; سنڌي شخصيتون: مائي بختاور لاشاري شهيد

21 August, 2013

مائي بختاور لاشاري شهيد

شهيد بختاور لاشاري

مختصر تعارف



سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿي. هن ڌرتيءَ به ڪيترن سورمن ۽ سورمين کي جنم ڏنو آهي، جن موت کي به مات ڏئي پنهنجي هڪ الڳ تاريخ ٺاهي آهي. انهن ۾ شهيد مائي بختاور لاشاري به شامل آهي، جنهن پنهنجي حق وٺڻ خاطر ظالم زميندار سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. شهيد مائي بختاور لاشاري، سن ۱۸۸۰ع ۾، ڳوٺ دودو خان سرڪاڻي لڳ روشن آباد، تعلقي ٽنڊو باگو منجھ، مراد خان لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جو والد مير وٽ هاري هو. بختاور مراد خان جو پهريون اولاد هئي. جنهن ڪري مراد خان ۽ سندس ماءُ، هن سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. بختاور، مراد خان کي پيريءَ مشڪلن وڏي عمر ۾ ڌيءَ جو اولاد ٿيو هوس. ان ڪري بختاور سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ ايئن مراد خان جي زندگيءَ جو گاڏو هلندو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن بختاور به جوانيءَ ۾ پير پاتو ۽ مراد خان سندس شادي ان جي سوٽ ولي محمد لاشاري سان ۱۸۹۸ع ۾ ڪرائي. سن ۱۹۰۶ع ۾، بختاور کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو محمد خان رکيائين. پوءِ هن کي ۳ ٻار ٻيا به ٿيا، جن ۾ قاضي لال بخش ۽ محمد صديق ۽ هڪ ڌيءَ راستي به ٿي. بختاور جو ور، ولي محمد لاشاري، هاڪڙي درياهه جي کاٻي ڪپ تي موجود ڳوٺ، هيئدو ۾ رهندو هو. سندس ور ولي محمد لاشاري قادياني اسٽيٽ ۾ هاري هو ۽ ان وٽ ٻاڪرو مال تمام گهڻو هو، جنهن جي سار سنڀال به بختاور ڪندي هئي.

ان وقت ۱۹۴۷ع ۾ هارين ۽ اسٽيٽ وارن جو پاڻ ۾ ڪڻڪ جي اڌ بٽئي تان تڪرار شروع ٿيو. اسٽيٽ وارن جو چوڻ هو ته؛ ڪڻڪ جي في مڻ مان توهان جي حصي مان اسان کي ۲ ڪلو ڪڻڪ ڏيو. جنهن تي هارين انڪار ڪيو ته؛ کيڙي، اسان هاري ٿا ڪريون، ڀاڻ مال جو وٿاڻن تان کڻي اسان ٿا ڇٽيون، ڳاهيون به اسان هاري ٿا، سرد راتين ۾ پاڻي به اسان ٿا ورايون ته اسان جي اڌ حصي مان توهان کي مڻ تي ٻه ڪلو ڇا جا ڏيون. جنهن تي ان وقت جي اسٽيٽ مينيجر چوڌري خالد ۽ سعدالله قادياني چيو ته؛ اسان کي اسان جي مرڪز (ربوه) پنجاب مان حڪم مليو آهي ته؛ في هاري کان مڻ تي ٻه ڪلو ڪڻڪ وصول ڪريو. جنهن تي هارين رڙيون ڪيون ته اهو سراسر ظلم آهي. اسان پنهنجي حصي مان هڪ داڻو به توهان کي نه ڏينداسون. جنهن تي اسٽيٽ مينيجر مڇرجي پيو ۽ موقعي جي تلاش ۾ هو ته هارين کان ڪيئن به ڪري ڪڻڪ وصول ڪجي. تاريخ ۲۲ جون ۱۹۴۷ع تي هاري تحريڪ طرفان، جهڏو شهر ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جنهن جي دعوت هاري اڳواڻ گل محمد لاشاري کي به ڏني وئي، جيڪو بختاور لاشاري جي ور سميت، سڀ هاري وٺي جهڏي ويل هو. پويان اسٽيٽ مينيجر جي نيت خراب ٿي پئي ته هاري سڀ ويل آهن جهڏي، ان ڪري اڄ موقعو آهي ته ڪڻڪ سڀ کڻي وٺان. ھو هارين جي نه هجڻ جو فائدو وٺندي، ڪجهه لاٺڙيا پاڻ سان گڏ وٺي، ڪڻڪ جي ديري (کري) تي پهتو ۽ عملدارن کي حڪم ڪيائين ته؛ صاف ٿيل سڀ ڪڻڪ بيل گاڏين ۾ وجهو. مرد نه هجڻ ڪري، هارين جي عورتن، چوڌري کي ڪافي منٿون ڪيون ته مهرباني ڪري اسان جي مردن کي اچڻ ڏيو پوءِ ڀلي ڪڻڪ کڻي وڃجو. پر اسٽيٽ مينيجر هارين جي هڪ به نه ٻڌي. سڀ ڪڻڪ کنئي. جڏهن بختاور جي ان جي صاف ٿيل کوڙي تي پهتو ته ڪمدار کي چيائين ته؛ ڇا ٿا ڏسو! ڪڻڪ کڻو! جنهن تي بختاور چوڌريءَ کي چيو ته؛ آئون توهان کي هڪ داڻو به کڻڻ نه ڏيندس. هيءَ منهنجي ٻچن جي روزي آهي. وڏي محنت کان پوءِ مون هي فصل تيار ڪيو آهي. تون مهرباني ڪري اسان غريبن تي ڪجهه رحم ڪر. پر هن هڪ به نه ٻڌي۔ چوڌري جيئن ڪڻڪ ۾ هٿ وڌو ته بختاور ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي سان چوڌري کي ڪيرائي وڌو. چوڌريءَ جي هٿ ۾ بندوق هئي، اها به بختاور جي پيرن ۾ اچي ڪري. تنهن تي پويون بيٺل هڪ لاٺڙيي ڪهاڙي سان بختاور تي وار ڪيو ۽ بختاور کي زخمي ڪري وڌائين. پر بندوق بختاور جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ، پويان کان بختاور تي ڪهاڙي جو وار ٿيڻ ڪري بندوق بختاور جي هٿ مان هيٺ ڪري پئي. هن پنهنجي ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي کي ٻيهر کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائيڊ تي بيٺل اسٽيٽ مينيجر ڊپ ۾ اچي بختاور جي ننڍي پٽ کي يرغمال بڻائي، بختاور کي چيو ته؛ هاڻ جيڪڏهن وڙهڻ جي ڪوشش ڪندي ته پهريان تنهنجي پٽ کي ماريندس پوءِ تو کي. جنهن تي بختاور پريشان ٿي وئي ته منهنجي ٻچڙي کي ڪجهه ٿي نه پوي. ان ڪري هن ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ، ٻيهر چوڌري تي ڏنڊي سان وار ڪيا. ڌڪ لڳڻ کان پوءِ، چوڌري ڪجهه ٿڙيو ته هن يڪدم پنهنجي پٽ کي پويان بيهاري، چوڌري تي ٽيون وار ڪرڻ لاءِ سڌي ٿي ته چوڌري بندوق جا سڌا فائر بختاور تي کولي ڇڏيا، جيڪي بختاور کي سيني ۾ وڃي لڳا. بختاور ڪري پئي. ڪجهه دير ۾ بختاور وڃي جام شهادت پيتو ۽ امر ٿي وئي پر اسان ۾ حق وٺڻ جي نئين جوت جاڳائي وئي. تاريخ ۾ ڏٺو ۽ پڙهيو ويو آهي ته حق پنڻ سان به پر ڇنڻ سان ملندا آهن. جيئن ڪتي لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

سورهيه مرئين سوڀ کي، ته دل جا وهم سڀ وسار،

کڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار،

مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين. (شاهه(

بختاور به لطيف جي هنن سٽن جي عڪاسي ڪندي، شهادت ماڻي. سنڌ جي هارين مزدورن پورهيتن جي ڌڻي در دعا آهي ته سنڌ جي اهڙن سورمين ۽ سورمن کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ اسان ۾ حق وٺڻ جي سگهه ۽ ٻڌي پيدا ڪري.


 

مائي بختاور شهيد

سنڌ جي عظيم سورمي

ڪامريڊ محب لغاري

سنڌ ۾ سکر بئراج جي تعمير ٿيڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ جا روشن امڪان پيدا ٿيا ته جتي مفاد پرستن ۽ انگريز سرڪار جي حامين زمينن کي ڦٻائڻ لاءِ پر سويا اتي هاري دوست شخصيتن، به ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي هارين ۽ سنڌ جي عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ زمين جي مالڪي لاءِ ۱۹۳۶ع ڌاري سنڌ هاري ڪميٽي جو بنياد رکيو. پهرين گڏجاڻي، سائين جي ايم سيد، جمشيد نسروانجي، جيٺمل پرسرام، عبدالقادر شيخ جي سربراهي ۾ ٿي. جنهن ۾ سنڌ جي هارين کي زمينون ڏيارڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي ۽ جدوجهد جو آغاز ڪيو ويو. ان کانپوءِ هر شهر ۽ ديهه سطح تي به سنڌ هاري ڪميٽي جون تنظيمي باڊيون جوڙيون ويون. هن ڪميٽي جي جوڙجڪ ۽ جدوجهد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا، ڪانگريس ۽ جمعيت علماءِ هند جو مرڪزي ڪردار هو. ڪسان سڀا به سموري گڏيل هندستان ۾ هاري حقن لاءِ جاکوڙي رهي هئي، جنهن جي اثر ۽ حمايت جي ڪري، سنڌ هاري ڪميٽي جو ڪم تيزي سان وڌي رهيو هو. اهڙي جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ جي هزارين هاري خاندانن کي زرعي زمينون مليون. تاريخ ۾ پهريون دفعو ڌرتي ڌڻين کي زمين جي مالڪي ملي. انهن ئي ڏهاڙن ۾ انگريزن پنهنجي حمايت ڪندڙ وڏيرن ۽ ديش دروهين کي نوازڻ ۽ مستقبل ۾ هتي پنهنجو اثر قائم رکڻ لاءِ من پسندن کي وڏي ايراضي الاٽ ڪئي ۽ سنڌ ۾ هٿ وٺي جاگيردار طبقو پيدا ڪيو ويو، جنهن سنڌ جا سَنڌ سڪائي ڇڏيا.

