محمد علي کوسو
وڇڙيو آهين وسريو ناهين
وفا رضا
تنهن ڏينهن پرين جي آشياني تي وڃڻ ٿيو. شام جي پهر
جو اخبار پڙهندي موٽي ويس ماضيءَ ڏانهن. ماضي جيڪو ڪيڏو نه خوبصورت هو. قربائتا دوست،
انهن جون محبتون ۽ ڪچهريون، وقت گذرڻ جي پروڙ ئي نه پوندي هئي. ڇا ته ڏينهن هئا، اڄ
اهي گهڙيون ساريندي نيڻن ۾ لڙڪ اچيو وڃن.
اڄ آگسٽ جي ۳ تاريخ آهي ۽ اڄوڪي تاريخ تي اسان کان
دلبر دوست شهيد محمد علي کوسو وڇڙي ويو. محمد علي جنهن جو جنم جيتوڻيڪ وڏ گهراڻي ۾
ٿيو پر هُن ۾ وڏائي ٺپ نه هئي. هو فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو. هن وٽ محبت جا مڻ هوندا
هئا، تڏهن ئي ته اسان پارا دوست به ڪهي ويندا هئا هُن جي آشياني تي، جتي هو سنگت تان
گهور ويندو هو. آئي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ به هن جو وڙ هو، تنهن دوست جي وڇوڙي کي يارنهن
ورهيه گذري ويا. وقت ڪيڏي نه تيزيءَ سان پيو گذري، هڪ ڏينهن آئون آفيس مان سڌو هُن
جي اوطاق تي ويس جتي هو ۽ الياس فقير اڳ ۾ ئي اوسيئڙي ۾ هئا ۽ پوءِ الياس فقير جهونگاريندي
چيو ته
”ڀلي يار آئين تنهنجون لک ڀلايون،
اسان پاڻ تنهنجون ڳالهيون ويٺي ڳايون.“
اڄ نه پرين محمد علي کوسو حال حيات آهي نه ئي وري الياس
فقير ٻرڙو. بس جيڪڏهن آهن ته رڳو يادون.
سائين عبدالحڪيم کوسي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد علي
کوسو همت ڀريو نوجوان هو. هُن جي ڪتابن سان به ياري هئي. شايد ان ڪري ئي منهنجي هن
سان ياري ٿي وئي. بس پوءِ جڏهن به پاڻ ۾ گڏبا هئاسين ته اسان جي ڪچهري جو موضوع اهي
ڪتاب ئي هوندا هئا. انهن ڪتابن بابت درگاهه جمن شاهه جتي تي پڻ سائين انور علي شاهه
سان به وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون، جتي نصير لغاري صاحب هوندو هو. سائين انور علي
شاهه کي تاريخ سان دلچسپي هئي ۽ اسان شاگرد جي حيثيت ۾ سائينءَ کان تاريخي ڳالهيون
ٻڌندا هئاسين، جيڪو اسان کي اهو به چوندو هو ته ڪتاب نه رڳو پڙهو پر اُهي پاڻ وٽ سانڍي
به رکجو.
محمد علي جي ملڻ، هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو پنهنجو انداز هو.
سڏ ۾ سڏ ڏيڻ هن جو وڙ هو. ڪنهن لاچار جي پرگهور لهڻ هن جي خاصيت هئي. محمد علي جو ڪتابن
سان گڏ موسيقيءَ سان به چاهه هو ۽ هو وسڪاري جي مند ۾ استاد محمد جمن جو ڳايل ڪلام:
”بوند برهه جي بهار لڳي،
درد ونديءَ جو ديس وسي پيو.“
ڏاڍي شوق سان جهونگاري الياس فقير کي چوندو هو ته هاڻي
ٿي وڃي رنگ. الياس فقير جيڪو صوفي ڳائڻو هو، تنهن جو آستانو به محمد علي جي اوطاق تي
ئي هوندو هو، جتي هر روز موسيقي جي محفل مچندي هئي ۽ سڄي سنگت اچي گڏبي هئي.
محمد علي کي هونئن ته مون ڪيترائي ڀيرا تمام گهڻو خوش
ڏٺو پر هو اُن ڏينهن ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپيو، جڏهن سائين صالح محمد شاهه (ڏاڏو فتح خان)
سندن مهمان ٿيو هو.
سائين صالح محمد شاهه سان ٽنڊي آدم ۾ شام ملهائڻ جو
پروگرام ٺاهيو هو، جنهن جي دعوت کڻي اسان، دوست منير نارائي سان گڏ سائينءَ سان وڃي
ملياسين. محمد علي ۽ امداد راهي به گڏ هئا. سائين سان اسان جي اها روبرو پهرين ملاقات
هئي ۽ ان ملاقات ۾ به وڏي ڪچهري ٿي. تقريب واري ڏينهن سائين جڏهن ٽنڊي آدم آيو ته هن
جي رهائش جو بندوبست سائين عبدالحڪيم کوسو جن وٽ هو. ماني کارائڻ وقت محمد علي پنهنجي
ان خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ”اڄ اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو مرشد لطيف جو پارکو اسان
جي اڱڻ ڪهي آيو آهي.“
محمد علي جي شهادت بعد مهيني ٻن کانپوءِ اسان اوطاق
جي اُن ڪمري ۾ وڃي ويٺاسين، جتي اسان جي رهاڻ ٿيندي هئي ۽ اُن ڏينهن سائين عبدالحڪيم
کوسو اسان دوستن، جنهن ۾ علي شير، ذاڪر ۽ امداد به گڏ هيا کي چيو هو ”توهان محمد علي
جا دوست آهيو، هتي اچڻ ڇو ڇڏي ڏنو اٿوَ؟ ڪيو واعدو ته هتي ائين پيا ايندؤ جيئن محمد
علي جي وقت ايندا هئا.“ اهو ڏينهن هي ڏينهن جڏهن به وقت ملندو آهي ته اسان ڪهي ويندا
آهيون اُن اڱڻ تي.
۽ پوءِ اُن ڏينهن اسان اهو فيصلو ڪيو ته ڇو نه
محمد علي کي ڪتابن جو ٽربيوٽ ڏجي، ڇاڪاڻ ته هُن جي ڪتابن سان ياري هئي ۽ ائين اسان
شهيد محمد علي کوسو لائبريري قائم ڪرڻ جو سوچيو.
مون سائين عبدالحڪيم کي چيو ته ”اوهان جا، منهنجا
۽ محمد علي جا ڪتاب گڏ ڪجن ته به کوڙ ٿي ويندا“ ۽ پوءِ ورندي ڏينهن تي اسان اهي ڪتاب
کڻي هڪ وڏي هال ۾ آندا. ڳڻپ ڪرڻ کانپوءِ اهي ستن کان اٺ سئو تائين وڃي پڳا، جنهن کانپوءِ
هڪ ٻيو دوست يارل ڏيرو به پنهنجا ڪتاب کڻي آيو. اهڙي ريت لائبريري جو بنياد وڌوسين
۽ اڄ ان لائبريري ۾ روزاني اخبارن سان گڏ اوهان کي مختلف موضوعن جا ڪتاب به پڙهڻ لاءِ
ميسر آهن. شال علم جي روشني جو اهو سفر جاري رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا