غازي عبدالقيوم پٺاڻ
ميوا شاه قبرستان جو هڪ
نه وسرندڙ واقعو
عظيم سنڌي
هوُ هزاره جو پٺاڻ هو. گهمندو ڦرندو روزگار سانگي ڪراچي پهتو. ٽانگو هلائي،
پنهنجو گذر سفر ڪندڙ، اڳتي هلي غازي به بڻجي ويو ته شهيد به. کيس آخري گهر ميوا شاهه
قبرستان ۾، ميوو شاهه جي پيرانديءَ ۾ نصيب ٿيو. ميوا شاهه اهو لياريءَ جو تاريخي مقام،
جتي سنڌ جون الائي ڪيتريون نانءَ ڳڻيون علمي ادبي سياسي شخصيتون ابدي آرام ۾ آهن، هن
ئي مقام ۾ سنڌ سان غداري ڪندڙن جو نڪ ڪپيندڙ سنڌ جو ارڏو ڪردار قادر مڪراني به آرامي
آهي جنهن تي ”جاڳ اٺا انسان“ فلم به ٺهي.
۱۹ مارچ ۱۹۳۵ع جو ڏينهن، لياري واسين لاءِ ان ڪري به اهم آهي جو جتي ڪڪري گرائونڊ ۾ بينظير جي شادي ٿي هئي، اتي
ان ئي ڏينهن تي، ان هزاره جي پٺاڻ عبدالقيوم غازي جي ميت واري جلوس ۾ هزارن جي انگ
۾ شامل ٿيندڙن تي گولي هلي، جنهن ۾ ۶۴
ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
سال ۱۹۳۳ع ۾ آريا سماج جي سيڪريٽري نٿورام جو هڪ ڪتاب، تاريخ
اسلام شايع ٿيو. جنهن تي مسلمانن اعتراض ڪيو ته هن ڪتاب ۾ رسول ڪريم ﷺ جن جي شان ۾
گستاخي ٿيل آهي. شيخ عبدالمجيد ۽ ٻين مسلمانن نٿورام تي ڪيس داخل ڪيو. ڪورٽ ڪتاب جون
جملي ڪاپيون ضبط ڪري نٿورام کي هڪ سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي. هن، فيصلي خلاف جڊيشل
ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. مارچ ۱۹۳۴ع
۾، ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي جا حڪم جاري ڪيا. ٻڌڻيءَ دوران هندن ۽ مسلمانن جو وڏو انگ ڪورٽ
۾ موجود هوندي، ان هزاره جي پٺاڻ عبدالقيوم، ڀريءَ ڪورٽ ۾ ججن جي موجودگيءَ ۾ نٿورام
تي خنجر جا وار ڪري، کيس قتل ڪري ڇڏيو.
عبدالقيوم گرفتار ٿيو. ان وقت جي تمام وڏي وڪيل بئريسٽر اسلم، جڊيشل ڪمشنري
جي ٻنهي شاهدن طور پيش ٿيل ججن تي اعتراض ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مقدمو، سيشن جج
ڪراچي جي عدالت ۾ آيو. عبدالقيوم قتل جو اقرار ڪندي، بيان ۾ چيو؛ ”جونا مسجد ۾ جمعي
جي نماز دوران، نٿورام جي ڪتاب ۽ ڪيس بابت معلومات ملي. مولوي صاحب تمام مسلمانن کي
غيرت ڏياري. جنهن تي آ بازار مان خنجر وٺي، شنوائيءَ واري ڏينهن عدالت ۾ آيس. مون
برابر نٿورام کي قتل ڪيو آهي.“
عدالت، عبدالقيوم کي موت جي سزا ٻڌائي. وڪيل صاحب هن کي بچائڻ جي ڏاڍي
ڪوشش ڪئي ته موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ٿئي. بئريسٽر اسلم، مسلمانن جو هڪ وفد علامه
اقبال ڏانهن به موڪليو ته گورنر کي رحم جي اپيل به ڪئي. ٿيو ڪجهه به نه. عبدالقيوم
کي ڪراچي جيل اندر، ڦاسي ڏئي، غلام رسول قادريءَ کان جنازي نماز پڙهائي، ميت ميوا شاهه
قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. مسلمانن، نٿوم رام گستاخ رسول جي قاتل کي، شهيد سمجهي قبر مان
لاش ڪڍي، ٻيهر جنازي ۽ غسل لاءِ هزارن جي جلوس ۾ نيو پئي ويو ته ڪڪري گرائونڊ وٽ سرڪار
جلوس کي پهرين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ناڪاميءَ سبب، سڌيون گوليون هلايون ويون. جنهن ۾ ۶۴ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. هي
واقعو ۱۹ مارچ
۱۹۳۵ع ۾ ٿيو. هندو مسلمان فسادن جي پيڙهه جو پٿر، هن واقعي
کي چئجي ته وڌاءِ نه ٿيندو. ائين پوءِ هندو مسلمان فساد وڌندا وڌندا وڃي ان حد تائين
پهتا جو مسلمان ۽ هندو گڏ رهي نه سگهيا ۽ مسلمان ليڊرن اڳتي هلي پاڪستان حاصل ڪرڻ
۾ ڪاميابي ماڻي. غازي عبدالقيوم کي نٿورام قتل ڪرڻ جو جوش، هڪ مسجد جي خطيب ڏياريو.
جنهن جو اعتراف ڪورٽ ۾، غازي عبدالقيوم پاڻ ڪيو؛ ”آ جونا مسجد ۾ نماز جمع ادا ڪرڻ
لاءِ ويس ته مولوي صاحب نٿو رام گستاخ رسول لاءِ تمام گهڻي ڪاوڙ ۽ جوش ڏياريندي اهو
چيو ته آهي ڪو غيرتمند مسلمان، نبيءَ سان محبت ڪرڻ وارو! رسول ڪريم ﷺ جو سچو امتي،
اٿي ۽ کيس قتل ڪري.“ مون کي تمام گهڻو جوش آيو ۽ مون پڪو پهه ڪيو ته آ هن کي قتل ڪندس.
ان لاءِ بازار مان خنجر خريد ڪري، کيس ڪورٽ اندر وار ڪري قتل ڪيو آهي. کيس ڦاسي جي
سزا آئي ۽ هو غازيءَ مان شهيد بڻجي ويو. ڪراچي جي گهڻن چوراهن تي اڄ به سندس تصوير
لڳل نظر ايندي.
No comments:
راءِ ڏيندا