; سنڌي شخصيتون: گنو سامتاڻي - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

14 August, 2013

گنو سامتاڻي - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

گنو سامتاڻي
رومانوي ڪهاڻيءَ جو هڪ دور
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
گنو سامتاڻي، رومانوي دور جو ٽيون اهم ڪهاڻي نويس آهي، جيڪو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪهاڻي نويس واري حيثيت مڃائي چڪو آهي. ورمانوي دور جا پهريان ٻه ڪهاڻي نويس آهن ؛موهن ڪلپنا ۽ لعل پشپ. ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ پيدا ٿيل ان ٽه-مورتيءَ ادب ۾ ڪافي نالو ڪڍيو. سندن ناموس هند سان گڏ، سرحد جي هن پار سنڌ ۾ به پکڙيل آهي. موهن ۽ لعل جي مشابهت ۾ گني جو جيتوڻيڪ ادبي ذخيرو گهٽ آهي پر سنڌي ادب ۾ هو ڪهاڻي، نويس طور هن ننڍي کنڊ جي هڪ اهم دستخط بڻجي اڀريو.

گنو سامتاڻي يارهون درجو پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رهيو پر پوءِ بمبئيءَ هليو ويو. ڪلياڻ ڪئمپ کي الوداع ڪرڻ کان پوءِ، هن بمبئيءَ يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرس پاس ڪري مهاراشٽريه گورنمينٽ سچيواليه ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اتان ئي جائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان ريٽائر ڪيو. گنو سامتاڻي مهاراشٽريه سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جو برپا ٿيڻ کان وٺي سن ۱۹۹۵ع تائين سيڪريٽري ٿي رهيو.
ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي آهسته آهسته ٿائينڪا ٿيندا ويا. حياتيءَ ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي جا مسئلا گهڻي قدر حل ٿيندا ويا. نئين زمين تي دنيوي ڪاميابين بعد، سنڌي اديبن ڀارت جي ٻين زبانن خواهه ٻاهرين ٻولين جي ادبي تبديلين ۾ چاهه وٺڻ شروع ڪيو. ترقي پسند ڪهاڻي نويسن جا موضوع ڪشش وڃائڻ لڳا هئا. عالمي ادب ۾ پڻ نوان نوان رجحان نمودار ٿيڻ لڳا. ايتري قدر جو ان عرصي ۾ روس جهڙي سماجوادي ديش جي ادبي رخ ۽ رويي ۾ ڦيرو اچڻ شروع ٿيو. جنهن جو ذڪر اليا اهنبرگ جي ڪتاب ۾ ٿيل آهي. نتيجو اهو نڪتو جو سن ۱۹۵۸ع ڌاري سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون موڙ اچڻ لڳو. هندي ۽ ٻين ڀارتي قومي ٻولين ۾ به ترقي پسند ڪهاڻيءَ خلاف زوردار رد عمل شروع ٿي چڪو هو. سنڌي ڪهاڻي ترقي پسنديءَ جي گهيري ۾ گهٽجڻ لڳي هئي. جڏهن ترقي پسند دور وارين لکڻين ۾ سطحيت گهر ڪري ويئي، ادب محض سياسي نعري نازي يا سطحي بيان بازيءَ جي حد