; سنڌي شخصيتون: ديدار حسين سمون - ناصر قاضي

19 August, 2013

ديدار حسين سمون - ناصر قاضي

ديدار حسين سمون
ناصر قاضي
روحن کي تازگي ڏيندڙ ڪلاڪار
آ ويندس اتي، سونھن آھي جتي
موسيقي هڪ اهڙو ميڊيم آهي، جنهن جي اظهار لاءِ هر لب گنگنائيندو آهي ۽ ويتر غزل وري موسيقيءَ جي دل آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ جا جذبا ڌڙڪندڙ آهن. جتي موسيقيءَ کي اهلِ دل ۽ باذوق ماڻهو پسند ڪري ٿو، اتي موسيقيءَ جي زبان ۾ آلاپجندڙ غزل جا مداح به ڳڻپ کان ٻاهر آهن. قديم زماني کان سنڌ موسيقي ۽ تصوف جو گهوارو رهي آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ ڏيهان ڏيهه پنهنجو پاڻ مڃايو آهي.  پر سنڌ جي سهڻي سر زمين غزل جي گائيڪيءَ جي حوالي سان به دنيا ۾ سرس ۽ سوڀاري رهي آهي ۽ ماضي توڙي هن وقت به سنڌ جا سريلا ڪلاڪار غزل جي ميڊيم کي غزل جي لوازمات پٽاندر، پوري انصاف سان ڳائين ٿا، پوءِ خواهه اهو غزل ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪهڙي به لهجي جو ڇو نه هجي.

سنڌ جي اهڙن غزل گائڪن ۾ ديدار حسين سمون پڻ پنهنجي هڪ اهم حيثيت رکي ٿو، جيتوڻيڪ غزل جي صنف ديدار حسين جي سڃاڻپ رهي آهي، پر سندس شمار سنڌ جي انهن سريلن ۽ سهڻن ڪلاڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن غزل سميت موسيقيءَ جي هر صنف جهڙوڪ: خيال، ٺمري، گيت، ترانو، ڪافي ۽ لوڪ توڙي قومي گيت کي پڻ نهايت سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي. سنڌ جي هن سهڻي غزل گائڪ ديدار حسين سمون جو تعلق ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري سان آهي ۽ کيس راڳ جو وکر ورثي ۾ مليو.
ديدار حسين ولد محمد اڪرم سمي ڳوٺ جادو ڪلهوڙو تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ۱۹۵۵ع ڌاري راڳ جي لولين وچ ۾ اک کولي. سندس ڇٽيءَ جو نالو ’غلام علي‘ رکيو ويو، سندس والد محمد اڪرم پنهنجي دؤر جو سريلو شرناءِ جو وڄتڪار ۽ ڍولڪ نواز هو. ديدار حسين جا وڏا ڀائر غلام النبي شرناءِ نواز ۽ شمس الدين طبلا نواز آهن.
غلام علي المعروف ديدار حسين ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڳوٺ ويجھو هڪ ٻئي ڳوٺ قائم الدين وڌيو ۾ پنهنجي وڏن جي مرشد سيد سڪندر علي شاهه جي عقيدت ۾ وڃي حاضريون ڀريندو هو. اتفاق سان سيد سڪندر علي شاهه به پنهنجي دؤر جو سريلو راڳي ۽ سنگيت جو ڄاڻو هو. شاهه صاحب غلام عليءَ جي مراد وندي ڏسندي دل سان کيس پنهنجو مريد ۽ شاگرد طور قبول ڪيو ۽ مٿس طريقت جو نالو ’ديدار حسين‘ رکيائين. جيڪو نالو اڄ به سندس سڃاڻپ آهي.
ديدار حسين، سيد سڪندر علي شاهه جي رهنمائيءَ ۾ راڳ جي رستي تي پير پاتو، اڳتي هلي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي ڄاڻ ۽ پروڙ لاءِ کيس طبلي سکڻ جي ضرورت پئجي وئي ۽ طبلي جي فن جي حاصلات جي لاءِ ملڪ جي مايه ناز طبله نواز استاد حاجي خان جي حضور ۾ دوداپور ضلعي جيڪب آباد ۾ وڃي حاضريون ڀريائين، جنهن کيس طبلي جي ڄاڻ سان ته نوازيو، پر اڳتي هلي ديدار حسين کي ملڪ جي ڪلاسيڪل راڳي خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي جو شاگرد پڻ ڪرايو، ان دؤران ديدار حسين جا وڏا مڪمل طور تي رتيديري ۾ اچي آباد ٿيا.
جيئن ته استاد ارباب علي خان کوسي جو تعلق جيڪب آباد سان هو، ان ڪري سندس اچڻ وڃڻ سنڌ سان گڏوگڏ بلوچستان تائين به هوندو هو، ان حوالي سان ديدار حسين به سنڌ توڙي بلوچستان ۾ ٿيندڙ محفلن ۾ پنهنجي استاد سان گڏ هوندو هو ۽ اهوئي سبب هو، جو ديدار حسين سڀ کان اول ۱۹۷۵ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا تي متعارف ٿيو، جتي هن سڀ کان پهريان پروڊيوسر بشير بلوچ جي پروڊڪشن ۾ اردو غزل ڳايو، جنهن کان ستت ئي پوءِ پي. ٽي. وي ڪوئيٽا سينٽر تي متعارف ٿيو. هيءُ پي. ٽي. وي ۽ ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا کان علاوه پاڪستان جي پنجن ئي پي. ٽي. وي سينٽرن، ريڊيو پاڪستان خيرپور، ريڊيو پاڪستان لاهور، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ ٽي. وي تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهندو آهي، پاڻ اسٽيج جو پڻ هڪ ڪامياب فنڪار آهي. توڙي جو ديدار حسين ريڊيو پاڪستان جي ڪيترين ئي اسٽيشنز، پي. ٽي. وي جي پنجن ئي سينٽرن ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي خانگي چئنلس تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، پر پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر سندس اصل سڃاڻپ رهي آهي، سندس آواز ۾ هيل تائين ڪوئيٽا ٽي.ويءَ تان ڪيترين ئي ٻولين ۾ گيت، غزل، ملي نغمه، لوڪ گيت ۽ نعتون پڻ نشر ٿي چڪا آهن.
ديدار حسين جو شمار ملڪ جي انهن فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن کي موسيقيءَ تي دسترس سان گڏ مختلف ٻولين جي به ڄاڻ سڃاڻ آهي. پاڻ سنڌيءَ کان علاوه اردو، سرائيڪي، بلوچي، براهوي، پشتو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڳائي چڪو آهي. هيءُ فن جي حوالي سان پوري پاڪستان جي هر خطي ۾ وڃي چڪو آهي ۽ ملڪ جي هر خطي ۾ وڃي، هر قسم جي مزاج جي ماڻهن کي سمجھي ڪري ڪامياب محفل مچائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. کيس سازن سان به تمام گھڻو عشق آهي، سندس استعمال جو هارمونيم، جيڪو ڏسڻ ۾ ته بلڪل نئون لڳندو آهي، پر ان هارمونيم لاءِ سندس چوڻ آهي ته هي اهو ئي هارمونيم آهي، جيڪو هن موسيقيءَ جي ارتقائي مرحلن ۾ پير پائڻ وقت خريد ڪيو هو، جنهن هارمونيم جي عمر لڳ ڀڳ ۵۰ ورهيه ٿيندي. پر اڄ به اهو هارمونيم ايڏا مٺڙا سر ڪڍندو آهي، جو وڏا وڏا موسيقار ديدار حسين جي هارمونيم جي ساراهه ڪندا آهن.
ديدار حسين سنڌ جي سڀني ڪلاسيڪي شاعرن سان گڏوگڏ سنڌ جي جديد شاعرن مقصودگل، عبدالغفار تبسم، استاد بخاري، اياز گل، ادل سومري، امان الله آس، زخمي چانڊيو، سيد سرڪار حسين شاهه ۽ ٻين جي شاعري ڳائي ۽ ڪمپوز ڪري چڪو آهي. سندس مشهور ڪلامن ۾ ”مرضي تين دلبر دي: خواجه غلام فريد“، ”هر شام به تنهنجي نانءِ ڪيم“، ”سونهن تنهنجي ڏسي سوچ سجدو ڪيو“، ”ملڻ وارا رسين ڇوٿو“، ”جاني ملي ته مان جيان جيان“، ”ساڏڙي ويڙهي وسدا يار“، ”زندگي ٻن ڏينهن جي مهلت آ“، ”دل ۾ اڄ رات تنهنجي ياد وري آ شايد“، ”آءُ ويندس اتي سونهن آهي جتي“ قابل ذڪر آهن. ديدار حسين هڪ سهڻي ڪلاڪار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ڪمپوزر پڻ آهي ۽ هن سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ اردو جي به ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ کي ڪمپوز ڪري ميڊيا تائين پڻ رسايو آهي، سندس آواز ۾ ڳايل اردو غزل پڻ تمام گھڻا مقبول ٿي چڪا آهن.

ديدار حسين جو فن پاڻ تائين محدود نه آهي، هو پنهنجي فن جي ورثي جا وارث پنهنجي پٽن، نئين نسل جي نامياري نوجوان فنڪار ماسٽر فتح علي، امانت علي ۽ سلامت علي جي روپ ۾ تخليق ڪري چڪو آهي، ديدار حسين اڄڪلهه سکر ۾ رهائش پذير آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا