; سنڌي شخصيتون: ظفر ڪاظمي - دارا ابڙو

13 August, 2013

ظفر ڪاظمي - دارا ابڙو

ظفر ڪاظمي
ناميارو چترڪار
دارا ابڙو
جنوريءَ جي ۱۲ تاريخ صبح جا ۶ ٿيا هئا، فون جي گهنٽي وڳي. خبر نه آهي ته ڇو مون کي اُن وقت فون جي گهنٽيءَ جو آواز، ڪنهن اڻ وڻندڙ انديشي جي آمد ۽ ڪنهن وڏيءَ پيڙا جي پرُوڙ جو پيغام پئي لڳو! رسيور ڪن تي رکي خاموشيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳس. ٻئي طرف کان آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي پُٽَ زاهد دارا (جانيءَ) جو آواز آيو: ”بابا...“ مون جواب ۾ هڪدم وراڻيو: ”جاني! مٺا... خير ته آهي؟“ ڀريل آواز ۾ وراڻيائين: ”بابا... سائين ڪاظمي صاحب جن پيالو پي ويا... اوهان هينئر ئي سندن گهر پهچو.“ مون کيس دلداري ڏيندي چيو ته: ”اوهان فڪر نه ڪريو... آءٌ هينئر ئي نڪران پيو.“ فون بند ڪري فليٽ مان نڪري، رڪشا وٺي يار جي آخري ديدار لاءِ سنڌ ميوزيم ڏانهن روانو ٿي ويس.

ذهن ۾ بيشمار خيالن جو واچوڙو ڦرڻ لڳو. تقريباً اڌ صديءَ جي پياري يار ۽ سنڌ جي نامياري چترڪار ظفر ڪاظمي جي شخصيت ۽ فن سان ڳنڍلي دلپذير يادن جو اڻ کٽ سلسلو فلم جي هڪ هڪ فريم جيئن اکين جي اڳيان گهمڻ لڳو. خيالن ۾ گهيريل هوس ته اوچتو رڪشا بيٺي. ”گهر اچي ويو،“ رڪشا ۾ مون سان گڏ ويٺل منهنجيءَ وائيف جي آواز تي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو ۽ ظفر تصور ۾ مون وٽ اچي هڪ دفعو ٻيهر جدا ٿي ويو!
ظفر سان منهنجي تازي ملاقات بنهه ٻه ڏينهن اڳ ٿي هئي. هميشه وانگر وڏي اُتساهه سان مليو ۽ گهڻيءَ دير تائين اِشارن ۾ ڳالهيون ٿينديون رهيون. سندس اشارن جي انداز مان چڱيءَ ريت سمجهي پيو سگهان ته ڇا چئي رهيو آهي. سندس اظهار جو انداز صاف ۽ چٽيءَ طرح سفر جي ”آخري منزل“ جو اشارو پئي لڳو. گهڻيءَ تڪليف جي باوجود به پاڻ ڏاڍو باهمت ۽ آسوَند پئي نظر آيو.
ظفر سان منهنجي ويجهڙائيءَ ۶۰ جي ڏهاڪي دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي، جتي (انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن اولڊ ڪئمپس) ۾ اسان ٻئي نوڪري ڪري رهيا هئاسون. ان کان اڳ ڪاظمي صاحب جا ٺاهيل چتر سنڌي ادب جي ٻن نالي وارن ادبي رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ ۾ ڏسي چڪو هوس، سندس ڪم، خاص طرح سان ”چونڊيل موضوعن“ کان تمام گهڻو متاثر هوس، سندس ڪم ڪرڻ جو دائرو ايترو ته وسيع هو جيتري سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ! (جيڪا اڄ ڪلهه عام جي ذهنن مان تيزيءَ سان ميساربي پئي وڃي.) ظفر جڏهن سنڌ جي ثقافت کي پنهنجي فن ۾ چٽڻ جو عزم ڪندي لطيف جي ڪردارن ۽ ٻهراڙيءَ جي روزمره واري زندگيءَ کي ڪئنواس تي محفوظ ڪرڻ جي شروعات ڪئي، تڏهن نج سنڌي روايتون ۽ رسمون ڄڻ هٿن مان نڪرنديون پئي ويون. مثلاً صدين کان وٺي سون نديءَ مان مليل معاشري جون ريتون رسمون، اُٿڻيون ويهڻيون، سهرا، گيت ۽ لاڏا، سگهڙن جا سخن، پهاڪا پروليون، ڪچهريون ۽ مارڪا، ميلا ۽ ملاکڙا، دُهل ۽ ڌمالون.
اُن دؤر ۾ به ظفر جي ڪم مان مون کي پوري يقين سان لڳو پئي ته سندس هٿن ۾ جهليل برش ۽ رنگن جي پليٽ جو کليءَ طرح اعلان هو سنڌ جي هر ثقافتي شيءِ کي هميشه لاءِ پنهنجي ڪلا ۾محفوظ ڪري ايندڙ پيڙهين کي سندن سڃاڻپ ڪرائڻ جو.
ظفر ذهين چترڪار هو هتي جي سادن سودن ماڻهن جو، ٿر جي ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن جو، ڌنارن ميهارن ۽ ٻڪرارن جو، جيڪي روز سج اُڀرئي کان وٺي سانجهيءَ تائين پنهنجو مالڙو ڪاهي جهنگ جو رُخ ڪندا آهن. پوءِ سڄو ڏينهن لسيءَ لپ ۽ جوئر ڍوڍي تي غاريبو گذران ڪندي، ليَن ۽ لاڻين، ٻيرن ٻٻرن ۽ گهاٽن کٻڙن جي ڇانون ۾ ويهي مال جي ڳچيءَ ۾ٻڌل چَڙن ۽ ٽَلين جي سُريلن آوازن سان سُرُ ملائي لطيف سائينءَ جا بيت ۽ ڪافيون جهونگاريندا رهندا آهن، ته ڪڏهن وري جهنگ جي پکين- چانهه، چيهن، تترن، تلورن ۽ ڳيرن جي ڳُٽڪارن يا ڪوئل جي من موهيندڙ ڪوڪن تي بانسري، بوڙينڊي ۽ نڙ پاون جي پڪار ۽ چنگ جي چُونگار سان جهر جهنگ جي ماٺيڻي ماحول کي مست بڻائي ڇڏيندا آهن.
ٻئي طرف ظفر کي نظر پيا اچن ميلن ملاکڙن ۾ پينگهن جا منظر ۽ ٻارڙن جون چوڏيلن جي رينگٽن تي رڙيون. پري کان شرناءِ جي سُرن سان گڏ دهل جي ڊرنبڪ واري ڏونڪي تي ملهن جا جوڙا هڪ ٻئي کي سندرا پيا ٻڌن. چوڌاري ملاکڙو ڏسڻ جا شوقين نصرپور جي کيسن ۽ ٿر جي ڏاسن جي کٿن سان ڪانڀ ڪڍي ويٺل، ته ٻيا وري ڪلهن تي هٿ رکي يا هڪ ٻئي جي چيلهن ۾ ڀاڪر وجهي ميدان ۾ لٿل ملهن کي شابس پيا ڏين ۽ ڪرسين تي ويٺل ڪامورا ۽ وڏيرا کٽيندڙ ملهن تي انعام طور نوٽ پيا گهورين. ملهه به وڏيرن ۽ صاحبن جي اڳيان گوڏا کوڙي هٿ وڌائي نوٽ وٺي سلام ڪري سڄي ميدان ۾ نچندا ڪُڏندا نظر پيا اچن.
اچو ته ڏسون ظفر ڪاظميءَ جي چترن ۾ درويشن جي درگاهن تي پري پري کان آيل پانڌيئڙن جا ويس وڳا... مٿي تي ٻڌل پٽڪن جا مختلف ڀير، پيرن ۾ ڀرت ڀريل رينگٽن واري جُتي سان وڏن قدمن جي لچڪدار لوڏ تي محبوب جي هٿن جا هُرمچي ڀريل تُرن جا تجلا، کاڌيءَ جون کسي ڳلي واريون قميصون، وَرَ کنجيل وڏيونگهيردار سلوارون، ڳچيءَ ۾ ڳانا، ڪنٺا تعويذ ۽ سڳڙا، ڪولابن وارن هٿن ۾ چمڙو چڙهيل نيٽَ جا لڪڻ، چاپئيون ڏاڙهيون، مُڇون مروٽيل، شهپر شهتير، ڪنن ۾ سون چانديءَ جون ڪيوٽيون، ڪلهن تي ڦلڙيءَ وارن اجرڪن جا بوڇڻ،چيلهه تي ٻڌل لُنگين جا سندرا. ائين پيا لڳن ڄڻ موهن ۽ ڪاهوءَ جي دڙي وارا ساڳيا ملوڪ ماڻهو اچي اسان سان مليا هجن ۽ گڏ کلي کائين پيا پيڙا ۽ برفيون، ڳنڍا ۽ قلفيون، سڱر ۽ پڪوڙا، توت ۽ ڀڳڙا، وڙا ۽ لائي، شربت جي ڀريل گلاسن سان.
رات اچي وئي مچ مچي ويا
سگهڙ ۽ سازيندا به اچي ويا
لطيف سائينءَ جا بيت ۽ وايون
الڻ فقير جي الله هُو
سڀ ڪو چوي حق تُو هي تُو
آيو مصري خان جمالي
الغوزي تي سُڻ ڪوهياري
الڻ فقير جي الله هُو
سڀ ڪو چوي حق تُو هي توُ
ظفر جي هر تصوير هڪ پيغام، هڪ آس، هڪ خوشي ۽ ڪيترن ئي اُٿندڙ اُڌمن، بيشمار جذبن ۽ اڻ کٽ اميدن سان ڀريل رنگن جي راند هئي، جيڪا يار ويهي کيڏندو هو وهندڙ واهن ۾ پَر پُسائي کنڀڙا کولي خوش ٿي ڪڏندڙ ڪٻرين، ڪانون، طوطن سان پر پکيڙيل مورن سان، جهمر پائيندي جهرڪين سان. هو پينٽ ڪندو هو کڏن کامن کي، اُترپار کان ايندڙ ميگهه ملهارن، ڪارن ڪڪرن، وڏڦڙي تي ٿر جي ڀِٽن کي، هن جي مصوري ڄڻ سنڌ جي فطرت جي شاعري هوندي هئي. ”ڪري قطارون نڪتيون ناريون“، جهڙ ڦڙ جهڙ ڦڙ جهمريون پائي، نيلا پيلا ويس مٽائي، گهاگهر گهڙي کي چيلهه تي چاڙهي، چُني چادر کي چڪڙو پائي، چوڙي واري ٻانهن لوڏائي، گيت خوشيءَ جا هر هر ڳائي، حُسن هليو آ ميگهه ملهائي.
جِي ها!... ظفر جو رنگن ۽ برشن جي مدد سان ٿر جي ماروئڙن جي آسن ۽ اُميدن، اُمنگن ۽ جذبن کي اظهارڻ وارو انداز ڪيترو نه حسين ۽ دلفريب آهي!
لاکيڻي لطيف سائينءَ جون سورميون ظفر جي تصويرن جا خاص ڪردار رهيا آهن. ظفر انهن کي شاهه جي ورقن مان کڻي بيتن ۽ واين مان وٺي رنگ رهائش جا ڏئي، روپ وفائن جا ڪتي، ڪامياب ڪوشش ڪئي محب ملائڻ جي، هُن پار هلي پهچائڻ جي
ڏسو ڪينجهر ڪناري، ڪنول کلائي
ملي نوري، ڄام تماچي سان
گڏ کِکين سندي کاريءَ سان
سُهِڻي محب ملڻ لاءِ ماندي آ
جنهن ميهر سان لئون لاتي آ
کڻي گهڙو سا ٻانهُن ۾
وچ سير ملڻ لئه آتي آ
---
وٽ سوريندي لهاويم تيل ٻَري
موٽ مسافر سُپرين چانگي تي چڙهي
راڻي لاءِ رڙي ويئي وهامي راتڙي
(شاهه)
ظفر سنڌ جي نينگرين جي لباسن کي پنهنجي فنپارن ۾ خاص جڳهه ڏني آهي. هن، سندن لٽن ڪپڙن کي انڊلٺ مان  شوخ ۽ نکريل نيرا پيلا ڳاڙها ۽ ساوا رنگ کڻي سينگاريو آهي. ململ جي چُنيءَ، چڪني جا چولا، سوسيءَ جون سلوارون کڏي کڌڙ جا گهيردار گهگهرا تن تي ڪاون واري هلڪي هُرمچي ڪوڏين موتين، زريدار پلڙن ۽ پٽ ريشم جون ڀرت ڀريل ڊزائنون چِٽيون آهن. ظفر ئي آهي تن جو سونار وينجهار- سينگاري ٿو تن کي جيئن لڳن من موهڻيون. نڪن ۾ تني جي نٿ، لونگ، ڪوڪا يا بئنسر ۽ بولا، ڳچين ۾ تن جي هس هار دُهريون چندن هار چوپڪليون گلوبند ۽ ڪٺمال. ٻانهن ۾ ڪنگڻ ۽ وٽ دار چورا. هٿن ۾ ويڙهه، ميناڪاريءَ واريون منڊيون ۽ چانديءَ جا ڇن ڇن ڪندڙ ڇلا. پيرن ۾ پٽيون ڪڙا ۽ ٽوڙها. ظفر پنهنجي تصويرن ۾ انهن سڀني زيورن جو دل کولي موقعي مهل سان استعمال پئي ڪيو آهي. زيورن جي جوڙجڪ ۽ انهن جي مٿان رنگين ٻُڙن جو جڙاءُ، هن جي مصوريءَ ۾ ميناڪاريءَ جو ڪم وڏيءَ خوبصورتي ۽ پختگي سان ٿيل آهي.
انهن خوبصورت روايتي زيورن جي استعمال جو رواج صدين کان وٺي سنڌ جي عورتن جي سونهن سوڀيا پئي رهيو آهي، پر موجوده دور ۾ انهن زيورن جي پائڻ جو رواج تيزيءَ سان گهٽبو پيو وڃي. لڳي ٿو ته ڪجهه عرصي کان  پوءِ اهي روايتي سنڌي ويس وڳا ۽ ڳهه ڳٽا اسان فقط ڪاظمي صاحب جي چِٽيل چترن ۾ ئي ڏسي سگهنداسون، جيڪي هو اسان لاءِ پنهنجي مصوريءَ ۾ محفوظ ڪري ويو آهي. سچ ته هيءُ آهي ته سنڌ ميوزم جو اصل بانيڪار به ڪاظمي صاحب پاڻ آهي. سڄي حياتي اُن کي سجائڻ ۽ سينگارڻ ۾ صرف ڪيائين، جتي سندس سالن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ سخت محنت سان ڪيل ڪم موجود آهي. سنڌ جي مختلف آرٽ گئلريز ۽ عجائب گهرن ۾- جن ۾ خاص طرح سان قابل ذڪر ”ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر“ آهي- جتي سندس تصويرن سان گڏ ”Diorama“ پڻ رکيل آهن، جيڪي سندس فن ۽ صلاحيتن جا بيمثال ۽ نادر نمونا آهن، لطيف سائينءَ جي بيتن تي ٺهيل انهن سورمين جا من موهيندڙ الڳ الڳ انداز ڏسندڙن کي حيران ۽ مسرور ڪرڻ لاءِ هر وقت منتظر آهن.
ساڳيءَ ريت ان کان به وڌيڪ سندس ڪيل ڪم حيدرآباد جي ”سنڌ پراونشل ميوزم“ ۾ موجود آهي، جتي ڪاظمي صاحب ڊگهي عرصي تائين ڊائريڪٽر جا فرائض انجام ڏيندو رهيو. محدود سرڪاري وسيلن جي باوجود به هن عجائب گهر جي آرٽ گئلري ۾ ڏيکاريل ثقافتي ورثو جنهن ۾ سنڌ جي پورهيت طبقي جا ڪم ڪاريون، زندگي گذارڻ جا ڍنگ، ٻارڙن جو رانديون رونديون، عورتن جا ويس وڳا، زيورن جا مختلف نمونا ۽ انهن جي پائڻ جا الڳ الڳ انداز ڏيکاريل آهن. سنڌ جي ثقافتي ورثي جو وسريل خزانو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گڏ ڪري ميوزم ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. ظفر جي ڪيل انهيءَ مثالي ۽ تاريخي ڪم کي اسان ڪڏهن به وساري ڪونه سگهنداسون، ڇو ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي صدين کان  پاتال ۾ پيل پاڙُن جي پروڙ ۽ ورثي جو وچور ڪاظمي صاحب جي ئي هن ڪيل ڪارنامن مان ڏيکاري سگهون ٿا. ظفر جي وڇوڙي کان پوءِ مهراڻ جي ماڻهن جي هٿن مان هي ٽيون اُملهه موتي ڇڏائي عميق ۾ هليو ويو آهي. هن کان اڳ سائين ع ق شيخ صاحب ۽ علي اڪبر سومرو سدا لاءِ جدا ٿي ويا آهن پر سندن ياد اسان جي آسپاس، دلين جي ويجهو ۽ ذهنن ۾ هميشه قائم آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا