پروفيسر عبدالستار
ڪانڌڙو
هڪ سنڌ
دوست انسان
امداد سروري
پروفيسر سائين عبدالستار ڪانڌڙو هڪ اهڙي شخصيت هو جنهن
جي اوچتو موت تي هر دوست مون کي غريب نظر آيو، انهن جي روئندڙ اکين کي يقين ئي نٿي
آيو ته اهڙو هر وقت مرڪندڙ ۽ چمڪندڙ ستارو اوچتو ڪيئن گل ٿي ويو جو اسان کي ان سان
آخري ملاقات ڪرڻ جو موقعو به ڪونه ملي سگهيو.
حيدرآباد بورڊ جا امتحان ختم ٿيا پاڻ ٻن ڏينهن جي موڪل
کان پوءِ ڪاليج آيو. پٽيوالا ڏسن پيا ته سائين ڪانڌڙو صاحب ڪار ۾ آيو ته آهي پر ڪار
مان لهي ڇو ڪونه ٿو، جيڪو جُتي به ڪونه ٿو پائي سگهي کيس کي ڪار مان لاهي سندس آفيس
۾ ويهاريو ويو، پڇڻ تي چيائين ته مان ٺيڪ آهيان. ڪجهه دير کان پوءِ ڪجهه ڪاغذ کين صحي
ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا. پاڻ چند چالان يونيورسٽي جا صحي ڪري خاموش ويهي رهيا. دوستن محسوس
ڪيو ته سندس طبيعت ٺيڪ ڪانهي. آخرڪار پاڻ ئي شام جو فون ڪري ڊاڪٽر کي گهرايو، جنهن
سندس شگر وغيره ٽيسٽ ڪئي شام جو کيس ڪار ۾ ڊرائيور سان سن روانو ڪيو ويو. رات جو منهنجي
کين سان موبائل تي گفتگو ٿي ته پاڻ چيائون ڪا ڳالهه ڪانهي طبيعت ٺيڪ آهي.
ٻئي ڏينهن دوست نور محمد سيال کان معلوم ٿيو ته ڪانڌڙو
صاحب ڳالهائي ڪونه ٿو رڳو خاموش ويٺو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت ڪو گفتگو ڪري ٿو نه ته خاموش
آهي. آخرڪار کيس ڊاڪٽر الهه بچائي جي اسپتال ۾ حيدرآباد داخل ڪيو ويو. جتان ٽيسٽون
ڪراچي موڪليون ويون. معلوم ٿيو ته دماغ جو آپريشن ٿيندو، ٻئي ڏينهن حيدرآباد مان کين
(اين ايم آءِ) اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو. جتي رات جو اٺين بجي دماغ جو آپريشن ٿيو،
ان بعد دوستن کي مبارڪون به مليون ته آپريشن ڪامياب ٿيو آهي. پر رات جو اڍائي ٽين بجي
معلوم ٿيو ته ڪانڌڙو صاحب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو.
جنازي نماز ۾ سائين جلال محمود شاهه سان گڏ تمام گهڻو
تعداد همدردن، دوستن، شهرين ۽ مٽن مائٽن جو شامل هو.
سندس معصوم فرزند پنهنجي چاچا سان گڏ خاموش خاموش سڏڪن
۾ اکين مان لڙڪن جون قطارون هاري بابا کي ياد ڪري رهيو هو. ان معصوم اويس بابا جي معصوم
نگاهن ۾ ان وقت اسان کي ڪانڌڙو صاحب نظر اچي رهيو هو. سخت گرمي ۾ منجهند جو تدفين ٿي
سڀئي دوست، مٽ مائٽ مقام تي موجود هئا ڪي وڻن هيٺان ته ڪي اس ۾ بيٺل روئندي نظر آيا.
دعا کان پوءِ هرڪو پنهنجي پنهنجي ماڳ تي روانو ٿي ويو. اسان به سڀ دوست واپس سيوهڻ
ڪاليج پهتاسين. ڪاليج ۾ عجيب اداسي نظر آئي. ڪانڌڙو صاحب ته ڪونه موٽندو پر اسان جون
اکيون ۽ ڪانڌڙي صاحب سان گڏ گذاريل خوبصورت يادون سيوهڻ ڪاليج ۾ هر وقت ڪانڌڙي صاحب
کي ڳولينديون رهنديون ته ڪڏهن ٿو ڪاليج اچي.
پاڻ شروعاتي تعليم سن ۾ حاصل ڪيائون. سنڌ يونيورسٽي
مان ماسٽر ڊگري ڪري ۱۹۹۰ع ۾ گورنمينٽ استاد بخاري
ڪاليج دادو ۾ ليڪچرر مقرر ٿيا، اتان ۱۹۹۳ع
۾ سيوهڻ ڪاليج آيا، پاڻ وقت تي ڪاليج پهچڻ وارن مان هئا، شاگردن کي پنهنجي قيمتي صلاحيتن
سان نوازيندا رهيا. ۲۰۰۹ع ۾ سيوهڻ ڪاليج جا پرنسيپل
مقرر ٿيا. سندس واسطو سن جي عظيم سياسي سماجي شخصيت سائين جي ايم سيد جن سان هو. سندس
والد حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو هڪ نيڪ انسان ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪچهري ۾ ويهڻ وارن
مان هو. اهو ئي سبب هو جو طالب علمي واري زماني ۾ ستار صاحب جو قوم پرست اسٽوڊنٽ يونين
سان به واسطو رهيو. خدا ڄاڻي ڪجهه دوستن جي واتان اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته شاگردي واري
زماني ۾ جهيڙي دوران کين کي مٿي ۾ ڌڪ لڳو هو جنهن اڳتي هلي هن منزل تي پهچايو.
ڪچهري ۾ کِل ڀوڳ سان گڏ ڪانڌڙي صاحب جا ٽهڪ محفل کي
چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا. حيرت جي ڳالهه ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن دوست سان پنهنجي ڪنهن
بيماري يا تڪليف جي ڳالهه ڪانه ڪيائون. مرڻو سڀني کي آهي پر دوستن کي اڄ فقط اها ڳالهه
جهوري رهي آهي ته پاڻ ايڏا تڪڙا وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليا جو آخري ڏينهن ۾ ٻه گفتا
به ڳالهائڻ يا ديدار ڪرڻ جو موقعو زندگي ۾ ڪونه ملي سگهيو. ڪانڌڙي صاحب جهڙا دوست قسمت
وارن کي ملندا آهن. دعا آهي ته رب العزت کيس کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوين
کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ ننڍڙي معصوم اويس بابا کي پنهنجي والد صاحب جي نقش قدم تي
هلائي. آمين.
No comments:
راءِ ڏيندا