; سنڌي شخصيتون: حڪيم هاليپوٽو - سامي ميمڻ

13 August, 2013

حڪيم هاليپوٽو - سامي ميمڻ

حڪيم هاليپوٽو
سامي ميمڻ
علم، عمل ۽ ڏاهپ اهڙي ماڻهوءَ وٽ هوندي وڏو فخر محسوس ڪندا آهن، جيڪو کين وڏي عزت ۽ اهميت سان سينگاري ٺاهي پنهنجي قوم ۽ وطن جي نصيب کي سنوارڻ لاءِ صحيح ۽ وقتائتو استعمال ڪندو آهي. اهڙي عمل کانپوءِ تبديلي اڻٽر ٿي پوندي آهي. پوءِ ته جهرجهنگ ۾ چنگ به انقلابي سُر وکيريندا آهن، ڌنارن جون جهونگاريل وايون به جنگ جا طبل وڄائينديون آهن ۽ چوڌاري نڌڻڪو ۽ بي واهو بڻيل پورهيت ماڻهو ظلم خلاف وِهه جو ڍڪ ۽ لُڪن ۾ رُڪ بڻجي ويندا آهن.

بدين جي رڻ پٽ ۾ جنم وٺندڙ حڪيم هاليپوٽو به اهڙو ئي عملي ماڻهو هو. هو رڳو نالي جو حڪيم نه هو، پر ڄاڻ، سچائي، بهادري ۽ ڏاهپ جو به حڪيم هو. هن سڄي عمر سنڌ وطن ۽ پورهيت ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري ڇڏي. هو جو اندر ۾ سچو پچو حقيقي انقلابي ماڻهو هو. لطيف، اياز، منشي، فيض سميت هر وطن دوست شاعر سميت لينن، مارڪس ۽ پليجو جي عمل ۽ ڏاهپ سندن نس نس ۾ سمايل هو، هن وڏن ليڊرن جيان مٿان کان سياست شروع نه ڪئي، سندس نظريي، سوچ ۽ سياست جو پهريون محور سندس گهر، ٻار ۽ ٻچا هئا، پوءِ پاڙو ۽ سڄو ڳوٺ سندس سياست جو اول ۽ آخر هو. هر جدوجهد جي جي اڳين صفن ۾ سندس نياڻيون ۽ مٽ مائٽ پڻ هوندا هئا. هن پهريون ڏينهن سنڌ جي خوشحالي، پارٽي سان محبت ۽ وفاداري ڪندي آخر پساهه تائين سنڌ لاءِ موت بڻيل ڪالاباغ ديم خلاف ويڙهه ڪندي گذاري. نالي ۽ شهرت کان پاسيرو حڪيم هاليپوٽو سدائين ليڊر شپ جي پوئين صفن ۾ هوندو هو، پر ڪارڪن بڻجي پارٽي جي حڪم جي پوئيواري لاءِ سڀ کان اڳين صفن ۾ بيٺل نظر آيو.
ڪراچي جهڙو قهري شهر هجي يا محبتن جو امين ٺٽو شهر، سدائين ڊوڙ ۾، ڪڏهن ميٽنگ، ڪڏهن جلسو، ڪڏهن پريس ڪانفرنس، ڪڏهن سيمينار ۾، ڪڏهن لانگ مارچ ته ڪڏهن جلوس ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندڙ حڪيم هاليپوٽو دل جي بيوفائي جو نشانو بڻجي اسان کان اوچتو ڌار ٿي ويو. سندس وڇوڙو هڪڙي حڪيم هاليپوٽو جو جسماني وڇوڙو ڪونهي، هو پنهنجي ذات ۾ پيار، امن ۽ آجپو هو، علم، عقل ۽ ڏاهپ هو، سونهن ۽ سرهاڻ هو، نظريو، پارٽي ۽ انقلاب هو، هو اسان جي هٿن مان ائين موت هٿان کنڀجي ويو، جيئن ٻار جي هٿ مان سرڻ مٺو لولو لامارو ڏئي کسي ويندي آهي. اڄ اسان پنهنجي وفادار ساٿي جي وڇوڙي تي روئي به نٿا سگهون، ڏک ۽ ڍڪون ڏئي پار به نٿا ڪڍي سگهيون، هو چوندو هو ته انقلابي ماڻهو عوام ۽ وطن جي آزادي، امن ۽ آجپي لاءِ پنهنجا سمورا ذاتي سک، لذتون ۽ خوشيون ڇڏي ان ڏينهن ئي مري ويندو آهي. جڏهن وطن لاءِ لالچ، لوڀ ۽ ڪروڌ ڇڏي ڏيندو آهي. اسان کي هڪٻئي لاءِ روئڻ بدران سچائي جو ثبوت ڏيندي سندس واٽ تي ايمانداري ۽ بهادري سان هلڻ گهرجي.
اڄ الاءِ ڇو هن جون سموريون ڳالهيون، قول، شاعري ۽ دليل اکين اڳيان اچي بيٺا آهن، سندس تقريرون ڪنن ۾ گونجن پيون، ڳالهه ڳالهه تي دليل طور لطيف جو شعر سو به اهڙو جو دل ۽ دماغ مان ٺڪاءُ ڪڍي ڇڏي. ڀاڳ واري آهي اها پارٽي جنهن وٽ حڪيم هاليپوٽو جهڙا سچا، ايماندار ۽ سر گهوريندڙ ڪارڪن آهن، جس لهڻي ها پارٽي جنهن حڪيم ڪارڪن ۽ اڳواڻ تيار ڪيا. حڪيم هاليپوٽو عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هو ۽ هاڻ مرڪزي نائب صدر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو.
حڪيم هاليپوٽو سان ڪيتريون رهاڻيون رهيون، ڪيترا ئي بحث ٿيا، هن هميشه مون کي آٿت ڏني، همٿايو ۽ سنگت اڳيان تعريف ڪئي. يقين ڪريو ته حڪيم جي تعريف کان وڏو ڪو به سرٽيفڪيٽ مون وٽ ڪونهي. اڄ هنن ڏکن وارن لمحن ۾ اکيون لڙڪن سان ڀريل هوندي به آئون پاڻ کي خوش نصيب ماڻهو سمجهان ٿو، جنهن کي حڪيم شاباس ڏيندي تلقين ڪئي ته سنڌ وطن لاءِ ڪڏهن به ويسلو نه ٿجانءِ.
سائين حڪيم تون اسان ڪارڪنن ۽ ساٿين کي هيئن اڪيلو ڇڏي ويندي مون ڪڏهن سوچيو به نه هو، ماڻهو ماءُ پيءُ ۽ اولاد جي مرڻ جو ڏک ته سهسائي وڃي ٿو، پر روحاني، نظرياتي ۽ سوچن کي تبديل ڪندڙ حڪيم جهڙن ابن ڏاڏن، استادن ۽ اڳواڻن کي وسارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
بدين ۾ ڪارڪنن لاءِ سياسي بڙ جي وڻ جهڙي گهاٽي ڇانوَ بڻيل شهيد فاضل راهو کانپوءِ ڪارڪنن جي شفقت ۽ پيار جي علامت بڻيل حڪيم هاليپوٽو جو وڇوڙ ڏاڍو ڏکيو برداشت ٿيندو. آئون کيس سرخ سلام پيش ڪريان ٿو، سندس واٽ تي هلڻ جو وچن ڪريان ٿو، پنهنجي سنڌ وطن ۽ پورهيت ماڻهن جي حقن لاءِ وس پڄندي ويڙهه جاري رکڻ جو عزم ڪريان ٿو، شايد پنهنجي پيارن جي پيرن جي خاڪ بڻجي پئون، شل سندس اميدن تي پورا لهي سگهون، شل پنهنجي حيات جا ڪي پل حڪيم هاليپوٽو جهڙا ملي ويون ته نصيب ٺهي پوي.


No comments:

راءِ ڏيندا