تي  وڃي رسيو، ۽ چين جي حملي اديبن جو موهه ڀنگ ڪيو ته سجاڳ قلمڪارن ان تي گهرائيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو. انهن آهستي آهستي ان تحريڪ کان پنهنجا پلئه آجا ڪري، پنهنجي اظهار لاءِ نوان ڏس ۽ پيچرا تلاشڻ شروع ڪيا. نتيجي طور سنڌيءَ ۾ رومانوي ڌارا جي ابتدا ٿي. ترقي پسند ڌارا ۾ جتي سماج جي مجموعي صورت کي ترجيح ڏني ويندي هئي، اتي هينئر اديبن جو ڌيان فرد ۾ وڃي کتو. يعنيٰ هو فرد کي وڌيڪ اڀاري سماج جو چٽ چٽڻ لڳا. سماجي حقيقت نگاريءَ جي عيوض، هن رجحان جا قلم ڪار فرد جي اندرئين شخص جي ذهني عڪاسيءَ ڪرڻ ۾ لڳي ويا. اديبن انفراديت پسندي ۽ رومانواد جي موضوعن کي کڻي ڪهاڻيون لکيون. شخص جي انفرادي احساسن، ذهني ڪيفيتن، پريم رومانس جي ڀن ڀن پهلوئن تي ڪهاڻين جي تخليق ڪري، انهن سنڌي ڪهاڻيءَ جي صورت ئي بدلائي ڇڏي. هن دور جي ڪهاڻي ٻاهرا کان اندر هلي وئي. فرد کي وڌيڪ توجهه ملڻ سبب سوکيم ۽ شخصي وڌيڪ ٿي ويئي. عورت مرد جي تعلقاتن جا انيڪ اڻ ڇهيل پهلو اجاگر ٿيڻ لڳا. نئين تشبيهن ۽ استعارن کان ڪم ورتو ويو، اظهار جا نوان تجربا وجود ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ رومانوي ڌارا ۾ ڀارت جي ورهاڱي کان ترت پوءِ، ادب ۾ جيڪا نوجوان پيڙهي آئي، تنهن جي وڌيڪ حصيداري رهي. انهن ترقي پسند يا مارڪسوادي ڌارا کي رومانوي ڌارا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ انهن اديبن جي ابتدائي ڪهاڻين ۾ مارڪسواد جا عناصر نمايان ٿي بيٺا آهن. انهيءَ ڌارا ۾ موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي ۽ لعل پشپ اچي ٿي ويا. انهن ٽنهي ۾ گني جي ڪهاڻين جو عدد تمام مختصر رهيو پر پوءِ به فنائتي پيشڪش دلچسپ لهجي پڪي پختي زبان ۽ نرالين تشبيهن سبب، هن سنڌي ڪهاڻيءَ کي بلندين تائين رسايو.
گني جي پهرئين ڪهاڻي پارس ڪلياڻ ڪئمپ مان شايع ٿيندڙ نيا سنسار، رسالي ۾ سن ۱۹۴۹ع ۾ شايع ٿر پر گني جي مقبوليت ۾ جڳت آڏواڻيءَ جي ڪهاڻي رسالي جو وڏو هٿ آهي. جڏهن گني جي ڪهاڻي ”نائڪا“ نومبر ۱۹۵۸ع ۾ ڪهاڻيءَ جي ڏياري پرچي ۾ شايع ٿي ته هو سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڇائنجي ويو، لريڪل ٻولي، فنائتي ۽ نئين پيشڪش ۽ دلچسپ قصا گوئيءَ سبب پڙهندڙن ڪهاڻي خوب پسند ڪئي هئي، ان پرچي ۾ موهن ڪلپنا جي مشهور ڪهاڻي ”خوابن ۽ سراپن وچ مان“ به شايع ٿيل آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪهاڻيءَ ۾ چپجڻ هڪ وڏي ڳالهه ليکي ويندي هئي. لعل پشپ کي سڄي حياتي اهو ملال رهيو ته سندس ڪهاڻي ان پرچي ۾ شايع نه ٿي.
گني جي شروعاتي ڪهاڻين تي ترقي پسند رجحان جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ ڪجهه سمو، ڀارت جي ٻين ٻولين جيان سنڌيءَ ۾ به ترقي پسند تحريڪ زور رهي. قريب قريب هر طبقي جي اديب تي مارڪسوادي نظريو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حاوي رهيو. گني جون ڪهاڻيون به ترقي پسند دور کان شروع ٿيون. پر آهستي آهستي انهن ۾ رومانيت ۽ انفراديت ايندي ويئي، گني سامتاڻيءَ جا ڇپيل ڪتاب هن طرح آهن. واپس (ناول)، آڀمان ۽ اپرا جتا ڪهاڻيون، گني جي پهرئين تحرير جا ڪتابي صورت ۾ سن ۱۹۵۷ع ۾ ميدان ادب تي آيل آهي، سو آهي سندس ننڍو ناول ”واپس“ لڳ ڀڳ ساڍا پنج ڏهاڪا، اڳ شايع ٿيل ”واپس“ ناول کي جڏهن وري پڙهڻ ويٺو آهيان ته خوبصورت عبارت، پڪي پختي ٻولي ۽ سهڻي انداز بيان جي با وجود ناول مان تسڪين جي حاصلات نٿي ٿئي. ڪو دور هو، جو اهڙيون ڪهاڻيون ۽ قصا عام ۽ خاص پڙهندڙن کي ڀانءِ پوندا هئا، جن ۾ سڏڪا هجن، جهر جهر ڪندڙ ڳوڙها هجن. اڄ اهو وقت گذري چڪو آهي. ناول جو مول عنصر ڪهاڻي آهي، جا گني جي واپس ناول ۾ عدم موجود آهي. واپس ۾ ڪهاڻي نه جي برابر آهي. ناول نويس جي نگاهه ڪردارن تي اٽڪيل آهي، انهن جي من جي پيڙا ۽ ڪشمڪش ۾ کتل آهي. اهو ئي ناول جو مقصد به آهي. ناول جا مکيه ڪردار آهن ڀاڀي، سمترا، نريندر ۽ سشما. ناول جا ٻيا عناصر فقط ساڌن آهن. پر ناول ۾ اهو ڏسڻو آهي ته ڪردار ڪيترو سڀاويڪتا ۽ گهرائيءَ سان پيش ٿيل آهن. ناول جو اهم نڪتو آهي ڪردارن ۽ ڪهاڻيءَ جي سڀاويڪ اوسر، پر گني جي ”واپس“ ناول ۾ ڪهاڻيءَ جي اڻت اڳواٽ طئه ڪيل ۽ ڪردارن جو وهنوار هٿرادو ٿو لڳي. ڇو جو اُهي ناول نويس طرفان مڙهيل حياتي پيا جيئن، ڇو ته اهي ناول نويس جي ويچارن جي اظهار لاءِ ئي خلقيا ويا آهن. اتي ڪلا کي ڌڪ ٿو رسي.
گني جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”اڀمان“ آهي. (۱۹۶۵) ان مجموعي ۾ گني جون ڇهه ڪهاڻيون آهن، نائڪا، اڀمان، وقت جي سيما، هن پارهن پار، هڪ راهه، هڪ پٿر، شڪست ۽ پرليه، گني سامتاڻيءَ جي. ”اڀمان“ جي پهرين ڪهاڻي ”نائڪا“ ۾ پلاٽ جي اوسر خطن ذريعي ٿيل آهي. گني جي هيءَ ڪهاڻي روايتي ڪهاڻين کان لڳ ٿلڳ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ واقعات جو سلسلو ڪونهي. پوءِ به ڪهاڻيءَ ۾ دلچسپيءَ جو عنصر، پڇاڙيءَ تائين قائم رهي ٿو ڪهاڻيءَ جا مکيه ڪردار آهن، ڪمار، جيڪو پروفيسر ليکڪ آهي، وجيا، ڪنواري کان ڪمار جي فئن آهي، سريندر، وجيا جو پتي، جيڪو پنهنجي تهذيب ۽ سکيا کي ڀلائي پتنيءَ سان بد وهنوار ڪري ٿو، ۽ اُشا، جنهن سان شادي رچنائڻ جي خواهش ڪمار ناڪام بڻائي ٿو ڇڏي.وجيا جي من ۾ هر پل اڇا آهي ته هوءَ ڪمارجي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي نائڪا بڻجي. هوءَ پتني ڌرم جو پالن ڪرڻ لاءَ پتي سريندر جي ڏاڍ کي برداشت ڪندي رهي ٿي، ڪمار کيس ان صورتحال مان نجات ڏياري نائڪا بڻجڻ جي قابل بڻائي ٿو، ڪهاڻيءَ جي پلاٽ جي اوسر سڀاويڪ آهي. ڪهاڻيءَ جو ڪلاتمڪ پهلو بيحد پختو آهي، ڪهاڻي نويس، ڪهاڻيءَ جي رٿا ڏانهن شروع کان پڇاڙيءَ تائين سجاڳ رهيو آهي. ليکڪ کي ڪهاڻي چوڻ جو ڏانءُ آهي. ڪهاڻي سنويدنا کي ساڻ ڪري هلي ٿي. ڪهاڻي پڙهندڙن کي موهي ٿي. ”اڀمان“ رومانوي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي، نويس، اميري غريبيءَ کي وچ ۾ آڻي، ٻنهي پريمين کي الڳ ڪري ڇڏي ٿو. پاٺڪ هڪ ئي ويهڪ ۾ ڪهاڻي پوري ڪري ٿو پر پوءِ به ”اڀمان“ کي گني جي عمدين ڪهاڻين ۾ شمار نٿو ڪري سگهجي. وقت جي سيما ” هن پار هن پار“ ۾ ڪهاڻي نويس ڪردارن جي من جي اندرين تهن ۾ گهڙي، انهن جي احساسن کي اظهاري ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ ڪافي فورس آهي. سنگيت جهڙي ٻوليءَ جو جادو ڏسڻ وٽان آهي. هيءَ هيمنت ۽ آروڻا جي پريم ڪهاڻي آهي. ”هڪ راهه - هڪ پٿر“ هن مجموعي جي چوٿين ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي پهرئين ٽن ڪهاڻين کان ڪجهه الڳاءُ کڻي هلي ٿي. گني جي اڳين ٽن ڪهاڻين جا نائڪ ڪهاڻي، ڪار آهن ته هن ڪهاڻيءَ جو نائڪ اتهاسڪار آهي. اروڻ، پريم ۾ چوٽ کائي، اتهاسڪ کنڊهرن ۾ پاڻ کي گم ڪري ٿو ڇڏي. فيلسوفاڻا بيان هوندي به ڪهاڻي ذهين پڙهندڙن کي پنهنجي گرفت ۾ سوگهو، جهلي بيهڻ جي قوت رکي ٿي. ”شڪست“ ڪهاڻيءَ ۾ به ڪافي پڪڙ آهي. پڙهندڙ ڪٿا پرواهه ۾ پڇاڙيءَ تائين کوهيل رهي ٿو. ”پر ليه“ هن مجموعي جي آخرين ڪهاڻي آهي. جڏهن گني جي ”پرليه“ ڪهاڻي پهريون دفعو ”ڪهاڻي“ جي آڪٽوبر ۱۹۵۹ع واري پرچي ۾ شايع ٿي، ته گنو سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڇائنجي ويو ۽ پرليه هن کي سنڌيءَ جي اول نمبر ڪهاڻي نويسن جي صف ۾ آڻي ڇڏيو. گني جي هيءَ ڪهاڻي بيحد ئي مقبول ڪهاڻي آهي. تمام فنائتي نموني لکيل هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙن جي من تي امٽ ڇاپ ڇڏي ٿي. هيءَ ڪروڻا ۽ ان جي ودوان پتيءَ جي ٽرئجڪ جيون ڪٿا آهي، جيڪا انهن جي پاڙيسري مان ڪردار جي واتان ٻڌايل آهي. ڪهاڻي آهستي آهستي ڪلائيمڪس ڏانهن وڌندي رهي ٿي، پڙهندڙ به ٽرئجنڊيءَ ۾ پڇاڙيءَ تائين حصيدار رهن ٿا. انت ۾ ودوان جي موت ۽ زال جا دردي نوع ۾ گيتا جا شلوڪ ۽ آخر ۾ ڏک ڀريو روئڻ چئو طرف ڦهلجي وڃي ٿو. ٽرئجڪ حياتي جيئندي به ڪروڻا جو وهنوار غير جذباتي آهي. هڪ ودوان جي بک، بيروزگاري ۽ بيماريءَ وچان موت ڪهاڻيءَ کي گهرائي عطا ڪري، سماج تي تکي طنز به ڪري ٿو، هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ڀڳوت پراڻ جي رشي مارڪنڊيه، جلمئي ۽ ان ۾ تڙپندڙ نر ڀئه ٻالڪ کي، علامت جي روپ ۾ پيش ڪري ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ ڪلاتمڪ سطح کڻي آيو آهي.

گني سامتاڻيءَ جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”اپراجتا“ (۷۰) آهي جنهن تي ئي کيس سن ۱۹۷۲ع ۾ ساهيته اڪاڊمي طرفان ايوارڊ عطا ٿيل آهي. هن مجموعي ۾ ڇهه ڪهاڻيون آهن، گني جي ڪهاڻين جو مول ڀاوُ رومانس آهي. هن جو اهو رومانٽڪ نظريو، سندس زبان ۽ علامتن ۾ اڀري، اسان جي سامهون اچي ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ فلا سافيڪل نڪتا آهن، ڪردار نگاري آهي چست گفتگو آهي، ”اپراجتا“ جي پهرين ڪهاڻي ”ٻنڌُن“ سن ۱۹۶۰ع ۾ ڪهاڻي پبليڪيشن پاران منعقد ڪهاڻي چٽا ڀيٽيءَ ۾ انعام حاصل ڪيل ڪهاڻي آهي جيڪا پهريون دفعو ”کير ڀريا هٿڙا“ (۱۹۶۰) ۾ شايع ٿي هئي. گني جون ڪهاڻيون عورت ۽ مرد جي تعلقاتن کي ساڻ ڪري هلن ٿيون، پر اهي نسخا ئي پريم ڪهاڻيون ڪونهن، گنو ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي رومانوي  داستان گوئي يا تڪبندي واري فارمولا کان پرهيز ڪري هليو آهي. هن جون ڪهاڻيون ويچار پرڌان ڪهاڻيون آهن. ڪردارن جا مسئلا، پنهنجا مسئلا آهن، اندريان مسئلا آهن. اهي سماج مان ڪيئن ٿا اچن، انهن جي من مان اجاڳر ٿين ٿا. ”ٻنڌن“ ۾ ڪرڻ ۽ ڪويتا نائڪ ۽ نائڪا هڪ ٻئي کي چاهين ٿا، پر ملن نٿا. سنيهه ۽ موهه جي ٻنڌن ۾ ٻڌل هوندي به، انهن جي رشتن ۾، نه چاهيندي به ڪيتريون مجبوريون اچيو شامل ٿين. گني تي شرت جو اثر نمايان ٿي بيٺو آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي گفتگو جي نوع مان به شرت جو اثر جهلڪا پيو ڏئي. ”سرير ۽ آتما“ ۾ ڪهاڻي نويس سشما جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته هيءَ ڪهاڻي حقيقي ڪهاڻي آهي. اڄ جي ترقي يافته صورتحال ۾ به عورت جي حالت ۾ گهڻو فرق ڪين آيو آهي. اڄ به انهن کي مردن جي ظلم جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو. سشما شادي شده آهي ۽ ”مان“ ڪردار جي فئن آهي. زندگيءَ کان موت تائين، ڦهليل اونڌاهو ڪاريڊار روايتي ڪهاڻيءَ کان علحدي آهي. هن ۾ ڪردار آهن اسٿتيون آهن، ماحول جي جاندار عڪاسي آهي، زوردار گفتگو آهي، پر پلاٽ جو عنصر گهٽ آهي. گنو نئين ڪهاڻيءَ جي ليکڪن ۾ شمار نٿو ٿئي، ڇو ته جديد ادب ۾ جيڪا حالت جي تلخي، رشتن ۾ ٿڌاڻ ۽ ڀڄ ڀڄان وارو صورتحال آهي، سو گني جي ڪهاڻين ۾ ڪونهي. هو آدرشي رومانوي اديب آهي، پر مون کي گني جي هن ڪهاڻيءَ ۾ نئين ڪهاڻيءَ جا عنصر ملن ٿا. هيءَ سنڌير ۽ ميرا جي ڪهاڻي آهي. گني جي ٻين ڪيترين ڪهاڻين جيان، هيءَ ڪهاڻي به سمرتين جي سهاري اڳتي رڙهي ٿي. وگيان جي نعمتن جي باوجود، اڄ جو هر ذهين ۽ حساس شخص بيچئن آهي. اڄ پنهنجي نجي خواهش موجب، زندگي جيئڻ ته شخص جي وس رهيو ناهي، پر مرڻ جي به آزادي وٺس ڪانهي. ميران وٽ پئسا آهن پر پوءِ به هن جي ويچارگي ۽ بوريت جو اظهار آهي. ننڊ به کيس خريد ڪرڻي پوي ٿي. سليپنگ پلس سان. هن ڪهاڻيءَ ۾ پلاٽ جو عنصر گهٽ آهي، من جو بيان وڌيڪ آهي، سماجي مسئلن جي آجيان ڪري، ڪهاڻي نويس خانگي حالتن جو ئي اظهار ڪري ٿو. گني جي ”کنڊهر“ ڪهاڻي، پهريائين ڪونج جي ۱۹۶۸ع جي آزادي پرچي ۾ ”ڪهاڻي ۽ مان“ جي وڏي پڌرائيءَ سان شايع ٿي هئي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به شنڪر ۽ هيما ماضيءَ کي دهرائين ٿا. وقت جي تلخ حقيقتن، شنڪر کي کنڊهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هيما جون بي شمار ڪوششون به شنڪر کي ماضيءَ مان ورتمان ۾ آڻڻ ۾ قاصر آهن، ڪهاڻيءَ جو موضوع پيار سان وابسته آهي. سماج جي تلخ حقيقتن سبب، انسان پيار کان محروم ٿي، پنهنجي اصليت ئي کوهي ٿو ڇڏي. در جي علامتن ڪهاڻيءَ کي پختين ڪهاڻين جي صف ۾ بيهاريو آهي. گني جي ڏنگا رستا – سڌو سفر، به ماضيءَ جي دهراءَ سان شروع ٿئي ٿو. رويءَ جي ميرا سان ڪافي عرصي کان پوءِ ملاقات ٿئي ٿي. ميرا ڪار ٿي هلائي. ڪار ۾ ويهندي، هو ڪار جي رفتار سان گذاريل گهڙين ۾ پنهنجي سموري چيتنا سان جيوت ٿي اُٿي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي هڪ وڏي وصف اها آهي ته ڪهاڻي نويس، ڪردارن جي ذهني صورتحال جو رابطو، ڪهاڻيءَ جي پسمنظر سان برقرار رکيو آهي. ٻاهرين برسات جي ٽپ ٽپ، وائيپرونڊ جو اسڪرين تي هلڻ، شيشي جو کن ۾ ڌنڌلو، کن ۾ صاف ٿيندو رهڻ، موٽ جو جهوٻو The Doou coffee house جانئلان لائيٽ ۾ جلندڙ لفظ وغيره ڪردارن جي ذهني حالت ساٿڪ بڻائين ٿا. اپراجتا، گني جي هڪ بيحد مشهور مخزن ۾ شايع ٿي هئي. ڪهاڻي نويس ڪهاڻيءَ ۾ ڪا ٺوس ڪٿا نٿو ٻڌائي.ڪهاڻيءَ جو مول آڌار چرترن جي من جي کول سول ڪرڻ آهي. هيءَ ڪهاڻي ٻاهران کان اندر، هلي ويئي آهي. فردتي وڌيڪ زور هئڻ سبب ڪهاڻي، اسٿول بدران سوکيم ۽ منووگيانڪ وڌيڪ ٿي ويئي آهي. من انسان جي حياتيءَ ۾ اهم رول ادا ڪري ٿو. من جي ڀاونائن کي دٻائڻ سبب، انيڪ اگرا نتيجا نڪرن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ ڪمل جو گنگا ۾ ٽپو ڏيئي آتم هتيا ڪرڻ ۽ براج آنند جو آشرم مان ڀڄي وڃڻ ان جا مثال آهن. هتي قلمڪار جي نگاهه، فنڪار جي نظر آهي، سماج سڌارڪ نظر ڪانهي. ڪهاڻي نويس من جي انيڪ حصن ظاهر ۽ لڪل، من جي ڀاونائن ظاهر ۽ لڪل کي ڏسڻ جي ڪوشش ۾ آهي. ڪهاڻيءَ جي اُڻت فنائتي آهي، گني جي هن ڪهاڻيءَ تي فرائڊ جو اثر نمايان آهي. اڳتي هلي فرائڊ جي پوئلڳ جنگ هن فلاسافيءَ کي psyco-analysis جي عنوان تحت وڌايو. جنگ جي psyco-analysis خواب کي unconscious من جي ڪنجي ڪوٺيو آهي، ٻين ڀارتي ٻولين جيان سنڌي ادب ۾ به سچيتيءَ جي وهڪري literature of stream جو آغاز ٿيو. سن ۱۹۲۰ع جي آس پاس جيمس جايس، ورجينا ولف، ڊي . ايڇ . لارينس پلاٽ جي روايتي بندش کي سچيتيءَ جي وهڪري معرفت صفا ڀڃي ڀوري ڇڏيو. اديب سچ ۽ مفهوم جي ڳولها، شخص جي ٻاهرين حالتن عيوض اندرين اسٿين ۽ من جي ڪشمڪش ۾ ڪرڻ لڳو. گنو به ڪردارن جي اندرين عالم کان چڱيءَ طرح واقف آهي. ان ڪري هو سندس سماجي ۽ نفسياتي جائزو تمام گهرائيءَ سان وٺي سگهيو آهي. پر اهو به سچ آهي ته گني جي ڪهاڻين ۾ چونڊيل موضوعن جو دائرو ڪافي محدود آهي. هن جي لڳ ڀڳ ڪهاڻين جا موضوع اڪثريڪسانيت کڻي هلن ٿا. سندس ڪهاڻين جا ڪردار ازخد آدرشوادي هئڻ سبب، سماجي ڍانچي کان ڪٽيل لڳن ٿا. نه فقط ايترو پر اهي يا ته اديب آهن يا تاريخدان. هن جون گهڻيون ڪهاڻيون يگ ٻوڌ جي نمائندگي ڪندڙ شعوري قلمڪار جون ڪهاڻيون نٿيون لڳن. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته گني، جنهن ۾ سچ پچ انوکيون انڀوتيون هيون، تڏهن هيئن پاڻ کي محدود گهيري ۾ ڇو قيد ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ئي شايد هن جا همعصر ڪهاڻي نويس ڪافي اڳتي نڪر ويا پر گنو اتي جو اتي رهجي ويو. پر اها به حقيقت آهي ته هن جنهن به موضوع تي قلم هلايو، ان کي پنهنجي خوبصورت فني نڪتن، زيبائتي اظهار، عبارت، مڌر، ڪومل من موهڻي ٻولي ۽ پنهنجي اظهار جي قوت سان اڀاري ڇڏيو آهي. هن جي مڙني پريم ڪهاڻين ۾ اسٽائل جو جادو ۽ گفتگو لاجواب آهي. پوءِ چاهي اها ”نائڪا“ هجي ”شڪست“ هجي، ”اڀمان“ هجي خواهه وقت جي سيما، هن پار هن پار، ئي ڇو نه هجي. پريم جي نفيس جذباتن جي ڀن ڀن روپن جو اظهار پيڙا جي انڀوتي، ڀارت جي قديم تاريخ ۽ ڪلاسڪ ادب لاءَ ڪشش، گني جي ڪهاڻين جون چند وصنفون ٿي اڀريون آهن.

1 comment: