حضرت قلندر لعل شهباز رح علم ۽ عرفان جا اهي
آفتاب آهن جن دنيا کي نه فقط فيضياب ڪيو بلڪ قلندري شرف کان متعارف ۽ روشناس ڪيو ۽
پاڪ خطي کي سندن کي پڻ علم ۽ عمل جي برڪت سان مالا مال ڪري ڇڏيو. هن بزرگ ٿوري ئي
عرصي ۾ ظاهري علم جي تحصيل ڪري ڪمال حاصل ڪيو ۽ ڀٽڪيل انسانن کي دڳ لائي سندن دلين
کي دين جي روشني سان منور ڪيو.
ڪجهه تاريخدانن موجب حضرت قلندر لعل شهباز
جڏهن سيوهڻ جو رخ ڪيو تڏهن سيوهڻ ۾ راجا جيسر جي حاڪم هو. جنهن کي عام طور تي ڄرٻٽ
راجا چيو ويندو هو. قلندر سائين پنهنجي خدمت گذار، خليفن ۽ مردن سان گڏ اتي سڪونت
اختيار ڪئي پر سيوهڻ ڏانهن ايندي لڪي جي جبلن کان گذرندي حضرت شاهه صدر الدين رح
سان ملاقات ڪئي ۽ اتي چلو ڪڍيو بعد ۾ سيوهڻ شريف پهچي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت
کان بيحد متاثر ٿي سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪري هميشه لاءِ سنڌ جو ٿي ويو. حضرت قلندر لعل شهباز رح جو خانداني نالو سيد محمد عثمان آهي.
سندن تاريخ ولادت ۾ وڏو اختلاف آهي. ڪن روايتن ۾ سندن پيدائش ۵۳۸ هه آئي آهي ته ڪن روايتن موجب ۵۷۳ هه آئي آهي. سندن والد محترم جو نالو سيد ڪبير احمد شاهه آهي ۽ سلسله
نسب حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن سان ۱۶ هين پيڙهي ۾ ملي ٿو. پاڻ تبريز جي هڪ ڳوٺ مروند جو هو. جتي سندن
تعليم ۽ تربيت ٿي ۽ حضرت بابا ابراهيم رح جا مريد ٿي کانئن فيضياب ٿيا. هڪ سال جي
سخت رياضت ڪرڻ بعد خرقه خلافت حاصل ڪئي ۽ شهباز جو لقب ماڻيو ڇو ته سندن اکيون
مبارڪ شهباز جي طرح چمڪندڙ هيون. تنهن ڪري سندن مرشد کيس شهباز جي نالي سان سڏيندو
هو. جڏهن ته لعل جو لفظ سندن ذات سان ان جي ڪري وابسته ٿيو جو پاڻ اڪثر ڪري ڳاڙهي
رنگ جو لباس پائيندا هئا. کين قلندر جو لقب ان ڪري مليو جو کين سندس مرشد قلندري
سلسلو به طئه ڪرايو هو مگر ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هڪ ڀيري بو علي شاهه قلندر
کيس قلندر ڪري سڏيو هو ان ڪري سندس نالو قلندر سان مشهور ٿيو.
حضرت قلندر لعل شهباز رح پاڪ و هند جو رخ به
اختيار ڪيو هو. جتي حضرت شيخ بهاءُ الدين ذڪريا رح، حضرت شيخ فريد الدين مسعود شڪر
گنج رح، حضرت سيد جلال الدين سُرخ بخاري رح ۽ حضرت بو علي شاهه قلندر رح جن سان
صحبت اختيار ڪيائون.
پاڻ جڏهن سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪئي ته اتي
فحاشه عورتن جا اڏا هلندا هئا پر سندن آمد تي سندن ڪرامت طور انهن عورتن فحاشي ڇڏي
عزت واري زندگي گذارڻ شروع ڪئي ته ان وقت هڪ ڳالهه مشهور ٿي وئي ته ڪو الله لوڪ
بزرگ پنهنجي خدمت گذارن سان گڏ هتي پهتو آهي ۽ هر وقت رياضت ۾ مشغول آهي. جنهن ڪري
سيوهڻ جي حاڪم ڄرٻٽ راجا فورن پنهنجي مشيرن، وزيرن ۽ نجومين کي طلب ڪيو ۽ ڪافي دير
تائين پاڻ ۾ مشورو ڪيو جنهن بعد هنن سيوهڻ جي حاڪم کي ٻڌايو ته جيڪو مسلمان اوهان
جي سلطنت ۾ داخل ٿي چڪو آهي اهو اوهان جي اقتدار سان گڏ اوهان جي زندگي کي به ختم
ڪري ڇڏيندو ۽ شايد هي اهو ئي فقير آهي جنهن جو هڪ مريد اوهان جي قيد ۾ آهي.
گرفتار مريد بابت تفصيل هن طرح آهي ته هڪ
فقير سيوهڻ جي سرزمين کي پنبهنجي مال سان صاف ڪندي بلند آواز ۾ چوندو هو ته منهنجو
مرشد ايندو مان ان جي استقبال جي تياري ڪيان ٿو ۽ اوهان جي منهنجي مرشد جو استقبال
ڪجو. جنهن ۾ اوهان جي ڀلائي آهي.
اهڙي ڳالهه ٻڌڻ تي سيوهڻ جو حاڪم ڏاڍو ناراض
ٿيو. ڪجهه تنگ نظر وزيرن جي مشوري تي ان فقير کي گرفتار ڪري قيدخاني ۾ بند ڪرائي
ڇڏيو ۽ روزانو ان تي تشدد ڪيو ويندو هو. بهرحال هڪ اهڙو ڏينهن اچي ويو جو هڪ عجيب
واقعو پيش آيو. حضرت قلندر لعل شهباز رح عشاء جي نماز پڙهي پنهنجي خليفن جي موجودگي ۾ مخاطب ٿيو ته:
اي بودله هاڻي تون اسان وٽ هلي اچ ۽ اسان
جون اکيون توکي ڏسڻ لاءِ بي چين آهن“
خليفا حيران ٿي هئا ته سندن مرشد ڪنهن کي
سڏي رهيو آهي ۽ بودلو ڪير آهي؟ ڪٿي آهي. خليفن اهڙو سوال پڻ پڇيو. سندن سوال تي
حضرت قلندر لعل شهباز رح فرمايو ته بودلو اسان جي حڪم تي سيوهڻ ۾ آيو هو پر هتان
جي ظالم حاڪم ان کي قيد ڪري ڇڏيو آهي. اڄ رات جيل جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويندا.
بودلو بس اچڻ وارو آهي. هيڏانهن حضرت قلندر لعل شهباز رح جن جي مبارڪ زبان مان لفظ
نڪتا،هوڏانهن بودلي جي زخمي جسم جا زنجير ٽٽي پيا. بودلي حيرت مان ڏٺو ته جيل جو
دروازو کلي ويو ۽ هو سمجهي ويو ته هي قدرتي مدد آهي. هن بي اختيار نعرو هنيو
”منهنجو مرشد اچي ويو“ هو تيزي سان اٿيو ۽ ٻاهر نڪرڻ لڳو. پوءِ هن کي مرشد جو آواز
ٻڌڻ ۾ آيو ته بودله هن رستي کان هليو اچ. مان تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهيان. ٿورو
هلڻ کانپوءِ هن کي خيما نظر آيا ۽ هو غير ارادي طور هڪ خيمي ۾ هليو ويو. خدمتگار
غير واقف شخص کي مرشد جي خيمي ۾ ويندي ڏسي حيران ٿي ويا. جنهن ڪري حضرت قلندر لعل
شهباز رح پنهنجي خادمن کي ٻڌايو ته هي توهان جو ڀاءُ بودلو آهي. هن کي سيوهڻ جي
حاڪم ستايو هو. مگر انشاالله تعاليٰ حاڪم جلد پنهنجي عبرتناڪ انجام تي پهچندو.
حضرت قلندر لعل شهباز رح هميشه مجرد زندگي
(اڪيلو رهڻ) پسند ڪندا هئا. ان ڪري پاڻ شادي نه ڪيائون هميشه سير سفر ۾ رهندي صبر
۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهندي پنهنجي پاڪ عملن سان
الله تعاليٰ جي ذات کي راضي ڪري ورتو. جو اڄ سندن مزار مٿان سونا گنبذ آهن.
سندن درگاهه تان اڄ به روحاني طرح فيض جاري
و ساري آهي. جتي ۱۸ شبان کان ۲۰ شعبان تائين سندن ٽي روزا عرس مبارڪ (ميلو) وڏي عقيدت ۽ ڌام ڌوم سان
ملهايو ويندو آهي. آسوند پنهنجي من جون جائز مرادو ۽ اميدون پائي ويندا آهن. هن
سال به ميلي جي موقعي تي حضرت قلندر لعل شهباز رح جا لکين عقيدتمند پنهنجي من جون
مرادون کڻي پهچي ويا آهي. تڏهن ته لطيف سائين فرمايو ته:
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو
ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان
ڪوڙين ڪن سلام آڳهه اچيو ان جي.
انڌير نگري
سيوهڻ ۾ سرتاج الاوليا قلندرؒ جي آمد
نظير حيات سيوهاڻي
سيوهڻ شهر لاءِ اهو مشهور آهي ته هن ڪنهن
دور ۾ انڌير ئي انڌير هو. هڪ راجا جي حڪمراني دوران اهڙو نظام قائم هو جنهن جي ڪري
پوري رعيت عذاب ۾ هئي. راجا چرٻٽ (راجا جيسر) جي ان دور ۾ جيتوڻيڪ انساني ضرورت جي
هر شيءَ سستي ملي ويندي هئي ليڪن ناانصافي جي انڌيري جي ڪري هر شهري ڪنهن نه ڪنهن
طرح راجا ۽ ان جي خوشامدي اميرن ۽ وزيرن جي سزا ۾ ضرور ايندو هو. چالاڪ چالباز
ماڻهن جون غلط حرڪتون ۽ ڪوڙيون شاهديون قبول ڪيون وينديون هيون. ايتري قدر جو ڦاهي
جو ڦندو جنهن به شخص جي ڳلي ۾ پورو ايندaو هو ان
کي قصور وار ڏئي سرعام ڦاسي تي چاڙهيو ويندو. نه داد نه فرياد جي اهڙي معاشري ۾
اڪثر ڪري ٻاهر کان آيل مسافر جلد ڦاسجي ويندا هئا.
ڀيري اهڙي دور م ڪي ٻه اجنبي به سيوهڻ ۾ آيا
جنهن ۾ هڪ گروهو ۽ ٻيو سندس چيلو هو. شهر ۾ هر شيءَ ملڻ ۽ سستائي کي ڏسي چيلي اتي
هميشه رهڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته سندس گرو حالت خراب ۽ افراتفري واري ماحول کي
محسوس ڪندي شهر کي جلد ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ڪجهه ڏينهن خوش گذارڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن
چيلو به ناانصافي جي نظام جي ور چڙهي ويو. کيس بي گناهه سزا ملي اهڙي وقت ۾ کيس
پنهنجي گرو جو ڳالهيون ۽ نصيحتون ياد آيون ليڪن پاڻي سندس در مٿان وهي چڪو هو.
اتفاق سان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گرو وري شهر ۾ آيو معلوم ٿيس ته سندس چيلي کي راجا
جي سزا ملي آهي. هن پنهنجي چيلي جي آزادي لاءِ سوچيو ۽ ڄاڻي واڻي هڪ ڏوهه ڪيو. کيس راجا جي آڏو پيش ڪيو ويو. راجا کيس چيو ته ڏوهه ڇو
ڪيو. گرو کيس ٺهه پهه اعتماد سان جواب ڏنو ته اهو ڏوهه مون نه پر توهان ڪيو آهي.
سندس جواب تي راجا ۽ سمورا درٻاري پريشان ٿيا. راجا کيس چيو ته ان جو ڪو شاهد آهي.
گورو چيو ته ان جو مان شاهد آهيان. اهڙي شاهدي ملڻ کانپوءِ راجا وڌيڪ پريشان ٿيو ۽
منجهي پيو. موقعي جو فائدو وٺندي گرو کيس پنهنجي چيلي جي سموري قصي جو بيان ٻڌايو
۽ کيس سمجهايو ته رياست جي ان نظام کي بدلائي ۽ سندس بي قصور چيلي کي آزاد ڪر.
راجا کي مجبوري ۾ ايئن ڪرڻُ پيو ۽ رعيت سک جو ساهه کنيو. ان وقت کان پوءِ اها چوڻي
مشور ٿي ته:
”انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي
سير کاڄا“
سيوهڻ جا وڏڙا ٻڌائين ٿا ته اهي پنهنجي
بزرگن کان سينه به سينه ٻڌندا آيا آهن ته اهو واقعو سيوهڻ ۾ ولين جي ولي حضرت
قلندر لعل شهباز جي آمد کان ٿورو اڳ يا سندس اچڻ واري دور ۾ ٿيو هو. ان وقعي مان
اها معلومات واضع طور ملي ٿي ته قلندر سائين جي سيوهڻ ۾ داخل ٿيڻ وقت سيوهڻ جون
حالتون ڪيتريون خراب هيون. هر طرف عوام عذاب ۾ هو. انڌير ۽ ظلم جي ڪري جيڪو ڏاڍو
سو گابو وارو طريقو مضبوط هو. پوري خطي جا ماڻهو مختلف طبقن، مذهبن ۽ قبيلن ۾
ورهايل هئا. لوڀي ٺڳي ۽ خوشامدي خوب مزي ۾ هئا. بس اهڙي دور ۾ اتي ڪنهن رهنما خدا
جي اهڙي ولي جي ضرورت هئي جنهن جي آمد سان امن ۽ شانتي جو راڄ قائم ٿئي. جڏهن
سرتاج اوليا پنهنجن طالبن سان سيوهڻ ۾ آيا ته سندن فيض ۽ ڪرامتن سان هزارن بي راهه
انسان راهه راست ٿيا. اسلام جي مضبوطي آئي. مسلم توڙي غير مسلم سڀ اتحاد جي دڳ تي
آيا.
تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت قلندر لعل
شهباز سن ۴۲- ۶۴۱ هجري ڌاري سير سياحت ڪندا مڪران ۽ لس ٻيلي واري رستي کان سنڌ ۾ داخل
ٿيا. ان اچڻ واري رستي تي وادي پنجگور ۾ سندن هڪ يادگار آستانو موجود آهي. جنهن کي
اتان جا مقامي ماڻهو دشت شهباز جي نالي سان سڏين ٿا. ان علائقي جا مڪراني بلوچ ۽
ٻيون قومون هاڻ به اتي توڙي سيوهڻ ۾ هر سال وڏي تعداد ۾ اچي ساڻن عقيدت جو اظهار
ڪن ٿا. سندن چوڻ آهي ته قلندر جي زماني کان وٺي سندن وڏڙا هر سال دشت شهباز ۽
سيوهڻ ۾ مزار قلندر تي حاضري ڏيندا رهندا آهن. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته اتان گذر ڪري
سنڌ اچي حضرت پير پٺي سان اوقاف ۶۴۲ هه
ساڻن ملاقاتي ٿيا پوءِ سنڌ جي مختلف ماڳن کان ٿيندا سيوهڻ ۾ اچي وارد ٿيا. پاڻ
جڏهن سيوهڻ ۾ آيا ته کين سيوهڻ جهڙي وڏي آبادي واري شهر ۾ عوام ۽ سادن ماڻهن جي
طرز زندگي تي افسوس ٿيو. پاڻ ڪجهه وقت سيوهڻ ۾ ترسيا ۽ ظلم ۽ ڪفر جو خاتمو ڪيائون
جڏهن حالتون ڪجهه ٺيڪ ٿيون ته سيوهڻ ۾ پنهنجي نائب حضرت سخي بودلي بهار کي ڇڏي
اڳتي هندوستان ڏانهن سفر لاءِ اسهيا. ان سفر دوران سندن آمد جا اهڃاڻ هندستان کان
علاوه بلغ ۽ بخاره تائين ملن ٿا. پويان سيوهڻ ۾ انڌير نگري واري دور جي ڪجهه نادان
سازشين وري حالتن کي خراب ڪرڻ شروع ڪيو ۽ حضرت بودلي کي مختلف بهانن سان تنگ ڪرڻ
شروع ڪيو ۽ بودلو بهار قلندر سائين جي سيوهڻ ۾ ٻيهر آمد جا اعلان ڪري کين
سمجهائيندو رهيو ته بڇڙاين کي ڇڏي امن ۽ محبت ۾ رهن. اسلام جي مضبوطي ۽ قلندري رنگ
۾ هزارين ماڻهن جي رنگجڻ ڪري لالچي ۽ لوڀي ماڻهو هڪ ڀيرو وري انڌا ٿي ويا. جن
پويان حضرت قلندر لعل شهباز ۽ سندن طالبن جي خلاف من گهڙت ڪهاڻيون بيان ڪرڻ شروع
ڪيون جنهن ڪري اهڙي ڪشم ڪش ۾حضرت بودلو بهار ۽ هندو ڪاسائي جهڙو واقعو پيش آيو.
سنڌ جي ڪجهه مورخن سندن سيوهڻ ۾ اچڻ جو سن ۶۴۹ هه ڏيکاريو آهي. ليڪن منهنجي راءِ آهي ته حضرت قلندر لعل شهباز جي
آمد ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مرتبه ٿي آهي. پاڻ ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ڪيترائي ڀيرا
سيوهڻ ۾ ايندا ۽ وري ويندا رهيا آهن. جن ۾ هڪ ڀيرو سندن سيوهڻ ۾ اچڻ ۶۴۹ هه ۾ به ٿيو هوندو. اهڙي طرح سندن وفات واري سال تي به اختلاف آهن.
ڪن مورخن سندن وفات ۶۵۰ هه لکيو آهي ته ڪن
وري ۶۷۳ هه لکيو آهي. اسان اسان به پوئين ۶۷۳ هه ۾ وفات کي درست سمجهون ٿا. (سندن ۷۶۰ هون ساليانو هن سال عرس به ۶۷۳هه واري
سال سان درست بيهي ٿو) سندن سنڌ ۾ آمد ۽ وفات واري سال جي حوالي سان محترم مرحوم
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي پنهنجي هڪ مڪالي ۾ ”مرند، ملتان ۽ سيوهڻ“ ۾ هيٺين ريت دليل
ڏنا آهن.
”تاريخ معصومي ۽ تاريخ فيروز شاهي جي حامين
سلطان غياث الدين بلبن جي پٽ شهزادي محمد سان ملتان ۾ حضرت قلندر شهباز جي ملاقات
ڏيکاري آهي. سلطان محمد سن ۶۶۹ هه
ڌاري ملتان جو گورنر ٿيو. حضرت غوث بهاءُ الدين سن
۶۶۱ هه ۾ وفات ڪئي يعني حضرت غوث جي وفات
کان پوءِ شهزادو ملتان آيو. اهڙي طرح مضمون کي اڳتي وڌائيندي ميمن صاحب لکي ٿو ته پير پٺي سان سنڌ ۾ حضرت غوث جي فرزند صدرالدين
عارف گڏجي قلندر شهباز سن ۶۶۲ هه کان
اڳ ملاقات ڪئي. جڏهن ته پير پٺي سن ۶۴۲ هه ۾
وفات ڪئي. پاڻ لکي ٿو ته قلندر جي وفات جو سال ۶۷۳ هه آهي نه ته پوءِ سندن ملاقات ملتان ۾ محمد شهزادي سان ڪيئن ٿي.
جيڪو ۶۶۹ هه ڌاري ملتان جو گورنر مقرر ٿيو.
سنڌ ۾ جنهن دور ۾ قلندر شهباز آيو ته ان وقت
سيوهڻ تي دهلي وارن جو حڪم هلندو هو. غلام گهراڻي جي سلطان جي حڪومت جو پايو سلطان
قطب الدين ايبڪ ۶۰۲ هه ۾ وڌو. حضرت لعل شهباز قلندر جي
وفات ۶۷۳ هه کان تقريبن ۱۳ سال پوءِ ۶۸۶ هه ۾ ان گهراڻي جو
زور ختم ٿيو. سلطان قطب کان پوءِ سندس رياست ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. سلطان ناصر
الدين قباچه جو دار سلطنت اچ شريف هو. جڏهن ته سلطان شمس الدين التمش جو
دارالسلطنت دهلي هو. قباچه جو حڪم ملتان کان ديبل تائين هلندو هو. جنهن ۾ سيوهڻ به
شامل هو. ٿوري وقت کانپوءِ ٻنهي جو پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيو. سندن اهڙي نااتفاقي جي ڪري
ڪجهه رياستن ۾ سندن گرفت ڪمزور رهي ان ڪري سيوهڻ ۾ به وقت به وقت راجائن ۽ مسلم
راڻن جو راڄ پئي هليو جيڪي مٿي ڏن ڀرندڙ هئا. سيوهڻ کان هيٺ لاڙ ۾ سومرن جي اثر
هيٺ به سرداريون هيون. گمان آهي ته سيوهڻ ۾قلندر جي آمد وقت هندو راجا (جيسر جنهن
کي چرٻٽ چوندا هئا) جي حڪومت هئي پاڻ قباچه جو ڏن ڀريندڙ هو. اسان کي معلوم آهي ته
سيوهڻ ۾ محمد بن قاسم جي فتح ڪرڻ کانپوءِ مسلم حڪومت قائم ٿي. ليڪن اهو به ملي
ٿوته محمد بن قاسم جي اڳتي وڃڻ کانپوءِ پويان سندس ئي زماني ۾ سيوهڻ ۾ بغاوت ٿي ۽
سيوهڻ جي قلعي ۾ هڪ هندو چندرام قلعي بند ٿي ويٺو. اها خبر محمد بن قاسم ملتان کي
فتح ڪرڻ کان اڳ رستي تي پئي. ان بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ مصعب نالي هڪ عرب کي هڪ لشڪر
ڏنو جنهن انهي سورش کي وري ختم ڪيو ۽ ٻيهر اسلامي نظام کي مضبوط ڪيو. ليڪن پوءِ
ڪڏهن سيوهڻ سميت سنڌ ۾ تبدليون اينديون رهيون آهن. اهڙو سلسلو نه رڳو قلندر شهباز
جي سيوهڻ ۾ اچڻ کان اڳ به هلندو رهو ۽ پوءِ به تاريخ ۾ اهڙا احوال ملن ٿا ته اسلام
جي مضبوطي هوندي به ڪڏهن ڪڏهن سيوهڻ سميت سنڌ ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن، اهڙو
سلسلو نه رڳو قلندر شهباز جي سيوهڻ ۾ اچڻ کان اڳ به هلندو رهيو ۽ پوءِ به ايئن
ٿيندو رهيو، جنهن جو هڪ مثال عرب سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ سيوهڻ ۾ اچڻ ۷۲۴ هه واري وقت سيوهڻ جا حالات سخت گرمي، علمي شخصيت، سالڪن جو احوال ۾
لکيو آهي. ابن بطوطه سيوهڻ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جي وفات کان پوءِ اٽڪل ۵۰ سال پوءِ آيو. پاڻ هڪ طرف سيوهڻ ۾ هڪ وڏي مدرسي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ان ۾ دنيا سميت مصر ملڪ جا به استاد ۽ شاگرد
درس تدريس جي عمل ۾ شامل هئا ته ٻي طرف شهر جي هڪ اهم چونڪ تي بي گناهه ماڻهن جي
سسين جي وڏي مينار ٺهڻ جو ذڪر ڪندي هن ريت لکي ٿو. سيوهڻ جي قلعي جي ديوارن تي
انساني لاش لٽڪيل آهن. جن جي بدبوءِ کيس تنگ ڪري ٿي. معلومات وٺڻ تي کيس ٻڌايو ويو
آهي ته سندس اچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳ سيوهڻ ۾ ٻه امير هڪ ونار سومرو ۽ ٻيو قيصر رومي
زبردستي سان حاڪم بڻيل هئا. انهن وٽ ۱۸۰۰ سو
سوار هئا. سندن سيوهڻ تي حڪم هلندوهو. سيوهڻ جو هڪ هندو امير نالي رتن پنهنجي
چالاڪي ۽ دولت سان دهلي وارن کان سردار سنڌ جو لقب وٺي سيوهڻ جو حاڪم بڻجي آيو.
دهلي وارن ان کي سڀ مان ۽ مرتبا بحال ڪري نقارا جهنڊو ۽ ٻيون سڀ نشانيون کيس عطا
ڪيون. ونار ۽ قيصر کي هندو راجا جي اطاعت ڪرڻ سٺو نه لڳو. هنن سازش ڪري شڪار جي بهاني سان کيس قتل ڪرايو. دهلي جي سلطان کي جڏهن اها خبر
پئي ته ان ملتان جي ان وقت جي حاڪم عماد الملڪ کي حڪم ڪيو ته ٻنهي کي لشڪر
وٺي سزا ڏني وڃي. لشڪر جي سيوهڻ ۾ اچڻ جو ٻڌي ونار ٻيو
لشڪر گڏ ڪرڻ ۽ مقابلو ڪرڻ جي بهاني سان سيوهڻ مان ٻاهر
نڪري ويو. قيصر عماد جي لشڪر جو مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ امان گهري عماد کيس امان
ڏئي گرفتار ڪري پوءِ روز چونڊ ڪري سندس فوجين قتل ڪري انهن جون کلون بهه سان ڀري
لڙڪائيندو هو. مٿين احوال ملڻ کانپوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ ۾ قلندر جي وفات
کان پوءِ به اهڙيون حالتون رهيون. قلندر جنهن زماني ۾ سيوهڻ ۾ آيو ان دور ۾ خراب
حالتن جي هوندي به هڪ وڏي عالم حضرت سيف الدين گرنوري جو نالو ملي ٿو. جيڪو ۱۷ سالن جي عمر ۾ اچ شريف کان سيوهڻ ۾ آيو ۽ ۹۵ سالن جي عمر ۾ ۶۹۰ هه ۾
وفات ڪيائين. هن جو سيوهڻ ۾ هڪ اسلامي درسگاهه هو جنهن ۾ سوين مقامي شاگردن کان
علاوه ڏورانهن علائقن جا طالب علم تعليم حاصل ڪندا هئا. قوي امڪان اهي ته ان
درسگاهه جي استادن ۽ شاگردن جون قلندر پاڪ سان رهاڻيون ٿيون هجن ۽ درس تدريس جا
سلسلا هليا هجن. ڇاڪاڻ ته قلندر سائين پاڻ به وڏا معلم ۽ عربي فارسي جي گرامر جا
ماهر هئا. اڳتي هلي ابن بطوط طرح سيوهڻ ۾ اچڻ واري مدرسي جو ذڪر ڪري ٿو. اهو مدرسو
ساڳيو هجي. ساڳئي طرح سيوهڻ ۾ قلندر کان اڳ جن علمي هستين جو ذڪر ملي ٿو. انهن ۾
مخدوم ڇٽو پير ۽ سندس گهر واري فاطمه جو ذڪر به آهي. ٻنهي جي ڪرامتن ۽ علمي فضيلت
جا ڪيترا قصا سيوهڻ ۾ مشهور آهن. فاطمه لاءِ اها به سينه به سينه روايت ملي ٿي ته پاڻ علم نجوم جي ماهر هئي ۽ سيوهڻ جي انڌيري کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪامل
مرد قلندر جي سيوهڻ ۾ اچڻ جا اعلان ڪندي هئي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي سيوهڻ ۾ اچڻ ۽ آخري
سڪونت اختيار ڪرڻ جا ٻيا ڪيترا ئي سبب ڄاڻايا وڃن مگر سندن هميشه ننگري ۾ رهڻ جو
هڪ اهم سبب اهو به هو ته سيوهڻ سندن آمد واري زماني ۾ هڪ وڏي آبادي وارو شهر هو ۽
سنڌ جون حالتون رحم جوڳيون هيون. سنڌ جا مرڪز اروڙ ۽ ديبل ۽ نيرون ڪوٽ وغيره
پنهنجي حيثيت وڃائي چڪا هئا. ٺٽو اڃان وجود ۾ ئي ڪونه هو. بکر ۾ امن امان سان گڏ
مهانگائي جو راڪاس هو. بس سيوهڻ ئي هو جتي مسلم ۽ نو مسلم آبادي ٻين جاين تان اچي
آباد ٿي هئي. تاتارين جي خوف کان به ماڻهو هن طرف آيا. مگر افسوس جي حڪمران طبقي
جي غلط ڪارين جي ڪري هتي عام رعايا سماجي براين ۽ ناانصافين ۾ پيڙهجي رهي هئي.
غرور، وڏائي، نفرتون ۽ فضول رواتيون مستون مست مرد قلندر کي پسند نه آيون. لوڀي
ٺڳي، پيرن ۽ پنڊتن اٻوجهه عوام کي ڪنگال ڪري مذهبن جي تعصب جي باهه ۾ مبتلا ڪري
ڇڏيو هو. راجائن جي ناانصافي جي ڳالهه به سڀ کان سوائي هئي. پاڻ پنهنجي قلندري رنگ
کي رچائي سيوستان ۾ امن پيار ۽ انساني همدردي جا خوبصورت باغيچا ٺاهيا جن سان
مذهبن جا فرق مٽجي ويا. ناد نفيلون، گهنڊ گهڙيال وڄائيندڙ سرور سماع ۽ ڌمالون
هڻندڙ اذان ۽ نماز پڙهندڙ هڪٻئي سان قرب ونڊڻ لڳا. اهو درس هاڻ به جاري آهي. رام ۽
رحمان وارا سڀ چون ٿا ته قلندر اسان جو آ، سنڌ جو آ.
”سيوهڻ شريف
تنهنجون، زندهه رهن بهارون“
مهرالنساءِ لاڙڪ
هڪ ڏينهن وقت جي بادشاهه نوشيروان عادل،
پنهنجي وزير بُزرجمهر کان پڇيو ته ”شجاعت ڇا آهي؟“ هن وراڻيو ته، ”دل جي قوت“.
بادشاهه نوشيروان وراڻيو ته بازوءَ جي قوت ڇو نه ٿو چئين؟ جواب آيو ته، جيڪڏهن دِل
قوي نه آهي ته، قوتِ بازو بيڪار آهي.
اها ڳالهه حقيقت تي مبني آهي. سنڌ ڌرتي جيڪا
پيرن، فقيرن، ولين، درويشن جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي، اُتي به قوي دِل رکندڙ
انسان، هر دؤر ۾ رهيا آهن. سنڌ سونهاري تي الله تعاليٰ جو خاص ڪرم رهيو آهي جو وقت
بوقت پنهنجا پيارا ٻانها موڪلي انهن کي صحيح رستي هلايو اٿائين.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ قلندر شهباز
رحه، سنڌ جا اهڙا صوفي هيرا آهن جن جي ڪردار جي چمڪ جهڙي پهرين ڏينهن هئي، اڄ اُن
کان به وڌيڪ آهي ۽ آئينده اڃا وڌيڪ چمڪندي. اڄ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دؤر آهي، هر
طرف سائنس جي ترقي جو چرچو عام آهي، پر انسان کي اِها سائنس، جسماني سگهه ۽ سک ته
ڏئي ٿي پر روحاني تسڪين، صرف ۽ صرف بزرگن ۽ اولياءِ ڪرام جي درس مان ئي ملي ٿي.
تڏهن ته اوليائن جي مزارن تي ميلا متل هوندا آهن. گلابن جهڙو هڳاءُ، هوائن ۾ هر
طرف ڦهليل هوندو آهي. ذهني سڪون ۽ قلبي قرار ميسر هوندو آهي. اڄ قلندر لال شهباز
جي ۷۶۰ هين عرس جو ٽيون ڏهاڙو آهي ۽ سيوهڻ
شهر اڄ عقيدتمندن سان بيحد ڀريل آهي ۽ هر ماڻهو پنهنجي فلسفي ۽ سوچ مطابق، فيض
حاصل ڪري رهيو آهي. حضرت لال شهباز قلندر کي الله تعاليٰ پنهنجي پيارن ٻانهن ۾
شامل ڪري رکيو آهي. سندن هر دُعا يقيني طور تي قبول ٿيندي هئي. اِهوئي سبب هو جو روزانو
سون جي تعداد ۾ ماڻهو سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ پنهنجي تڪليفن جي دوري لاءِ
دعائون گهرندا هئا ۽ خدا جي رحمت سان انهن جون سڀ مرادون پوريون ٿينديون هيون. اڄ
به شڪسته دل انسان، سندن در تي، دلي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهي اچن ٿا.
بزرگانِ دين ته سدائين، ڀٽڪيلن کي راهه راست
تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي لافاني شاعريءَ
وسيلي، انسان کي عظمت تي پهچائي ڇڏيو، اُهي سڀ گڻ سيکاريا آهن جيڪي سٺي سماج جي
فرد ۾ هئڻ گهرجن ۽ الله تعاليٰ ۽ اُن جي پيارن جي قربت حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ گُر
سمجهايا آهن. پنهنجي وجود کي فنا ڪري ڌڻيءَ جي رضا حاصل ڪرڻ جو درس ڏنو. قلندر
شهباز وري پنهنجي وجود کي رقص ۾ محو ڪري، منزل ماڻي ورتي. هو هڪ عالم هو، پر ان
سان گڏ هڪ درويش ۽ بي نياز قلندر پڻ هو. سندس شهرت جا به اِهي ئي رُخ آهن. پاڻ
غرور کان نفرت ڪندڙ، نياز ۽ نوڙت جو مجسمو هئا. تڏهن ته چوندا آهن ته ڪاميابي جي
منزل تي پهچڻ دشوار نه آهي، بشرطيڪه صحيح رستو تلاش ڪيو وڃي، غلط رستو اختيار ڪرڻ
واري جو مثال ائين آهي، جيئن هڪ ڇٻيءَ وارو هڪ ڳوٺ ۾ سودو وڪڻڻ بعد، ٻئي ڳوٺ جي
طرف (جيڪو اُتان کان پنج ميل جي مفاصلي تي مغرب جي طرف هو) هلڻ لڳو، پر رستو وساري
ٻئي طرف ڏانهن منهن ڪيائين. اٽڪل هڪ ميل رستو طئي ڪرڻ کان پوءِ اُن شخص، هڪ
واٽهڙوءَ کان پڇيو ته فلاڻو ڳوٺ هتان ڪيترو پري آهي؟ اُنهيءَ شخص کلي چيو ته ”جنهن
طرف تون وڃي رهيو آهين اُن طرف کان اهو ڳوٺ پورو ۵۰ هزار ميلن جي مفاصلي تي آهي، يعني ساري روءِ زمين جو چڪر ڪاٽي تون
انهيءَ جاءِ تي پهچندين پر جيڪڏهن سڌو رستو اختيار ڪندين ته اهو ڳوٺ هتان کان صرف ۵ ميل پري آهي.
حضرت لال قلندر رحه به انسانن کي اهڙو سڌو
رستو ڏيکاريو، جيڪو اصل منزل طرف وٺي وڃي ٿو. ڀٽڪيل انسانن کي صحيح دڳ لائڻ لاءِ،
هي عظيم صوفي بزرگ، مروند مان نڪري، دنيا جي مڃيل ۽ معتبر ملڪن ايران، عراق مان
علم حاصل ڪندا، سير ۽ سفر ڪندا، هندستان مان ٿيندا سنڌ ۾ آيا. سنڌ ڏانهن ايندي پاڻ
ملتان وارو رستو اختيار ڪيائون. حضرت لال شهباز قدس سره جي ملتان ۾ پهچڻ وقت،
ملتان جو حاڪم شهزادو محمد خان هو جيڪو پنهنجي پيءُ سلطان بلبن پاران گورنر هو.
ملتان انهن ڏينهن ۾ صوفياءِ ڪرام جي وجود جي ڪري رشڪ ارم هو. شهزادو محمد، سلطان
غياث الدين بلبن جو تمام پيارو پٽ هو ۽ هو علم، هنر، ڏاهپ ۽ دانشمندي ۾ بيمثال هو.
عالمن، اديبن، اولياءِ ڪرام ۽ شعراءِ ڪرام سان هن کي والهانه محبت هئي. هو هڪ عادل
حاڪم پڻ هو. قلندر لال شهباز ملتان ۾، حضرت بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني سان ملاقات
ڪئي ۽ تمام گهڻو فيض حاصل ڪيو.
پاڻ ۶۴۹هه
مطابق ۱۲۵۱ع ۾ سنڌ ۾ آيا. ڪُجهه ڪتابن ۾ اهو به
ذڪر ملي ٿو ته پاڻ اُن کان اڳ ۶۴۲هه، سير سفر دوران سنڌ ۾ آيا هئا، پر پاڻ ۶۴۹هه ۾ اچڻ بعد، مڪمل طور سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ۶۵۰هه مطابق ۱۲۵۲ع ۾ هن دنيا مان
برقعو مٽايو.
حضرت لال قلندر جي شخصيت جو فيض سنڌ ته ڇا
پر سموري دنيا جي ماڻهن لاءِ عام آهي. حضرت سائين لال شهباز، قلندري هئا. قلندرانه
فڪر، اسان لاءِ ڪو نئون نه آهي. قلندري اُهي هوندا آهن جيڪي عبادت ۽ رياضت، فڪر ۽
ذڪر ۾ زندگي گذاري ڇڏيندا آهن. قلندر سائين صاحبِ ڪرامت ولي الله هئا. الله تعاليٰ
سندن مٿان خاص نگاهه ڪرم رکي هئي، جو پاڻ زهد ۽ تقويٰ جا صاحب هئا، سندن آڏو نبي
پاڪ صه جن جي هيءَ حديث هوندي هئي، ”ترجمو: دنيا سان دل نه رکڻ، سڀني عبادتن کان
بهتر آهي ۽ دنيا سان محبت ڪرڻ، سڀني بڇڙاين جو بنياد (جڙ) آهي.“
لال سائين انهيءَ حديث تي عمل ڪندي پنهنجو
پاڻ کي خدا جي سُپرد ڪري ڇڏيو ۽ ان جي محبت ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو. پاڻ، حالانڪه
قلندري سلسله ۾ بيعت ڪيائون پر سندن عشق الاهي، ايترو ته مگن ڪري ڇڏيو جو حضرت علي
ڪرم الله وجهه (باب العلم) سان عشق جي حد تائين روحانيت ۾ سمائجي ويا.
مون کي هتي پنهنجي مرشد سائين جي ڳالهه ياد
ٿي اچي ته انهن فرمايو ته، دنياوي علم سان مالا مال انسان ڀلي ڏهه ڀيرا پي ايڇ ڊي
ڪيل هجي پر هُو اهي ڊگريون صرف دنيا ۾ زندگي تائين ڪيش ڪرائي سگهي ٿو. هُو ته اِهو
به نه ٿو ٻڌائي سگهي ته ڀت جي پويان ڇا ٿي رهيو آهي، پر ديني علم سان مالا مال
انسان جيڪو موليٰ علي ڪرم الله وجهه جي ڏسيل علم تي هلي ٿو ۽ خدا سان نينهن جو
ناتو نڀائي ٿو اُن کي هي منزل ملي ٿي ته هُو توهان کي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته زمين
کان آسمان تائين، خلا ۾ ڇا سمايل آهي ۽ سمنڊ جي تهن اندر ڇا موجود آهي. انسان جي
اندر جو احوال پڻ ٻڌائي سگهي ٿو. تنهنڪري ديني علم ۽ الله جي سُپرد ڪرڻ سان انسان
روح جي اکين سان ڏسڻ لڳي ٿو. قلندر ڪبريا، علم ۽ ڏات جي اُن منزل تي پهتل هو جتي
انسان جي اندر جو احوال به معلوم ٿي سگهي ٿو.
آذربائيجان جو هي اَملهه هيرو، جيئن زندگي ۾
ماڻهن کي فيضياب ڪندو رهيو، تيئن اڄ تائين سندس مزار جي چوکٽ به هر پريشان حال
لاءِ فيض ۽ برڪت جو در کولي ٿو ۽ هر انسان کي سيني سان لائي کيس تشفي ۽ تسڪين ڏئي
موڪلي ٿو. سيوهڻ جون سڀ بهارون، قلندر ڪبريا جي دم سان آهن ۽ رهنديون.
”دم دم وڄن ڌمالون، ڪُلهن ۾ تن کي
شالون،
پيرن ۾ ڇم ڇم، آفاق ڏي اڏارون،
پتيون گلاب، موتيا، عنبر، عود ۽
مشڪون،
سيوهڻ شريف تنهنجون زندهه رهن بهارون.
سيوهڻ جو حضرت لعل شهباز قلندر رح
رفيق احمد آءِ
ميمڻ
حضرت لعل قلندر شهباز رح علم ۽
عرفان جا اهي آفتاب آهن، جن دنيا کي نه فقط فيضياب ڪيو، بلڪ قلندري شرف کان متعارف
۽ روشناس ڪيو ۽ پاڪ خطي سنڌ کي پڻ علم ۽ عمل جي برڪت سان مالا مال ڪري ڇڏيو. هن
بزرگ ٿوري ئي عرصي ۾ ظاهري علم جي تحصيل ڪري ڪمال حاصل ڪيو ۽ ڀٽڪيل انسانن کي دڳ
لائي سندن دلين کي دين جي روشني سان منور ڪيو. ڪجهه تاريخدانن موجب حضرت لعل قلندر
شهباز رح جڏهن سيوهڻ جو رخ ڪيو، تڏهن سيوهڻ ۾ راجا جيرجي حاڪم هئو، جنهن کي عام
طور تي چرٻٽ راجا چيو ويندو هو. قلندر سائين پنهنجي خدمت گذار خليفن ۽ مريدن سان
گڏ اتي رهائشي اختيار ڪئي، پر سيوهڻ ڏانهن ايندي نه فقط لڪي جي جبلن کان گذرندي
حضرت شاهه صدرالدين لڪياري رح سان ملاقات ڪئي ۽ اتي چلو ڪڍيو، بلڪه سنڌ جي مختلف
روحاني بزرگن سان ملاقاتون ڪيون. بعد ۾ سيوهڻ شهر پهچي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽
ثقافت کان بيحد متاثر ٿي سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪري هميشه لاءِ سنڌ جو ٿي ويو.
حضرت لعل قلندر شهباز رح جن جو خانداني
نالو سيد محمد عثمان آهي. سندن تاريخ ولادت ۾ وڏو اختلاف آهي. ڪن روايتن ۾ سندن
پيدائش ۵۳۸ هجري آئي آهي ته ڪن روايتن
موجب ۵۷۳ هجري آئي آهي. سندن والد محترم
جو نالو مبارڪ سيد ڪبير احمد شاهه رح آهي ۽ سندن سلسله نسب حضرت امام جعفر صادق
عليه السلام جن سان ۱۶هين
پيڙهي ۾ ملي ٿو. پاڻ تبريز جي هڪ ڳوٺ مروند جو هيو، جتي سندن تعليم ۽ تربيت ٿي.
حضرت بابا ابراهيم رح جن جا مريد ٿي، کانئن فيضياب ٿيا. هڪ سال جي سخت رياضت ڪرڻ
بعد خرقه خلافت حاصل ڪئي ۽ ”شهباز“ جو لقب ماڻيو، ڇو ته سندن اکيون مبارڪ شهباز
وانگر چمڪنديون هيون. تنهن ڪري سندن مرشد کيس ”شهباز“ جي نالي سان سڏيندو هو. جڏهن
ته لعل جو لفظ سندن ذات سان ان جي ڪري سلهاڙيو، جو پاڻ اڪثر ڪري ڳاڙهي رنگ جو لباس
پائيندا هئا. کين قلندر جو لقب ان ڪري مليو، جو کين سندن مرشد قلندري سلسلو به طئي
ڪرايو هو، پر ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هڪ دفعي حضرت بوعلي شاهه قلندر کيس قلندر
ڪري سڏيو هو، ان ڪري سندن نالو قلندر سان مشهور ٿيو. حضرت لعل قلندر شهباز رح پاڪ
و هند جو به رخ اختيار ڪيو هو، جتي حضرت شيخ بهاءُالدين ذڪريا رح، حضرت شيخ فريد
الدين مسعود شڪر گنج رح، حصرت سيد جلال الدين بخاري رح ۽ حضرت بوعلي شاهه قلندر رح
جن سان صحبت اختيار ڪيائون.
پاڻ جڏهن سيوهڻ ۾ رهائش اختيار
ڪيائون ته اتي فحاشي عورتن جا اڏا هلندا هئا، مگر سندن آمد تي سندن ڪرامت طور انهن
عورتن فحاشي ڇڏي عزت واري زندگي گذارڻ شروع ڪئي ته ان وقت هڪ ڳالهه مشهور ٿي وئي
ته ڪو الله لوڪ بزرگ پنهنجي خدمت گذارن سان گڏ هتي پهتو آهي ۽ هر وقت رياضت ۾
مشغول آهي، جنهن ڪري سيوهڻ جي حاڪم چرٻٽ راجا فورن پنهنجي مشيرن، وزيرن ۽ نجومين
کي طلب ڪيو ۽ ڪافي دير تائين پاڻ ۾ مشورو ڪيو، جنهن بعد انهن سيوهڻ جي حاڪم کي
ٻڌايو ته جيڪو مسلمان اوهان جي سلطنت ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اهو اوهان جي اقتدار سان
گڏ اوهان جي زندگي کي به ختم ڪري ڇڏيندو ۽ شايد هي اهو ئي فقير آهي، جنهن جو هڪ
مريد اوهان جي قيد ۾ آهي. گرفتار مريد بابت تفصيل هن ريت آهي ته هڪ فقير سيوهڻ جي
سر زمين کي پنهنجي رومال سان صاف ڪندي اوچي آواز ۾ چوندو هو ته منهنجو مرشد ايندو،
مان ان جي استقبال جي تياري ڪيان ٿو ۽ اوهان به منهنجي مرشد جو استقبال ڪجو، جنهن
۾ اوهان جي ڀلائي آهي.
اهڙي ڳالهه ٻڌڻ تي سيوهڻ جو
حاڪم ڏاڍو ناراض ٿيو، ڪجهه تنگ نظر وزيرن جي مشوري تي ان فقير کي گرفتار ڪرائي قيد
خاني ۾ بند ڪرائي ڇڏيو ۽ روزانو ان تي تشدد ڪيو ويندو هو. بهرحال هڪ اهڙو ڏينهن
اچي ويو، جو هڪ عجيب واقعو پيش آيو. حضرت لعل قلندر شهباز رح عشاءَ جي نماز پڙهي
پنهنجي خليفن جي موجودگي ۾ مخاطب ٿيو ته اي بودلا! هاڻي تون اسان وٽ هلي اچ ۽ اسان
جون اکيون اوهان کي ڏسڻ لاءِ بيچين آهن. خليفا حيران هئا ته سندن مرشد ڪنهن کي سڏي
رهيو آهي ۽ بودلو ڪير آهي، ڪٿي آهي ۽ خليفن پڻ اهڙو سوال پڇيو. سندن سوال تي حضرت
لعل قلندر شهباز رح فرمايو ته بودلو اسان جي حڪم تي سيوهڻ ۾ آيو هو، پر هتان جي
ظالم حاڪم ان کي قيد ڪري ڇڏيو. اڄ رات جيل جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويندا. بودلو بس!
اچڻ وارو آهي. هيڏانهن حضرت لعل قلندر شهباز رح جن جي مبارڪ زبان مان لفظ نڪتا ته
هوڏانهن بودلي جي زخمي جسم جا زنجير ٽٽي پيا. بودلي حيرت سان ڏٺو ته جيل جو دروازو
کلي ويو ۽ هو سمجهي ويو ته هي قدرتي مدد آهي. هن بي اختيار نعرو هنيو ته منهنجو
مرشد اچي ويو، هو تيزي سان اٿيو ۽ ٻاهر نڪرڻ لڳو. پوءِ هن کي مرشد جو آواز ٻڌڻ ۾
آيو ته بودلا هن رستي کان هليو اچ. مان تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهيان. ٿورڙو هلڻ
کان پوءِ کيس خيما نظر آيا ۽ غير ارادي طور هڪ خيمي ۾ هليو ويو. خدمت گذار غير
واقف شخص کي مرشد جي خيمي ۾ ويندي ڏسي حيران ٿي ويا، جنهن ڪري حضرت لعل قلندر
شهباز رح پنهنجي خادمن کي ٻڌايو ته هي توهان جو ڀاءُ بودلو آهي. هن کي سيوهڻ جي
حاڪم ستايو هو، مگر انشاءَالله تعالى حاڪم جلد پنهنجي عبرتناڪ انجام تي پهچندو ۽
جلد ئي ظالم حاڪم پنهنجي انجام تي پهتو. حضرت لعل قلندر شهباز رح هميشه مجرد زندگي
(اڪيلو رهڻ) کي پسند ڪندا هئا، ان ڪري پاڻ شادي نه ڪيائون. هميشه سير و سفر ۾
رهندي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ الله تعالى جي رضا تي راضي رهندي پنهنجي پاڪ
عملن سان الله تعالى جي ذات مبارڪ کي راضي ڪري ورتو، جو اڄ سندن مزار مٿان سونا
گنبذ آهن. سندن درگاهه تان اڄ به روحاني طرح فيض جاري و ساري آهي، جتي ۱۸ شعبان کان ۲۰ شعبان
تائين سندن ٽي ڏينهن عرس مبارڪ ( ميلو ) وڏي عقيدت و احترام سان ملهايو ويندو آهي.
آسوند پنهنجي من جون جائز مرادون ۽ اميدون پائي ويندا آهن، نه فقط عام زيارتي پر
قد آور سياسي شخصيتون ۽ وقت جا حاڪم پڻ روضي تي پهچي عقيدت جا گل نڇاور ڪندا آهن ۽
هن سال به ميلي جي موقعي تي حضرت لعل قلندر شهباز رح جا لکين عقيدتمند پنهنجي من
جون مرادون کڻي پهچي ويا آهن.
جهولي لعل قلندر
جمع ۲۷ مئي ۲۰۱۶ع
وصال وقت، حضرت قلندر لعل شهباز
جي چپن تي آخري لفظ ڪهڙا هئا؟ ”حيدريَم قلندرم مَستم، بندهءِ مرتضيٰ، علي هَستم.“
سيوهڻ نگريءَ ۾ پهچي، ڌمال در ڌمال، هزارين زائرين جي هجوم مان هلندو، هي جنهن
پاسي آئون وڃي پهتس...جان جو اکيون کڻي سامهون ڏسان ته لعل سائينءَ جي هندو خليفه
لال داس جو لال گلال آستانو سامهون. اڙي واهه اُتي ته غازيءَ جي جهنڊي جو رنگ به
ڳاڙهو، ته لال داس جي لحد مٿان پَڙ به ڳاڙهو. مٿان مزار جي ديوارن جو رنگ وري ريٽو
ريٽو، تڏهن ياد پئم...لعل سائينءَ جي ويجهي ماضيءَ وارو هي سئو ساله پنجابي ڪشميري
خليفو مون ڏٺو به ته هو ۽ ڇا ته خوبصورت انسان! ۽ اتفاق سان ان ڏينهن ملڪهءِ ترنم
نورجهان به هن وٽ آستاني تي لٿل هئي ۽ گُهنڊ گهنڊالو ڪري سندس پيرن ۾ ويٺي هئي. ان
لال داس، سئو ورهين جي ڄمار ۾ اولاد نرينا لاءِ پوءِ شادي ڪئي کيس جهٽ پٽڙو به عطا
ٿيو، جنهن جو نالو رکيائين: ”آسن داس!“ اڙي بابا، اهو آسن داس هاڻي ته ڦُوهه جوان...ڏينهن
جو آفتاب ۽ رات جو مهتاب لڳندو آهي، پر مون ته آسن داس کي ٻالڪپڻ ۾ به ته ڏٺو هو ۽
اُن وقت سبزواري محلي جي گهٽيءَ ۾ هُن گولي ڳنڍي واري کان رنگين گولو ڳنڊو وٺي ڇا
پئي کاڌو، هُو ته ڄڻ پاڻ پئي هڪڙو رنگين برف جو گولو ڳنڍو لڳو. اجهو، لال داس جي
گهٽيءَ کان مٿي چڙهيس ته هي سيوهڻ شريف جو للي هَٽ وارو پاڙو...ننڍي کنڊ جو عظيم
اداڪار مصطفيٰ قريشي ان ئي ته پاڙي جي آس پاس ڪنهن گهر ۾ ڄائو هو. سندس قديم اجاڙ
گهر جا آثار اڄ به اُتي موجود ٻُڌايا پئي ويا. اجهو ان پاڙي جي هڪڙي پاسي لعل
سائين جي سجاده نشين خاندان، سرڪار صادق علي شاهه وارن جي حويلي...جتي هاڻي سندس
فرزند سائين مهدي رضا شاهه اڄ به آباد آهي. ٻئي پاسي وري لال سائين جي ٻئي سجاده
نشين سائين سيد محمد مراد شاهه لڪياري بخاريءَ جو خاندان رهندڙ ۽ اُتي وري سندس
جانشين سيد ولي محمد شاهه بخاري موجود...هنن ڏينهن ۾ راڳين ۽ عقيدت مند رقاصائن جا
ته راڄ ئي راڄ انهن حويلين جي آس پاس لٿل آهن...ڪو وقت هو، جو سيان چوڌري، اداڪاره
فردوس، نغمه، نيلي، ببلي، ريشما، سائين اختر حسين، مهدي حسن، غلام علي ۽ سينگار
علي سليم...پوءِ ماهه پارا، چڪوري، نصيبو لال. مون سڀني کي اتي ڌمالون هڻندي ڏٺو ۽
ٻئي دور ۾ هي ڪلام ڳائيندي به ٻُڌوسين...”ڪُل دي آس پُڄاوين...پُڄاوين...جيوين لال
سدائين...سدائين.“ هونئن، هاڻي ته ننڍي کنڊ جي مختلف مجذوب اوليائن بابت پنجاهه
کان به وڌيڪ ڌمالون، ويب سائيٽ تي رکيون آهن، پر سچ پڇو ته ”اصلي تي وڊي“ ڌمال ته
اها ئي آهي...راڳ ايمن ۾ تيار ٿيل...”سنڌڙي دا...سيوهڻ دا...شهباز قلندر.“
بزرگ ٻُڌائيندا آهن ته، گواليار
واري عظيم گائڪ استاد اُميد علي خان انهيءَ ڌمال جي راڳ درٻاريءَ ۾ هڪڙي ڌار ڌُن
به ٺاهي ۽ ڳائي، پر اها طرز مشهور ئي نه ٿي سگهي. ۶۹-۱۹۶۸ع ڌاري، اوچتو درگاهه جي صحن ۾
فلم ”دلان دي سودي“ جو يونٽ اچي لٿو، ٻُڌايائون...لعل سائين جي اڱڻ ۾ ڌمال جي
شوٽنگ ڪنداسين ۽ بس اک ڇنڀ ۾ صحن اندر ڪئميرائون فٽ ٿي ويون، هر طرف روشني ئي
روشني ٿي وئي. پوءِ ڏٺوسين ته حُور پريءَ جهڙي فلم اسٽار فردوس ڪٿان ظاهر ٿي، ڀنڀا
وارا ڪُلهن تي کُليل، تڏهن پويان کان ملڪه ترنم نور جهان جو آواز اُڀريو...”لال
ميري پت رکيو ڀلا، جهولي لالن“ ۽ انهن ٻولن تي فردوس جي زبردست ڌمال ڏسي چوطرف کان
ماڻهن جا راڄ مڙي ويا ۽ هر طرف وهه واهه ٿي وئي. هاڻي ڌمال واري اها فلم هٽ جو ٿي
وئي ته پوءِ ته هڪ کان هڪ اردو، سنڌي، پنجابي فلمن جا يونٽ هتي ايندا رهيا ۽ قلندر
سائينءَ جي اها ڌمال جنهن کي هن کان اڳي محض هڪ مقامي لوڪ گيت واري حيثيت حاصل
هئي، ان کي بين الاقوامي سطح تي شهرت ملڻ شروع ٿي وئي. برابر ته ريشما ۽ سائين
اختر به گهڻي ئي اها ڌمال ڳاتي هئي، پر ڌمال کي جنهن فنڪاره گهڻو مقبول بڻائي
ڏيکاريو، ان ۾ پهريئن نمبر تي ته نور جهان جو نالو آهي، پوءِ سنڌيءَ ۾ رونا ليليٰ،
روبينه ۽ بعد ۾ عابده پروين تي ته ڌمال ڳائڻ جي ڪهاڻي ختم ئي سمجهو...هي سيوهڻ جون
گهٽيون هيون ۽ هي آئون قلندري ديوانو. اجهو هي گهٽي اڳوڻي قاضي محلي جي ۽ هي حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي، حڪيم عبدالقيوم...۽ علي قاضي صاحب جي والد گرامي قاضي محمد اڪبر
۽ قاضي عبدالمجيد عابد وارن جي گهٽي ڏٺم...سيوهڻ شريف جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هي پَڙُ
پيل قبرون، الائي ڪنهن جون؟ ۽ اهو سڀ ته مون کي نامعلوم. ها! هڪڙي اهڙي قبر لاءِ
ڪنهن ضرور ٻُڌايو ته، اها راڻي نور جهان جي پهرئين مڙس شيرافگن جي قبر آهي، جنهن
کي جهانگير بادشاهه دهليءَ مان پيڇو ڪرائي سيوهڻ شريف جي ان سوڙهي گهٽيءَ ۾
مارائي، نور جهان کي پنهنجو ڪري ورتو.
درگاهه جي دروازي تائين، ايندي ايندي هيءَ ته
واقعي به نما شام ٿي وئي هئي، تڏهن هڪڙي هوٽل تي دوده پتي چانهه پيئڻ لاءِ ويٺس ته
ڀرسان ويٺل سيوهڻ شريف جي ڪنهن مڱڻهار فقير شرناءِ تي پُوريا ڌناسري مان هڪ مٺي
ڌُن ڇيڙي...اڙي واهه! اها ئي ته آهي، نج پج، منهنجي پسند جي ڌمال...تڏهن شرناءِ
مان ڦُٽي نڪرندڙ مٺن سُرن سان گڏ انهيءَ طرز جا هي ٻول، پنهنجو پاڻ منهنجي چپن تي
چڙهندا پئي آيا:
مون آ ميندڙي آندي، سهڻا شاهه
سيوهاڻي،
سهڻا شاهه سيوهاڻي، مون آ
ميندڙي آندي،
جهولي لعل قلندر...جهولي لعل
قلندر-
سنڌ ۽ لال
شهباز قلندر
مسرور سيال
لال شهباز قلندر ۱۱۷۷ع ۾ جنم ورتو سندس
خاندان جو تعلق سادات گھراڻي سان هو. سندس والد حضرت ابراهيم ڪبيرالدين عالم فاضل
پرهيزگار هو جنهن جي قبر ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جي مزار جي احاطي ۾ آهي.
سلسلي نصب سيد شمس الدين بن سيد نورشاھه بن سيد محمود شاھه سيد احمد شاھه بن سيد
هادي بن سيد مهدي بن سيد منتخب بن غالب بن سيد منصور بن سيد اسماعيل بن امام جعفر
صادق عليه السلام ذريعي امام حسين عليه السلام ۽ امام مولا علي عليه السلام سان
ملي ٿو سندس نالو شاھه حسين هو لال شهباز سندس لقب هو عثمان سندس ظاهري نالو هو
مروندي آزربائيجان جي ڳوٺ مروند جي ڪري ڄاڻايو وڃي ٿو جيڪو ان وقت ايران جو حصو
هو.
هي زمانو اهو هو جو آلِ رسول يا سادات سڏائڻ وارن کي
وڏيون تڪليفون ڏنيون وينديون هيون ۽ اڪثريت ۾ قتل ڪيا ويندا هئا ان ڪري اڪثر ظاهري
نالو ٻيو رکندا هئا ۽ ذات پڻ ڳجھي رکندا هئا خاص ڪري شهرن جي نالن سان پنهنجي
سڃاڻپ ظاهر ڪندا هئا جيڪو اڄ به عرب توڙي ايران ۾ مروج آهي قلندر لال شهباز عراق
ايران، افغانستان، کان ٿيندو سنڌ پهتو ۽ ملتان ۾به قيام ڪيائين، پر پاڻ سنڌ ۾
سيوهڻ ۾ اچي پنهنجو آستانو قائم ڪيائين، توڙي پاڻ سيوهڻ ۾ سال کان ٻه سال رهيا ۽
بقا جو پيالو پيتائون.
مطلب هن فاني دنيا کي ڇڏي ويا ان هوندي به سندس وجود جي
برڪت جو ايترو ته اثر ٿيو جو هتان جا سمورا ماڻهوءُ بنا ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي سندس
عاشق بڻجي ويا. پر ان جو طريقو عام رواجي ملن مولوين ۽ مذهبي انتهاپسندن وارو نٿو
ملي هو قلندر مطلب مردِ حق لال معنيٰ ڳاڙهو، شهباز معنيٰ پرواز ڪندڙ سڏيو ويو، اهو
انڪري ته سندس گفتار، ڪلام، بيان حق، صداقت، سچائي سان ڀرپور هو ۽ پاڻ ڳاڙهي پوشاڪ
پهريندا هئا، ان ڪري لال ئون لال سڏجڻ لڳا، شهباز ان ڪري ته پاڻ آسمانن جو علم پڻ
رکندا هئا مطلب آسمانن جا پڻ مشاهده ڪندا هئا ان ڪري کيس شهباز چيو ويو. پاڻ هتي
اچي ڪو مدرسو ڪونه کوليائو نه ئي وري قرآن کي برزبان ياد ڪرائڻ لاءِ ٻارڙن جا ڪٽڪ
گڏ ڪيائون، نه وري هتي واعظن جا ڪي وڏا جلسا ڪيائون هن هڪ آستانو بڻايائون اتي
علم، عمل جا درياءَ وهائڻ لڳو هي درياءَ ڪنهن هڪ مذهب جي ڇاپ رکندڙن لاءِ نه هو پر
هر مذهب جا ماڻهوءُ اچي پريت جا پيالا پئندا هئا. اڄ ڏينهن تائين اسين لال شهباز
قلندر کي روائتي انداز ۾ پڙهيو، لکيو ۽ ٻڌو آهي پر اصل ۾ اسان قلندري مزاج کي
سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي ته قلندر شهباز به هڪ
عقيدي جي علامت بڻجي ويل آهي. اڄ به سندس مزار تي بنا ڪنهن مذهب، رنگ، نسل جي مت
ڀيد جي ماڻهوءُ ڪهي اچن ٿا ۽ هر دور جو ايندڙ پانڌئيڙو قلندر کي پنهنجو سمجھي ٿو،
اِها آهي اصل قلندري صفت، ته هو پاڻ جنهن به جاءِ تي هجي پر مختلف سوچن وارا
پنهنجن سوچن تي رهي ڪري به کيس پنهنجو سمجھن.
لال شهباز قلندر جيڪو سنڌ ۽ سيوهڻ جي سڃاڻپ بڻيل آهي هو
ان دور ۾ سيوهڻ ۾ آيو جڏهن انود ڪاسائي جھڙا بي رحم انسان ۽ چرٻٽ راجه جھڙا ظالم
حاڪم هئا، جتي انڌير نگري جو راڄ قائم هو انسانيت جي تذليل ٿي رهي هئي، انساني قدر
ميساريل هئا، مذهبي ويڇن ويجھن رشتن کي به عجنبي بڻائي ڇڏيو هو اتي قلندر پنهنجي
مستي ۽ موج ۾ اچي ٿو ۽ دمادم مست قلندر جا آلاپ ڏئي ٿو، هڪ عالم، حافظ هجڻ باوجود
ڳاڙهو ويس پهري اڻ ڏٺي يار جي محبت ۾ رقص ڪري ٿو پر چيو وڃي ٿو ته قلندر پنهنجي
محبوب جو ديدار ڪري ورتو هو تڏهن هر وقت رقص ۾ رهندوهو سندس مستي محبوب جي حسن جي
جھلڪ سبب هئي،
اهڙو ماحول جتي ظلمت ئي ظلمت هجي اتي يار جي ياري نڀائڻ
لاءِ ۽ حسن جي جھلڪ کي هر پل اکين اڳيان پسڻ لاءِ رقص ڪندو هجي ته دنيا وارا سندس
دنيا کان بي نيازي واري هن انداز کان ته ضرور متاثر ٿيندا هوندا. شهباز قلندر هڪ
عام انسان نه پر خاص انسان هو جنهن جا خيال آسمان جي بلندين تي پرواز ڪندا هئا پاڻ
عارف هئا، عاشق هئا، معرفت شريعت، طريقت ۽ حقيقت جا چٽا پٽا دليل هئا سندس وجود
ولي الله واري منصب تي هو ۽ ولين ۾ وري قلندر جي منصب تي چون ٿا ته دنيا ۾ صرف
اڍائي قلندر آهن، هڪ لال شهباز شاھه حسين، عثمان مروندي ۽ ٻيو مخدوم غريب نواز
معين الدين چشتي اجمير شريف، ٽيون اڌ قلندر مطلب رابعه بصري آهي. هي فقير صفت
انسان دنيا کان ظاهري الڳ ٿلڳ نطر ايندڙ اصل ۾ دنيا کان پاڻ کي پري نه رکندا آهن
نه ئي وري پاڻ کي ماڻهن کان پري رکن ٿا.
اصل ۾ هي ان معاشري ۽ سماج کان پاڻ کي الڳ رکن ٿا جيڪو
لوڀ لالچ وارو، حسد ساڙ وارو ۽ انساني قدرن جي پائمالي وارو هجي ٿو. هو
پنهنجي رنگ ۾ رهي خلقِ خدا جي خدمت ڪن ٿا سندن مسيحا بڻجن ٿا ڏکن ڏولاون، پريشان
حال، ظلم جي ستايلن لاءِ امن جي جاءِ بڻجن ٿا بي سهارن لاءِ سهارو بڻجن ٿا،
نااميدي جي ماريل انسانن لاءِ اميد بڻجن ٿا.
اڄ به قلندر لال شهباز سنڌ جي مقدس ڌرتيءِ ۾ آرامي آهن
تڏهن به سندس قبر اقدس، مزار مقدس تي اميد جا ڏئيا ٻاريا وڃن ٿا. سندس فڪر ۽ ڪردار
کي سمجھڻ جي سخت ضرورت آهي.
دم مست قلندر مست مست
ذوالفقار خاڪي
سيدنا عثمان مروندي المعروف
قلندر لعل شهباز رح جو ۷۵۸ هون
عرس مبارڪ پنهنجي روايتي شان ۽ شوڪت سان شروع ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهن جا هشام درگاهه
لعل شهباز قلندر رح ڏانهن من ۾ آسون ۽ مرادون کنيو ملڪ ۽ پرڏيهه جا ماڻهو سيوهڻ
شريف ۾ اچي رهيا آهن ۽ رستي جي ڪنهن به ڏکيائي جي پرواهه نٿا ڪن. مروند جهڙو جنت
نظير ملڪ، ان جو تخت ۽ تاج ترڪ ڪري، سنڌ جي سيوهڻ شريف جهڙي گرم ترين شهر کي
پنهنجي ابدي آرام لاءِ منتخب ڪندڙ سيد محمد عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر
رح جي عرس مبارڪ ۾ زبان، رنگ، نسل، وطن، ٻولي ۽ مذهبي تفاوتن کان بالاتر ٿي زندگي
گذاريندڙ آزاد منش انسانن جو هڪ وڏو انگ اڄ جڏهن عقيدت ۽ محبت وچان”جهولي لعل“ يا
”حيدر قلندر“ جا مستانا وار نعرا لڳائين ٿا تڏهن احساس ٿئي ٿو ته انسانن جو هڪ وڏو
انگ خوشي، مسرت ۽ فرصت ۽ سڪون جي لمحن ۾ به لعل سائين جي فهم ۽ فڪر جو اظهار ڪري
رهيو آهي ۽ سچ ته هي ماڻهن جي لعل سائين سان عقيدت جو وڏو اظهار آهي.
ڄامشوري جي هڪ علمي اداري جي
مهتمم رضا محمد سعيدي لعل سائين جي عرس جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته رچرڊ
برٽن لعل سائين جي جن ديني ڪتابن يعني: عقد، قسم دوم، اجناس، ميزان الصرف وغيره جي
هجڻ بابت ڳالهه ڪئي آهي ان بابت حڪومت وقت کي گهرجي ته لعل سائين جي انهن ڪتابن کي
ٻيهر شايع ڪرائي مدرسن تائين پهچايو وڃي ته جيئن اسان جي مدرسن جا طالب علم لعل
سائين جي علم مان فائدو پرائيندي عربي گرامر وغيره جي علم ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري
سگهن، سندس بقول عام زائرين کي گهرجي ته هو لعل سائين جي ميلي دوران ان ڳالهه کي
ذهن ۾ رکن ته هي ميلو ان عظيم الشان ولي الله جو آهي جنهن لاءِ ڪتابن ۾ آيل آهي ته
پاڻ ستن ورهين جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو هو، ته سڀ پنهنجن ٻارن کي قرآن شريف جي
علم سان ضرور روشناس ڪرائين. سعيدي صاحب سان ڪيل اهڙي گفتگو کان پوءِ خيال آيو ته
خود سيوهڻ شريف جي شهر جا اهي ماڻهو جيڪي لعل سائين سان ڪيترن ئي حوالن سان
ويجهڙائپ رکن ٿا، ڏسجي ته علم جي حصول بابت انهن جو پنهنجو رويو ڪهڙو رهيو آهي. ان
بابت معلومات اسان کي درگاهه قلندر لعل شهباز رح جي گادي نشين سبزواري ساداتن مان
سيد فتح علي شاهه عرف حاجن شاهه سبزواري وٽان اها ملي ته بقول سائين حاجن شاهه
سبزواري سندس والد صاحب سيد وريل شاهه سبزواري ۱۹۲۱ع ۾بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي هئي ۽ هو سنڌ جي ساداتن ۾ پهريون
گريجوئيٽ هو. جنهن بابت معلوماتي ڪتاب Who is
Who-What is What ۾ پڻ اهڙي معلومات ڏني ويئي
هئي ته هو سنڌ جي سيدن مان پهريون گريجوئيٽ آهي. سائين وريل شاهه ڇاڪاڻ ته علمي
ماڻهو هو تنهنڪري هن ضرورت محسوس ڪئي ته لعل سائين تي ڪو جامع ڪتاب هئڻ گهرجي ان
ڪري هن وسيلا، مدد ۽پنهنجي ڀرپور توجهه فراهم ڪري پنهنجي نگراني ۾ جليل سيوهاڻي
کان لعل سائين بابت پهريون ڪتاب ”الشهباز“ لکرايو.
حضرت لعل شهباز قلندر رح سچ ته
سنڌ واسين لاءِ الله رب العالمين جو هڪ عظيم عطيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ
لعل سائين بابت اهڙا ويچار رکندي هئي هن هڪ ڀيري ڪتاب ”سوانح شهباز“ لاءِ پنهنجي
پيغام ۾ چيو هو ته ”سنڌ جي سرزمين کي اهو شرف حاصل آهي ته اها مختلف جليل القدر
اولياءِ ۽ صوفياءِ ڪرام ۽ حق گو درويشن جي آماجگاهه رهي آهي ۽ اها نهايت خوشي ۽
اطمينان جي ڳالهه آهي ته حضرت مخدوم محمد عثمان مروندي، کي سموري دنيا حضرت لعل
شهباز قلندر جي نالي سان ياد ڪري ٿي، اولياء ڪرام خاص طور تي سنڌ کي علمي ادبي
روحاني ۽ اخلاقي قدر کان محصور ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ شهباز قلندر رح جو اسمِ گرامي
نمايان آهي. منهنجي خيال ۾ لعل سائين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو
آهي ته اسين سڀ خلوص دل سان سندن تعليمات تي عمل ڪريون، جيڪي محبت، اخوت، اتحاد ۽
ڀائي چاري جون مظهر آهن،
شهنشاهه قلندر جو اسمِ گرامي
اسين ڏسون ٿا ته فنڪارن جي حلقن ۾ به هميشه قصيده گوئي جي حوالي سان تمام نمايان
رهيو آهي. برضعير پاڪ و هند جي عظيم گائڪ خانصاحب بڙي غلام علي خان لعل سائين جي
درگاهه تي ”لعل موري پت رکيو ڀلا جهولي لعلڻ“ واري ڌمال ڳائي جهڙوڪر ٻين فنڪارن کي
به اهڙيون ڌمالون ڳائڻ لاءِ اتساهيو آهي. ۽ هن سلسلي کي خانصاحب نصرت فتح علي خان
”دم مست قلندر مست مست“ جي عنوان واري قوالي ڳائي بين الاقوامي سطح تي پهچائي
ڇڏيو. خانصاحب نصرت فتح علي خان جي خاندان سان واسطو رکندڙ فنڪار راحت فتح علي خان
به لعل سائين جو عقيدتمند آهي ۽ ۲۸
جولاءِ، ۲۰۱۰ع تي لاهور جي مشهور سماجي ۽
ثقافتي شخصيت يوسف صلاح الدين جيڪو علامه اقبال جو پوٽو پڻ آهي ان کي ڪنهن ڪم
سانگي فون ڪيم ته هو ان وقت هڪ اهڙي محفل ۾ ويٺل هو جو فون تي لعل سائين جي شان ۾
ڳايل قصيدن جا ٻول ڪنن تائين پهچي رهيا هئا. يوسف صلاح الدين ٻڌايو ته هو ان وقت
لاهور شهر ۾ ڪنهن هنڌ استاد راحت فتح علي خان پاران منعقد ڪيل ”شام قلندر رح“ جي
جشن ۾ شريڪ هو. ۽ هن اهو به ٻڌايو ته ”شام قلندر رح“ جي عنوان سان لاهور شهر جي
ڪيترن ئي هنڌن تي جشن ٿيندا آهن ۽ ائين ماڻهو جشن ملهائيندا ۱۸ شعبان تي سيوهڻ شريف ۾ لعل سائين جي درگاهه تي اچي حاضري ڏيندا آهن. ڇو ته
اسان ماڻهن جي نظر ۾ لعل سائين نه صرف سنڌ يا پنجاب پر پوري پاڪستان بلڪه دنيا جي
انسانن لاءِ روشني ۽ هدايت فراهم ڪرڻ واسطي محنتون ڪيون آهن ۽ هن راهه ۾ ڪشالا
ڪڍيا آهن.تنهنڪري اسين سندس عرس مبارڪ کي شايانِ شان طريقي سان ملهائي دنيا کي اهو
ئي پيغام ڏيندا آهيون ته قلندر شهنشاهه سان اسان جون محبتون عالمگير آهن. ساڳي
ڳالهه راحت فتح علي خان جي ڀاءُ معروف علي خان به ڪئي ته اسين فنڪار ماڻهو سدائين
انهن کي ڳائيندا آهيون جن پنهنجي زندگي ۾ ڪوبه ڪارنامو انجام ڏنو هجي. ۽ لعل سائين
جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون اهو آهي جو پاڻ دنيا جي ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجو ڪيو آهي ۽
ان جو واضح ثبوت اهو آهي ته لعل سائين جي درگاهه تي سڄي دنيا اچي ٿي ۽ ڪنهن کي به
يعني: ٻارن، عورتن، غير مسلمن کي درگاهه ۾ اندر اچڻ جي منع ٿيل نه آهي ۽ هي تمام
وڏي ڳالهه آهي جو سيوهڻ شريف جا هندو خاندان به ديوان آسن داس ۽ ديوان لڌو مل
وغيره سان گڏ پنهنجن بزرگن لعل داس ۽ مولچند جي وقت جون مينديون کڻي ايندا آهن.
اڄ لعل سائين جي عرس مبارڪ جي
موقعي تي اسين ڏسون ٿا ته درگاهه قلندر لعل شهباز رح ۾ عقيدتمندن جا ميلا متل آهن
پر محبتن ۽ عقيدتن جا اهڙا منظر سرڪار بودلي بهار جي مزار تي به ڏسڻ ۾ اچن ٿا جو
پاڻ لاءِ مشهور آهي ته لعل سائين جي سيوهڻ آمد کان پهرين اچي قلعي ڀرسان ويٺا هئا
سيوهڻ واسين کي آگاهي ڏيندا رهيا ته لعل سائين جي آمد ٿيڻ واري آهي. مٿس ان حوالي
سان ڪافي سختيون به ڪيون ويون پر مرشد جي عشق ۾ پاڻ هر سختي برداشت ڪندا رهيا ۽
نيٺ لعل سائين جڏهن سيوهڻ آيا ته ان وقت به پاڻ لعل سائين جي خدمت ۾ مصروف رهيا سو
سچ ته لعل سائين جي خدمت ڪندڙن به وڏا مقام ماڻيا آهن ان ڪري اڄ حڪومتي ادارن سان
واسطو رکندڙ اهلڪارن کي گهرجي ته هو لعل سائين جي زائرين کي وڌ ۾ وڌ سهوليتون
فراهم ڪن ته جيئن ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي ۽ من لعل سائين جو روح به
سندن خدمتن کي ڏسي راضي ٿئي.
منم عثمان مروندي
الطاف اثيم
سنڌ جي جلالي ۽ سرمست صوفين جي
سرواڻ، علم، فضل ۽ روحانيت جي دنيا ۾ منفرد ۽ مٿاهين منزل جي مالڪ مخدوم سيد عثمان
مروندي المعروف شهباز قلندر جي حسب نسب ۽ قلندري مشرب واري ڪردار جي احترام ۾ صدين
کان سنڌ واسي سيس نمايو بيٺا آهن. روهڙيءَ جو رند فقير قادر بخش بيدل جڏهن ننڍپڻ ۾
پهريون ڀيرو سيوهڻ پهتو هو ۽ مٿس عجيب وجداني ڪيفيت طاري ٿي هئي ته سندس واتان بي
اختيار هي لفظ نڪري ويا هئا ته:
يا قلندر، وير واهر ٿي وري،
مير مروندي رسي ڪر رهبري-
ساڳيءَ ريت سنڌ جي هڪ ٻئي صوفي
شاعر خوش خير محمد هيسباڻي به مداحي بڻجي چيو هو ته: ”اچي حاضر حُسيني ٿي، قلندر
لعل مروندي.“ سندس روحاني رتبي ۽ عوامي رجوعات ڏي اشارو ڪندي اڳتي هلي چيائين ته:
توکي چوطرف چوڌاري نمي ٿي هند
سنڌ ساري،
ڪابل، ڪشمير، قنڌاري، بلخ بيحد
سمر قندي،
اهو امر عالم آشڪار آهي ته روحاني
رتبي ۽ رجوعات جا باڪمال درجات هروڀرو گهر ويٺي ڪو نه ملندا آهن. ان لاءِ سالن جا
سفر، اکين جا اڻ ڳڻيا اوجاڳا، عبادتون، رياضتون ۽ نفس ڪشيون ٿينديون آهن. تڏهن
بقول ڀٽائي صاحب جي ته، ”ڪوڙين ڪن سلام اچي آڳهه ان جي-“ مخدوم سيد عثمان بن سيد
ڪبير افغانستان جي پرڳڻي هرات لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ مروند ۾ ڄائو- ستن ورهين جي ننڍي
ڄمار ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري مروجه علمن جي پنهنجي والد جي سرپرستي هيٺ تحصيل ڪيائين.
اڃا ارڙهن ورهين جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار وفات ڪئي ۽ ايڪيهن ورهين جي عمر ۾
کيس امڙ جو وڇوڙو مليو. علمي ۽ روحاني فيض جي حصول خاطر پاڻ سير و سياحت جو فيصلو
ڪيو. سالن جا سال پيرين پنڌ ڪري ايران، عراق ۽ حجاز مقدس ۾ پنهنجي وقت جي عالمن ۽
اڪابرن سان ميل ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ سلوڪ جي واديءَ جون سموريون منزلون طئي ڪري
وڃي معرفت جي ماڳ رسيو. هن زندگيءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ هندستان جو سفر اختيار ڪيو،
جتان ٿيندو پوءِ سونهاري سنڌ جي سرزمين ۽ دلين تي دائمي ديرا ڄمائي ڇڏيا. سندس وقت
۾ ملتان سنڌ جو حصو هو ۽ ان پرڳڻي جو حاڪم، غياث الدين جو علم دوست ۽ ادب پرور پٽ
سلطان محمد هو. هن مخدوم عثمان مرونديءَ جو وڏي ادب ۽ احترام سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ
کين عاجزيءَ سان عرضي ڪيائين ته پاڻ ملتان ۾ رهائش اختيار ڪن، جنهن لاءِ هن
خانقاهه جوڙائڻ ۽ ڳوٺن جي ايراضي وقف ڪري ڏيڻ جو پڻ اظهار ڪيو- پر پاڻ اهو قبول نه
ڪندي کيس سنڌ لاءِ سفر جو ٻڌايائون. ان کان اڳ سلطان محمد جي هڪ علمي مجلس ۾ جتي
وقت جا وڏا درويش، عالم ۽ اڪابر غوث بهاءُالحق ذڪريا ملتاني سميت موجود هئا ۽
مخدوم عثمان مروندي پنهنجي عربي ۽ فارسي شاعري ٻڌائي ته، مٿن وجد طاري ٿي ويو ۽
اهي سڀ رقص ڪرڻ لڳا. شهزادي سلطان محمد جي ڪيفيت اها هئي، جو پاڻ روبرو ٻانهون
ٻڌيو زارو قطار روئي رهيو هو. هن تاريخي تذڪري مان واضح ٿئي ٿو ته مخدوم سيد عثمان
مروندي عربي ۽ فارسيءَ جا قادرالڪلام شاعر هئا. اسان وٽ سندس روحاني فيض ۽ ڪاني
ڪرامت جو تذڪرو ته عام ٿئي ٿو، پر هڪ مجتهد عالم ۽ شاعر جي علمي ۽ ادبي حيثيت کي
اوترو اڳيان نه رکيو ويو آهي، جيترو هو مستحق آهي. انگريز مورخ جان برٽن پنهنجي
ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ۾ لکيو هو ته، قلندر شهباز وڏو عالم هو ”صرف“ ۽ ”نحو“ جو ماهر
هو. سنڌ جي عربي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سندس تصنيف ”ميزان الصرف“ پڙهائي وڃي ٿي. سندس ٻه
نثري تصنيفون به سنڌ ۾ گهڻيون مشهور رهيون. هڪ ”عقد“ ۽ ٻي ”وجود العاشقين“- مخدوم
عثمان مروندي پنهنجي دور جو وڏو عالم اڪابر صوفي هئڻ سان گڏ اعليٰ درجي جو
قادرالڪلام شاعر پڻ هو. سندس ڪلام تصوف جي باريڪ نقطن سان ڀرپور آهي ۽ سندس فهم ۽
فڪر تي ”وحدت الوجودي“ ڇاپ نظر اچي ٿي. منصور حلاج جي منزل ۽ بيباڪي جو قائل ٿيندي
وڏي واڪ چئي ڏنو هئائين ته:
منم عثمان مروندي که يار خواجه
منصورم،
ملامت مي کنند خلقي، که من
بردار مي رقصم-
(مان عثمان مروندي، خواجه منصور
جو يار آهيان، ڀلي مون کي ماڻهو ملامتون ڪن- پر پوءِ به سوليءَ تي نچان ٿو.) عاشق
جڏهن ذات مقدس جو مشاهدو ماڻي وٺي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻي ٿو ته پوءِ هو پاڻ کي
معرفتِ الاهي جي اعليٰ مقام تي فائز سمجهي ٿو. شهباز قلندر جو ڪلام سراپا سرمستي،
سوز گداز، وحد ۽ ڪيف آهي. سندس سِٽ سِٽ ۾ عشق، محبت، هجر ۽ وصال جو اهڙو ته رنگ
سمايل آهي، جو ڪو به اهلِ دل اثر وٺڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو.
زعشق دوست هر ساعت، دوران نار
مي رقصم
گه بر خاڪ مي غلطم، گه برخار مي
رقصم
(پنهنجي دوست جي عشق ۾ هر گهڙي
باهه جي مچ تي پيو ٿو نچان، ڪڏهن مٽيءَ ۾ ليٿڙيون ٿو پايان ته ڪڏهن ڪنڊن جي مٿان
نچان ٿو.)
مخدوم سيد عثمان مروندي سموري
حياتي انسان کي انسان سان جوڙي رکڻ واري عملي جدوجهد ۾ رهيو. پنهنجي قول، عمل ۽
ڪردار سان گڏ ڪلام ۽ پيغام ذريعي پڻ هي عظيم وحدت الوجودي فڪر جو مبلغ شاعر حق سان
هيڪڙائيءَ جو هوڪو ڏيندو ۽ ٻيائي کي ٻَن وجهڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته:
دوئي از سر بدر ڪردم يڪ، ديدم
دوعالم را،
پڪ بنم پڪ جويم، يڪ دانم، يڪ
خوانم-
(جڏهن پنهنجي اندران ٻيائي کي ڪڍي
ڇڏيم ته پوءِ ٻنهي جهانن کي هڪ ئي ڏٺم، هڪ ئي نظر آيو، هڪ ئي ڳولهيم، هڪ ئي ڄاتم ۽
هڪ جو ئي ذڪر ڪيان ٿو) قلندر شهباز جي هيڪڙائي واري سڏ کي ورنايو ته مقصد جي منزل
پري ناهي.
قلندر لعل شهباز سيوهاڻيؒ
[
۱۱۸۷ع – ۱۲۹۹ع ]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
دينِ
حق جي پيغام رسائيندڙن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز عرف سيد محمد عثمان ولد سيد محمد
ابراهيم ڪبيرالدين مرونديءَ جو نالو سر- فهرست آهي. سندس ولادت افغانستان ۾ آزر
بائيجان جي ڳوٺ ”مروند“ ۾ ۵۸۳هه مطابق ۱۱۷۸ع ۾ ٿي. سندس سلسله- نسب تيرهين پيڙهيءَ ۾ حضرت سيدنا
امام جعفر صادق رضه سان ملي ٿو. سندس والد بزرگوار وڏو درويش ۽ متقي انسان هو،
جيڪو اڪثر الاهي عبات ۾ گذاريندو هو. سندس شادي خانه آبادي تمام وڏيءَ عمر ۾،
تڏوهڪي مروندي حاڪم، سلطان شاه جي نياڻيءَ سان ٿي؛ جنهن مان سنڌ جو روحاني رهبر،
علم ۽ فيض جو درياه سيد محمد عثمان تولد ٿيو، سندس ولادت باسعادت تي پوري مروند ۾
چاليهن ڏينهن تائين خوشيون ملهايون ويون.
والدين
طرفان سندس نالو ”محمد عثمان“ هو. باقي لعل بادشاهه، شهباز سائين، قلندر ڪبريا،
شمس الدين، مخدوم مروندي، سيف السان ۽ مهدي وغيره سندس لقب القاب هئا. پاڻ ننڍپڻ
کان ئي ڄمندي ڄام هو. سندس والده ۽ دائي به هن ڏاتاري ڏات جون ڪافي ڪرامتون ڏٺيون
هيون؛ ايتري قدر جو ستن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائين. پوءِ ته
اُنهيءَ ٽهيءَ ۾ اچي ويراڳ لڳس؛ جنهن ڪري والدين کان وڇڙي ايران، عراق ۽ حجاز جا
مقدس مقامات ڏسندو، اچي امام عالي مقام حسين عليه السلام جي روضي تي رهڻ لڳو. ڪجهه
ڏينهن بعد، واپس ناني وٽ پهتو؛ جنهن کيس زماني جي ظاهري تعليم سان ڏس، قابل
اُستادن جي حوالي ڪيو، جتان فارسي ۽ عربيءَ ۾ ڪافي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين.
جوانيءَ
۾ راتيان ڏينهان عبادتون، رياضتون ۽ مجاهدا ڪندي، جهنگ، جبل جهاڳيندو رهيو. جڏهن
بلوغت کي رسيو ته بابا ابراهيم رح جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس رهبري حاصل ڪيائين. پوءِ
مرشد جي اجازت سان حرمين شريف، نجف اشرف ۾ حضرت علي المرتضيٰ رضه ۽ ڪربلا معليٰ ۾
امام حسين رضه جي زيارتن کان مشرف ٿيندو، عراق جي شهر بغداد ۾ بادشاه پير سيد
عبدالقادر جيلاني رح جي زيارت لاءِ پهتو، جتان کيس ”قلندر“ جو خطاب ملندي سنڌ جي
سيوهڻ لاءِ امر ٿيو.
چون
ٿا ته سنڌ ڏانهن ايندي، ملتان شريف به ويو، جتي سلطان محمد سان به مليو؛ جنهن کيس
اُتي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو، مگر انڪار ڪري، اچي سيوهڻ کان نڪتو سنڌ ۾ آمد (۶۹۴هه =
۱۲۹۸ع) وقت سندس عمر ۱۱۱ ورهيه هئي. جنهن جاءِ تي روضو
مبارڪ آهي، اُتي پاڻ اچي منزل انداز ٿيو. اُن زماني ۾ اُتي فاحش عورتن جو اڏو هو.
سندس آمد تي سموريون بدڪار عورتون توبہ تائب ٿيون ۽ فوراً راهه راست تي اچي ويون.
قلندر
سائين تقريباً هڪ سال بعد، ۱۱۲ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۱
شعبان ۶۹۵هه مطابق ۱۲۹۹ع تي هن دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. هر سال
شعبان مهيني جي ۱۸، ۱۹ ۽ ۲۰ تاريخن تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو منعقد ٿيندو آهي؛
جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ عقيدتمند ايندا آهن. ميلي جي رسمن ۾ ميندي ۽ ڌمال خاص اهميت
رکن ٿا.
سندس
روضي جي تعمير سلطان فيروز شاه طرفان، اُن وقت جي سيوهاڻي حاڪم، ملڪ اختيار الدين ۷۵۷هه
مطابق ۱۲۶۱ع ۾ ڪرائي. ڪجهه وقت بعد جهانگير جي دؤر ۾، مرزا غازي
بيگ روضي جي آڏو خانقاه پڻ جوڙائي ۽ روضي جي عمارت کي مٿڀرو ڪرايو. سندس حياتيءَ
وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري باقي رهيل ڪم کي نواب سيد بهوه بخاري عرف ديندار خان ۱۰۳۹هه (۱۶۴۳ع) ۾
مڪمل ڪرايو. آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاه به روضي جي مرمت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو.
تربت جي چوڌاري نفيس گلڪاريءَ سان چانديءَ جو ڪٽهڙو، لاڙڪاڻي جي مشهور زميندار،
محبوب خان وڳڻ ٺهرايو آهي ڪٽهڙي جي هيٺان سنگ مرمر جو ڏيڍ فوٽو ٿلهو به جڙيل آهي؛
جنهن کي ”قلندري لغت“ موجب ”شهنشاه جو تخت“ چئجي ٿو. روضي جو ٻاهريون دروازو به
چانديءَ جي پٽن سان ڪاٺ مٿان اُڪريل آهي. عوامي حڪومت منجهس هڪ سونو دروازو به نصب
ڪرايو آهي؛ جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏوهڪي وزيراعظم جناب شهيد ذوالفقار علي ڀٽي
صاحب (۱۹۰۵ع – ۱۹۷۹ع) ڪيو هو. هي دروازو رات جو ۹ بجه
نقارن جي ڌمال سان قائم ٿيندو آهي ۽ وري فجر جي نماز سان کلندو آهي.
جن
جاين تي قلندر سائينءَ چـِلا ڪڍيا آهن، اُتي تاريخي يادگار اڄ به قائم آهن؛ اُنهن
مان لعل باغ، يڪ ٿنڀي، چوٿنڀي، لعل جو لئو ۽ قلندر جي ڪشتي (منگهوپير، ڪراچي)
وغيره قابلِ ذڪر آهن. پاڻ صاحب- ولايت ۽ بلند پايي جي عالم هجڻ سان گڏوگڏ فارسي
زبان جو عمدو شاعر به هو. سندس تخلص ”عثمان“ هو. سندس سمورو ڪلام عقيدتمند هئا، جن
مان بودلو بهار، جمن جتي ستي، شاه گودڙئو، سيد ابراهيم جتي ستي ۽ مخدوم علي
سيوستانيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. سندس همعصر ۽ خاص صحبتين ۾ حضرت غوث بهاؤ الدين
زڪريا ملتاني رح (۵۶۶هه – ۶۶۶هه)، سيد جلال سرخ بخاري رح (۶۰۱هه –
۶۹۵هه)، بابا فريدالدين گنج شڪر (۵۶۹هه –
۶۶۴هه)، حضرت شيخ نوح بکري، شاه صدر ۽ حاجي منگهو جا نالا سر-
فهرست آهن، جن سان اڪثر سندس رهاڻيون رهيون آهن.
سنڌڙيءَ جو سخي شهباز قلندرؒ
ساقي ابڙو
سنڌ جي سونهاري سرزمين اسلام جي
ارتقائي دور کان وٺي ولين، عارفن، عالمن، بزرگن، درويشن، ابدالن، پيرن، فقيرن، سنتن
۽ صوفين جي سرزمين رهي آهي جن ذات پات، رنگ نسل، اُوچ نيچ ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان مٿانهان
ٿي هميشه پيار محبت، سک شانتيءَ، امن سلامتيءَ ۽ انسانيت جي عظمت جو درس ڏنو آهي
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ڌرتي جي سڃاڻپ سدائين امن، سلامتيء ۽ خوشحاليء واري ڌرتي
طور رهي آهي، “سنڌڙيءَ جو لعل سخي شهباز قلندر رح” به انهن هستين مان هڪ اعليٰ
پائي جي هستي آهي، سندس اسم مبارڪ “سيد عثمان ولد سيد ڪبير” آهي جڏهن ته سندس نسبي
سلسلو “حضرت امام جعفر صادق عليه السلام” سان ملي ٿو پر “قلندر نامون” جي ليکڪ حڪيم
فتح محمد سيوهاڻيء موجب قلندر لعل شهباز جو نسبي سلسلو “حضرت امام زين العابدين عليه
السلام” سان ملي “مولا علي ڪرم الله وجھ” تائين پهچي ٿو، پاڻ دنيا اندر “لعل” ۽ “لال”،
“شهباز” ۽ “قلندر” جي لقبن سان مشهور آهن، “برٽن” جي “هسٽري آف سنڌ” مطابق پاڻ
تمام وڏا عالم هئا کين “علم لسانيات” ۽ “صرف و نحو” تي مڪمل عبور حاصل هو، برٽن جي
زماني سن ۱۸۵۲ ع ۾ “صرف و نحو” جا جيڪي ڪتاب
موجود هئا جهڙوڪ “ميزان الصرف” ۽ “صرف صغير” اهي قلندر شهباز جا ئي لکيل هئا.
حضرت قلندر لعل شهباز جي ولادت “آذر
بائيجان” جي هڪ ڳوٺ “مروند” ۾ ٿي ۽ اتي کيس بنيادي تعليم ۽ تربيت ملي پر سندس
ولادت جي “سن” تي تاريخ اندر وڏو تضاد موجود آهي، ڪجھ تاريخدانن سندس ولادت جو سال
“۵۳۸ هجري” لکيو آهي ته وري ڪن “۵۷۳ هجري” ڄاڻايو آهي، کيس “شهباز”، “لال” ۽ “قلندر” جا خطاب پڻ مليل هئا. شعور
۾ اچڻ کان پوءِ حضرت عثمان مروندي “حضرت بابا ابراهيم” جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ ڪيترا
ئي سال سخت رياضتون ڪيون جنهن کان پوءِ بابا ابراهيم کيس “شهباز” جو لقب عطا ڪيو، جنهن
لاءِ مورخن لکيو آهي ته سندس اکيون شهباز وانگر چمڪنديون هيون ان ڪري مرشد بابا
ابراهيم کيس “شهباز” جو لقب ڏنو، هڪ ٻي روايت به ان حوالي ملي آهي ته، هڪ ڀيري “حضرت
جلال الدين سرخ بخاري” تي “وجد” جي ڪيفيت طاري ٿي وئي پاڻ ان حالت ۾ قلندر لعل کي چيو،
“سيد مون معارفت جي آسمان تي هڪ شهباز کي اڏندي ڏٺو آهي ۽ اهو شهباز تون آهين”. ڪجھ
تاريخي ڪتابن ۾ قلندر شهباز کي “لعل” ته ڪجھه ڪتابن ۾ “لال” ڪري به لکيو ويو آهي، “لعل”
هڪ انتهائي قيمتي پٿر کي چئبو آهي جڏهن ته “لال” ڳاڙهي رنگ کي، چون ٿا ته قلندر لال
سدائين “ڳاڙهي” رنگ جو لباس اوڍيندو هو جنهن ڪارڻ کيس “لال” شهباز سڏيو ويندو هو، باقي
“قلندر” جي حوالي سان هڪڙن تاريخ نويسن لکيو آهي ته لال شهباز پنهنجي مرشد “سيد
جمال مجرد” کان “خرقو” حاصل ڪيو هو ۽ سيد جمال قلندر هو ان ڪري لال شهباز کي به
قلندر سڏيو ويو، ته ٻين تاريخدانن جو چوڻ آهي ته سندس ٻئي مرشد “بابا ابراهيم” کيس
قلندري سلسلي ۾ داخل ڪيو، جڏهن ته ڪجھه محققن جو چوڻ آهي ته مشهور بزرگ “حضرت بُو
علي شاه قلندر” کيس “قلندر” چئي مخاطب ٿيندو هو تڏهن کان هو “قلندر” مشهور ٿيو.
قلندر لال شهباز پنهنجي مرشدن
حضرت بابا ابراهيم ۽ پوءِ سيد جمال شاه “مجرد” کان علم، عزت ۽ عظمت حاصل ڪرڻ کانپوءِ
“حرمين شريفين” زيارت لاءِ ويو ان سفر دوران سندس ملاقات مشهور بزرگ “حضرت جلال الدين
سرخ بخاريءَ” سان ٿي جيڪو نامور صوفي “مخدوم جهانيا جهانگشت” جو ڏاڏو هو، حضرت
جلال الدين سرخ بخاري ۽ لال شهباز قلندر ۾ هڪجهڙائي هيءَ هئي ته ٻئي سيد زاده هئا،
ٻئي حق جي راھ جا طالب هئا ۽ ٻئي ڳاڙهو لباس پهريندا هئا، حضرت سرخ بخاري ۽ قلندر
لال شهباز ڪيترا ئي سال مڪي شريف ۽ مديني منوره ۾ رهيا ۽ گڏجي انتهائي سخت رياضتون
۽ عبادتون ڪيون، پوءِ ٻئي بزرگ بخاره روانا ٿي ويا جتي ڪجھ وقت رهڻ بعد قلندر
شهباز “مولا علي ڪرم الله وجھ” جي زيارت لاءِ “نجف اشرف” ويو اتي هڪ رات خواب ۾
ڏٺو ته ڪنهن بزرگ خواب ۾ مخاطب ٿيندي کيس چيو؛ “سيد عثمان توهان بنا دير ڪربلا معليٰ
وڃو اتي اوهان جو والد مقيم آهي ۽ اوهان کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍو بيقرار آهي”، ٻئي ڏينهن
پاڻ ڪربلا معليٰ روانا ٿي ويا سيد ڪبير پنهنجي قلندر پٽ کي سيني سان لڳايو ۽ سڪ لاٿي،
جنهنجي ڪجھه ڏينهن کانپوءِ سيد ڪبير هن جهان مان موڪلائي ويو، جنهن بعد قلندر لال “سبزوار”
آيو جتي سندس مرشد حضرت بابا ابراهيم زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا گهاري رهيو هو، قلندر
شهباز کي ڏسندي حضرت بابا ابراهيم فرمايو، “سيد توسان ملائڻ لاءِ ئي الله مونکي زندھ
رکيو آهي،،، جنهن تي قلندر لال اشڪبار ٿي وراڻيو “حضرت، ائين نه چئو اڃان اوهان جو
سايو اسان مٿان قائم رهي”، نه سيد، “موت جو فرشتو در تي اچي بيٺو آهي رڳو اندر اچڻ
جي ويرم اٿس”، اهو چئي بابا ابراهيم “خرقو” ۽ ٻيا “تبرڪات” ڏئي کيس هدايت ڪئي ته
جڏهن مان هن دنيا مان گذر ڪري وڃان ته تون جمال شاھ “مجرد” جي خدمت ۾ حاضر ٿج اهو
ئي تنهنجي تڪميل ڪندو، ٿورن ڏينهن کان پوءِ بابا ابراهيم به برقعو مٽائي ويو والد
صاحب کان پوءِ هي ٻيو صدمو هو جيڪو قلندر شهباز کي وڏي شدت سان محسوس ٿيو هو، ان
کان پوءِ ستت ئي لال قلندر سيد جمال شاھ مجرد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو جيڪو غالبن
هندستان ۾ رهندو هو، کيس “مجرد” ان لاءِ چوندا هئا جو پاڻ شادي نه ڪئي هئي، “خزينة
الاصفيا” موجب حضرت بابا ابراهيم به شادي نه ڪئي هئي ۽ سڄي زندگي “تجرد” جي حالت ۾
گذاري، پنهنجن پيشوائن جي رستي تي هلندي قلندر شهباز به شادي نه ڪئي.
تاريخ لکي ٿي ته قلندر لال شهباز
بغداد کان ڪيچ مڪران رستي سنڌ جي سرزمين تي آيو ۽ ملتان، گجرات ۽ برصغير جي مختلف
شهرن ۾ وڃي اسلام جي تبليغ ڪئي، قلندر شهباز جڏهن سيوهڻ ۾ آيو تڏهن هتي هڪ هندو
راجا “راجا جيرجي” جي حڪومت هئي جيڪو “ڄرٻٽ راجا” جي نالي سان مشهور هو، سندس دور
حڪومت ۾ ظلم، زيادتي، ناانصافي، بي حيائي، بي شناسي، فحاشي ۽ هر قسم جي برائي عروج
تي هئي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ “انڌيري نگري چرٻٽ راجا” جي چوڻي مشهور آهي. قلندر
شهباز جي سيوهڻ ۾ اچڻ سان ظلم زيادتي بي شناسي ۽ بيحيائيءَ جا بت ڀورا ڀورا ٿي ويا،
ظلمتن ۾ روشنيون پکڙجي ويون ۽ خزائن ۾ بهارون اچي ويون، سيوهڻ جي فسق و فجور سان
ڀريل ماڻهن کيس رستي تان هٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر کين ذلت ۽ رسوائي نصيب ٿي، جيئن
جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن قلندر لال جي روحاني ۽ ديني تعليم ماڻهن جي دلين ۾
گهر ڪندي وئي ايتري قدر جو بدڪار ۽ فحش عورتون به بدڪاريءَ ۽ فحاشيءَ کان توبھ ڪري
صحيح رستي تي اچي ويون، ماڻهن جون پٿريليون دليون پاڻي ٿي ويون جنهن ڪري روحاني، اخلاقي
۽ انساني قدرن کي هٿي ملي ۽ سيوهڻ جي عزت ۽ عظمت کي چار چنڊ لڳي ويا.
هتي اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان
ته سيوهڻ ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ ۾ جبلن اندر هڪ غار موجود آهي جنهن لاءِ هندستان جي
نامور تاريخدان “دوارڪا پرشاد” لکيو آهي ته “۲۵۰۰۰ هزار سال” اڳ جڏهن انسان غارن ۾ رهندا هئا ته هي غار به بني نوع انسان جو
مسڪن هئي، ان ئي غار ۾ قلندر شهباز چلاڪشي ڪئي هئي، غار اندر وچ تي هڪ وڏي پٿر جي “سر”
آهي جنهن کي “يڪ ٿنڀي” چوندا آهن، غار ۾ اولانهين پاسي جبل ۾ هڪ “محراب” به آهي، ان
“سر” تي ويهي قلندر لال عبادت ڪندو هو، ان جي هيٺان وري ٻي هموار ٽڪري آهي جنهن کي
ويهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جتي اندازن ۴۰۰ سئو کان به وڌيڪ ماڻهو ويهي سگهن ٿا، غار جي اتر ۾ ھڪ قبر موجود آهي جنهن لاءِ
مشهور آهي ته اها قلندر شهباز جي هڪ زردار مريد جي آهي جنهن سموري دولت ڇڏي سڄي
حياتي لال قلندر جي خدمت ۽ رياضت ۾ گذاري، اهڙي طرح سيوهڻ جي ريلوي اسٽيشن جي ئي
ڀرسان هڪ “لال باغ” به آهي جيڪو پڻ سندس نالي تي رکيو ويو آهي تنهن لاءِ مشهور آهي
ته قلندر لعل هتي به هڪ ڊگهي عرصي تائين چلا ڪش رهيو، لال باغ جي ايراضي تقريبن ۵۰۰ ايڪڙن تي ٻڌل آهي هن باغ ۾ مختلف مويويدار وڻ آهن جنهن کي “لال واهي” جي
نالي سان به سڏيو ويندو آهي، هن باغ ۾ هڪ جبل آهي جنهن مان پاڻيء جو هڪ چشمو پڻ
وهندو آهي، روايت آهي ته قلندر شباز جي اچڻ کان پهرين نه هي باغ هو ۽ نه ئي پاڻيء
جو چشمو، اهل نظر ماڻهو ان کي لال قلندر جي ڪرامت سمجهندا آهن، ڇو ته هڪ مرد خدا
جي قدم رکڻ سان ئي پٿر جو جگر ميڻ ٿي ويو ۽ ان مان هڪ چشمو وهي نڪتو.
قلندر شهباز جي شخصيت ۾ هڪ ڪشش
هئي جنهن ڪري هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو کانئس متاثر ٿيندا هئا سندس مسلڪ “قلندري” هو ان
لاءِ نه ڪنهن حڪمران جي دٻاءُ ۾ آيو ۽ نه ڪنهن ڌن ۽ دولت جي خواهش رکي، عقيدتمند
سندس قدمن ۾ قيمتي نذرانن جا ڍير لڳائي ڇڏيندا هئا پر پاڻ فوري طور اهي ضرورتمندن
۾ ورهائي ڇڏيندا هئا، شديد رياضت ۽ عبادت کان علاوه “سخاوت” سندس شخصيت جو اعليٰ
گڻ هو، ان لاءِ کيس “سخي” شهباز قلندر به چيو ويندو آهي، قلندر شهباز جي وسيع نظري
۽ تبليغ و اشاعت جي سببان ڏورانهن علائقن کان پيرن، فقيرن، صوفياء ڪرام ۽ بزرگان
دين سيوهڻ جو رخ ڪيو ۽ ماڻهو اسلام جا مداح ٿيندا ويا.
حضرت سخي لال شهباز قلندر پنهنجي
دور جو بلند مرتبي وارو شاعر به هو سندس فارسي ڪلام اڄ به موجود آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ
سميت ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي، سندس شاعريءَ ۾ روحانيت، طريقت، معارفت، حقيقت
۽ تصوّف جا اسرار و رموز انتهائي نمايان آهن، قلندر لال شهباز ڊگهي ڄمار ماڻي اڪثر
روايتن موجب ۲۱ شعبان ۶۷۳
هجري تي قلندر لال هن دنيا مان رخصت فرمايو، سندس مزار
جي ابتدائي تعمير “سلطان فيروز شاه تغلق” جي دور حڪومت ۾ سيوهڻ جي حاڪم “ملڪ
اختيارالدين” ڪرائي، ان کان پوءِ مغل شهنشاھ “جلال الدين اڪبر” جي دور ۾ ترخاني خاندان
جي آخري حڪمران “مرزا جاني بيگ” روضي جي توسيع ڪرائي، بعد ۾ ۱۰۰۹ هجريءَ ۾ مرزا جاني بيگ جي پٽ “مرزا غازي بيگ ترخان” مقبرو ٻيهر تعمير
ڪرايو، سن ۱۱۷۳ هجريءَ ۾ وري “ميان غلام شاھ
ڪلهوڙي” مزار ۾ پٿرن جو فرش لڳرايو ۽ بلند دروازو لڳرايو جنهن کان پوءِ سنڌ جا
مختلف حڪمرانن مزار جي خوبصورتي ۽ دلڪشي ۾ اضافو ڪندا رهيا.
قلندر
مروندي کان مرندي تائين
جو سفر
يونس رومي
سيوهڻ سنڌ جو قديم
شهر آهي. سڪندر اعظم به هتان گذريو. هن شهر تاريخ جا ڪيترا ئي لاها چاڙها ڏٺا آهن.
ايرانين ۽ عربن به هن شهر کي فتح ڪيو هو. سيوهڻ کي سيوستان، سوستان، سهوان ۽ سيوهڻ
سڏيو ويو آهي. اهو اصل ۾ شو+ آستان مان سيوستان ۽ پوءِ سيوهڻ بڻجي ويو. سيوهڻ کي صوفين
جو شهر به چيو ويندو آهي. لال شهباز قلندر جي مزار جي ڪري اڄ سيوهڻ دنيا ۾ مشهور آهي.
صدين کان اسان جي مورخن وٽ ڪوبه ثبوت نظر نٿو اچي. سڀني وٽ هٿ ٺوڪيا حوالا ئي آهن.
ڪرامتن جي آڙ ۾ درويشن ۽ بزرگن جي جهڙوڪر گهٽتائي بيان ڪئي پئي وڃي. ڪوبه کائن پڇا
ڪرڻ وارو ناهي. تاريخ ۾ ڪٿي نه لکيل آهي ته دنيا ۾ اڍائي قلندر آهن. ان کانسواءِ اسان
وٽ اڄ قلندر تي مهدويت جو اثر وڌيڪ ٿو نظر اچي. قومي تاريخ واري ورثه ڊويزن، اردو
لغات جي ويب سائيٽن کان معلومات ٿا وٺون ته قلندر سان شامل سڀ لفظ فارسي يا اردو
جا آهن. لال جو مطلب، ڳاڙهو، پيارو، اولاد، غصي ۾ ماڻهو، گونگو، ٻوڙو، گگ وهندڙ
ڄاڻايل آهي. باقي لعل جو مطلب قيمتي پٿر، شهباز جو مطلب عقاب، باز، شريف ماڻهو، خوبصورت
نوجوان آهي. قلندر جي معنيٰ آهي دين دنيا کا آزاد ماڻهو، مست فقير، چريو، بي پرواھ،
يا نچڻ ۽ نچائڻ وارو، ته ڪٿي وري جوڳي، مٿي جا وار، مڇون، ڏاڙهي صاف ڪرڻ وارو ۽ جهولي
لال (لعل) جو فلسفو ئي الڳ. هند جا سنڌي هندو جهولي لعل کي پاڻي جو اوتار ڪري مڃيندا
آهن. سنڌ جا هندو پاڻي جي پوجا ڪندا آهن. ڌمال ته ان فلسفي کان متاثر نظر اچي ٿي. ڌمال
اصل ۾ هڪ سر جو نالو آهي جيڪا هولي جي وقت هنئي ويندي آهي. ڌمال ۾ ۱۴ ماترائون هونديون آهن. ڌمال ۾ خاص وجد لاءِ
نقارو استعمال ڪيو ويندو آهي. منهنجي تحقيق موجب ڌمال جو قلندر شهباز سان تعلق ئي ناهي.
اها پوءِ ساڻس منسوب ڪئي وئي آهي.
لال شهباز قلندر جي
اصل شهر جي باري ۾ تاريخ ۾ مختلف رايا آهن، گوگل مطابق مرند ايران جي هڪ شهر جو نالو
آهي جيڪو اوڀر صوبي ۽ تبريز صوبي جي اوڀر- اولھ ۾ واقع آهي، هي شهر صوبي جي وڏن شهرن
۾ شمار ٿئي ٿو. تاريخ ۾ ان جا گهڻا نالا موجود آهن. مثال طور مريانه، منداگرانه، مرنڊا
وغيره. ميوند افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ واقع آهي. هي شهر قنڌار کان اوڀر اولھ تي ۵۰ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي ۽ قنڌار جي آس
پاس ارغنداب درياھ ٿي پنجوائي واقع آهي جيڪو قنڌار ۽ لشڪر گاھ جي وچ ۾ شاهراھ تي
واقع آهي. ميمند، ميمند ضلعي جي شاهراھ بابڪ ۽ ايران جي صوبي ڪرمان ۾ واقع آهي. مورخ
خير محمد ٻرڙو پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته مرد نالي شهر عراق ۾ آهي. مرد يا صدوم
جي نالي ڪوبه شهر نه آهي. جڏهن ته القادسيه يونيورسٽي فرات ندي جي ڪناري الديوانيته
شهر ۾ آهي جنهن جي اوڀر طرف ۴۶ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نيپور جا کنڊرات آهن،
جيڪي سميرين تهذيب جا آثار آهن. فرات ڪناري بائيبلون صوبي جو الحله شهر آهي، جتي
ڪش جا کنڊرات واقع آهن، اهي بغداد کان ۱۱۶ڪلوميٽرجي فاصلي ٿي اتر طرف واقع آهن. مرو هڪ پراڻو شهر
آهي جيڪو سينٽرل ايشيا ۾ شاهراھ ريشم تي هڪ نخلستان تي واقع آهي، جنهن کي اڄڪلھ مري
به چوندا آهن. پراڻي مرو شهر جا کنڊرات شهر کان ٻاهر آهن. مرو شهر دريا مرگب تي
واقع آهي. مرگب درياھ آمو دريا مان نڪري ٿو. مرو+ندي (مرگب درياھ) جي ڪري مروندي ٿي
سگهي ٿو. ٻئي پاسي آمو درياھ ۽ سائر درياھ جي وچ واري علائقي کي ماور النهر چوندا
آهن. جنت السنڌ جو ليکڪ رحميداد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب تاريخ اسلام ۾ لکي
ٿو ته مرو عربي سلطنت جي دور ۾ خراسان جو تخت گاھ هو. کين اتان جي آبهوا ايتريقدر
وڻندي هئي جو هن شهر ڪي عروس الدنيا سڏڻ لڳا. بخارا ۽ سمرقند ۾ جدا جدا امير هوندا
هئا پر هي سڀ خراسان جي والي جي اثر هيٺ هوندا هئا. شيدائي “سکر تاريخ و تمدن” جي صفحه
نمبر ۵۶ تي لکي ٿو ته مرنده گهاڙي پرڳڻو چانڊڪي جي ويجهو ڳوٺ ۾آهي.
لال شهباز قلندر جي
حسب و نسب جي باري ۾ ڪنهن وٽ معتبر حوالا ئي نظر نٿا اچن. هڪ طرف سهروردي ظاهر ڪري
وري کين اسماعيلي فرقي سان ڳنڍين ٿا. لال شهباز سان عباسي خاندان جا آثار نمايا
نظر اچن ٿا جن مان تصديق ٿئي ٿي ته لال شهباز قلندر بغداد جي عباسي خليفي مستنصر
بالله جي خاندان مان آهي، جنهن جو حوالو ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ بيان ڪري ٿو ته
امير غياث الدين محمد بن عبدالقادر بن يوسف بن عبدالعزيز بن خليفه مستنصر بالله
خليفه بغدادي. باقي ابن بطوطه سفرنامي ۾ سمرقند جي باري ۾ لکي ٿو ته ماورالنهر ۾ قثم
عباس رضي الله عه جن جي درگاھ آهي، جن کي شاھ زندھه چيو ويندو آهي. قثم عباس رضي الله
عه نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جا سوٽ آهن ۽ سلطان علاءُ الدين طرمشرين
جي دور ۾ سندن نالي سان خانقاھ به هئي، جتي امير غياث الدين محمد عباسي متولي به رهيو،
جيڪو سلطان محمد تغلق جي دور ۾ دهلي آيو هو، جنهن جي تصديق مسعود مفتي پنهنجي ڪتاب
حضرت لعل شهباز قلندر جي صفحي۴۷ تي ڪرامتن جي صورت ۾ بيان ڪري ٿو. قلندر جي شاعري ۽ مثنوي
لاءِ لال شهباز قلندر جي باري ۾ سڀني جي راءِ الڳ الڳ آهي. سڀني کان وڌيڪ تاريخ جو
تضاد آهي. غياث الدين بلبل (۱۲۶۶- ۱۲۸۷) ۽ سندن پٽ محمد شهيد کي قلندر جي تاريخ ۾ ڏيکارين ٿا، جڏهن
ته اصل ۾ غياث الدين تغلق ۽ سندن پٽ سلطان محمد تغلق جو دور آهي. امير خسرو (۱۳۲۰ – ۱۴۱۴) جي تصنيف تغلق نامه به تغلق دور جي تصنيف آهي.
حضرت سيد عثمان
مروندي قلندر لال شهباز صدين کان ٻڌندا پيا اچون ۽ دروازي جي مٿان به حضرت سيد عثمان
مروندي قلندر لال شهباز لکيل به هو. پوءِ اوچتو ۲۰۱۷ع ۾ درگاھ تي ٿيل خودڪش حملي کانپوءِ بورڊ ئي
گم ٿي ويو، نئين بورڊ تي حضرت سيد عثمان مرندي قلندر لال شهباز لکرايو ويو آهي. هاڻي
اها پراسراريت ته درگاھ جي انتظاميا کي ئي معلوم هوندي جو مروندي کان مرندي ڪيئن
ٿي ويو ۽ ان ۾ ڪهڙو راز آهي. درگاھ جي سجادھ نشينن جي آهي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب
قديم سنڌ ۾ رقم طراز آهي ته لال شهباز قلندر جي درگاھ جا متولي شيخ هئا جيڪي موروثي
هليا ايندا هئا ۽ لڪياري سيد فقط عزازت ۽ ساداتي نسبت جي ڪري اچي شامل ٿيا. شيخ
مکڻ ڪنجيدار هو، جنهن کان سيدن سجادھ نشيني هٿ ڪئي. بهرحال، اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته
لال قلندر شهباز بغدادي، مرندي هو يا مروندي. تاريخ درست ٿيڻ گهرجي.
سنڌ جي ڪامل بزرگ هستي
مردِ قلندرؒ
۲۱ هين سالياني عرس مبارڪ جي حوالي سان
عبدالفتاح عباسي
سنڌ جي سونهاري سرزمين
انهيءَ حوالي سان به خوشنصيب آهي جو هن سرزمين تي ڪيترا ئي ڪامل بزرگ، درويش، صوفي
با صفا، اولياءَ الله، مجذوب، ڪامل ولي الله، صاحب ولايت، صالحين، انسانيت سان
محبت ڪندڙ پيارا ٻانها پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي معرفت، علمي قابليت ۽ تصوف جي
صوفياڻي رنگ ذريعي هڪ نه پر لکين ڪروڙين انسانن جون زندگيون بهتر رستي تي هلائڻ
لاءِ پنهنجي تن من ۽ ڌن جون قربانيون ڏنيون آهن. انهن صوفين درويشن جي حوالي سان سنڌ
۾ ڪيترا ئي نالا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو الله جي رضا جي لاءِ دنيا وارن
کان دور رهندي صرف ۽ صرف پنهنجي رب العالمين جي محبت جو جام پيئندي اسم اعظم (الله)
جي نالي ۾ پنهنجي فنائيت سمجهندي انهيءَ جي ذات کانسواءِ ٻئي جي اڳيان جهڪڻ ۽ گهرڻ
گناھ ڪبيره تصور ڪيو آهي. اهڙن صوفين درويشن جو هر عمل به نرالو ۽ انوکو ٿيندو آهي.
اهي بظاهر ته اسان توهان سان گڏ هوندا آهن پر حقيقت ۾ اهي درويش الله لوڪ صوفي
بزرگ پنهنجي منزل جي طرف راهي ٿيڻ لاءِ هر وقت تيار بيٺا هوندا آهن. انهن جون ڪيتريون
ئي ڳالهيون عام ماڻهن کي ڀلي سمجھ ۾ نه به اينديون هجن پر انهن جو سفر اعليٰ، انهن
جي شاندار منزل ۽ اهي جنهن جو اثر ٿين ٿا، جن جي اولاد ۽ نسل سلسلو بڻجن ٿا، جن جي
ڪري اهي هتي دنيا ۾ بظاهر وجود وٺي اچن ٿا ۽ انهن جي جتان پرورش ٿئي ٿي، اها به نهايت
والايت جي نشاني بڻجي اچن ٿا. انهن جي صحبت، محبت ۽ روحانيت کي سمجهڻ جي لاءِ عقل بجاءِ
عشق جي منزل گهرجي ٿي. اهي اسان سان ڀلي گڏ به هجن پر اهي پنهنجي پرينءَ جي پار جي
ياد ۾ ايترا ته مست ۽ پروانا بڻيل هوندا آهن جو ڏسندڙ چوندو ته هيءُ عام ماڻهوءَ جي
ڳالھ کان گهڻو بلندي تي پهتل آهن. اهڙن سنڌ جي مشهور ناليواري درگاھ حضرت محمد عبدالغفار
المعروف پير مٺا سائين رحمت الله عليه جن جي صاحبزاده محمد خليل الرحمان نقشبندي غفاري
رحمت الله عليه جي فرزند سائين صاحبزاده حضرت خواجه محمد مظهر جان جانان نقشبندي غفاري
خليلي رحمت الله عليه جن به آهن جن جي زندگي به انهيءَ رب العالمين جي ياد ۾
گذرندي رهي، جيڪي تاج العارفين محبوب الڪاملين صوفي باصفا بزرگ هستي هئا، جن کي سنڌ
جو عوام اڄ به “مرد قلندر” جي نالي سان ياد ڪري ٿو.
حضرت خواجه محمد
مظهر جان جانان نقشبندي غفاري خليلي رحمت الله عليه جي پهرين ڊسمبر ۱۹۵۶ع ۾ ولادت رحمت پور شريف لاڙڪاڻي ۾ ڪامل
اڪمل ولي حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه جي گهر ۾ ٿي، جيڪو خوشين ۽ مسرتن جو
ڏهاڙو هيو. حضرت پير مٺا سائين رحه جي اڪيلي پياري فرزند خواجه محمد خليل الرحمان
رحه جي گهر ۾ سهڻي صورت ۽ نوراني پيشانيءَ وارو پيارو پٽ پيدا ٿيو، جڏهن پير مٺا سائين
رحه جن مسجد مان گهر آيا ته خوشيءَ ۾ سندن چهرو ٻهڪي رهيو هيو، ٻچڙي کي گود ۾
کنيائون. سندن نالو “محمد مظهر جانِ جانان” رکيائون. حضرت پير مٺا سائين رحه عمر
جي آخري ايام ۾ پاڻ پنهنجي پڳ مبارڪ پياري پوٽي صاحبزاده محمد مظهر جان جانان رحه
کي پهرائي هئائون. سائين محمد مظهر جان جانان رحه ننڍڙي عمر ۾ ۱۹۷۶ع ۾ مسند نشين ٿيا، ايڏي وڏي ذميواري جماعت
۽ درگاھ جي سنڀالڻ ڪو معمولي ڪم نه هيو ۽ وري قضاءِ الاهي يارهين مهينن جي قليل عرصي
۾ ئي سندس والده ماجده جيڪا سندس سهارو هئي سا به هن دنيا کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن
رواني ٿي.
حضرت صاحبزاده محمد
مظهر جان جانان رحه ٻيا معاملا ترڪ ڪري دنيا کي پشت ڏئي صرف درگاھ عاليه رحمت پور
شريف کي وسايائون، تبليغي دورا ۽ سفر تمام گهٽ فرمايائون ۽ سڄي توجھ درگاھ رحمت پور
جا معاملا ۽ پنهنجي نور نظر حضرت خواجه محمد عبدالغفار جان نقشبندي جي تعليم ۽ تربيت
تي صَرف فرمايائون. ڪڏهن به کيسي کي دنيا سان نه ڀرڻ جو خيال به من ۾ نه آندائون، بلڪ
هٿ ۽ دل هميشه دنيا جي محبت کان خالي رکيائون. جماعت دعوتن جو اسرار ڪندي هئي ته
ڪڏهن ڪڏهن خاص محبت ڪندڙن جي دعوت قبول ڪندا هئا پر اهو سفر به سالن بعد ٿيندو هيو،
سندن مزاج روحاني قلندرانه بڻجي ويو. ڪڏهن رات جو سيوهڻ شريف حضرت سيدنا عثمان مروندي
لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه جي دربار تي بنا ڪنهن تياري جي نڪري ويندا هئا. قلندرانه
صفتون سندن وجود ۾ گهر ڪري ويون هيون. اڪثر ڪري دنيا کان الڳ ٿلڳ رهڻ لڳا. پاڻ
پنهنجي زندگيءَ جا ۴۳ سال لاڙڪاڻي شهر جي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان سنڌ جي مشهور درگاھ رحمت پور
شريف حضرت پير مٺا سائين رحه پنهنجي ڏاڏا سائين جي ڇانوءَ ۾ گذاريا، ۱۳ رمضان المبارڪ ۱۴۲۰ ھ بمطابق ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع اربع جي رات وصال فرمايائون.
عثمان مروندي
جنھن کي سنڌ قلندر بڻائي
ڇڏيو
سارنگ لطيف چانڊيو
چوندا آهن ته علم ۽
عشق ٻه متضاد شيون آهن، انهن وچ ۾ ڪا ڪشش ناهي پر جڏھن ٻه ٽڪراءَ واريون شيون پاڻ
۾ ملن ٿيون ته دل جي دنيا ۾ زلزلو اچي وڃي ٿو ۽ ان زلزلي سان انقلاب برپا ٿئي ٿو ۽
انهيءَ انقلاب جو نالو “قلندر” آهي.
سنڌ ڌرتيءَ کي صوفين
بزرگن ۽ اوليائن جي ڌرتي چيو وڃي ٿو. سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ۾ ايتري ته طاقت ۽ ڪشش
آهي جو ڀلي ڪهڙي به ديس مان ڪو ڪهي اچي، ڀلي ڪهڙي به رنگ نسل، مذهب فرقي، قوم جو
هجي پر هيءَ ڌرتي ان کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي پنهنجو ڪري وجهي ٿي. سنڌ جي سرزمين کيس
پنهنجي سحر ۾ اهڙو ته جڪڙي ڇڏي ٿي جو هو پوءِ سموري حياتي سنڌ جو ٿي وڃي ٿو ۽ سندس
نسلن جا نسل بعد ۾ هتي جا ئي رهواسي ٿي وڃن ٿا. اهو سنڌ جي زرخيز ڌرتي جو ئي ڪمال
آهي جو هتي غربت ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ آيل اميري ۽ سڪون ۾ هليا وڃن ٿا.
ڀلا ڪنهن سوچيو هو
ته آذربائيجان جي علائقي مرند (ڪي راوي مروند لکن ٿا) ۾ سيد حسن ڪبير الدين جي گهر
۾ جنم وٺندڙ سيد عثمان مرندي کي سنڌ، سنڌڙي جو شهباز قلندر بڻائي ڇڏيندي. تاريخ جي
ورقن کي اٿلائينداسين ته پتو پوندو ته اميرن جي محفلن ۾ ناچ گانا ڳائيندڙ ناچڻيون
قلندري رقص ۾ اهڙو ته جڪڙيون جو اُهي دنيا جي سڀني آسائشن کي ڇڏي دم مست قلندر جي
رقص ۾ محو ٿي ويون ۽ ائين سيوهڻ سنڌ ۾ اولياءَ ڪرام جي آماجگاھ بڻجي ويو. اهو وقت
۽ هي وقت قلندر جي ڌمال ۽ صوفيت جو اهڙو رقص اڄ سوڌو جاري و ساري آهي ۽ ھر روز ان
۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي.
قلندر لعل شهباز جي
مزار سنڌ جي ٻين بزرگن جيان اڄ به لکين ماڻهن لاءِ سڪون جو ذريعو بڻيل آهي. چون ٿا
ته هر ماڻهو پنهنجي من جون مرادون کڻي اچي ٿو ۽ جهول ڀري واپس ٿئي ٿو. مزار تي
حاضري تي اوھان کي عشق ۽ عقيدت جون اھڙيون ته رمزون نظر اينديون جن کي ڪي سمجھو ئي
سمجھن. ڪو ڪوئي ڪنڊ وسائي ويٺل ھوندو ته ڪوئي نغاري تي نعرا پيو ھڻندو، ڪنھن جي ھٿ
۾ پاڻيءَ جو پيالو ھوندو ته وري پلاءَ جون پليٽون پيون ورھائيندو. امير به اتي ته غريب
به اتي، عاشق به اتي محبوب به اتي، ھر ڪوئي پنھنجي رمز ۾ پيو پير ڀريندو. اھو سنڌ
جي قلندر جو ئي ڪمال آھي، وقت جا جابر به سندس در جا سلامي ته جمھوريت جا داعي به دعا
لاءِ حاضر.
عثمان مروندي کي سنڌ
“قلندر” بڻائي دنيا جي صوفين بزرگن ۽ اوليائن جو “شهباز” بڻائي ڇڏيو، جتي سندس
ميلي تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو اچن ٿا، اتي پوري دنيا مان به ماڻهو اچي حاضري ڏين
ٿا. سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته تصوف جو علم پڙهائيندڙ
دنيا جي وڏين يونيورسٽين جا شاگرد قلندر لعل شهباز تي پنهنجي ٿيسز لکن ٿا ۽ هتي اچي
درگاھ تي تحقيق ڪن ٿا. انگريز مصنف رچرڊ برٽن لکيو آهي ته قلندر هڪ عظيم عالم ۽
ليکڪ هو ۽ سندس چار ڪتاب (۱) عقد (۲) قسم دوم (۳) اجناس (۴) ميززان مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا.
هو پنهنجي ڪتاب “سنڌ
اينڊ اٽس ريسز” ۾ لکي ٿو ته “عثمان مروندي هڪ وڏو شاعر ۽ عالم سندس شاعري به آفاقي
آهي. ” هڪ ٻئي انگريز محقق پنهنجي ڪتاب “پرشين پوئٽس آف سنڌ” ۾ ڄاڻايو آهي ته “لعل
شهباز جو ڪلام حقاني آهي ۽ منجهس اهڙيون روحاني رمزون شامل آهن جو منجهائن پيغمبري
گفتن واري بوءِ اچي ٿي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته کيس عالمي پزيرائي حاصل آهي. ”
قلندر لعل شهباز سنڌ
جي محبت ڪندڙ ڌرتيءَ تي محبت انڪساري خاموش طبعي ۽ صبر جي تلقين ڪري خاموش رهي پنهنجو
اظهار ڪرڻ جو پيغام ڏنو، جيڪو سندس شاعريءَ ۾ به واضح نظر اچي ٿو. هو سنڌ جي ڪم گو
ماڻهن جي پيغام کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي هيئن بيان ڪري ٿو:
گر خدارا دوست داري،
خامشي بايد گزيد،
با هزارن سوز زاري،
خامش بايد گزيد.
جيڪڏهن خدا جو قرب
چاهين ٿو ته ماٺ ٿي گذار، ڪيڏو نه ڏک ۽ درد هي ماٺ ٿي گذار.
هو وڌيڪ فرمائي ٿو ته
ماٺ ٽامي جهڙي وجود کي نج سون بڻائي ٿي.
اڄ به سندس مزار تي
سوين عقيدتمند اھڙا نظر ايندا جيڪي اکيون اٽڪائي خاموشيءِ سان ويٺا پنھنجي پراٿنا
پيا ڪندا، ماٺ ماٺ ۾ ھو دنيا کان بي نياز ٿي سڪون جا جھول ڀري پيا ورھائيندا.
قلندر لعل شهباز سنڌ
جي ماڻهن جي نياز ۽ نوڙت کي پنهنجو مظهر بڻائي. صبر، نوڙت پيار ۽ محبت کي پنهنجي
پرچار جو ذريعو بڻايو. اڄ به سندس عقيدتمند ان جي عمل کي اڳتي ڪيون خاموشيءَ سان
قلندري ڌمال ڪندي نوڙت جا هٿ ٻڌي اڳتي وڌن ٿا. ڀلي ڇا به ٿئي بم ڌماڪا گوليون لڳن،
پابنديون ٿين ۽ ڪي ڪفر جون فتوائون لڳن پر قلندر جا پيروڪار گيڙو ويس تن تي پائي
رقص ڪندي قلندري ڌمال تي اڄ به قلندر جي پيغام کي عام ڪندا پيا اچن.
(ڏھاڙي ڪاوش
حيدرآباد ۽ عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
حضرت لعل شهباز قلندر
عثمان مروندي المعروف
لال شھباز قلندر
دينِ حق جي پيغام
رسائيندڙن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز عرف سيد محمد عثمان ولد سيد محمد ابراهيم ڪبيرالدين
مرونديءَ جو نالو سر فهرست آهي. سندس جنم افغانستان ۾ آزر بائيجان جي ڳوٺ ”مروند“
۾ ۵۸۳ھ مطابق ۱۱۷۸ع ۾ ٿيو. قلندر شهباز آذربائيجان (آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند (مروند) ۾
سنه ۵۳۸ هجريءَ مطابق ۱۱۴۳ع ۾ ڄائو. مروند شهر جنهن کي مرند يا ميمند به ڪوٺيندا هئا.
مذھب؛ اسلام
سلسلو؛ سھروردی
ٻيو نالو؛ لال
شھباز قلندر
ذاتي وضاحت؛
جنم؛ ۱۱۷۷ع يا ۱۱۴۳ع[۱]
وفات؛ ۱۲۷۴ع
آخري آرامگاھ؛ سيوھڻ
شريف سنڌ پاڪستان
وڌيڪ ڄاڻ
خطاب؛ شھباز
دور؛ ٻارهين ۽
تيرهون صدي جو دور
پيشرو؛ بهاؤالدين زڪريا ملتاني
جانشين: بودلو بهار
خاندان
سندس نسب جو سلسلو
تيرهين پيڙهيءَ ۾ حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضه سان ملي ٿو.
سندس والد بزرگوار
وڏو درويش ۽ متقي انسان هو، جيڪو اڪثر الاهي عبات ۾ گذاريندو هو. سندس شادي خانه
آبادي تمام وڏيءَ عمر ۾، تڏوهڪي مروندي حاڪم، سلطان شاه جي نياڻيءَ سان ٿي؛ جنهن
مان سنڌ جو روحاني رهبر، علم ۽ فيض جو درياه سيد محمد عثمان پيدا ٿيو، سندس ولادت
باسعادت تي پوري مروند ۾ چاليهن ڏينهن تائين خوشيون ملهايون ويون. پاڻ نهايت ئي
پرهيزگاريءَ واري زندگي گذاريائين، سڄي ڄمار ڇڙو رهيو يعني عمر ڀر شادي ڪانه ڪيائين،
تنهنڪري پويان ڪو اولاد به ڪونه ڇڏيائين.
شجرو
سيد عثمان پٽ سيد
ابراهيم ڪبير الدين پٽ سيد شمس الدين پٽ سيد نور شاه پٽ سيد محمود شاه پٽ سيد احمد
شاه پٽ سيد هادي پٽ سيد مهدي پٽ سيد منتخب پٽ سيد غالب پٽ سيد منصور پٽ سيد
اسماعيل پٽ امام جعفر صادق عه.
نالو
والدين طرفان سندس
نالو "عثمان“ رکيو ويو هو. باقي لعل بادشاه، شهباز سائين، قلندر ڪبريا، شمس
الدين، مخدوم مروندي، سيف السان ۽ مهدي وغيره سندس لقب القاب هئا. پاڻ ننڍپڻ کان
ئي ڄمندي ڄام هو.
تعليم
ايتري قدر جو ستن
ورهين جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائين. پوءِ ته اُنهيءَ ٽهيءَ ۾ اچي ويراڳ لڳس؛
جنهن ڪري والدين کان وڇڙي ايران، عراق ۽ حجاز جا مقدس هنڌ ڏسندو، اچي امام عالي
مقام حسين عليه السلام جي روضي تي رهڻ لڳو. ڪجھ ڏينهن پوءِ، واپس ناني وٽ پهتو؛
جنهن کيس زماني جي ظاهري تعليم سان ڏس، قابل اُستادن جي حوالي ڪيو، جتان فارسي ۽
عربيءَ ۾ گهڻا ئي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. پاڻ پهرين پهرين قرآن شريف ياد ڪيائين.
تنهن کان پوءِ ٻين علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪري، باطني علم پرائڻ لاءِ بابا ابراهيم ولي
ڪربلائيءَ جو مريد بڻيو ۽ انهيءَ کان ئي تصوف ۾ خلافت جو خرقو ڍڪيائين.
طريقت
جوانيءَ ۾ راتيان ڏينهان
عبادتون، رياضتون ۽ مجاهدا ڪندي، جهنگ، جبل جهاڳيندو رهيو. جڏهن بلوغت کي رسيو ته
بابا ابراهيم رح جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس رهبري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ
لکيو آهي ته: مخدوم عثمان لعل شهباز قلندر مريد شيخ جمال مجرد مريد سيد ابراهيم
مجرد مريد شيخ عاقل شهيد مريد شيخ مسڪين شهيد مريد سيد مرتضى سبحاني مريد امام
جعفر صادق عه. مجرد لفظ جي معنى آهي ڇڙو. جنهن پنهنجي سموري عمر بنا شادي ڪرڻ جي
گذاري ڇڏي هجي.
سفر
مرشد جي اجازت سان
حرمين شريف، نجف اشرف ۾ حضرت علي المرتضيٰ رضه ۽ ڪربلا معليٰ ۾ امام حسين رضه جي
زيارتن کان مشرف ٿيندو، عراق جي شهر بغداد ۾ بادشاه پير سيد عبدالقادر جيلاني رح
جي زيارت لاءِ پهتو، جتان کيس ”قلندر“ جو خطاب ملندي سنڌ جي سيوهڻ لاءِ امر ٿيو.
مخدوم جلال جھانيان اُچ واري ۽ شيخ بهاوالدين زڪريا ملتان واري ۽ شيخ فريدالدين شڪر
گنج دهليءَ واري جو سنگتي هو.
سنڌ آمد
موجوده درگاھ
اهو سنه۶۶۲ ھ ۾ مروند کان ملتان ۾ آيو. قلندر شهباز
پهرين پهرين سنڌ جو رخ ڪندي سنه ۶۴۴ هجري مطابق ۱۲۴۶ع سيوهڻ ۾ پهتو. سيوهڻ کان پوءِ هو هندستان ڏانهن ويو،
جتي پاڻي پٽ ۾ شاھ شمس بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجھ وقت اتي رهيو. بو علي قلندر
کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾ گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو، جو
هو وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي قلندر شهباز وري سنڌ جو رخ ڪيو
۽ سنه ۶۶۲ هجريءَ ۾ اچي ملتان ۾ پهتو. شهزادي محمد شهيد جيڪو غياث الدين بلبن جو پٽ
ھيو ۽ ملتان جو گورنر ھيو، قلندر شهباز کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ هڪ
خانقاه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو.
سنڌ ڏانهن ايندي،
ملتان شريف بہ ويو، جتي سلطان محمد سان بہ مليو؛ جنهن کيس اُتي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو،
پر انڪار ڪري، اچي سيوهڻ کان نڪتو،
سنڌ ۾ آمد
(۶۹۴ھ = ۱۲۹۸ع) وقت سندس عمر ۱۱۱ ورهيه هئي. جنهن جاءِ تي روضو مبارڪ آهي، اُتي پاڻ اچي
منزل انداز ٿيو. اُن زماني ۾ اُتي اگهاڙائپ وارين عورتن جو اڏو هو. سندس آمد تي
اهي سڀ توبہ تائب ٿيون ۽ هڪدم راھ راست تي اچي ويون.
وفات
قلندر سائين لڳ ڀڳ
هڪ سال کانپوءِ، ۱۱۲ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۱ شعبان ۶۹۵ھ مطابق ۱۲۹۹ع تي هن دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. قلندر
شهباز هتي سيوهڻ ۾ ئي ۲۱ شعبان ۶۷۳ هجريءَ ۾ وفات ڪئي. درگاه جي ڏکڻ طرف هڪ شاهي سونو دروازو به لڳي چڪو آهي.
هي دروازو ٻه طاقو آهي. هڪڙي طاق تي قلندر شهباز جو نالو: سيد عثمان بن سيد ڪبيرالدين
ابراهيم ۽ ٻئي طاق تي سندس وفات وارو سال ۶۷۳ اڪيريل آهي.
ميلو
هر سال شعبان مهيني
جي ۱۸، ۱۹ ۽ ۲۰ تاريخن تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو ٿيندو آهي؛ جنهن ۾ لکن جي انگَ ۾
عقيدتمند ايندا آهن. ميلي جي رسمن ۾ ميندي ۽ ڌمال خاص اهميت رکن ٿا.
ميلي جي وچين ڌمال
وڏي ڌام ڌوم سان لڳندي آهي. سنڌ صوبي جو هي ميلو پهريون نمبر ليکيو ٿو وڃي. پهرين
هزارن جي تعداد ۾ ۽ هاڻي لکن جي حساب سان ماڻهو هي ميلو ڏسڻ ايندا آهن. سنڌ،
پنجاب، سرحد، بلوچستان، افغانستان، ايران ۽ هندستان کان ڪهي ماڻهو، بنا ڪنهن مذهبي
ويڇي جي، هي ميلو ڀيٽڻ ايندا آهن.
علمي خدمتون
قلندر شهباز جي
علمي قابليت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو سگهجي، جو ڪنهن زماني ۾ سندس لکيل ڪتاب
”ميزان صرف“ ۽ ”عقد“ وغيره سنڌ جي مدرسن ۾ عام پڙهايا ويندا هئا.
مزار جي تعمير
لعل شھباز قلندر
جو اندروني منظر
سندس روضي جي تعمير
سلطان فيروز شاه طرفان، اُن وقت جي سيوهاڻي حاڪم، ملڪ اختيار الدين ۷۵۷ھ مطابق ۱۲۶۱ع ۾ ڪرائي. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيو آهي ته:
پهرين پهرين قلندر تي قبو سلطان محمد شاه تغلق جي سؤٽ سلطان فيروز شاه تغلق جي حڪم
سان، سيوهڻ ۾ انهيءَ وقت جي گورنر رڪن الدين عرف اختيار الدين سنه ۷۵۷ هجري مطابق ۱۳۵۶ع ۾ ٺهرايو، تنهن کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم مرزا
جاني بيگ ترخان قبي کي نئين سر ڪري ٺهرايو، جنهن تي اڳتي هلي سندس پٽ مرزا غازي
بيگ به وڌيڪ اضافو ڪيو. پر قبي جو ڪم شاه جهان جي حڪومت دؤران پورو ٿيو، قبي کي
سنه ۱۰۴۳ هجري مطابق ۱۶۳۳ع کان اڳ پوريءَ طرح ٺهي راس ٿيل نه ٿو چئي سگهجي، ڇو ته اُن سال ئي نواب
ديندار خان بخاريءَ اڱڻ ۾ تراشيل پٿر جو فرش هڻائي پورو ڪيو. قبي جي اُوچيءَ مهاڙيءَ
واريون ڪاشيءَ جون سرون ميان غلام شاه ڪلهوڙي تحفي طور موڪليون هيون. مقبري جو
چانديءَ وارو دروازو، تربت جي مٿان ڇٽ جا ٿنڀا ۽ ڪٽهڙو مير ڪرم علي خان ٺهرايا
هئا. تنهن کان پوءِ سنه ۱۹۳۹ع “ ۾ انهيءَ ۾ واڌارو ڪيو ويو، جو ڇَٽ بلڪل چانديءَ جو ٺهرايو ويو ۽ گڏوگڏ
اڍائي فوٽ اوچو ڪٽهڙو به روپو(يعني چانديءَ جو) ڪيو ويو. اصل ۾ ڇٽ آبنوس ڪاٺ (ڪاريءَ
ڪِٺ) جو ٺهيل آهي، جيڪو چانديءَ جي پليٽن سان چڱيءَ طرح ڍڪيو ويو آهي. جيئن ڪنڊن
تي ٻاهران چار ٿنڀا آهن، تيئن اندران ڏھ ننڍا ٿنڀا آهن، جن تي وڏيءَ ڪاريگريءَ جو ڪم
ٿيل آهي. ڪٽهڙي تي به وڏو ڪم ٿيل آهي ۽ اهو سنڌ جو هڪڙو وڏيءَ ڪاريگريءَ ۽ هنر جو ڪم
آهي. هن پوئين يعني ۱۹۳۹ع واري ڪم تي ڪل خرچ ۴۴ هزار رپيا ٿيو، جيڪو ۲۵ ڪاريگرن جي لڳاتار ستن سالن جي محنت جو ڦل آهي. ۱۹۱۵ع ۾ قلندر شهباز جي سجاده نشين سائين ولي
محمد شاهه پٽ مراد شاه پنهنجي هڪ معتقد ڪَڪَڙ جي زميندار رئيس محبت خان وڳڻ سان
انهيءَ ڳالھ جو اظهار ڪيو ته قلندر جي تربت وارو ڇٽ سڄوئي چانديءَ جو هئڻ گهرجي.
سيد جي خواهش رئيس صاحب اهڙيءَ طرح سان پوري ڪئي، جو حيدرآباد مان مستري علي بخش
کي گهرايو ويو، جنهن خاڪو تيار ڪري ستت ئي ڪم شروع ڪري ڏنو. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو
آهي ته هن مستري صاحب جي نگراني هيٺ ۲۵ ڪاريگر ڪم ڪندا رهيا ۽ برابر ست سال ڪم
هليو. ڪم پوري ٿيڻ تي هو، جو ۱۹۲۲ع ۾ پئسن جي کوٽ سبب ڪم بند ڪرڻو پيو. رئيس وڳڻ هن ڪم کي
پوري ڪرڻ لاءِ سرڪار کان قرض کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو غالباً نامنظور ٿيو. سن ۱۹۳۹ع جي شروعات ۾ خانبهادر نبي بخش محمد حسين
جو ڀاءُ خانبهادر عبدالقادر دادو ضلعي جو ڪليڪٽر ٿي آيو، جنهن انهيءَ وقت جي ”سيري
ڪميٽيءَ“ کان پنج هزار رپين جي رقم منظور ڪرائي. ياد رهي ته سيريءَ ڪميٽيءَ جو ڪم
ئي هو درگاهن جي مرمت وغيره ڪرائڻ. خانبهادر عبدالقادر انهيءَ ڪميٽيءَ جو صدر هو.
هن سيري ڪميٽيءَ کي سرڪار طرفان باقاعدي زمين ڏنل هئي، جنهن جي پيدائش مان درگاهن
تي خرچ هلندو رهندو هو. بهرحال ساڳئي مستريءَ جي نگراني هيٺ برابر ۱۷ سالن کان پوءِ وري ڪم چالو ٿيو ۽ سيپٽمبر ۱۹۳۹ع ۾ اهو ڇٽ ۽ ڪٽهڙو ٺهي جڙي تيار ٿي تربت تي
لڳي ويو.
ڪجھ وقت کانپوءِ
جهانگير جي دؤر ۾، مرزا غازي بيگ روضي جي آڏو خانقاه پڻ جوڙائي ۽ روضي جي عمارت کي
مٿڀرو ڪرايو. سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري باقي رهيل ڪم کي نواب سيد بهوه
بخاري عرف ديندار خان ۱۰۳۹ھ (۱۶۴۳ع) ۾ مڪمل ڪرايو. آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاه به روضي جي مرمت ۾ ڀاڱي ڀائيوار
ٿيو. تربت جي چوڌاري نفيس گلڪاريءَ سان چانديءَ جو ڪٽهڙو، لاڙڪاڻي جي مشهور زميندار،
محبوب خان وڳڻ ٺهرايو آهي ڪٽهڙي جي هيٺان سنگ مرمر جو ڏيڍ فوٽو ٿلهو به جڙيل آهي؛
جنهن کي ”قلندري لغت“ موجب ”شهنشاه جو تخت“ چئجي ٿو. روضي جو ٻاهريون دروازو به
چانديءَ جي پٽن سان ڪاٺ مٿان اُڪريل آهي.
حڪومت منجهس هڪ
سونو دروازو پڻ لڳرايو؛ جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏوهڪي وزيراعظم شهيد ذوالفقار
علي ڀٽي (۱۹۰۵ع – ۱۹۷۹ع) ڪيو هو. هي دروازو رات جو ۹ وڳي نقارن جي ڌمال سان قائم ٿيندو آهي ۽ وري فجر جي
نماز سان کلندو آهي.
مزار جي ويجهو
جايون
جن جاين تي قلندر
سائينءَ چـِلا ڪڍيا آهن، اُتي تاريخي يادگار اڄ به قائم آهن؛ اُنهن مان لعل باغ، يڪ
ٿنڀي، چوٿنڀي، لعل جو لئو ۽ قلندر جي ڪشتي (منگهو پير، ڪراچي) وغيره قابلِ ذڪر
آهن.
شاعري
پاڻ صاحب ولايت ۽
بلند پايي جي عالم هجڻ سان گڏوگڏ فارسي زبان جو سٺو شاعر به هو. سندس تخلص ”عثمان“
هو. سندس ڪلام سندس عقيدتمندن ياد کي هئو، جن مان بودلو بهار، جمن جتي ستي، شاه
گودڙئو، سيد ابراهيم جتي ستي ۽ مخدوم علي سيوستانيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. لال
شھباز قلندر جا ڪجھ فارسي جا شعر ھيٺ ڏجن ٿا.
نمی دانم کہ آخر چوں دمِ دیدار می رقصم
مگر نازم بہ ایں ذوقے کہ پیش ِ یار میں رقصم
ترجمو: خبر ناهي تہ
آخري ديدار وقت مان ڇو رقص ڪري رھيو آھيان- پر پنهنجي ان ذوق تي ناز آھي تہ مان
پنھنجي يار سامھون رقص ڪري رھيو آھيان.
ھم عصر ۽ دوست
سندس همعصر ۽ خاص
صحبتين ۾ حضرت غوث بهاؤ الدين زڪريا ملتاني رح (۵۶۶ھ – ۶۶۶ھ)، سيد جلال سرخ بخاري رح (۶۰۱ھ – ۶۹۵ھ)،
بابا فريدالدين گنج
شڪر (۵۶۹ھ–۶۶۴ھ)، حضرت شيخ نوح بکري، شاه صدر ۽ حاجي منگهو جا نالا سر فهرست آهن، جن سان
اڪثر سندس رهاڻيون رهيون آهن.
لعل شهباز قلندر
ساڻس عشق جو عجيب انداز
ڪريم عباسي
حضرت سخي لعل شهباز
قلندر جو خانداني ۽ اصلي نالو سيد محمد عثمان هو، سندن والد محترم جو نالو سيد ڪبير
هو. سندن ولادت جي تاريخ متعلق مورخن ۾ ڪافي اختلاف موجود آهن. ڪجهه مورخ سندن
ولادت ۵۳۷ هجري ته ڪجهه وري ۵۳۸ هجري سال کي قرار ڏين ٿا. سندن اباڻو وطن مروند هو.
خانداني حسب نسب مطابق سندن شجرو حضرت امام جعفر عليه السلام سان وڃي ٿو ملي، پاڻ
علم جي اُڃ اجهائڻ لاءِ ڏيهه پرڏيهه جا سفر ڪري ڪشالا ڪڍي پنهنجي وقت جي سيد عالمن
کان مستفيد ٿيا. ابتدائي تعليم ۽ تربيت فارسيءَ کان سواءِ قرآن شريف پڻ حفظ ڪيائون.
مروند ۾ سندن ابتدائي تعليم مڪمل ٿي. ان کان پوءِ شيخ عثمان المعروف لعل شهباز
قلندر، حضرت بابا ابراهيم جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ پير و مرشد جي هدايتن موجب پورو سال
سخت رياضتون ڪري کانئن فرقو حاصل ڪيائون. تنهن کان پوءِ پنهنجي هم عمر بزرگن بابا
فريد الدين شڪر گنج، حضرت جلال الدين بُخاري جهانيان جهان گشت ۽ حضرت بهاءُالدين ذڪريا
ملتاني سان گڏجي سير ۽ سياحتون ڪيائون ۽ اسلامجي ابدي پيغام جو پرچار ڪيائون. انهن
چئني بزرگن جي پاڻ ۾ رفاقت، انسيت ۽ محبت کي ڏسي کين “چوياري” جو لقب حاصل ٿيو.
قلندر لعل شهباز سدائين ڳاڙهو لباس پهريندا هئا، ان ڪري “لال” جو لقب به سندن ذات
سان هميشه لاءِ لاڳاپجي ويو. اهڙي ريت “شهباز” جو خطاب سندن مرشد بابا ابراهيم کين
عطا ڪيو هو. ان جي تشريح ڪندي ڪي مورخن لکن ٿا ته سندن اکيون شهباز (باز) جيان چمڪندڙ
هونديون هيون، ڪن مورخن مطابق سندن مرشد بابا ابراهيم، حضرت عثمان مروندي لال
شهباز کي قلندري سلسلي ۾ داخل ڪيو هو. ڪي تذڪره نگار اها تحقيق پيش ڪن ٿا ته مشهور
بزرگ حضرت بوُ علي شاهه قلندر، حضرت لالا شهباز کي “قلندر” چئي پڪاريو هو. بس ان ڏينهن
کان پوءِ “قلندر” مشهور ٿي ويا.
بهرحال لعل شهباز
قلندر جڏهن بغداد کان آيا هئا ته حضرت سيد علي بغدادي کي به پاڻ سان کنيائون. جيڪي
سفر ۾ سندن خدمت گذاريءَ تي معمور هئا. اهي سيوهڻ ۾ به ساڻن گڏ ئي رهندا هئا، کين
قلندر جو وزير چوندا آهن ۽ سندن مزار به قُبي جي اڳيان ساڄي پاسي آهي. سيوهڻ ۾
قيام دوران اسلام جو پيغام پکيڙيو ۽ ڀٽيل انسانن کي سڌي راهه تي لائي سندن زندگيون
بدلائي ڇڏيون. اهڙي ريت لعل شهباز قلندر هڪ ڊگهي ڄمار ماڻي ۽ ۲۱ شعبان ۶۷۳ هجري تي دنيا مان موڪلائي ويا. پهريون ڀيرو
۷۵۷ هجري ۾ سلطان فيروز شاهه تغلق جي دور ۾ شهباز قلندر جي مزار مبارڪ ٺهرائي
وئي. ان کان پوءِ سن ۱۰۰۹ع هجري ۾ غازي خان بيگ مزار جي عمارت ۾ ٻيهر ترميم ڪرائي. سن ۱۱۷۳ع ۾ سنڌ جي شاهجهان ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام
شاهه درگاهه تي پٿر جو فرش وجهرايو ۽ صدر دروازو وڏو ڪري هنيائون. قطع نظر ان جي
ته اڄ حضرت سخي لعل شهباز قلندر کي هن فاني دنيا مان برقعو مٽائيندي ساڍا ست سئو
سالن کان به وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي پر پوءِ به سندن روحاني فيض اڄ به جاري آهي
۽ انساني هجوم هن مزار تي هر وقت ڳاهٽ آهن ۽ سدائين سوين هزارين لکين سلامي آهن.
هن سلسلي ۾ قلندر
سان عشق جو عجيب انداز جهڙو وارهه جي سادات جو آهي. ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ايئن
ته هر ڪو قلندر لعل سان پنهنجي پنهنجي طور طريقي سان عقيدت ۽ محبت رکي ٿو پر وارهه
جا سادات چئن پيڙهن کان لڳاتار قلندر جي ڌنار جي حيثِت ۾ خلق خدا جي خدمت ڪندا پيا
اچن.
ان سلسلي ۾ سڀ کان
اڳ سيد حيدر شاهه بخاري جيڪي اصل وارهه شهر جو ويٺل هو ۽ سن ۱۸۴۲ع انگريزن جي دور کان وٺي هن ست جي سرواڻي
شروع ڪئي هئي ۽ قلندر لعل شهباز جي ڌنار طور سڄي سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪشالا ڪڍي لنگر
لاءِ مال ڪٺو ڪري ميلي کان چار ڏينهن اڳ سيوهڻ پهچندو هو ۽ ۲۱ شعبان تي، شهباز قلندر جي نکيٽيءَ کان پوءِ
سندن روانگي واپس وارهه ٿيندي هئي. سيد حيدر شاهه بخاري کانپوءِ هن ڌنار قافلي جي
اڳواڻي سيد طالب شاهه بخاري ڪندو رهيو. تن کان پوءِ سيد محمد شاهه بخاري (موجوده
سجاده نشين سيد ذوالفقار شاهه بخاري جو والد صاحب) پنهنجي وقت ۾ اها وڏڙن جي واٽ وٺِ
روايت نڀائي پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ ان کان پوءِ موجوده سجاده نشين سيد ذوالفقار
شاهه بخاري هي روايت نڀائيندڙ آهي.
سيد ذوالفقار شاهه
بخاري، انٽرنيشنل ريلشنز ۾ ايم اي آنرز سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي آهي. ان ساڳئي
قلندري گدائي جي سلسلي ۾ هڪ جمادي الثاني ۱۴۴۴ هجري بمطابق ۲۵ يا ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي هڪ قافلو جيڪو ۱۵-۲۰ فقيرن تي مشتمل هوندو آهي ۽ سيد ذوالفقار
شاهه بخاريءَ جي سرواڻي ۾ وارهه شهر مان روانو ٿي مختلف شهر نصير آباد، دادو، ڀان
سيد آباد مان ٿيندو راجا فقير نريش ڪمار جي آستاني تي پهچندو، جتي سندن ڀرپور
استقبال ڪرڻ وارن ۾ عبدالڪريم عباسي، مٺل حاجاڻو، آصف جوڻيجو، غفران، امام دين،
ترابي انيس ميمڻ، وفا رضا بلوچ، ڪرشن ڪولهي، حاڪم زرداري ۽ لکو مل ڪولهي شامل
هوندا. ياد رهي ته هي قافلو ۴ ڏينهن ۽ ۵ راتيون هتي ترسندو، ان دوران راڳ ويراڳ جون
محفلون پڻ منعقد ڪيون وينديون. ان دوران سوين مريدن ۽ معتقد روزانو سائين کان
دعائون ۽ دوا درمل وٺڻ ايندا رهندا آهن. چار ڏهاڙا هتي رسڻ کان پوءِ قافلو پير نور
شاهه درگاهه قاسم آباد ايندو، اتي بيبي رند پاران خاطر تواضع ۽ حاضري ڀرڻ کانپوءِ
شام جو ٽنڊو ڄام ٻڍو خان جتوئي، لالا سائين جي چوڪيدار وٽ ٻه ڏينهن ڊاٻو ڪري، اتان
سڌو مرشد گهوٽ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي حاضري ڀري اتان کان پوءِ سائين وارو ۽ ڊاٽسن ڍالو
نيشنل هاءِ وي تي رڙهندو رهندو ۽ نيٺ اچي مورو شهر لڳ قلندر بخس مبيجو پٽ مولا بخش
مبيجو جيڪي ٽن پيڙهن کان ڊيوٽي ڏيندڙ آهن. ان وٽ ڊاٻو ڪري ٻئي ڏينهن اتان وري
خيرپور ميرس ۽ اوسي پاسي جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ٿيندو، وري سکر پاسي ڏانهن اوٻاوڙو،
گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، پنو عاقل ۽ سرحد پٽي وارا علائقا ۽ ٻين واهڻ وستين
مان ٿيندو ۲۰ جمادي الثاني تي واپس وارهه ويندو.
اتان وري ٻن ٽن ڏينهن
جي آرام ۽ ٻچن ٻارن جي خبر چار حال احوال کان پوءِ وارهه کان شهدادڪوٽ، قمبر، جيڪب
آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جهل مگسي، سبي، ڪوئيٽا ۽ بلوچستان مان گهمندو ڦرندو وري واپس
وارهه پهچندو آهي. ان کان پوءِ جاگير، لاڙڪاڻو ۽ ان جا شهر گهمندو اتان لعل سائي
جي لنگر لاءِ مال ڪٺي ڪري پوءِ وري رجب مهينو ان گڏ ٿيل مال ۽ ٻئي نئين ايندڙ مال
جي کاڌ خوراڪ ۽ خدمت گذاري ٿيندي رهندي آهي ۽ پوءِ نيٺ ۲۷ رجب تي سمورو مال هڪلي گڏ ڪري وڏي ڌڻ جي
صورت ۾ جنهن ۾ اندازن ۱۵۰ کان ۲۰۰ تائين ٻڪر، ڇيلا، رڍون، دنبا، پاڏا، گابا، ڍڳيون، مينهون، اٺ، ديسي ڪڪڙ ۽ ڪبوتر
پڻ هوندا آهن. وارهه مان اهو ڍورن ۽ ماڻهن (فقيرن) وارو ڌڻ نعره حيدريءَ جي گونجن،
ناد نقلي ۽ گهنڊ گهڙيالن جي مڌر مست ڌنن تي ڌوڪيندو، مال کي تاهه کان بچائيندو
سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيندو آهي. ياد رهي ته ۲۷ رجب کان ۱۴ شعبان تائين انهن ٻارهن ئي منزلن دوران روزانو هڪ يا ٻه
ڍور ڪُسبا آهن ۽ لنگر ۾ استعمال ٿيندا آهن. اهو قافلو ۱۴ شعبان کان يڪو ۲۱ شعبان قلندر لال جي نيکيٽيءَ تائين سائين
ذوالفقار شاهه جي ڪافي نزد خان شاهي سيوهڻ ۾ ئي رهندو آهي. ان دوران روزاني ڪيترائي
ڍور ۽ پهرو حلال ڪري لنگر تيار ڪري مومنن، مريدن، معتقدن ۽ ايندڙ ويندڙ پانڌيئڙن
کي کارايو ويندو آهي. ان کان سواءِ هن گدائي ۾ مختلف عقيدتمندن ۽ مريدن پاران
رليون، پنڊيون، چانور، ڪڻڪ، تيل، اناج ۽ ٻيون ڪيتريون ئي کاڌي پيتي جون شيون ۽ مرچ
مصالحا، کير، کنڊ، شربت، ماکي ۽ چانهه وغيره به ڏنيون وينديون آهن. جيڪي اتي ئي
استعمال ڪري پوريون ڪيون وينديون آهن.
ڪراچي واسي سيٺ حاڪم
ڏهر ۽ حيدرآباد جو جبار سنجراڻي هن لال جي لنگر ۾ جام مال ڏيندا آهن ۽ لال شهباز
جا پانڌيئڙا کائي کين دعائون ڪندا آهن. هن مشڪل، ڪٺن ۽ ڪشالن واري قافلي ۾ ۲۰ کن فقرا سائين سان ٻيلي هوندا آهن. جن ۾ وڏو
فقير غلام علي ڪلهوڙو ويٺل ڀورو خان ڪلهوڙو ڳوٺ نزد لاڙڪاڻو ۴۰ سالن کان وٺي ڊيوٽي بردار آهي. ان کان
سواءِ ديوان راجا فقير نريش ڪمار، منظور علي سولنگي، طالب احمد پيچوهو، پرائمري
ماستر قربان علي پيچهو، رجب علي بروهي، فقير راهب علي، عامر فقير پيادو لاهوتي،
مير محمد بروهي، نانگو فقير عرف مسڪان علي چانڊيو، ياسين سولنگي، سعيد، اصغر کوسو،
عبدالرشيد لاشاري استاد ۽ صحافي، بورچي استاد جمن، ڪاسائي تونگر فقير سوڍر ۽ بنده
علي هڪ ئي وقت ۱۵-۱۵ ڇيلن کي سيرون وجهي ڪهندا ويندا آهن ۽ بورچي حوالي ڪندا
ويندا آهن. سچ پڇ ته عقيدت ۽ عشق جو اهو انداز حيران ڪندڙ آهي. جيڪو ۱۷۹ سالن کان هلندو پيو اچي.
(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس
حيدرآباد ۾ ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
لعل شھباز قلندر
محمد ارشد سومرو
خاندان
سندس نسب جو سلسلو تيرهين پيڙهيءَ
۾ حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضه سان ملي ٿو. سندس والد بزرگوار وڏو درويش ۽ متقي
انسان هو، جيڪو اڪثر الاهي عبات ۾ گذاريندو هو. سندس شادي خانه آبادي تمام وڏيءَ
عمر ۾، تڏوهڪي مروندي حاڪم، سلطان شاه جي نياڻيءَ سان ٿي؛ جنهن مان سنڌ جو روحاني
رهبر، علم ۽ فيض جو درياه سيد محمد عثمان پيدا ٿيو، سندس ولادت باسعادت تي پوري
مروند ۾ چاليهن ڏينهن تائين خوشيون ملهايون ويون. پاڻ نهايت ئي
پرهيزگاريءَ واري زندگي گذاريائين، سڄي ڄمار ڇڙو رهيو يعني عمر ڀر شادي ڪانه ڪيائين،
تنهنڪري پويان ڪو اولاد به ڪونه ڇڏيائين.
شجرو
سيد عثمان پٽ سيد ابراهيم ڪبير
الدين پٽ سيد شمس الدين پٽ سيد نور شاهه پٽ سيد محمود شاهه پٽ سيد احمد شاهه پٽ
سيد هادي پٽ سيد مهدي پٽ سيد منتخب پٽ سيد غالب پٽ سيد منصور پٽ سيد اسماعيل پٽ
امام جعفر صادق عه.
نالو
والدين طرفان سندس نالو
"عثمان“ رکيو ويو هو. باقي لعل بادشاهه، شهباز سائين، قلندر ڪبريا، شمس
الدين، مخدوم مروندي، سيف السان ۽ مهدي وغيره سندس لقب القاب هئا. پاڻ ننڍپڻ کان
ئي ڄمندي ڄام هو.
تعليم
ايتري قدر جو ستن ورهين جي ڄمار
۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائين. پوءِ ته اُنهيءَ ٽهيءَ ۾ اچي ويراڳ لڳس؛ جنهن ڪري
والدين کان وڇڙي ايران، عراق ۽ حجاز جا مقدس هنڌ ڏسندو، اچي امام عالي مقام حسين
عليه السلام جي روضي تي رهڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن پوءِ، واپس ناني وٽ پهتو؛ جنهن کيس
زماني جي ظاهري تعليم سان ڏس، قابل اُستادن جي حوالي ڪيو، جتان فارسي ۽ عربيءَ ۾
گهڻا ئي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. پاڻ پهرين پهرين قرآن شريف ياد ڪيائين. تنهن کان
پوءِ ٻين علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪري، باطني علم پرائڻ لاءِ بابا ابراهيم ولي ڪربلائيءَ
جو مريد بڻيو ۽ انهيءَ کان ئي تصوف ۾ خلافت جو خرقو ڍڪيائين.
طريقت
جوانيءَ ۾ راتيان ڏينهان
عبادتون، رياضتون ۽ مجاهدا ڪندي، جهنگ، جبل جهاڳيندو رهيو. جڏهن بلوغت کي رسيو ته
بابا ابراهيم رح جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس رهبري حاصل ڪيائين.ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ
لکيو آهي ته: مخدوم عثمان لعل شهباز قلندر مريد شيخ جمال مجرد مريد سيد ابراهيم
مجرد مريد شيخ عاقل شهيد مريد شيخ مسڪين شهيد مريد سيد مرتضى سبحاني مريد امام
جعفر صادق عه. مجرد لفظ جي معنى آهي ڇڙو. جنهن پنهنجي سموري عمر بنا شادي ڪرڻ جي
گذاري ڇڏي هجي.
سفر
مرشد جي اجازت سان حرمين شريف،
نجف اشرف ۾ حضرت علي المرتضيٰ رضه ۽ ڪربلا معليٰ ۾ امام حسين رضه جي زيارتن کان
مشرف ٿيندو، عراق جي شهر بغداد ۾ بادشاه پير سيد عبدالقادر جيلاني رح جي زيارت
لاءِ پهتو، جتان کيس ”قلندر“ جو خطاب ملندي سنڌ جي سيوهڻ لاءِ مخدوم جلال جھانيان
اُچ واري ۽ شيخ بهاوالدين زڪريا ملتان واري ۽ شيخ فريدالدين شڪر گنج دهليءَ واري
جو سنگتي هو.
سنڌ آمد
اهو سنه۶۶۲ هه ۾ مروند کان ملتان ۾ آيو. قلندر شهباز پهرين پهرين
سنڌ جو رخ ڪندي سنه ۶۴۴ هجري
مطابق ۱۲۴۶ع سيوهڻ ۾ پهتو. سيوهڻ کان پوءِ
هو هندستان ڏانهن ويو، جتي پاڻي پٽ ۾ شاهه شمس بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجهه وقت
اتي رهيو. بو علي قلندر کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾ گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري
چڱو ائين ٿيندو، جو هو وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي قلندر شهباز
وري سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنه ۶۶۲
هجريءَ ۾ اچي ملتان ۾ پهتو ـ
شهزادي محمد
شهيد جيڪو غياث الدين بلبن جو پٽ ھيو ۽ ملتان جو گورنر ھيو، قلندر شهباز کي
ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ هڪ خانقاهه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي
وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو.سنڌ ڏانهن ايندي، ملتان شريف بہ ويو، جتي سلطان
محمد سان بہ مليو؛ جنهن کيس اُتي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو، پر انڪار ڪري، اچي سيوهڻ
کان نڪتو، سنڌ ۾ آمد (۶۹۴ھ = ۱۲۹۸ع) وقت سندس عمر ۱۱۱ ورهيه
هئي. جنهن جاءِ تي روضو مبارڪ آهي، اُتي پاڻ اچي منزل انداز ٿيو. اُن زماني ۾ اُتي
اگهاڙائپ وارين عورتن جو اڏو هو. سندس آمد تي اهي سڀ توبہ تائب ٿيون ۽ هڪدم راهه
راست تي اچي ويون.
وفات
قلندر سائين لڳ ڀڳ هڪ سال
کانپوءِ، ۱۱۲ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۱ شعبان ۶۹۵ھ مطابق ۱۲۹۹ع تي هن دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. قلندر شهباز
هتي سيوهڻ ۾ ئي ۲۱ شعبان ۶۷۳ هجريءَ ۾ وفات ڪئي.درگاهه جي ڏکڻ طرف هڪ شاهي سونو دروازو به لڳي چڪو آهي.
هي دروازو ٻه طاقو آهي. هڪڙي طاق تي قلندر شهباز جو نالو: سيد عثمان بن سيد ڪبيرالدين
ابراهيم ۽ ٻئي طاق تي سندس وفات وارو سال ۶۷۳ اڪيريل آهي.
ميلو
هر سال شعبان مهيني جي ۱۸، ۱۹ ۽ ۲۰
تاريخن تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو ٿيندو آهي؛ جنهن ۾ لکن
جي انگَ ۾ عقيدتمند ايندا آهن. ميلي جي رسمن ۾ ميندي ۽ ڌمال خاص اهميت رکن ٿا.. ميلي جي وچين ڌمال وڏي ڌام ڌوم سان لڳندي آهي. سنڌ صوبي
جو هي ميلو پهريون نمبر ليکيو ٿو وڃي. پهرين هزارن جي تعداد ۾ ۽ هاڻي لکن جي حساب
سان ماڻهو هي ميلو ڏسڻ ايندا آهن. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان، افغانستان، ايران ۽
هندستان کان ڪهي ماڻهو، بنا ڪنهن مذهبي ويڇي جي، هي ميلو ڀيٽڻ ايندا آهن ـ
علمي خدمتون
قلندر شهباز جي علمي قابليت جو
اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو سگهجي، جو ڪنهن زماني ۾ سندس لکيل ڪتاب ”ميزان صرف“ ۽
”عقد“ وغيره سنڌ جي مدرسن ۾ عام پڙهايا ويندا هئا.
مزار جي تعمير
سندس روضي جي تعمير سلطان فيروز
شاه طرفان، اُن وقت جي سيوهاڻي حاڪم، ملڪ اختيار الدين ۷۵۷ھ مطابق ۱۲۶۱ع ۾ ڪرائي. ڊاڪٽر تنوير عباسي
لکيو آهي ته: پهرين پهرين قلندر تي قبو سلطان محمد شاهه تغلق جي سؤٽ سلطان فيروز
شاهه تغلق جي حڪم سان، سيوهڻ ۾ انهيءَ وقت جي گورنر رڪن الدين عرف اختيار الدين
سنه ۷۵۷ هجري مطابق ۱۳۵۶ع ۾ ٺهرايو، تنهن کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان قبي کي نئين سر
ڪري ٺهرايو، جنهن تي اڳتي هلي سندس پٽ مرزا غازي بيگ به وڌيڪ اضافو ڪيو. پر قبي جو
ڪم شاهه جهان جي حڪومت دؤران پورو ٿيو، قبي کي سنه ۱۰۴۳ هجري مطابق ۱۶۳۳ع کان
اڳ پوريءَ طرح ٺهي راس ٿيل نه ٿو چئي سگهجي، ڇو ته اُن سال ئي نواب ديندار خان
بخاريءَ اڱڻ ۾ تراشيل پٿر جو فرش هڻائي پورو ڪيو. قبي جي اُوچيءَ مهاڙيءَ واريون ڪاشيءَ
جون سرون ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تحفي طور موڪليون هيون. مقبري جو چانديءَ وارو
دروازو، تربت جي مٿان ڇٽ جا ٿنڀا ۽ ڪٽهڙو مير ڪرم علي خان ٺهرايا هئا. تنهن کان
پوءِ سنه ۱۹۳۹ع “ ۾ انهيءَ ۾ واڌارو ڪيو ويو،
جو ڇَٽ بلڪل چانديءَ جو ٺهرايو ويو ۽ گڏوگڏ اڍائي فوٽ اوچو ڪٽهڙو به روپو(يعني
چانديءَ جو) ڪيو ويو. اصل ۾ ڇٽ آبنوس ڪاٺ (ڪاريءَ ڪِٺ) جو ٺهيل آهي، جيڪو چانديءَ
جي پليٽن سان چڱيءَ طرح ڍڪيو ويو آهي. جيئن ڪنڊن تي ٻاهران چار ٿنڀا آهن، تيئن
اندران ڏهه ننڍا ٿنڀا آهن، جن تي وڏيءَ ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل آهي. ڪٽهڙي تي به وڏو ڪم
ٿيل آهي ۽ اهو سنڌ جو هڪڙو وڏيءَ ڪاريگريءَ ۽ هنر جو ڪم آهي. هن پوئين يعني ۱۹۳۹ع واري ڪم تي ڪل خرچ ۴۴ هزار
رپيا ٿيو، جيڪو ۲۵ ڪاريگرن
جي لڳاتار ستن سالن جي محنت جو ڦل آهي. ۱۹۱۵ع ۾ قلندر شهباز جي سجادهه نشين سائين ولي محمد شاهه پٽ مراد شاهه پنهنجي هڪ
معتقد ڪَڪَڙ جي زميندار رئيس محبت خان وڳڻ سان انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪيو ته قلندر
جي تربت وارو ڇٽ سڄوئي چانديءَ جو هئڻ گهرجي. سيد جي خواهش رئيس صاحب اهڙيءَ طرح
سان پوري ڪئي، جو حيدرآباد مان مستري علي بخش کي گهرايو ويو، جنهن خاڪو تيار ڪري
ستت ئي ڪم شروع ڪري ڏنو. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هن مستري صاحب جي نگراني هيٺ ۲۵
ڪاريگر ڪم ڪندا رهيا ۽ برابر ست سال ڪم هليو. ڪم پوري ٿيڻ
تي هو، جو ۱۹۲۲ع ۾ پئسن جي کوٽ سبب ڪم بند ڪرڻو
پيو. رئيس وڳڻ هن ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ سرڪار کان قرض کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو غالباً
نامنظور ٿيو. سن ۱۹۳۹ع جي شروعات ۾ خانبهادر نبي بخش
محمد حسين جو ڀاءُ خانبهادر عبدالقادر دادو ضلعي جو ڪليڪٽر ٿي آيو، جنهن انهيءَ
وقت جي ”سيري ڪميٽيءَ“ کان پنج هزار رپين جي رقم منظور ڪرائي. ياد رهي ته سيريءَ ڪميٽيءَ
جو ڪم ئي هو درگاهن جي مرمت وغيره ڪرائڻ. خانبهادر عبدالقادر انهيءَ ڪميٽيءَ جو
صدر هو. هن سيري ڪميٽيءَ کي سرڪار طرفان باقاعدي زمين ڏنل هئي، جنهن جي پيدائش مان
درگاهن تي خرچ هلندو رهندو هو. بهرحال ساڳئي مستريءَ جي نگراني هيٺ برابر ۱۷ سالن کان پوءِ وري ڪم چالو ٿيو ۽ سيپٽمبر ۱۹۳۹ع ۾ اهو ڇٽ ۽ ڪٽهڙو ٺهي جڙي تيار ٿي تربت تي لڳي ويو.
ڪجهه وقت کانپوءِ جهانگير جي
دؤر ۾، مرزا غازي بيگ روضي جي آڏو خانقاه پڻ جوڙائي ۽ روضي جي عمارت کي مٿڀرو ڪرايو.
سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري باقي رهيل ڪم کي نواب سيد بهوه بخاري عرف
ديندار خان ۱۰۳۹ھ (۱۶۴۳ع) ۾ مڪمل ڪرايو. آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاه به روضي جي مرمت ۾ ڀاڱي ڀائيوار
ٿيو. تربت جي چوڌاري نفيس گلڪاريءَ سان چانديءَ جو ڪٽهڙو، لاڙڪاڻي
جي مشهور زميندار، محبوب خان وڳڻ ٺهرايو آهي ڪٽهڙي جي هيٺان
سنگ مرمر جو ڏيڍ فوٽو ٿلهو به جڙيل آهي؛ جنهن کي ”قلندري لغت“ موجب ”شهنشاه
جو تخت“ چئجي ٿو. روضي جو ٻاهريون دروازو به چانديءَ جي پٽن سان ڪاٺ مٿان اُڪريل
آهي.
حڪومت منجهس هڪ سونو دروازو پڻ
لڳرايو؛ جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏوهڪي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي (۱۹۰۵ع – ۱۹۷۹ع) ڪيو هو. هي دروازو رات جو ۹ وڳي نقارن جي ڌمال سان قائم ٿيندو آهي ۽ وري فجر جي نماز سان کلندو آهي.
مزار جي ويجهو
جايون
جن جاين تي قلندر سائينءَ چـِلا
ڪڍيا آهن، اُتي تاريخي يادگار اڄ به قائم آهن؛ اُنهن مان لعل باغ، يڪ ٿنڀي، چوٿنڀي،
لعل جو لئو ۽ قلندر جي ڪشتي (منگهو پير، ڪراچي) وغيره قابلِ ذڪر آهن.
شاعري
پاڻ صاحب ولايت ۽ بلند پايي جي
عالم هجڻ سان گڏوگڏ فارسي زبان جو سٺو شاعر به هو. سندس تخلص ”عثمان“ هو. سندس ڪلام
سندس عقيدتمندن ياد هئو، جن مان بودلو بهار، جمن جتي ستي، شاه گودڙئو، سيد ابراهيم
جتي ستي ۽ مخدوم علي سيوستانيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. لال شھباز قلندر جا ڪجهه
فارسي جا شعر ھيٺ ڏجن ٿا.
نمی دانم کہ آخر چوں دمِ
دیدار می رقصم
مگر نازم بہ ایں ذوقے کہ
پیش ِ یار میں رقصم
ترجمو: خبر ناهي تہ آخري ديدار
وقت مان ڇو رقص ڪري رھيو آھيان- پر پنهنجي ان ذوق تي ناز آھي تہ مان پنھنجي يار
سامھون رقص ڪري رھيو آھيان.
ھم عصر ۽ دوست
سندس همعصر ۽ خاص صحبتين ۾ حضرت غوث بهاؤ الدين زڪريا ملتاني رح (۵۶۶ھ – ۶۶۶ھ)، سيد جلال سرخ بخاري رح (۶۰۱ھ – ۶۹۵ھ)، بابا فريدالدين گنج شڪر (۵۶۹ھ – ۶۶۴ھ)، حضرت شيخ نوح بکري، شاه صدر ۽ حاجي منگهو جا نالا سر فهرست آهن، جن سان اڪثر سندس رهاڻيون رهيون آهن.
سيوهڻ جي شهر جي تاريخ ۽
قلندر لال شهباز
ڳالهيون ڳنوارن جون
مشتاق باگاڻي
سيوهڻ مان قلندر جي ميلي جي موٽ
آهي. پانڌيئڙا پنهنجي دلين جا ارمان پورا ڪري واپس وري رهيا آهن. سورن جو ماريل
سماج جيئدان ڪارڻ جهليو پيو آهي. ڪٺن زندگي، غريبن لاءِ جياپي جا ذريعا محدود ڪري ڇڏيا
آهن. مايوس معاشري جا ملول ماڻهو ڪوبه سهارو نه ڏسي وڃي درگاهن جا در ڀيٽيندا آهن.
بک بيوسي ۽ بيمارين جا ستايل لوڪ ڇوٽڪاري جي ٻي ڪا واٽ نه لهي پيرن فقيرن ڏانهن رخ
ڪندا آهن. دل جو درمان ڀلي نه به ٿئي پر گهڙي سوا جو سڪون ملي ويندو آهي. ڪي
رئونشي ڪوڏيا تفريح خاطر ميڙن تي ايندا آهن. قلندر لال شهباز جي ميلي تي لاهور،
لائلپور کان وٺي لياري تائين جا ماڻهو ايندا آهن. باسون ڏيندا آهن. پڙ چاڙهيندا
آهن. قادر قلندر مست جا نعرا گوجندا آهن. صوفي فقير ۽ منچلا وجد ۾ اچي ڌمال هڻندا
آهن. “سرِ بازار مي رقصم” رقص ڪندا آهن. قلندر جي سنت ادا ڪندا آهن. لال شهباز
قلندر جي زيارت ڪري لال باغ جو سير ڪرڻ لاءِ هليا ويندا آهن. لال باغ جا ڪنهن جي
اوسيئڙي ۾ بيٺل اداس وڻ ڏسندا آهن. گندرف جي پاڻي جا بوڙيا ڏسي، باغ ۾ عارضي تنبو
اڏي ويٺل زيارتين جي سهائيندڙ ۽ اڻ سهائيندڙ روئداد ڏسندا هلندا ويندا آهن. دانستر
ڪراس ڪري قبرستان تي ٿيل قبضه گيرن جا مڪان نهاريندا، درگاهه طرف وڌندا آهن. ثابت
علي شاهه جي قبر تي چند ڳوڙها ڳاڙي، ٻيهر اچي قلندر جي چانئٺ تي سر نمائيندا آهن.
درگاهه جي ڀر ۾ پٺاڻ جي ڪافي جي نالي سڏجندڙ اوچين ديوارن اندر لنگر هلندي، ماڻهن
جي پيهه ۾ غائب ٿي ويندا آهن. پيهه مان نڪري مٿي ٽيلي تي ٺهيل جاين، سوڙهين گهٽين
بازارين جو مشاهدو ماڻيندا ڇٽي عمراڻي جي قبر تي ڏيئا ٻرندي ڏسندا، وڪرماجيت جي ڀاءُ
صوفي راجا ڀرتري هري جي نامعلوم قبر ۽ ٻيون غير مانوس قبرون نهاريندا اڳتي وڌندا
ويندا آهن. بودلو بهار، اڍائي جهوليون، ۽ ٻين زيارت گاهن کان ٿيندا سيوهڻ جي قلعي
واري دڙي تي پهچندا آهن.
هينري ڪزنس جي راءِ آهي ته، “وڏو
دڙو جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏو قلعو هو، اتي پراڻين جاين جا کنڊر آهن. شهر جي اتر طرف وڏي
قلعي، جنهن کي ڪافر ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو، جا ڦٽل نشان موجود آهن. سڄو قلعو مٽيءَ جو دڙو
لڳو پيو آهي، جنهن جي ماپ ۶۰۰×۲۰۰ گز ٿيندي ۽ اونچائي ۶۰ فوٽ.
قلعو بي ڊولو ماکيءَ جي مانارن جيان چگهه چگهه ٿي ويو آهي. هن گذر گاهه جي ترن مان
هندو دور جون وڏي ماپ واريون سرون مليون آهن، جيڪي شايد عيسوي سن کان گهڻو وقت اڳ
جون آهن. ” (سنڌ جا قديم آثار ص ۲۴۴) مجمدار لکي ٿو، “سيوهڻ کي اڳي ڪنهن زماني ۾ سيجستان جي نالي سان به سڏيو
ويندو هو. سڪندر جا مورخ ان کي سنڊيمانا ڪري لکن ٿا. ابن حوقل ۽ ٻين جاگرافيدانن،
مهراڻ جي اولاهين خطي کي سئڊوسان سان ڪوٺيو آهي. چچنامي مطابق هي شهر مڪران جي حدن
تائين سڄي اولهه سنڌ جو صدر مقام هو. ” (سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، ص- ۹۰)
لال شهباز قلندر لاءِ چيو وڃي ٿو
ته هي ۱۲۳۵ع ڌاري ملتان پهتو هو. ان کان
پوءِ سيوهڻ آيو. زندگي جا باقي ڏينهن اتي گذاريائين. ۶۷۳ هجري يعني ۱۲۷۴ع ۾
وفات ڪيائين. مقالات الشعراء ۽ تحفته الڪرام مطابق حضرت شيخ عثمان مروندي لال
شهباز قلندر جي لقب سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ ۾ ۶۶۲ هجري (۱۲۶۳-۶۴) ۾ آيا ۽ سيوهڻ ۾ رهائش
اختيار ڪيائون. سيوستان ۾ ئي ۶۷۳ هجري
(۱۲۷۴-۷۵) ۾ وفات ڪيائون.
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سيوهڻ
هڪ قديم وسندي آهي. هڪ راءِ اها به آهي ته هي شهر سڪندر اعظم جي سنڌ تي ڪاهه واري
دور ۾ به موجود هو. هتي جي حاڪم سامبس سان سندس جنگ ٿي هئي. سڪندر هٿان هار کائڻ
کان پوءِ هن حاڪم لڪي جي پهاڙن ۾ پناهه ورتي هئي ۽ اتان سڪندر اعظم جي لشڪر سان
گوريلا ويڙهه وڙهي هئي. يونانين جي لکت موجب، سنڌين وٽ تير ڪمان، رٿ ۽ جنگي هاٿي
هئا. سندن تير هلڪا هئا، جن کي مٿي تي لوهه لڳل هو. سنڌي بهادر ۽ جنگجو هئا. سنڌ
جي راجا وٽ فوجي قوت کان علاوه مضبوط قلعا هئا. جنهن به شهر تي يوناني قبضو ڪندا
هئا ته سنڌي شهر ۽ ڳوٺ خالي ڪري نڪري ويندا هئا ۽ پنهنجن هاٿين کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيندا
هئا، جيڪي يونانين کي گهڻو پريشان ڪندا هئا. (تمدن سنڌ، ص- ۱۰۴)
ان دور ۾ سنڌو درياهه سيوهڻ کان
پري اوڀر طرف وهندو هو. سيوهڻ جو شهر منڇر کان وهي درياهه ۾ ڇوڙ ڪندڙ اڙل واهه جي ڪناري
تي آباد هو. لڪي وارا گرم چشما ان دور ۾ به موجود هئا. ڏکڻ طرف آمري ڪلچر واري دور
جو تهذيبي مقام هو. ان کان علاوه ڏکڻ تي رني ڪوٽ جو شاندار قلعو هو ۽ اڄ به آهي.
بلاشڪ سيوهڻ شهر جي وڏي اهميت هئي. تاريخي طور سيوهڻ شهر ۽ ان جي علائقي کي مختلف
نالن سان سڏيو ويو آهي. مثال طور شوِ آستان، شادوسان، سدوسان، سڊوستان، سندوستان،
سيوستان، سيجستان، ۽ سنڊومانا وغيره. مولائي شيدائي مطابق سيوستان سيوي آرين تعمير
ڪرايو هو. يونانين مٿس سنڊومانيا نالو رکيو.
شوِ آستان جي نالي جي ڳالهه ڪجهه
سمجهه ۾ اچي ٿي. پير حسام الدين راشدي ڪتاب ‘مڪلي نامه’ ۾ سائين جي ايم سيد جي هڪ
نوٽ جو حوالو ڏنو آهي، جنهن مطابق، “اسلام جي اچڻ کان اڳ سنڌ ٻڌ، جين ۽ شيو جي پوڄارين
جو مرڪز هئي. سيوهڻ شيو جي پرستارن جو مذهبي شهر هو. شيو پرستي جو باني گورڪناٿ
هو، جنهن جا پوئلڳ جوڳي يا ايوڳي ٿيا. ” شاهه لطيف به پنهنجي بيتن ۾ انهن کي ياد ڪيو
آهي.
لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه
مسحو،
جا اسلاما اڳي هئي، سا سئائون ٻانگ،
سامي ڇڏي سانگ، گڏيا گورکناٿ
کي.
برهمڻ زمانو ۱۲۰۰ ورهه ق. م کان شروع ٿي ۶۰۰ ورهه
ق. م پورو ٿيو. ان کان پوءِ جين ڌرم ۶۰۰ ق. م
کان ۵۲۸ ق. م تائين سنڌ سميت ڏکڻ ايشيا
تي ڇانيل رهيو. ان کان پوءِ ڌرمي انقلابن منهن ڪڍيو. گهٽ ۾ گهٽ مختلف فلسفن تي ۱۶۳ ادارا ٺهيا، جيڪي غير برهمڻ کترين کڙا ڪيا. اهي جين ڌرم جي باني ورڌامانا
(مهاويرا) ۽ گوتم ٻڌ کان گهڻو اڳي جاري ٿيا هئا. (تمدن سنڌ، ص- ۷۸)
عالمن جي راءِ آهي ته مهاويرا ۽ گوتم ٻڌ همعصر هئا.
بهرحال جين ڌرم جو اثر سنڌ تائين پهتو ۽ هتي ان جا مندر تعمير ٿيا.
گوتم ٻڌ ۴۸۰ ق. م ۾ ۸۰ ورهين جي ڄمار ۾ هي جهان ڇڏيو.
هي ٻڌ ڌرم جو پايو وجهندڙ هو. ٻڌ ڌرم کي چندر گپت موريا ۽ موريا خاندان جي ٻين
راجائن گهڻو زور وٺرايو. ٻڌڪي تهذيب پالي زبان ۾ آهي. ٻڌ ڌرم به سنڌ تائين پهتو.
اها خبر ڪانهي ته جين ڌرم يا ٻڌ ڌرم جي پهچ سيوهڻ يا سنڊومانا تائين ٿي سگهي يا
نه، البت اسلام جي اچڻ تائين سيوهڻ هندو ڌرم وارن جو مرڪز هو. گجرات ۽ جيسلمير جا
هندو ياتري ۽ جوڳي سامي لاهوت لامڪان ويندي سيوهڻ مان گذرندا هئا. سيوهڻ ۾ قيام
دوران پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪندا هئا. سيوهڻ جي مٽي لڱين لائيندا هئا. ياترا
کان موٽندي سنڌو جي خاڪ ۽ پاڻي تبرڪ طور پاڻ سان کڻي ويندا هئا. پيارا پڙهندڙ
دوستو! اهو هو اڳوڻو سيوهڻ.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا