گوپال ٺڪر
رکيل مورائي
هنڌ توڻي سنڌ جي سنڌي ادب مان نهايت تيزيءَ سان اهم
لکندڙ موڪلائي رهيا آهن. تازو ئي نامياري ليکڪا سندري اتمچنداڻي ديهانت ڪري وئي، جنهن
جي ڏک ۾ سنڌي ادبي برادري ورتل ئي هئي ته، ڀاءَ نند ڇڳاڻيءَ اها وڌيڪ ڏک ڏيندڙ خبر
ٻڌائي ته ناميارو ڪهاڻيڪار، نئين سنڌي شاعريءَ
۾ هڪ صنف ”چئه اکرا“ جو خالق، گوپال ٺڪر سومر ڏينهن 12 آگسٽ ۲۰۱۳ع تي ديهانت ڪري ويو.
گوپال ٺڪر سنڌي ڪهاڻيڪار طور بولڊ ڪهاڻيون لکندڙن جي
صف ۾ شامل هئو، هو شاعر به هئو ته آخر ۾ هو هڪ محقق طور پڻ سامهون آيو. گذريل سال ئي
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ پاران سندس مرتب ڪيل ”دلپت صوفيءَ جو ڪلام“ نالي ڪتاب
شايع ٿيو. دلپت صوفي، سنڌي شاعر آهي، جنهن تي سنڌ ۾ بنهه گهٽ ڪم ٿيو آهي. گوپال ٺڪر
هن صوفي شاعر جو ڪلام سهيڙي سنواري ڪتابي صورت ۾ آڻي، سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هڪ وڌيڪ
ڪڙيءَ جو اضافو ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ سندس هيءَ جاکوڙ سدائين ياد رهندي، ٻيءَ طرح هو
هڪ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طور پنهنجي هڪ خاص اهميت لهڻي ٿو. سندس ڇپيل ڪتاب آهن؛
·
اهي رشتا (ڪهاڻيون)،
·
حيف تنين، وطن وساريو،
(چئه اکرا)
·
ڪنور مينهن وسائيا (ڪهاڻيون)
·
دلپت صوفيءَ جو ڪلام،
(تحقيق)
گوپال ٺڪر جنهن به صنف ۾ لکيو، ان ۾ مڃتا ماڻيائين،
هو هڪ تخليقي ليکڪ هئو ۽ اها ئي سندس سڃاڻپ آهي، ممبيءَ جهڙي شهر ۾ رهندي به هو آخري
گهڙيءَ تائين ادب سان جڙيل رهيو. سندس وڇوڙو هند توڻي سنڌ ۾ هڪ جيترو ڏک پهچائي ويو
آهي. اسين سنڌ جا اديب هن ڏک ۾ هند جي ادبي برادري ءَ سان برابر جا شريڪ آهيون.
No comments:
راءِ ڏيندا