استاد انورالدين جتوئي
مشھور نعت خوان
در محمد ڪمال
استاد انورالدين جتوئي نعت مصطفىﷺ پڙهندو هو ته انور ۽ انوار بابت منهنجو
تصور، انتهائي پختو ٿيو. ساڻس پهرين ملاقات کان اڳ، استاد حافظ محمد بخش ڳالهيون ڪندو
هو ته رئيس سيف الدين خان جتوئي راڳ جو ڏاڍو ڄاڻو آهي ۽ اھو چوندو آھي ته راڳ جي اها
محفل، جنهن ۾ استاد انور جتوئي ڳائي، اها رنگ ئي پنهنجو ڇڏيندي هئي. حافظ صاحب سان
گڏجي رئيس سيف الدين جتوئي جي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جڏهن ويس ته حافظ صاحب رئيس سيف
الدين جتوئي بابت پڇا ڪئي ته خبر پئي، ته سيف الدين جتوئي ٺٽي پنهنجي زمين تي ويو آهي
۽ استاد انور جتوئي به سُنگ سميت ساڻس گڏ ويو آهي. ائين استاد انورالدين سان ملاقات
جو شوق رهيو. ٻارهين ربيع الاول تي درگاهه مشوري شريف ۾ ميلاد جي جلسي دوران نعت خوان
نعتون پڙهندا رهيا، اوچتو اعلان ٿيو ته هاڻي استاد انورالدين جتوئي حضور سرور ڪائنات
ﷺ جي شان ۾ نعت شريف پڙهندو. ٻيا سڀ نعت خوان ڍڪيل مٿي سان نعت پڙهندا رهيا، پر استاد
انور الدين جتوئي مٿي تي هٿ جو نيرو رومال ٻڌي نعت پڙهڻ آيو.
هن صاحب نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ راڳ ڀوپالي ۾ جڏهن نعت پڙهي، ته اسٽيج کان
وٺي سڄي پنڊال کي رئاڙي ڇڏيو. وڌيڪ سرائيڪي ۽ سنڌي جون ٻه نعتون چئي واپس وريو ته ڪيترن
ئي ماڻهن سندس هٿ چميا. اها پهرين ملاقات هئي ۽ ٻي ملاقات منهنجي سرڪاري بنگلي تي حافظ
سائينءَ سان گڏ اچڻ وقت ٿي، جڏهن اهي انجنيئر جلال الدين هيسباڻي وٽ ٿيل محفل تان موٽيا
هئا. مون چيومانس؛ ”حافظ صاحب جي واتان توهان جو غائبانه تعارف ته هو، پر پهرين ملاقات
درگاهه شريف تي نعت پڙهڻ وقت ٿي، توهان کي راڳداريءَ جي وڏي ڄاڻ آهي.“ کانئس اڳ بهاولپور
جي نعت خوان به ايمن ڪلياڻ ۾ ڪلاسيڪل انگن سان ٽمٽار نعت پڙهي هئي، جنهن جي ڄميل رنگ
تي توهان جو ڀوپالي راڳ ڇانئجي ويو هو. مون کي چيائين ته؛ ”تون ڊائريڪٽر انفارميشن
آهين يا راڳ جو ڄاڻو؟“
چيومانس:
”ڪڏهن
ڪو نه ٿيوم، آسارو تنهن عشق جو،
محبوبن
منٿون ڪري، سڪڻ سيکاريوم،
تنهان
پوءِ ٿيوم، پسڻ روز پرينءَ جو.
استاد حافظ محمد بخش جي منٿن سان توهان سان ملاقات ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ اڄ
مان بخت وارو آهيان، جو محبوب ڪريم جو نعت خوان انور، انوار مصطفى ڳائي رهيو آهي.“
مان ڳوٺ وڃي پسارڪي دوڪان تي ويهندو هئس، جتي فقير عبدالستار ۽ عبدالرحمان
مشوريءَ سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ رهاڻيون ٿينديون هيون. عثمان فقير جون ڪيسيٽون ٻڌندا هئاسين.
هڪڙي دفعي دڪان تي ويس ته فقير عبدالرحمان رڙ ڪري عبدالستار کي چيو؛ ”در محمد آيو آهي.
اڄ رڳو استاد انورالدين جتوئي کي ٻڌنداسين.“ ڪيسٽ شروع ٿي، راڳ ڀيم ۾ ڪلام ”تنهنجي ديدن جيڪي ڦٽيون، انهن تي پٽيون ڪير ٻڌندو...“
اهڙي نموني ٻڌايائين، جو مان
ته پاڻ روڪي نه سگهيس، پر دڪان تي ويٺل به روئي پيا. عبدالستار فقير کي به ڳوڙهن جا
نذرانه پيش ڪندي ڏٺم.
سائين انور الدين گفتي جو پڪو، ظريف، ڪشاده دل، سلڇڻو پر سڀ کان وڌيڪ
سندس ڀلو لڇڻ ڪنهن سنجيده محفل کي به کلائڻ جو فن هو. مون حميد آخوند صاحب کي چيو؛
”مارئيءَ جو ميلو لڳرائجي.“ ان وقت مان ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص هئس. سڀ کان اڳ
ميلي جي ڳالهه استاد انورالدين جتوئي ۽ استاد حافظ محمد بخش سان ڪيم. جن ميلي ۾ شرڪت
جو يقين ڏياريو. حافظ صاحب کي شعر لکڻ لاءِ چيم. تنهن ٽن صفحن تي لکيل ڊگهو شعر موڪليو،
جنهن ۾ حافظ صاحب سنڌ جي شاعرن کي مخاطب ٿيندي چيو؛ ”لکين ٿو ته ٿر جي سانگيئڙن، ماروئڙن
تي لک؛“ مان ميلي جي تيارين ۾ هئس ته استاد انوار ۽ حافظ صاحب مٺيءَ آيا ۽ مارئيءَ
جي ميلي جي آفيس ۾ اچي ڳولي لڌائون. ڏسندي ئي ڏسندي ڪريم فقير، موهن ڀڳت جا پٽ، مائي
ڀاڳيءَ جي خاندان جا ڏهه، ٻارنهن فنڪار به آيا ۽ اچڻ سان اچي ساز کوليائون. ڪريم فقير
چيو؛ ”مهمانن جو تعارف ڪرايو؟“ مون ٻڌايس؛ ”هي ٻئي استاد آهن.“ استاد محمد بخش لاءِ
چيائون؛ ”اسان جو ٻڌل آهي، باقي سائين انورالدين سان پهرين ملاقات آهي.“ تنهن تي مون
ڪريم فقير کي چيو؛ ”اها اڌ واقفيت آهي، سمورو حال احوال هي پاڻ ڏيندا.“ مون حسين فقير
کي هارمونيم ۽ مراد فقير کي ڍولڪ ملائڻ لاءِ چيو. پوءِ مون انور سائينءَ کي اڳتي اچڻ
لاءِ چيو. جنهن تي هن چيو؛ ”سائين اسان ٿري فنڪارن کي ٻڌڻ آيا آهيون.“ مون ڪريم فقير
کي چيو؛ ”توهان پنهنجي آوازن سان استادن جي آجيان ڪريو.“ ڪريم فقير، حسين فقير کي چيو؛
”ڀيروي وڄاءِ...“ ڪريم فقير ڪلام شروع ڪيو؛
”عمر مون نه وڻن، تنهنجيون
ماڙيون الا...“
ڪافي پوري ڪري، ڪريم فقير اٿي اچي منٿائو انداز ۾ استاد انورالدين جتوئيءَ
جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ راڳ ڳائڻ لاءِ چيو. استاد انورالدين جو راڳ ۽ ٿري فنڪارن جو ساٿ
ايڏو ته چوٽ چڙهيو، جو پاڙي جا ماڻهو نڪري ٻڌڻ آيا، اهڙي طرح جڏهن آڌي رات ٿي ته مون
چيو؛ ”هاڻي ماني کائو...“ ته استاد انورالدين چيو؛ ”هيترو راڳ ٻڌو ٿئي، اڃا بک اٿئي...“
چيومانس؛ ”استاد دعا ڪر ته راڳ ٻڌڻ جي بک سدائين قائم رهي. باقي پيٽ ڀرڻ جي بک ماني
کائڻ سان لهندي.“ ايتري ۾ محمد قاسم سومري ڀت جو ٿالهه ۽ لسيءَ جا گلاس اچي رکيا. مون
حافظ صاحب کي چيو؛ ”هي کير ناهي، لسي آهي.“ جنهن تي سائين انورالدين چيو؛ ”ٿريا! رات
ڏينهن لسي پيئنداسين ڇا؟“ ڪريم فقير چيو؛ ”استاد شاهه جي شاعري وسري ويئي ٿئي؛ ’پوياڙي
جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون...‘ اسان وٽ صبح شام لسي ۽ مکڻ لاءِ ولوڙا ٿيندا آهن.“ خير!
ماني کاڌيسين ۽ آرام ٿيو. صبح جو استاد انور سائين چيو؛ ”مان دعوت تي ٿو وڃان. وري
ميلي تي ملنداسين.“
سائين انورالدين هڪ اعلى انسان هو. کپري تعلقي ۾ سندس دعوت ٿي، جنهن
۾ ٻڌندڙن پنج سئو ۽ هزار رپين جا نوٽ داد طور ڏنا ۽ سائين انورالدين کي جيڪي به پئسا
مليا، اهي سازيندڙ فنڪارن کي ڏئي هٿين خالي هليو ويو. سائين محمد عرس ٻڌايو؛ ”اسي نوي
هزار مليس، جيڪي ورهائي ڇڏيائين، پر پئٽرول ڀرڻ وقت ٻه سؤ مون کان گهريائين.“ استاد
انورالدين چيو؛ ”مون انهن پئسن مان رپيو به ڪونهي کنيو.“ تنهن تي محمد عرس چيس؛ ”مان
رڳو تنهنجي محفل ۾ گهڙو وڄايان ها ته به ڏهه پندرهن هزار ڪمايان ها.“
استاد انورالدين جي بيماري جي خبر پئي ته مان فقير محمد سولنگي سان گڏ
سندس ڳوٺ ويس. خبر پئي ته ايترو بيمار هجڻ جي باوجود دوستن سان ملڻ نوان جتوئي ويو
هو. اسان سڄو شهر ڳولي ٿڪجي پياسين. همراهن چيو؛ ”اڳيان ملاح جي سبزي جو دڪان آهي،
اتي وڃي ويهو. استاد انور ڪٿي به هوندو ته اتي ضرور ايندو.“ اڌ ڪلاڪ کن سبزيءَ واري
ملاح سان ڪچهري ڪئيسين. تيسين ٽانگي ۾ اچي لٿو ۽ انهيءَ ملاح کان پڇيائين؛ ”ڪو مهمان
ته ڪو نه آيو؟“ اسان ٿورو اوٽ ۾ هئاسين ته ملاح چيس؛ ”هڪڙا ته اندر ويٺا آهن.“ بيماريءَ
باوجود تڪڙي وک ڀري اندر آيو ۽ مونکي ڏسي اوڇنگار ڏنائين ۽ چيائين؛ ”ادا دعا ڪريو ته
مون کي اها حياتي کپي، جنهن ۾ مان سچي سائين ﷺ جون نعتون ڳائي سگهان.“ اهڙيءَ طرح ٻئي
ڀيري به ساڳئي شهر ۾ ملاقات ٿي. هو ساروڻيون پيو ساريندو هو. اوچتو خبر آئي؛ ”وڃي ڪيچ
قراري، ته پنهون گڏيو پرينءَ سان.“
No comments:
راءِ ڏيندا