هاري جدوجهد جو هڪ وڏو مرڪز ٿرپارڪر ضلعو به هو. خاص طور نبي سر ۽ ڪنري جو علائقو به اهم هو. اهو اهو علائقو هو جتي قادياني اسٽيٽ قائم هئي، جنهن ۾ هارين سان تمام گهڻيون ڏاڍايون ٿي رهيون هيون. قادياني اسٽيٽ جا بااثر جاگيردار، هارين سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪري رهيا هئا. اهڙي ڏاڍ خلاف سنڌ هاري ڪميٽي هارين کي منظم ڪري جدوجهد شروع ڪئي ۽ قادياني اسٽيٽ جي جاگيردارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ان وقت ۾ هارين جا اهم مطالبا زمين جي مالڪي ۽ اڌ بٽئي هئا ۽ هاري جدوجهد ۾ رڌل هئا. ۱۹۴۷ع ۾ ۲۲ جون تي ٻين علائقن وانگر ڪڻڪ جا ديرا نبي سر ۾ به گڏ ٿيل هئا ۽ هاري اڌ بٽئي جي مطالبي تحت انهن جاگيردارن کي ڪڻڪ کڻڻ نه پئي ڏني ۽ سندن مطالبو هو ته هارين کي اڌ بٽئي جي حساب سان ڪڻڪ ڏني وڃي، جيڪو سندن محنت جو حق ۽ جائز اجورو هو. ۲۲ جون ۱۹۴۷ تي جڏهن ميرپور خاص ۾ سنڌ هاري ڪميٽي طرفان هاري ڪانفرنس ٿي رهي هئي ته ڪامريڊ ۽ هاري ورڪر ڪانفرنس ۾ ويل هئا. اهڙي موقعي کي غنيمت ڄاڻيندي قادياني اسٽيٽ جي جاگيردارن پنهنجن ڪمدارن ۽ غنڊن سميت ڪڻڪ جي کرن تي چڙهائي ڪري ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. نبي سر جي لڳ اهڙي ئي هڪ ڪڻڪ جي کري تي مائي بختاور لاشاري ۽ سندس ڪجهه ساٿي پهرو ڏئي رهيا هئا. ان موقعي تي جڏهن قادياني اسٽيٽ جا غنڊا، ڪڻڪ زوري کڻڻ لاءِ پهتا ته مائي بختاور لاشاري مزاحمت ڪئي. جنهن تي غنڊن بندوقن جا منهن، مائي بختاور ڏانهن کولي ڇڏيا ۽ هو موقعي تي شهيد ٿي وئي. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب کيس ۳۶ ڇرا لڳا. هاري ڪانفرنس ۾ موجود اڳواڻ ۽ ڪارڪن سر زمين تي پهتا ۽ بعد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ بنارام وڪيل وڏي مڙسي سان شهيد مائي بختاور جو ڪيس وڙهيو ۽ قاتلن کي سزائون ڏياريائين. پر وقت جي حاڪمن وحشين جون سزائون معاف ڪري ڇڏيون ۽ قاتل آزاد ٿي ويا. پر هن شهادت هاري تحريڪ ۾ نئون جذبو پيدا ڪيو ۽ خاص طور تي ڪجهه ئي سالن ۾ قادياني اسٽيٽ جو خاتمو اچي ويو.

ناميارو هاري اڳواڻ چاچا اسماعيل قريشي ۱۵ سالن تائين سڳيون شهر ۾ مائي بختاور جي ورسي ملهائيندو رهيو ۽ اهو سلسلو هن جي وفات تائين جاري رهيو.


 

مائي بختاور

سندس شهادت ۽ موجوده دور جي حڪمت عملي

محمد رمضان ميمڻ

اڄ ۲۲ جون مائي بختاور شهيد جي شهادت جو ڏينهن آهي، مائي بختاور شهيد سنڌ ۾ هارين جي اڌ بٽئي يعني فصل جو اڌ حصو زمين جي مالڪ جو ۽ اڌ حصو وري زمين کيڙيندڙ هاري خاندان جو، جي مطالبي واري تحريڪ جي پهرين شهيد آهي، اڄ به هارين کي اڌ بٽئي نٿي ملي، مورڳو اڄڪلهه جو زرعي پيداوار وارو نظام ايتري حد تائين تبديل ٿي چُڪو آهي جو فصل پوکيندڙ هاري خاندان زميندارن جا غلامَ آهن ۽ ورهين کان محنت ڪرڻ باوجود زميندارن جا قرضي آهن، وقت سان گڏوگڏ هنن جو قرض وڌندو پيو وڃي، کين عدالتن ذريعي آزاد ڪرائيندڙ ماڻهو ۽ ادارا موجود آهن، جيڪي کين سندن محنت جي ثمر ۽ زمينن تي مالڪيءَ واري حق جي ڳالهه ڪرڻ بدران آزاد ڪرائي ٻيهر ڪنهن ٻئي زميندار، بَٺي مالڪ يا وري ڪنهن ٻئي صنعتي ۽ واپاري اداري ۾ پاڻ کي وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪيا وڃن ٿا.

مائي بختاور ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڏانير ۾ ۱۹۰۷ع ۾ لاشاري بلوچ قبيلي جي هڪ غريب هاري ڪٽنب ۾ پيدا ٿي، شاديءَ کانپوءِ پنهنجي وَرَ جي خاندان ۽ ٻارن سان گڏ موجوده ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي ديهه هيڏو جي لاشارين جي ڳوٺ ۾ رهندي هئي. مائي بختاور جي شهادت کانپوءِ اڄڪلهه ان ڳوٺ جو نالو مائي بختاور جي پٽ لال بخش لاشاريءَ جي نالي تي رکيو ويو آهي. مائي بختاور جي شهادت وارو دور پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان ۵۱ ڏينهن اڳ، هندستان جي آزادي ۽ پورهيتن جي حقن جي جدوجهد جو زمانو آهي.

سڄي هندستان ۾ انگريزن جي آزاديءَ جي تحريڪن سان گڏوگڏ مزدورن جي پنهنجي حقن جي جدوجهد لاءِ مزدورن جون يونينون، تنظيمون، هارين جون تنظيمون سياسي جماعتن جي رهنمائيءَ ۾ سرگرمُ هيون، مائي بختاور جو مڙس ۽ ڳوٺ جا ماڻهو سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. سنڌ هاري ڪميٽي ۱۹۳۰ع ۾ قائم ٿي. ان جو پهريون صدر ڪراچيءَ جو مير جمشيد مهتا هو. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ٺهڻ کان اڳ هندستان ۾ ڀارت ڪسان سَبا قائم ٿي چُڪي هئي، هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ شامل ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي ڀارت ڪسان سَبا جي قيامَ ۽ سرگرمين ۾ پيش پيش هيون، تنهن ڪري سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي قيامَ ۾ مٿي ڄاڻايل پارٽين جو ڪردار اهم هو سنڌ هاري ڪميٽي، ڀارت ڪسان سَبا  سان سلهاڙيل رهي، سنڌ هاري ڪميٽي جاگيرداري نظام جي خاتمي جي حامي هئي ۽ هارين جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري رهي هئي.

مائي بختاور جي شهادت واري ڏينهن اڌ بٽئي تحريڪ جي حوالي سان جهڏو شهر ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو عامُ جلسو هو، جنهن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ شريڪ هئا. مائي بختاور ۽ ڳوٺ جا ٻيا مرد جلسي ۾ شرڪت لاءِ جهڏو ويل هئا، ان موقعي جو فائدو وٺندي علائقي جي زميندار چوڌري سيف الله پنهنجي غنڊن جي مدد سان مائي بختاور جي ٻنين مان پنهنجي پراڻي طريقيڪار سان بٽئي ڪري پنهنجو حصو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. مائي بختاور، سندس ڀيڻ ۽ ٻين عورتن  ۽ ٻارن سان گڏ فصل جي ديري تي پهچي وئي ۽ زميندار کي للڪاريندي چيائين ته جيستائين اسان جي ڳوٺ جا مرد جلسي مان واپس نه ٿا اچن مان توکي اَنَ جو هڪ داڻو به کڻڻ نه ڏينديس، زميندار ۽ ساڻن آيل غنڊن مائي بختاور ۽ ساڻس ساڻُ آيل عورتن، ٻارن تي لٺين سان حملو ڪري ڏنو، مائي بختاور ۽ سندس ساٿين حملو ڪندڙن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، زميندار  جا غندا جڏهن مائي بختاور ۽ سندس ساٿي عورتن کان مارَ کائڻ لڳا ته زميندار سيف الله فائرنگ ڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ مائي بختاور شهيد ٿي وئي، سندس ڀيڻ ۽ بيون عورتون زخمي ٿي پيون، اوسي پاسي جي ڳوٺن مان ماڻهو ايندا ڏسي زميندار ۽ سندس غنڊا اٿان ڀڄي ويا. اِها خبر جهنگ ۾ باههِ جيان پکڙجي وئي، جهڏو وارو جلسو ختم ٿيڻ کانپوءِ مائي بختاور جي ڳوٺ وارن سان گڏ  سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي  قيادت به مائي بختاور جي ڳوٺ پهچي وئي.

چوڌري سيف الله ۽ سندس ساٿين خلاف قتل ۽ قتل  جي ارادي جو ڪيس داخل ٿيو، سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ميمبر وڪيلن هي ڪيس کٽيو ۽ چوڌري سيف الله کي موت جي سزا آئي، سنڌ ۾ اڌ بٽئي تحريڪ ڪامياب ٿي. اِن تحريڪ کان اڳ زميندار اڪثر علائقن ۾ هارين کي فصل جو ٽيون يا چوٿون حصو ڏيندا هئا ۽ جتي اڌ حصو ڏيندا هئا، اتي به خرچ، يعني اوطاق تي ايندڙ مهمانن مسجد جي پيش امام، ۽ پيرن جي ڏنَ ۽ ٻين تي ٿيندڙ پنهنجو خرچ به فصل جي بٽئيءَ کان اڳ ۾ ڪڍي ڇڏيندا هئا، جنهن سبب اناج ۾ هارين جو حصو مشڪل سان ٽيون حصو مَسَ وڃي بيهندو هو، مائي بختاور جي شهادت کانپوءِ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي اڌ بٽئي واري تحريڪ ڪامياب ٿي.

اڄ هارين، مزدورن، اقليتن، نوجوانن ۽ سماج جي سمورن نظرانداز گروهن جي مضبوط تحريڪن کانسواءِ جمهوريت، انساني حقن، طبقاتي ۽ قومي حقن جون تحريڪون ڪامياب ٿي نه ٿيون سگهن. جاگيردارن، سردارن، رجعت پسند پيرن، ۽ ملن ۽ انهن جي آقا سامراجي قوتن کان آزاديءَ لاءِ ماضيءَ جيان سياسي ۽ سماجي قوتن جو وسيع اتحاد موجوده دور جي ضرورتن مطابق جديد ۽ اثرائتي جدوجهد ئي مائي بختاور کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو رستو آهن.

مائي بختاور

سنڌ جو ارڏو ڪردار

فوزيه ملاح

اسان جي نئين ٽهيءَ ۾ اهڙن نوجوانن جو تعداد تمام گهٽ هوندو، جيڪي ماضيءَ جي تاريخ کان واقف هوندا، سواءِ تاريخ جي شاگردن جي. هيءَ ڳالهه اسان جي اسرندڙ نسل بابت آهي، پر حقيقت اها آهي ته اسان جي نسل سان واڳيل ماڻهن به کڻي مائي بختاور جو نالو ٻڌو هجي پر ان جي مڪمل تاريخ کان اڻ واقف هوندا. هن مضمون جي ابتدا ۾ آئون اهو پئي ڄاڻائڻ چاهيان ته مائي بختاور ڪير ۽ ڪٿان جي هئي. ٽنڊو باگو جي  ڳوٺ دودو خان سرگاڻي لڳ روشن آباد جي وسندڙ مراد خان لاشاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد کي اولاد نه ٿيندو هو. مائي بختاور به کيس وڏي عمر ۾ ٿي. مراد خان لاشاري ميرن جو هاري هو. گهر ۾ اڪيلي نياڻي ٿي، جنهن سان هر ڪنهن کي پيار هو. هر ڪوئي پيو کيس اکين تي رکندو هو. جوانيءَ کي رسي ته سندس سئوٽ سان پرڻايو ويو، جنهن مان کيس ٽي ٻار ٿيا.

مائي بختاور جو مڙس قاديانين جي اسٽيٽ ۾ هارپو ڪندڙ هو، جنهن کي ٻڪرين جو چڱو خاصو ڌڻ به هو. ڪڻڪ جو ٻج ڇٽيندي آزاديءَ جا گيت ڳائڻ جو دؤر هو، جهار هڪليندي آزاد فضا ۾ جيئڻ جا خيال پچائڻ جو سونهري وقت هو. گُڏَ ڪندي هيگل، مارڪس ۽ سوشلزم تي بحث جو اڻ ميو وقت هو. شاهه بندر کان گهوٽڪي تائين ۽  ڇاڇري کان ڪاڇي تائين هن ڀلاري ڀونءِ جي مٽي ڪائنات جو سندور آهي، جنهن ۾ هڪ امرتا آهي. فقط لفظي بيان نه آهي پر نسورو سچ آهي ته جيڪا به قديم لکت آهي، ان ۾ سنڌ جو ذڪر فڪر جهڙو رهيو آهي. هڙاپا ۽ موئن جو دڙو ان جوواضح، چٽو چهرو آهن ۽ ڪو به ابهام ڪونهي. جيئن مٽي آهي، باڪمال آهي، تقدس جو درجو رکندڙ آهي. جنت جي هير ۽ علم جو سج جهڙن خطابن سان نوازيل هن سنڌ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ مرد توڙي عورت ۾ به ساڳي سڳنڌ، نفاست، قدامت، صداقت، نوڙت، ناز، انداز، فڪر، فلسفو، ايثار، سگهڙائپ، پنهنجائپ هنر ۽ علم نه هجي ائين ممڪن ناهي. سنڌڙي سونهاري هر حالت ۾ زرخيز رهي آهي، ڪنهن به پاسي ۽ ڪنهن به زندگيءَ جي انداز تي نظر ڪبي ته هر انداز نرالو نظر ايندو، سامن تي سِرُ ڏيندڙ هن ڏيهه جي ماڻهن حق جي ويڙهه ۾ ڪڏهن به پير پوئتي ناهي ڪيو، هر دؤر ۾ اُنهن نه رُڳو ڌارين سان پئي مُهاڏو اٽڪايو آهي، پر سماجي اڻبرابريءَ کي به سدائين پئي نديو آهي. تاريخ جا ورق اُٿلائڻ سان پتو پوي ٿو ته سنڌ پنهنجي ڪُک مان اهڙن ڪيترن ئي ڪردارن کي پئي جنم ڏنو آهي، جيڪي وقت جي ظالم ۽ جابرن سان سدائين مُهاڏو اٽڪائيندا رهيا آهن. اُنهن ڪردارن مان مائي بختاور کي هڪ خاص مقام حاصل آهي. مائي بختاور جهڙي دلير ۽ بهادر انقلابي عورت پنهنجو حصو نه ڏيڻ ۽ پنهنجا حق زوريءَ کانئن ڇنڻ تان کيس سنگينن سامهون ٿيڻو پيو، هُڻ ساهه ڏئي پورهيت ۽ هاري طبقي کي ويساهه ڏنو ۽ هاري هلچل ۾ روح ڀري ڇڏيو. پنهنجي پيءُ مراد خان لاشاريءَ جي اڪيلي بهادر ڌيءَ جهڙيءَ ريت پنهنجي حق تان دستبردار نه ٿيندي ۽ دشمن کي ان جي ديري تان ڀڄائڻ لاءِ سندرو ٻڌي ثابت ڪيو ته جتي سنڌ جي سورهين سنڌ جي سينڌ کي ميرو ٿيڻ نه ڏنو، اتي ان جي بهادر ڌيئرن  به پاڻ ملهائي، وطن ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ دائمي زندگي حاصل ڪري ورتي.

 ۲۲ جون ۱۹۴۷ع تي هاري ڪميٽيءَ جي جدوجهد جي تسلسل ۾ جهڏو شهر ۾ هاري ڪانفرنس جو سٽاءُ سٽيو ويو هو. ان ڪانفرنس ۾ مائي بختاور لاشاريءَ جي مڙس ۽ گل محمد لاشاري ۽ ان جي ٻين ڳوٺاڻن کي پڻ شرڪت جي ڪوٺ هئي، تن ڏينهن في مڻ تي ٻه ڪلو ڪڻڪ جي ڪٽوتيءَ تي اسٽيٽ جي مالڪن ۽ هارين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي ته سعد الله قادياني ۽ اسٽيٽ مينيجر چودري خالد مرد ماڻهن جي غير موجودگيءَ کي وڏو وجهه سمجهي ان جي ديرن تان سموري ڪڻڪ زبردستي کڻڻ جي سازش ڪئي ۽ هٿياربند ماڻهو وٺي اچي ان جي ديرن تان جبري طور ڪڻڪ کڻڻ جو حڪم ڏنو. موقغي تي مائي بختاور موجود هئي. جنهن للڪاريو ته ڪڻڪ ۾ هٿ به وجهڻ نه ڏينديس. هي اسان جي محنت جو پورهيو آهي. ان ڪُٽڻ وارو ڏنڊو هٿ ۾ ڪري هٿياربندن اڳيان بيهي رهي. چوڌري خالد اڳيان هو جنهن کي ڏنڊو وهائي ڪڍيائين ته هن کان بندوق هٿ مان ڇڏائجي وئي. مائي بختاور ڦڙتيءَ سان بندوق پنهنجي هٿ ۾ ڪري ورتي پر ان وقت مجبور ٿي پيئي، جڏهن چوڌريءَ سندس پٽ کي يرغمال بڻائي ورتو، هوءَ ان ئي پريشانيءَ ۾ هئي ته هڪ هٿياربند مٿس ڪهاڙيءَ جو وار ڪيو. بندوق بختاور کان ڇڏائجي وئي جنهن کان پوءِ جابرن جي فائرن هن کي رتورت ڪري ڇڏيو ۽ هو سڀ ٿڌا ٿي ويا. هُن اڌ بٽئي جي حق تان پنهنجي جان واري هلندڙ تحريڪ ۾ وڌيڪ روح ڦوڪي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن هاري ڪميٽيءَ جا اڳواڻ ۽ ٻيا پهچي ويا. جدوجهد تيز ٿي وئي، قاتلن جي گرفتاريءَ جا مطالبا شدت اختيار ڪري ويا. باوجود ان وقت جي اختيار ڌڻين سان قاتلن جو واسطو هئڻ جي، قاتل پنهنجي انجام کي پهتا پر هارين جو حق به تسليم ڪيو ويو. سنڌ جي هن اڏول عورت ڪردار جي نالي عورت فائونڊيشن سنڌ ميوزيم ۾ ٻن ڏينهن جي ميلي جو اهتمام ڪيو آهي. جيڪو دراصل فيملي ميلو هوندو، جنهن ۾ماڻهو پنهنجي ڪٽنب سميت شامل ٿيندا. ميلي ۾ هر رنگ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هر قسم جو اسٽال شامل هوندو. جڏهن ته عورتن ۾ ڳائڻ جو مقابلو ٿيندو، پهريون ٻيون ۽ ٽيون نمبر کٽيندڙ خواتين کي روڪ انعام ڏنو ويندو.


 

بختاور شهيد

آصف جمال سومرو

سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي ’بختاور‘، ذات جي لاشاري هئي ۽ تعلقي عمرڪوت جي هڪ ننڍڙي شهر ”ٽالهيءَ“ جي ڀر ۾ ’هئدي لاشاريءَ‘ جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو هئائين. اهو ڳوٺ قاديانين جي اسٽيٽ جو حصو هو، جن کي اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ چاليهه هزار ايڪڙن تي مشتمل جاگير هئي، جيڪا ’احمدي اسٽيٽ‘ جي نالي سان سڏي ويندي آهي. هنن کي اها جاگير، انگريز سرڪار، ۱۹۱۴ع ۾ ڪعبي تي گوليون هلائيندڙ ۽ انگريزي فوج ۾ ڀرتي ٿيل پنجابي فوجين جي اُتي مارجي وڃڻ تي انعام طور عطا ڪئي هئي.

مائي بختاور جي شهادت جو پسمنظر هن ريت آهي ته ۱۹۳۰ع ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام، جمشيد نسروانجي، پروفيسر گوڪلي، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو هو. ان جي ڪم کان متاثر ٿي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جڏهن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي ملازمت ڇڏي، سنڌ جي هارين لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته اُن هاري تحريڪ جو هڪ اهم مطالبو اهو هو ته هارين کي بٽئيءَ جو اڌ حصو ڏنو وڃي. اڌو اڌ بٽئيءَ جي مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ سڀ کان پهريائين نوابشاهه ۾ تحريڪ هلي، جنهن ۾ ڊاڪٽر هاسارام، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد لاکي (سڪرنڊ واري)، بالاچ خان بروهيءَ، مولوي محمد معاذ ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو ۽ هنن تحريڪ کي زور وٺايو، هارين زميندارن کان اڌ بٽئيءَ جو حق گهريو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ پنهنجي سگهه ۽ ٻل تي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

هيءَ تحريڪ پوريءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي. ٻين ضلعن وانگر هن تحريڪ جو ٿرپارڪر ضلعي تي به اثر پيو. ٿرپارڪر ۾ هن تحريڪ ۾ جان محمد پلي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، پير عبدالغفور جان سرهندي، محمد ابراهيم مومن ڪُنريءَ واري، ڪامريڊ امولک اوڏ ۽ ٻين ڪيترن هاري ورڪرن حصو ورتو. هن تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ ۲۰ جون ۱۹۴۹ع تي جُهڏي (موجوده ضلعي ميرپورخاص) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو.

سنڌ جي سورهيه مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا. پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي لاشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن، ۲۲ جون ۱۹۴۹ع تي خبر آئي ته ٽالهي شهر لڳ، هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ پنجابي زميندارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ساٿين سان گڏ، ۲۳ جون تي صبح جو سوير لاشارين جي ڳوٺ پهچي ويو. ساڻس ٻين کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر به گڏ هئا. هنن اَن جي کري تي شهيد بختاور لاشاريءَ جو لاش وڃي ڏٺو. اتي کين خبر پئي ته کري تي اٽڪل ٽي هزار مڻ ڪڻڪ هئي. ڳوٺ جا سمورا مرد ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا ۽ پنجابي زميندارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مائي بختاور ۽ هڪ پيرسن پنيي فقير ۽ ٻين عورتن هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو.

مائي بختاور لوهي ٽيانگ کڻي کين للڪار ڪئي ته ”هٽي پري ٿيو، اَنَ جو ڪڻو به کڻڻ نه ڏينديس“. مائي بختاور جو مزاحمتي انداز ڏسي زميندارن کي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ظالم چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد، مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪيا ۽ نتيجي طور مائي بختاور اَن جي ديرن جو بچاءُ ڪندي شهيد ٿي وئي ۽ پير مرد پنيو فقير زخمي ٿي پيو، جنهن جي ڄمار سٺ ورهين کان مٿي هئي.

ڪُنري ٿاڻي جو صوبيدار عنايت علي خان ابڙو ۽ ڊي ايس پي ديوان تلجارام پهچي چڪا هئا، هنن ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيس لکيو. ڪجهه ورڪر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي حڪم تي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ساماري کڻائي ويا، جتي گهڻي وقت گذري وڃڻ ڪري مائي بختاور کي آخر دفن ڪيو ويو. سندس تربت ساماري جي هڪ مقام ۾ واقع آهي. ڪيس ٿرپارڪر سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ هليو. ڪيس جي پيروي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي طرفان وڪيل ديوان انبارام ڪئي. سرڪاري وڪيل خان بهادر مرزا سڪندر بيگ هو، جنهن کي ان وقت جي سنڌ جي وزير داخلا، قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اُماڻيو هو، اُن پڻ فريادي ڌُر (مائي بختاور واري ڌر) جي مدد ڪئي، جڏهن ته جوابدارن جي پيروي ديوان ڏيئل مل ۽ لاهور مان گهرايل هڪ بئريسٽر ڪئي. ان وقت سيشن جج شنڪر سنگهه آڏواڻي هو.

هن صاحب حق جو فيصلو ڏنو ۽ چوڌري سعدالله (جيڪو اُن وقت جي پاڪستان جي وزير خارجه سر ظفرالله خان جو ڀاڻيجو هو) کي ۲۵ ۽ چوڌري خالد کي ۲۰ سال ٽيپ ڏني، جڏهن ته ٻين مجرمن کي پنجن کان ڏهن ورهين تائين سزائون ڏنائين. ٻيا ته اپيلن مان آزاد ٿي ويا، ليڪن چوڌري سعدالله ۲۵ سال ٽيپ برابر ڪاٽي.

اهڙيءَ طرح سنڌ جي هاري جدوجهد ۽ شهيد بختاور سنڌ جي غريب عوام کي سبق ڏنو ته پنهنجي حق لاءِ جان ڏئي سگهجي ٿي، پر پنهنجو حق نه ٿو ڇڏي سگهجي. مائي بختاور شهيد جي ريٽي رت جي قرباني سنڌ جي تاريخ ۾ صدين تائين لازوال رهندي.


مائي بختاور شهيد

بهادر ڪردار کي ڀيٽا

حميده گهانگهرو

سنڌ جي تاريخ ڪردارن سان مالا مال رهي  آهي. چوندا آهن ته هيءُ معاشرو مرد جو آهي پر عورت به ڪنهن حوالي سان پنهنجو پاڻ کي الڳ ۽ ڪمزور نه رکيو آهي. فرق رڳو اهو آهي ته عورت کي اها مڃتا نه ملي آهي، جيڪا هُن کي ملڻ گهرجي.

هونئن ته ڪارونجهر جي ڀاڪر ۾ ٿر صرف واري جي انبارن ۽ محرومين ڏتڙيل چهرن جو ڏيک ڏيندڙ محلاتن جي تصورن کان تمام گهڻو پري ڇنن جي ڇانو ۾ زندگي گذاريندڙ ٿري ڪنهن نه ڄاتو هوندو  ته هي واري جي زوزاٽن جي ميوزڪ ۽ مورن جي مٺڙي آواز ۽ رنگين  پرن جي جهوم سان ٽلنڊو آهي ته ٿر جي اڻڀي ۽ بي پهچ زندگيءَ  ۾ ڪيترا ارنگ ڀري ڇڏيندو آهي. رات جو ٽمڪندڙ جگنو جي جهلڪ ڏسي ٿري سرن ۽ سازن کانسواءِ  گلي جي گونجار سان سڀني کي ميڙي هڪ ماڳ ڪندا آهن ۽ ٽولين جي صورت ۾ اتان ڪوئل جي ڪوڪ وانگر مائي ڀاڳي نڪري ٿي. ان کان سواءِ مائي سوني، صادق فقير، ڪريم فقير، ڀڳت موهن وغيره وغيره پر انهن ڏاهن مان هڪ اهڙي ڏات نڪري ٿي، جيڪا دنيا جي تاريخ ۾ بغير ڪنهن سُر ۽ ساز  جو هڪ بهادر ڪردار آهي، جيڪڏهن انقلابن جي تاريخ ۽ انقلابي جدوجهد جي متعلق لکيو وڃي ته ڪنهن به حوالي سان ٿر سان تعلق رکندڙ مائي بختاور شهيد پوئتي ناهي.

ان وارياسي زوزاٽن مان طوفان وانگر هڪ بهادر ڪرادار ٿي اڀري ٿي، سنڌ جي تاريخ ۾ نئون روح ڦوڪي عورت جي نفيس نازڪ صنف کي مات ڏئي ٿي، تاريخ ۾ يوم مئي عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو پر اهڙو ئي ڪردار صوفي شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ  جيڪا يوم مئي جي تحريڪ کان اڳ جي آهي، “جو کيڙي سو کائي” هن تحريڪ جو تسلسل مائي بختاور شهيد حق ۽ سچ جي جدوجهد کي خوب نڀايو .

مائي بختاور شهيد ڪا سياسي سماجي اڳواڻ نه هئي، پر هن پنهنجي هٿن سان پوکيل اناج جي داڻن جي ڳڻپ کي ضرور سمجهيو هو ته هن جو حصو ڪيترو آهي. ان وقت حيدر بخش جتوئي پنهنجي ساٿين سان ان تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو  هو. هاڻي بختاور جا پٽ ان تحريڪ جو حصو هئا. هن پنهنجي پٽن جي محنت کي سڃاتو، صبح سان لسي ولوڙيندي هئي، ان جي گُنديءَ طرف ضرور پوندي هوندي. ڏاندن جي جوڙي کي هر ۾ هلائي زمين کيڙي هڪ ڏينهن ان جي ديري جي ڏسڻ واري خوبصورت خواب کي  ڀور ڀور نه ٿيندي ڏٺو ۽ هن جڏهن صبح سان ويل هارين جي ميٽنگ ۾ پنهنجي گهر ڀاتين ۽ هاري ساٿين جي غير موجودگي ۾ ناجائز فائدو وٺڻ لاءِ ملڪ جي جاگير دارن جي ڪڌين حرڪتن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پاڻ ديري تي پهتي ۽ ديري جي لٽ مار ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ فولادي  ٿي اڳيان بيهي رهي.

جاگيردار، چوڌرين ۽ ملڪن اهو سمجهيو ته شايد هي ڳوٺاڻي عورت اسان جي بندوق جي نالي کي ڏسي گهٻرائجي ويندي پر هوءَ دليري ۽ بي باڪي سان هارين جي حقن جي للڪار بڻجي سينو اڳيان ڪري بيهي رهي ته اي ظالمو هن ان جي هڪ هڪ ڪڻي ٿي، هاري جي خون پسيني جي محنت شامل آهي، ڪنهن مائي جي لال کي اها همت ناهي جو صبح سان ديري تي ڪن نامعلوم ملڪ سردارن جي ڪاهه کي ڏسي هن جا پير پوئتي نه ٿيا ۽ هڪ لٺ کڻي اچي ديري تي پهتي ۽ دير ي جي لٽ مار کي روڪڻ لاءِ مائي بختاور پنهنجي حوصلي ۽ همٿ سان اها ويڙهه وڙهندي رهي. فولاد ٿي بيٺل هن عورت کان هو ڊنل ضرور هئا پر نڪ جي ڏاڍائي ۽ گندي سوچ ڪري مائي بختاور کي ڌمڪائيندا رهيا.

هنن  کي اها خبر نه هئي ته هيءَ ٿري عورت همياليا جي جبل وانگر  مضبوط آهي ۽ انهن لڪيل قيمتي هيرن منجهان آهي. بزدل جاگيردارن کي اها خبر نه هئي ته بختاور جي للڪار بندوق جي گوليءَ کان تيز آهي. هڪ گولي جسم ته کسي سگهي ٿي پر جذبو ۽ وچن نٿي کسي سگهي.

مائي بختاور ذات جي لاشاري هئي پر چوندا آهن ته ڪردار ڪنهن به ذات، مذهب، ٻولي جو محتاج ناهي، ذاتي زندگي هن جي ذات جي سڃاڻپ آهي پر سندس بهادريءَ جو ڪردار سڀني باشعور انسانن جي جدوجهد جي سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جو باب کولبو ته مائي بختاور نمايان نظر ايندي.  هڪ چواڻي آهي ته هميشه زر، زمين، زن تي جهيڙو ٿيندو آهي، پر مائي بختاور شهيد ان جملي ۽ مثال کي بي معنيٰ ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ جو هن عورت زمين لاءِ جهيڙو ڪيو ۽ زر معنيٰ ان قيمت کي بچايو، جيڪا محنت سان حاص ڪيل هئي. هڪ جاءِ تي مون پڙهيو آهي ته مائي بختاور هارياڻي سنڌ جي پڙهيل هارين لاءِ “ جون آف آرڪ نه ٿي سگهي” پر اهو به سچ آهي ته هوءَ پنهنجي تر ۽ ڪس واري پٽي لاءِ ضرور جون آف آرڪ هئي پر ٿامس گريThomas Gray  جي لفظن ۾ هن جي رت جي خوشبو ويرانين ۾ گم ٿي وئي.

شايد ڪير انهن لفظن سان سهمت هجي يا نه پر مان چوندس ته جيڪا عورت گولي کي سامهون ڏسندي پنهنجو سينو تاڻي بيهي ٿي۽ چوي ٿي ته هن جسم مان گولي پار ٿئي پوءِ منهنجي پورهئي واري خون جي خوشبو سان ديرو لٽيو وڃي ته اهو فيصلو تاريخ جو آهي مائي بختاور جي جرئت تاريخ رقم ڪري ٿي.

اسين جي سفر ۾ مئاسين او ساٿي،

ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.


مائي بختاور

هاري هلچل جي شهيد

رڪ سنڌي

ڪيوبا جي اڏول انسان فيڊرل ڪاسٽرو پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو آهي ته؛ ”جڏهن انسان دلين ۾ ساڳي آدرش کڻي اڳتي هلندا آهن، تڏهن دنيا جي ڪا به طاقت هنن کي اڪيلو ۽ الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي آهي، نه جيل جون ديوارون ۽ نه قبرستان جا پٿر. اهڙن ماڻهن وٽ هڪ سانڀر، هڪ جذبو، هڪ سوچ، هڪ ضمير ۽ هڪ وقار جو تصور موجود هوندو آهي.“

مائي بختاور جيڪا هن قوم جي هڪ زنده دل عورت هئي، ان جو مرڻ ڪنهن وڏي مقصد کان خالي نه هو. هو حق ۽ سچ جي بقا جي جنگ ۾ لاشعوري طور ڪا نه گهڙي هئي. هن وٽ قومي جذبو ۽ ترقي پسند سوچ موجود هئي. هوءَ هن قوم جي آدرشي نياڻي هئي، جتي مرد پنهنجن فصلن ۾ جهار هڪليندي، قومي ۽ سماجي برابريءَ واري پرچار ڪندا هئا، اتي عورتون کوهن تان پاڻي ڀريندي، لابارا ڪندي، توڙي گهرن ۾ رلهيون سبندي يا اُن ڇڻيندي هڪٻئي کي آزاديءَ ۽ برابري واري سماج جا سونهري داستان ۽ پنهنجن حقن جي سلامتي لاءِ جدوجهد جا تصور ٻڌائينديون هيون. هي اهو افراتفريءَ وارو دور هيو، جنهن ۾ ٿورو اڳ ديسي، پرديسي ٿي چڪا هئا. ڏيهين جي جاءِ پرڏيهي والاري چڪا هئا. ديسي ڦورو ٻاهرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي غريب پورهيتن جي پونجي هڙپ ڪري رهيا هئا. غريب پورهيت عوام، زميندارن ۽ جاگيردارن مان تنگ اچي ڪا وڏي تحريڪ هلائڻ لاءِ سوچي رهيو هو. ملڪي اقتدار سِڪن گڏ ڪندڙن جي هٿ ۾ هو، جيڪي پنهنجي حاڪميت برقرار رکڻ لاءِ زميندارن ۽ جاگيردارن کي خوش ڪرڻ جا حيلا هلائي رهيا هئا.

سنڌ- ڪيترا ئي انقلابي لاها چاڙها ڏٺا هئا، ڪيترا دفعا آزاديءَ ۽ غلاميءَ جا ڏينهن گهاريا هئا، اها هاڻ به ڪنهن وڏي تبديليءَ ۽ انقلاب لاءِ ڪر مروڙي رهي هئي. هي هارين ۾ سجاڳي ڪا پهريون دفعو ڪا نه آئي هئي، پر اڄ کان صديون اڳ به سنڌ اندر اهڙو ماحول موجود هيو. سنڌ دنيا وارن کي سوشلزم جي راهه ڏيکاري، هتان پورهيتن جي حقن لاءِ آواز بلند ٿيو. مارڪس کان به ٻه صديون اڳ فطري قوت جي وسيلي ڏاڍ ڪندڙن کي ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته ”مسڪين مزدور ۽ هاري، هميشه ان حالت ۾ رهڻ لاءِ تيار ناهن، هميشه دنيا جي تختي تي سامراج يا سرمائيدار يا جاگيردار طبقي جي حاڪميت رهڻي ناهي.“ هن دنيا اندر پهريون دفعو شاهه عنايت شهيد ان فڪر جي پرچار ڪئي ته، ”انساني معاشري ۾ برابريءَ ۽ انصاف سان دولت جو ورهاڱو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ذاتي ملڪيت کي ختم ڪبو.“ (ٿامس مور) پاڻ نه صرف اهو فڪر ڏنو پر پهريون دفعو، دنيا جي گولي تي عملي جدوجهد جي شروعات ڪيائين.

ان بعد سنڌ اندر حق ۽ سچ جي حصول، پنهنجي عزت ۽ آزادي لاءِ ڪيتريون ويڙهيون وڙهيون ويون آهن. ڪيئي دفعا پرڏيهي لٽيرا ۽ ڏيهي ڦورو سنڌ اندر خوار خراب ٿيندا رهيا آهن. ڪيئي دفعا شاهه عنايت پيدا ٿيا آهن ۽ ڪيئي دفعا جهوڪ جو ميدان ٻيهر رت سان رڱجي چڪو آهي. اڄ به اها ويڙهه جاري آهي. اڄ به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف جنگ نه صرف سنڌ اندر پر پوري دنيا اندر هلندڙ آهي. اڄ به دنيا جي گولي تي ٻه ڌريون موجود آهن، هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم.

آزاديءَ ۽ برابريءَ واري سماج قائم ڪرڻ لاءِ وڙهيل ويڙهين مان اڄ صرف ان ويڙهه جو ذڪر ڪبو، جيڪا ۱۹۴۹ع ۾ عمل ۾ آئي، اڄ قوم جي ان شهيد نياڻيءَ کي خراج عقيدت پيش ڪبي، جنهن وطن جي عزت ۽ ناموس، مارن جي وقار ۽ سُتر لاءِ پنهنجي جان ڏني. سنڌ جي تاريخ ۾ هي ڪردار ٻين کان وڌيڪ اهم جڳهه والاريندو. هن ڪردار جي سچائي ۽ وطني حب سندس بهادري ۽ همت ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته سنڌ جون عورتون پنهنجن حقن وٺڻ لاءِ ۽ پنهنجي قومي حفاظت جي جنگ ۾ مردن کان پوئتي نه آهن. اهي ماڻهو جيڪي عورتن کي بزدل ۽ ڪمزور تصور ڪندا آهن ۽ انهن کي گهٽ نظرن سان ڏسندا آهن ۽ کين معاشري ۾ ڪا به مٿانهين جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن، انهن ماڻهن جي منهن تي هي ڪردار ڀرپور چماٽ هڻي ٿو. هڪ مفڪر ڊيوڊ ليمپي جي چوڻ موجب ته ”دنيا ۾ جيتريون به جنگيون ٿيون آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان عورت جو ٿيو آهي، ان جي جهولي به خالي ٿي آهي، ان جي مٿي جو تاج به کسيو ويو آهي، ان جو سهاڳ به لٽيو ويو آهي ۽ ان جي عزت به برباد ڪئي وئي آهي.“ پر مان جيڪڏهن انهن سٽن ۾ هي به اضافو ڪيان ته وڌاءُ نه ٿيندو ته عورتن ان کان به اڳتي وڌي پنهنجا سر به سٽيا آهن. هنن پنهنجي لهوءَ سان ڌرتيءَ کي سرخ ڪيو آهي، هنن جنگ جي ميدان ۾ ترار به کنئي آهي ته ڪوٽن ۾ قيد هوندي به لالچن ۾ اچي وطن جو سودو نه ڪيو آهي. اهڙي طرح هن ڪردار جي بهادري ڏسي، ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هن ديس ۾ هر دؤر ۾ مارئيون جنم وٺنديون آهن ۽ هر روز عمر کي شڪست کائڻي پوندي آهي. هن ديس جون ڌڄاڻيون مارن جو ستر رکندڙ آهن ۽ هو ٿر ۽ بر ۾ آزاديءَ جون مشعلون بنجي اسان جي راهن کي روشن ڪنديون آهن.

سنڌ اندر ته ڪيئي ڳوٺ آهن، ڪيئي سهڻا سهڻا کيت آهن. جن سان ڪيترا ئي تاريخي داستان وابستا آهن، پر لاشارين جو ننڍڙو ڳوٺ، جيڪو تعلقي عمرڪوٽ جي ننڍڙي شهر ٽالهيءَ جي ڀر ۾ آهي، اهو مڙني ڳوٺن کان ممتاز حيثيت رکندڙ آهي. ان ڳوٺ جو نالو نه صرف سنڌ جي پورهيتن پر دنيا جي پورهيتن ۽ آزاديءَ لاءِ هلندڙ تحريڪن لاءِ ڪشش رکندڙ ۽ سونهين جو ڪم ڏيندڙ آهي. هيءُ ڳوٺ ان ڪري تاريخ جي صفحن ۾ اهم جاءِ ڪو نه والاريندو ته هي ڳوٺ اڳي قادياني زميندارن جي ملڪيت هو، جن جي چاليهه هزار ايڪڙ ٿر اندر جاگير هئي. پر هيءُ ڳوٺ ٻين ڳوٺن کان وڌيڪ نرالو ۽ اهم ان ڪري مڃيو ويندو، جو هن ئي ڳوٺ جي هڪ اڙٻنگ عورت مائي بختاور، ديسي هارين، نارين ڪڙمين ڪاسبين وانگر قومي ۽ طبقاتي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي سر ڏنو هو. هتي ظالم قوتن پنهنجي ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي مفادن جي سلامتي لاءِ وحشپڻي جو مظاهرو ڪيو. هن ڳوٺ جي هارياڻين، پنهنجي ورن، پنهنجي جوڌن جي غيرموجودگيءَ ۾ ۲۲ جون ۱۹۴۹ع تي جاگيردارن جي دلال قادياني زميندارن سان مهاڏو اٽڪايو هو. ان آزاديءَ ۽ پنهنجي حقن لاءِ جنگ ڪندڙ جٿي ۾ هڪ پيرسن پينو فقير ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سنڌ ڌڄاڻيون موجود هيون، جن جي اڳواڻي ڳوٺ جي بهادر، جفاڪش، محب وطن ۽ پورهيت انقلاب ۾ ايمان رکندڙ ۶۰ ورهين جي ڪمزور جسم هارياڻي مائي بختاور ڪري رهي هئي. هوءَ نه صرف گهرو ڪم ڪار ڪندڙ عورت پر مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪش هارياڻي پڻ هئي. هوءَ ملڪ اندر هلندڙ جدوجهد ۾ وڏي دلچسپي وٺندڙ هئي. ان ڪري ته هن ٻين ڳوٺاڻن کي تيار ڪري پنهنجي حقن جي بچاءَ لاءِ هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو. هو ٻاگهي بنجي ٻاهر نڪري آئي، ڇو جو هن جا دودا ۽ ننگر به ڪنهن عظيم مقصد خاطر ويل هئا.

سنڌ اندر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد لاکو، ڊاڪٽر هسارام، عجائب سنگهه، غلام محمد لغاري، غلام محمد بام، مولوي معاذ ۽ ٻيا ڪيترا ئي پورهيت دوست اڳواڻ هارين جي حقن لاءِ تحريڪ هلائي رهيا هئا ۽ ڪيترن وطن پرستن جي ساٿ هن تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺايو هو. هن تحريڪ جو مول متو هو، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن سميت ٻاهرين ڦورن کان مڪمل آزادي. هن تحريڪ عورتن ۽ مردن ۾ مسرت ۽ سمجهه پئدا ڪئي. سنڌ اندر وري شاهه عنايت شهيد جي سوچ ۽ فڪر کي پاڻي مليو. سلسلو اڳتي وڌيو، سڪل سلا ساوا ٿيا. ڇو جو اڄ حيدر بخش جتوئي، هارين جو دوست جنم وٺي چڪو هو. مائي بختاور هارياڻي جي شهادت مٿين تحريڪ جي زور وٺڻ ڪري ٿي. جن ڏينهن ۾ سنڌ اندر هارين کي بٽئيءَ جو اڌ حصو ڏيارڻ جي جدوجهد هلي رهي هئي. انهن ڏينهن ۾ ئي زميندارن پنهنجي مفادن جي سلامتيءَ لاءِ هي ڪڌو ڪم ڪيو. هن تحريڪ جنم ئي هارين جي بک ۽ بدحالي مان ورتو. هن مطالبي جي مڃرائڻ، زميندارن کان هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ لاءِ پوري سنڌ اندر مختلف پورهيت دوست اڳواڻن جي رهبري هيٺ تحريڪون شروع ٿي چڪيون هيون. هنن تحريڪن جي شروعات نواب شاهه کان ٿي. ڏتڙيل هاري ۽ ٻيا پورهيت ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پارٽي پروگرام سان اڳتي وڌڻ لڳا. هارين اندر سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن ايتري ته سجاڳي پئدا ڪئي، جو اهي هاري، جيڪي اڳ زميندار ته ٺهيو پر ڪمدارن کان به پيا ڏڪندا هئا، جيڪي ڪنڌ هيٺ ڪيو وڏيرن جون نه صرف گاريون سهندا هئا پر بيگرون به وهندا هئا، سي هاڻ آڻ مڃڻ کان به نابري واري ويٺا.

هن تحريڪ جو آواز هر هاريءَ جي گهر ۽ جهوپي تائين پهچائڻ لاءِ ”سنڌ هاري ڪاميٽي“ طرفان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۲۰ جون ۱۹۴۹ع تي جهڏي ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي. جنهن ۾ ۱۰ هزار هاري ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا. هر ڳوٺ ۽ هر شهر مان هاري ۽ ٻيا پورهيت ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهتا. اهڙي طرح مائي بختاور جي ڳوٺ جا سڀ هاري ۽ نوجوان ان ”جهڏو هاري ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا. ڳوٺ ۾ صرف دلير عورتون ۽ ٿڻن تي کير پياڪ ٻار موجود هئا.

جڏهن قادياني زميندارن ڏٺو ته ڳوٺڻ جا مڙئي هاري ۽ تحريڪ جا ڪارڪن ڪانفرنس تي ويل آهن ۽ زمينن جا قبضا خالي ۽ اَن جا ديرا واهت بنا پيا آهن، ته هنن نهايت مڪاريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ديرن تان اَنُ کڻڻ لاءِ منصوبا سٽيا، جيڪو انُ اڌ بٽئي جي فيصلي تائين اتي رکيل هو. هنن پنهنجي بزدليءَ جو مظاهرو ڪندي، لاشارين جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي. جتي هارين جو هڪ وڏو ديرو اٽڪل ۳ هزار مڻ ڪڻڪ تي موجود هو. ديرو جنهن تي اڳ هاري واهت ڪيو ويٺا هئا. اڄ هنن بي سمجهه ڦورو قوتن کي نڌڻڪو نظر اچي رهيو هو. جاگير جي مالڪن ديري تي قبضو ڪري اَنُ کڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. جڏهن اها خبر ڳوٺ جي عورتن کي پئي ته جاگير جا مالڪ اڌ بٽئي ڏيڻ بنا زوري انُ کنيو ٿا وڃڻ ته هو پنهنجي ورن جي غيرموجودگيءَ ۾ روا ۽ پوتيون چيلهن سان ٻڌي، هٿن ۾ لٺيون، ڪهاڙيون، ڏانداريون ۽ ڏاٽا کڻي ميدان تي نڪري آيون. هنن هٿياربند زميندارن تي حملو ڪيو. اَن جون وارثياڻيون ۽ زمين جون مالڪياڻيون ڏسندي ئي زميندارن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ زميندارن کي چيو ويو ته، ”جيستائين اڌ بٽئي وارو مطالبو پورو نه ٿيندو ۽ جيسين اسان جا جوڌا واپس نه ايندا، تيسين اوهان انَ کي هٿ لائي نه ٿا سگهو.

زميندارن کي پڪ هئي ته هارين جي اچڻ ڪري هنن کي اڌ بٽئي به ڪا نه ملندي، ورندو خوار خراب ٿيندا. هنن فيصلو نبيرڻ لاءِ سچ جي ساٿ سان اڳتي وڌندڙ عورتن تي حملو ڪيو. گهڻي ڌڪا ڌڪي بعد چوڌري سعيدالله ۽ مئنيجر چوڌري خالد عورتن تي فائرنگ شروع ڪئي، هي هٿين خالي ديس ڌڃاڻيون پوءِ به ديري تان پوئتي نه هٽيون، پر هن جا قدم ڌڪن سهندي به اَنَ جي ديرن ڏانهن هيا. اهو صرف اَن جي کرن جو بچاءُ نه هيو، پر پنهنجي تحريڪ جو بچاءُ ۽ پنهنجي عظيم مقصد جو بچاءُ هيو. گولين هلندي به عورتن جي اڳواڻ مائي بختاور ڪارونجهر جيان مضبوط ٿي وڙهندي رهي. هوءَ ڪهاڙي سان، ڏاندري سان، لٺ سان تيسين وڙهندي رهي. جيسين هڪ گوليءَ هن جي سيني کي پرڻ بنائي، کيس هميشه لاءِ موت جي هنج ۾ اَمر بڻائي ڇڏيو. ڌڪا ڌڪيءَ ۾ هڪ پير مرد پينو فقير پڻ ٻين عورتن سميت زخمي ٿي پيو.

۲۲ جون تي اها خبر جهڏي پهچي وئي، جتان هارين جو عظيم ليڊر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، هاري ڪاميٽيءَ جي ورڪرن جي وڏي تعداد سان ۲۳ جون تي اچي لاشارين جي ڳوٺ ۾ پهتو. هن جٿي ۾ جان محمد پلي، عبدالغفور سرهندي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري موجود هئا.

ڪنري جي صوبيدار عنايت علي خان ابڙي ۽ ڊي ايس پي ديوان تلجارام ڪيس لکيو. ڪجهه ڪارڪن ڪامريڊ جتوئي جي حڪم موجب بختاور شهيد جي لاش کي انَ جي کري تان کڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ساماري کڻائي ويا. جتي گهڻو وقت گذرڻ ڪري مائي بختاور کي ساماري جي هڪ مقام ۾ دفن ڪيو ويو. هن خون جو ڪيس ميرپور خاص جي سيشن ڪورٽ ۾ هليو. ڪيس جي پيروي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ طرفان وڪيل ديوان بنارام ڪئي. سڄي سنڌ اندر پورهيتن ۾ هن واقعي جوش ۽ ولولو پئدا ڪري ڇڏيو. زميندارن ۽ حاڪمن خلاف نفرت جي تيز لهر پوري ملڪ اندر موجود هئي. ان ڪري حاڪم ڌر پورهيتن جي جذبن کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ڪنهن وڏي فساد روڪڻ لاءِ سٺو سمجهيو ته فيصلو هارين جي فائدي ۾ ٿئي ۽ ملزمن کي سزائون ملن.

ايتري قدر جو سرڪاري وڪيل مرزا اسڪندر بيگ، جيڪو ان وقت جي سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اُماڻيو هو، سو پڻ هارين جي ڌر طرف ٿي سندن فائدي ۾ ڪيس لڙڻ لڳو. هيءُ ڪيس سيشن جج ديوان شنڪر سنگهه آڏواڻي هلايو. هن صاحب پورهيتن جي فائدي ۾ فيصلو ڏيندي، چوڌري سعد الله (جيڪو ان وقت جي پاڪستان جي وزير خارجه مير ظفر الله جو ڀاڻيجو هو) ۽ چوڌري خالدکي ۲۰-۲۰ ورهيه جيل جي سزا ڏني ۽ ٻين کي به جوڳيون سزائون مليون.

 

(ڇپيل، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي- اصغر آزاد جي نالي سان- ۲ سيپٽمبر ۱۹۸۹ع)


سنڌ جي بختاور شهيد

ياسين سنڌي

سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو تنظيمي طرح بنياد ۱۹۳۰ع ۾ ميرپور خاص شهر ۾ جي ايم سيد، جمشيد مهتا، عبدالمجيد، سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پئجي چڪو هو. ۱۹۴۶-۴۷ع ۾ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽر جو سکيو ستابو روب تاب وارو عملداري عهدو ڇڏي اچي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ اڳواڻي ڪئي. سنڌ ۾ هاري مردن توڙي عورتن پنهنجي رت ست سان جوش جذبي ۽ شعور کي وڌايو. سنڌ جو ٻيو به هڪ يگانو ڊپٽي ڪليڪٽر علاءُ الدين سمون پنهنجي ايڏي وڏي عهدي کي ڇڏي اچي هاري تحريڪ ۾ جوهر ڏيکاريائين. هاري تحريڪ ۾ بالاچ بروهيءَ جي ريٽي رت کي وساري نه ٿو سگهجي پر بختاور شهيد جي شهادت انساني ضمير کي جاڳائڻ ۽ ان دور جي مرد، عورت ۾ اتساهه پيد ڪيو ان کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو. بختاور شهيد جو نالو هڪ اڀار ۽ مسلسل سياسي سجاڳي آهي. هتي هڪ ڳالهه ذهنن کي جهنجوڙيندڙ ضرور لڳي ته هندوستان جي آزادي کان اڳ ۾ پنجاب جي چوڌرين کي ۱۹۱۴ع ۾ ۴۰ هزار ايڪڙ ضلعي ٿر پارڪر سنڌ ۾ اسٽيٽ، جاگير ڪيئن ڏني وئي انگريز پاڻ کي انصاف پسند چورائيندڙ سنڌ جي رهاڪن کان زوريءَ زمينون کسي قبضا ڪرائي پنجاب جي چوڌرين کي انعامن ۽ ايوارڊن ۾ ڏئي ڇڏيون. جيتو ڻيڪ انگريزن جي قبضي کان اڳ ۾ پنجاب ۽ سنڌ ٻه جدا جدا ملڪ هئا. انگريز سامراج کي پنجاب مان فوج جي ڀرتي چند ٽڪن عيوض سولائي سان ملي ويندي هئي پنجابي فوجي مذهبي مقدس جڳهن تي گوليون هلائڻ لاءِ تيار هوندا هئا. بختاور ۱۹ صدي جي آخر ۾ ٽنڊي باگي تعلقي بدين ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ روشن آباد جي ڀرسان مراد خان لاشاريءَ جي ڪکائين گهر ۾ جنم ورتو. بختاور گهر ۾ پهريون ٻار هئڻ سبب گهر وارن کي گهر ۽ ٻنيءَ جي ڪم ڪار ۾ ماءُ پيءُ کي مدد ڪرائيندي هئي.

ڪجهه وقت کان پوءِ مراد خان لاشاري کي پٽ ڄائو. جنهن جو نالو فيروز خان رکيو ويو. ٻني ٻاري جو ڪم اٺ ۽ ڏاچيءَ ذريعي ڪيو ويندو هو جنهن ۾ بختاور جي محنت شامل هوندي هئي. مال ۽ ماڻهن جي بيماري ۾ ڳوٺ ۽ ڀروارن ڳوٺن ۾ بنا اجوري جي ڪم ڪندي هي شادي پنهنجي ڀاٽئي ولي محمد لاشاري سان ڳوٺ هيڊو ۾ ڪرائي وئي. ولي محمد لاشاري وارن کي ٻاڪرو مال جام هوندو هو. جنهن جي بيماري بڙي ۽ ڦرن ڄمڻ وغيره جو سارو ڪم ڪار بختاور ڪندي هئي ۽ انهيءَ ڪم ڪار ۾ ڪافي مهارت ڪري تر ۾ نالو مشهور ٿيس. ڀر وارن ڳوٺن جا ماڻهو بيماري بڙي ءَ ۾ بختاور کي وٺي ويندا هئا. هنن کان ڪو به معاوضو نه وٺندي هئي. چوپائي مال جي ڪم کي عبادت سمجهندي هئي. ٻهراڙين ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري عورتن کي ٻار ڄڻائڻ ۾ مقامي ڄاڻون عورتون مدد ڪنديون هيون. بختاور کي به ڪافي تجربو ٿي ويو هو. بنا معاوضي جي عورتن جي مدد ڪندي رهندي هئي ۽ چڱي مشهوري ماڻيائين ڪافي ڏکيا عورتاڻا ڪيس حاصل ڪري سرڪار پاران اعزازي سندون ما ڻيائين. جهڏي ۾ ۲۲ جون ۱۹۴۷ع تي هاري ڪانفرنس رکيل هئي جنهن ۾ هاري پورهيت ۽ سياسي اڳواڻ شريڪ هئا. حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ آيل هئا. ڪڻڪن جا ديرا تيار هئا، هارين ۽ زميندارن جا اڌو اڌ بٽئي ءَ لاءِ فساد جاري هئا. قادياني اسٽيٽ جا مالڪ هارين کا غير واجبي مڻ ڪتيءَ تي خرچ وٺي رهيا هئا. ڀر وارن علائقن جا هاري مرد ۽ عورتون جهڏي ۾ ڪانفرنس ۾ ويل هئا. چوڌرين موقعي مان فائدو وٺندي ۳۰ بيل گاڏيون ۽ ڪجهه هٿيار بند ساڻ ڪري ڳوٺ هيڊو جي ڪڻڪ جي ديري تي ڪڻڪ کڻڻ لاءِ مغرب مهل چڙهائي ڪئي. بختاور پنهنجي ننڍي پٽ محمد صديق سان گڏ ديري تي موجود هُئي.

چوڌرين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مرد اچن ته پوءِ بٽئي ڪئي وڃي ڪجهه ٻيا ماڻهو پاڙي وارا به پهتا پر چوڌرين جي اڳواڻي خالد ۽ سعد الله ڪري رهيا هئا ۽ ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا. زبردستيءَ ڪڻڪ کڻڻ لڳا مائي بختاور ٻچن جي پيٽ گذر جو اَنُ لٽجندي ڏسي نه سگهي. سنگن ڪٽڻ واري ڏنڊي سان چوڌريءَ تي شينهڻ وانگر حملو ڪيائين، چوڌريءَ انسانيت جا اخلاقي قدر اورانگهيندي ڇتي بگهڙ وانگر پاڻ ۽ پنهنجي ماڻهن کي فائر ڪرڻ جو حڪم ڏنائين مائي بختاور ڪڻڪ جي کري تي شهيد ٿي ڪري پئي سندس آخري اکر هئا “ ابا ڏسجو ته ماريا ڪڻڪ نه کڻي وڃن” بختاور جي ريٽي رت ۾ ڪڻڪ جا داڻا سرخ ٿي وهڻ لڳا. چوڌري بيل گاڏين ۾ ڪڻڪ کڻي ويا. هڪ بيل گاڏيءَ وارو گشڪوري چڀڙ جنهن کي چوڌري وٺي آيا هئا اهو هواس وڃائي ويٺو ۽ لڪِي ويهي رهيو صبح جو کيس پوليس اچي پڪڙيو ۽ اکين ڏٺو شاهد بڻايو. سامارو پوليس جي نور محمد قريشي جمعدار ۽ صوبيدار عنايت الله ابڙو مائي بختاور شهيد جو ڪيس داخل ڪيو، پوليس قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو جنهن کي سامارو قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪيو يو جتي هزارين سنڌي سلامي ڀريندا رهن ٿا. ساماري وارو ڪيس ڪجهه وقت کان پوءِ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ ميرپور خاص موڪليو ويو جنهن جو سيشن جج ديوان شنڪر سنگهه تمام دلير ۽ انصاف پسند هو. چوڌرين گهڻا هيلا وسيلا استعمال ڪيا پر هڙ حاصل ڪجهه نه ٿين بيمارن کي کٽ تي کڻائي ڪورٽ ۾ بيان ورتائين ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل مرزا سڪندر بيگ مقرر ٿيو. هارين پاران وڪيل بنارام سکر وارو هو. قادياني اسٽيٽ طرفان حيدرآباد جو وڏو مشهور وڪيل ڏيئل مل ۽ هڪ ٻيو لاهور جو پنجابي وڪيل هو.مشهور وڪيل کي دل جو دورو پئجي ويو پر بچي ويو. چوڌرين بنا رام وڪيل تي ڏاڍو زو بار ۽ لالچ جا رستا اختيار ڪيا پر بنا رام هڪ نه ٻڌي، وڪيل بنا رام حالتن پٽاندڙ هندوستان هليو يو ويو پر حاضرين تي برابر مير پور خاص ايندو رهيو. ڪيس ۾ چوڌري سعدالله کي ۲۵ سال ۽ چوڌري خالد کي ۲۰ سال قيد جي سزا لڳي باقي ٻين کي ٽي ٽي سال سخت پورهئي سان سزا ملي.

سنڌ جي ماڻهن شهيد بختاور کي هر وقت پيار، محبت ۽ عزت ڀرئي نموني سان ياد ڪيو آهي پنهنجي حال سارو وسيلن آهر مزار تي حاضري ڀرڻ سيمينار ۽ جلسن ڪرڻ پرنٽ ميڊيا ۾ ياد ڪيو ويندو آهي. هڪ عمرڪوٽ جو هاري ليڊر عبدالغفور جان سرهندي ۴۰ ميل پنڌ ڪري سڀني کان اڳ ۾ واردات هنڌ پهتو هو.

هن وقت سنڌ کي شهيد بختاور جهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي. بختاور جون ڀينرون سجاڳ ٿي پنهنجي ڀائرن جو عملي طرح ساٿ ڏين ته جيئن بختاور جي شروع ٿيل جدوجهد کي وڌائي سگهجي.


شهيد بختاور

حق وٺڻ جي نئين جوت جاڳائيندڙ

امير حسين گشڪوري

هن ڌرتيءَ به ڪيترن سورمن ۽ سورمين کي جنم ڏنو آهي جن موت کي به مات ڏي پنهنجي هڪ ڌار تاريخ ٺاهي آهي انهن ۾ شهيد مائي بختاور لاشاري به شامل آهي. جنهن پنهنجي حق وٺڻ خاطر ظالم زميندار سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. شهيد مائي بختاور لاشاري سن ۱۸۸۰ع ۾ ڳوٺ دودو خان سرڪاڻي لڳ روشن آباد تعلقي ٽنڊو باگو مراد خان لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو بختاور جي شادي ان جي سوٽ ولي محمد لاشاري سان ۱۸۹۸ع ۾ ٿي، ۱۹۰۶ع ۾ بختاور کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو محمد خان رکيائين پوءِ هن کي ۳ ٻار ٻيا به ٿيا جن ۾ قاضي لال بخش ۽ محمد صديق ۽ هڪ ڌيءَ راستي به ٿي. بختاور جو ور ولي محمد لاشاري هاڪڙي درياهه جي کاٻي ڪپ تي موجود ڳوٺ هيئدو ۾ رهندو هو ۽ سندس ور ولي محمد لاشاري قادياني اسٽيٽ ۾ هاري هو ۽ ان وٽ ٻاڪرو مال تمام گهڻو هو جنهن جي سار سنڀال به بختاور ڪندي هئي۔

ان وقت ۱۹۴۷ع ۾ هارين ۽ اسٽيٽ وارن جو پاڻ ۾ ڪڻڪ جي اڌ بٽئي تان تڪرار شروع ٿيو .اسٽيٽ وارن جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جي في مڻ مان اسان کي توهان جي حصي مان اسان کي ۲ ڪلو ڪڻڪ ڏيو جنهن تي هارين انڪار ڪيو ته زمين هاري ٿا ڪريون،  ڀاڻ مال جو وٿاڻن تان کڻي اسان ٿا ڇٽيون، ڳاهيون به اسان هاري ٿا، سرد راتين ۾ پاڻي به اسان ٿا واريون ته اسان جي اڌ حصي مان توهان کي مڻ تي ٻه ڪلو ڇا جا ڏيون. جنهن تي ان وقت جي اسٽيٽ مينيجر چوڌري خالد ۽ سعدالله قادياني چيو ته اسان کي اسان جي مرڪز(ربوه) پنجاب مان حڪم مليو آهي. ته في هاري کان مڻ تي ٻه ڪلو ڪڻڪ وصول ڪريو جنهن تي هارين رڙيون ڪيون ته اهو سراسر ظلم آهي، اسان پنهنجي حصي مان هڪ داڻو به توهان کي نه ڏينداسون جنهن تي اسٽيٽ مينيجر مڇرجي پيو ۽ موقعي جي تلاش ۾ هو ته هارين کان ڪيئن به ڪري ڪڻڪ وصول ڪجي.

۲۲ جون ۱۹۴۷ع تي هاري تحريڪ طرفان جهڏو شهر ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي هئي جنهن جي دعوت هاري اڳواڻ گل محمد لاشاري کي به ڏني وئي جنهن بختاور لاشاري جي ور سميت سڀ هاري وٺي جهڏي ويل هو پويان اسٽيٽ مينيجر جي نيت خراب ٿي پئي ته هاري سڀ ويل آهن جهڏي، ان ڪري اڄ موقعو آهي ته ڪڻڪ سڀ کڻي وٺان هن هارين جي نه هجڻ جو فائدو وٺندي ڪجهه لاٺڙيا پاڻ سان گڏ وٺي ڪڻڪ جي ديري(کري) تي پهتو ۽ عملدارن کي حڪم ڪيائين ته صاف ٿيل سڀ ڪڻڪ بيل گاڏين ۾ وجهو. مرد نه هجڻ ڪري هارين جي عورتن، چوڌري کي ڪافي منٿون ڪيون ته مهرباني ڪري اسان جي مردن کي اچڻ ڏيو پوءِ ڀلي ڪڻڪ کڻي وڃجو پر اسٽيٽ مينيجر عورتن جي هڪ به نه ٻڌي سڀ ڪڻڪ کڻي جڏهن بختاور جي ان جي صاف ٿيل کوڙي پهتو ته ڪمدار لاٺڙين کان پڇيو  ته ڇا ٿا ڏسو ڪڻڪ کڻو جنهن تي بختاور، چوڌريءَ کي چيوته آئون توهان کي هڪ داڻو به کڻڻ نه ڏيندس. هي منهنجي ٻچن جي روزي آهي وڏي محنت کان پوءِ مون هي فصل تيار ڪيو آهي تون مهرباني ڪري اسان غريبن تي ڪجهه رحم ڪر پر هن هڪ به نه ٻڌي۔ چوڌري جيئن ڪڻڪ ۾ هٿ وڌو ته بختاور ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي سان چوڌري کي ڪيرائي وڌو. چوڌري جنهن جي هٿ ۾ بندوق هئي اها به بختاور جي پيرن ۾ اچي ڪري تنهن تي پويون بيٺل هڪ لاٺڙيي ڪهاڙي سان بختاور تي وار ڪيو ۽ بختاور کي زخمي ڪري وڌائين پر بندوق بختاور جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ پويان کان بختاور تي ڪهاڙي جو وار ٿيڻ ڪري بندوق بختاور جي هٿ مان هيٺ ڪري پئي. هن پنهنجو ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي کي ٻيهر کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاسي تي بيٺل اسٽيٽ مينيجر ڊپ ۾ اچي بختاور جي ننڍي پٽ کي يرغمال بڻائي بختاور کي چيائين ته هاڻ جيڪڏهن وڙهڻ جي ڪوشش ڪندينءَ ته پهريان تنهنجي پٽ کي ماريندس پوءِ توکي جنهن تي بختاور پريشان ٿي وئي ته منهنجي ٻچڙي کي ڪجهه ٿي نه پوي ان ڪري هن ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ ٻيهر چوڌري تي ڏنڊي سان وار ڪيائين. ڌڪ لڳڻ کان پوءِ چوڌري ڪجهه ٿڙيو ته هن يڪدم پنهنجي پٽ کي پويان بيهاري چوڌري تي ٽيون وار ڪرڻ لاءِ سڌي ٿي ته چوڌري، بندوق جا سڌا فائر بختاور تي کولي ڇڏيا جيڪي بختاور کي سيني ۾ وڃي لڳا. بختاور ڪري پئي ڪجهه دير ۾ بختاور وڃي جام شهادت پيتو ۽ امر ٿي وئي پر اسان ۾ حق وٺڻ جي نئين جوت جاڳائي وئي.

 

(ڏھاڙي عوامي آوز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



مائي بختاور شھيد

گلاب علي

سنڌ جي پھرين ھاري عورت ھئي جنھن کي شھيد ڪيو ويو ھو مائي بختاور ذات جي لاشاري ھئي ۽ ٽالھي شھر عمرڪوٽ جي ڀر م رھائش پذير ھئي اھو ڳوٺ قادياني اسٽيٽ جو حصو ھو جنھن کي احمدي اسٽيٽ چئبو ھو

۱۹۳۰ع م سائين جي ايم سيد ڄيٺل پراسرام جمشيد نسروانجي ۽ ٻين سنڌ ھاري ڪميٽي جو ميرپورخاص ۾ بنياد رکيو ھو جنھن کان متاثر ٿي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سرڪاري ڪليڪٽري ڇڏي شموليت ڪئي ھئي. ھارين جو موقف ھو ته بٽئي جو اڌَحصو ھارين کي ڏنو وڃي ۽ تحريڪ شروع ڪئي وئي مختصر ته ۳۰ جون ۱۹۴۹ع ۾ جھڏي ۾ ھاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنھن ۾ ھزارين مرد شرڪت لاءِ ھليا ويا. پويان ڪڻڪ جي ديري تي مائي بختاور ۽ ھڪ پيرسن شخص پنئي لاشاري کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. ڪانفرنس جي آخري ڏينھن ۲۲ جون ۱۹۴۹ع تي خبر پھتي ته ڳوٺ ھئدي لاشاري ۾ پنجابي زميندارن عورت کي شھيد ڪري ڇڏيو آھي. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۲۳ جون صبح سويل واقعي واري جڳھ تي پھتو. ساڻس ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ غلام محمد ٽالپر به گڏ پھتا. خبر پئي ته ديري تي اٽڪل پنج ھزار مڻ ڪڻڪ پيل ھئي. زميندارن موقعي جو فائدو وٺي، ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مائي بختاور ساڻن اٽڪي پئي ۽ ٽيانگ کڻي جيھڙو ڪيو. سندس مزاحمت ڏسي، ظالم زميندار چوڌري سعدالله ۽ سندس مئينجر چوڌري خالد فائر ڪيا. نتيجي ۾ پنھنجي حق حلال جي ڪمائي لاءِ جيھڙو جوٽيندڙ مائي بختاور شھيد ٿي وئي.

ان دوران ڪنري جو ايس ايڇ او علي خان ابڙو ۽ ڊي ايس پي تلجارام به پھچي ويا. ھنن ڪامريڊ حيدر بخش جي موجودگي ۾ ڪيس لکيو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ جسد خاڪي روانو ڪيو ويو. کيس ساماري ۾ ڌرتي جي ھنج حوالي ڪيو ويو.

اھو ڪيس ميرپورخاص سيشن ڪورٽ ۾ ھليو. جتي ھاري ڪميٽي جو وڪيل ديوان انبارام ھو ۽ سرڪاري وڪيل خان بھادر مرزا سڪندر بيگ ھو، جنھن مائي بختاور جي حق ۾ ڪيس وڙھيو ۽ مدد ڪئي ھئي. جوابدارن جي پيروي ديوان ڏيئومل ۽ لاھور مان آيل ھڪ وڪيل ڪئي. سيشن جج شنڪرسنگھ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چوڌري سعدالله کي ۲۵ سال ۽ چوڌري خالد کي ۲۰ سال ٽيپ جي سزا ڏني. چوڌري سعدالله انوقت جي وزيرخارجه سر ظفرالله جو ڀاڻيجو به ھو. انکان بعد اپيلن مان ٻيا جوابدار آزاد ٿي ويا، مگر چوڌري سعدالله ۲۵ سال سزا ڪاٽي.

No comments:

راءِ ڏيندا