; سنڌي شخصيتون: مسرور پنائي - وزير فرهاد سولنگي

19 August, 2013

مسرور پنائي - وزير فرهاد سولنگي

مسرور پنائي
لفظن ۾ ساھ وجھندڙ شاعر
وزير فرهاد سولنگي
شاعري اندر جي اظهار جو هڪ اهڙو لطيف فن آهي جيڪو قدرت جي طرفان ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو آهي. شاعري ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھه نه آهي هيءَ اها ڏات آهي جيڪا اندر جي احساسن، ڪيفيتن، سماجي ڏاڍاين، اوڻاين، چڙهاين ۽ حالتن جي اثر هيٺ پلجي ٿي. اسان جي سنڌ اهڙن ڏات ڌڻين سان ڀري پئي آهي جن شاعري کي اندر جي اُڌمن جي اظهار جو وسيلو سمجهيو آهي.
مسرور پنائي ساهتي پرڳڻي جو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال نهايت عمدي انداز سان ڪيو آهي. مسرور پنائي جي شاعريءُ ۾ ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ٿيل آهي. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد جڳھه والاري ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ گيت جي صنف تي طبع آزمائي ڪندڙ شاعرن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جن ۾ بردو سنڌي، استاد بخاري، مير محمد پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. سائين مسرور پنائيءَ کي به ان صف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس گيتن ۾ ڳوٺاڻيءَ ٻوليءَ جو حسن، ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال، تشبيهون، استعارا ۽ اصطلاح، سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. هي اُهو شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ لفظن جا گُل ججهي مقدار ۾ ڀريا آهن.

مسرور پنائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ خيالن جو عڪس اهڙيءَ طرح چٽيندو هو ڄڻ هو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي انهن حالتن جي لفظن اندر ويڊيو فلم ڏيکاريندو هجي سندس لطيف جذبن جو اظهار ڪجھ هن طرح ملي ٿو:
ڏينهن ڏاڍو تتل، مان به آيس ٿڪل
توکي خوشبو مکيل، جسم ٿڌڙو ڀنل
منهنجي ڀر ۾ اچڻ، وار آلا ڇنڊڻ
روح جو مهڪجڻ هيءَ وڏي ڳالھه آ
مسرور پنائي جي شاعري ۾ ڳوٺاڻي ماحول جو اهو عڪس آهي جنهن ۾ سنڌ جي سونهن، فطرتي حسن، فصلن، موسمن، گسن، گاهن جا تمثيلي پورٽريٽ چٽيل لڳن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ اجائي لفاظي ۽ لفظن جو بي جاءِ استعمال بلڪل نٿو ملي. سندس ٻوليءَ ۾ پهاڪا، سونڻ ساٺ، جذبن جا لاها چاڙها، وهم، وسوسا، روايتون ۽ منظرن جون تازگيون ججهي انداز ۾ ملن ٿيون مثال لاءِ سندس سرجيل هي سٽون آهن:
پيهن تي ٿيون اجرڪ ڇانئون، توکي ساريان چونڊيان سانئون
بوڙينڊن جي لهرن لوڙهيون، دوريون ڪري وئين دنگ اوجاني
تو لئه اٻاڻڪا لنگھه.
مسرور پنائي پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل، گيت، وائي، ٽيڙو، قطعا، آزاد نظم، چوسٽا، بيت ۽ نظم وغيره مطلب ته شاعريءَ جي سڀني صنفن تي تمام سٺو لکيو آهي پر سندس گيتن ۾ تمام گهڻو رس چس ملي ٿو. هن پنهنجي ماروئڙن جي محنت، پورهئي، سڪ ۽ اُڪير جو پنهنجن لفظن ۾ هيئن اظهار ڪيو آهي.:
ڳاھ ڳهن ٿا، ڇنڊڪا ڇڄن جا
خالي گندين ۾ اَنَ به پون پيا
ياد آئي سانول تنهنجي ٺهڪي، ٽانڊاڻن ٽم ٽم ڪئي.
مسرور پنهنجي شاعريءَ ۾ مهاورن جو هن طرح سان استعمال ڪري ٿو:
پير بلا تي اهڙو آيو، ٽڪر اگهيل هو مولا بچايو
اها ڳالھه ڪئي هئي تو سهڪي، ٽانڊاڻن ٽم ٽم ڪئي.
اهڙي طرح سندس شاعريءَ ۾ جيڪا منظر ڪشي ملي ٿي انهيءَ جي هيٺين سٽن مان نمايان جهلڪ نظر اچي ٿي:
سڪن پنن پيرن ڀرٽو، جينڀن بانگهن جو ٿيو ڪرٽو
ساھ منجهايم، ڪن ٺڪايم، ٻير مان ڳيرا اُڏاڻان راڻا
رات به مون ننڊ ڪانه ڪئي
سندس شاعريءَ ۾ لفظن جي جڙاوت ۽ خيال جي رواني سندس هن گيت مان نظر اچي ٿي:
وهم ويڙهي ٿي ويهان مان سيءَ کان
سوال ٿي هر هر پڇان پئي جيءَ کان
ڇو ڪرين ٿو سيءَ ۾ اوسيئڙا
ذهن ۾ خيالن ڪيا هن ڊيهڙا
محمد خان مسرور پنائيءَ جو جنم حاجي نبي بخش خان سولنگي جي ڪکن ۾ ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۴۷ع ڌاري ڳوٺ پنو سولنگي  تعلقي ڀريا ضلع نوشهرو فيروز ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي تعليم کي اڳتي وڌائي ايم اي سنڌي ۾ ڪيائين. ۱۹۹۲ع ۾ بي ايڊ سکر مان ڪيائين. پاڻ پهرئين پرائمري استاد ٿيو ان کانپوءِ سپروائيزر ايجوڪيشن ٿيو ۽ وقت کان اڳ ۾ ئي ۱۹۹۸ع ڌاري رٽائرمينٽ ورتائين.
مسرور پنائي هڪ انقلابي سوچ رکندڙ هڪ متحرڪ ڪردار هيو. پاڻ سنڌهاري ڪاميٽي ۾ ڪم ڪيائين. هن مقامي وڏيرن جي زيادتين خلاف هڪ منظم جدوجهد ڪئي. مقامي هارين، مزدورن، پورهيتن سان گڏجي سندن حقن جي حاصلات لاءِ تمام ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان جدوجهد ۾ پاڻ ٻه ڀيرا جيل جون تڪليفون به سٺائين. هن هميشه کاٻي ڌر واري سياست ڪئي.
غريب، بي پهچ ۽ نادار ماڻهن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وقت جي جابرن سان مهاڏو اٽڪايائين. پاڻ هڪ سماج سڌارڪ، استاد، خوبصورت شاعر هئڻ سان گڏ سريلي آواز جو مالڪ پڻ هيو، سندس ڪچهري، لباس ۽ سندس باوقار شخصيت جي ڪري علائقي جا ماڻهو کيس مان ۽ مرتبو ڏيندا هئا. پاڻ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سماجي ۽ سياسي ڪمن ۾ گهڻو مصروف رهڻ لڳو. پاڻ ناظمي دور ۾ يوسي دليپوٽا جو نائب ناظم چونڊيو ويو. ۽ ان پليٽ فارم تان علائقي جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ لڳو.
هن ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ۽ پنهنجي علائقي ۾ ڪيترائي ڀلائي وارا ڪم ڪيا. هي دل جو نرم ۽ ٻين جي ڏکن تي ڏکارو ٿيڻ وارو حساس ماڻهو هيو. سندس شخصيت ۾ بيمثال خوبيون هيون. هي پنهنجي دوستن سان بي انتها پيار ڪندو هو ۽ انهن سان ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هيو. سندس شاعري ۽ آواز دل کي ڏاڍو وڻندا هيا، هي جنهن محفل ۾ پنهنجي شاعري ترنم ۾ ڳائيندو هيو ته ٻڌندڙن تي ماٺ جي منڊ چڙهي ويندي هئي.
مسرور هڪ بهادر، سچو، کرو ۽ بلند ڪردار وارو ساٿي هو. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ منفرد مقام رکي ٿي. سندس شخصيت جا ڪيترائي پاسا آهن، پاڻ محنت ڪش، پورهيت ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ حساس ماڻهو هيو. آڪٽوبر ۱۹۹۵ع ۾ ممتاز آڊيٽوريم حيدرآباد جي هال ۾ هڪ اخبار جي رونمائي تقريب هئي جنهن ۾ هن سڄي پروگرام جي ڪاروائي هلائي ۽ وقت به وقت پنهنجا شعر ۽ گيت ترنم ۾ ٻڌائي سامعين کان خوب داد ورتائين. هي جوشيلي انداز ۾ پنهنجا شعر نغمگيءَ سان پيش ڪندو رهيو ۽ انهيءَ دوران اسٽيج تي ئي هن کي دل جو دورو پئجي ويو ۽ کيس تڙ تڪڙ ۾ ديوان مشتاق وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ان کان پوءِ هي صحتياب ٿي ڳوٺ پهتو پر دل جو لڳل مرض هن کان پري نه ٿيو.
5 جولاءِ 2004 تي سائين جمال الدين مومن جي ورسي نيو جتوئي ۾ ملهائي وئي ان ۾ سڄي سنڌ مان اديب، شاعر ۽ علم دوست هن ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيا سائين مسرور پنائيءَ به ان تقريب ۾ موجود هيو، انهن ڏينهن ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي ڪينسر جي موذي مرض ۾ ورتل هوندي به پروگرام ۾ شامل ٿيو ۽ سڄي پنڊال جي پرزور اصرار تي سائين مسرور پنائي کان گيت ٻڌڻ جو مطالبو ٿيو سائين اسٽيج تي اچي پنهنجي پرسوز آواز ۾ گيت چيو:
هيکل هيکل روز منجهند جو، ڪنهن جي قبر تي ويندين آهين
روئي روئي ڀورا، ڀورا، ڇيهون ڇيهون ٿيندي آهين.
گيت چوڻ دوران کيس دل جي تڪليف وڌي وئي کيس گيت اڌ ۾ ڇڏڻو پيو ۽ پوءِ هيٺ لهي مون کي اچي چيائين ته گيت کي جتي ڇڏي آيو آهيان اتان وڃي ٻڌاءِ. مون سندس حڪم بجا آندو مسرور پنائيءَ کي سندس نوجوان پٽ خالد مسرور جي جوانيءَ واري موت ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هو ۽ هي ان جي وڇوڙي کي دل جو روڳ بنائي ويٺو ۽ اڪثر پنهنجي پٽ جي جدائي ۾ ويٺو نير وهائيندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري رات ۱۰ آگسٽ ۲۰۰۴ع جو پنهنجي پٽ جي جدائي ۾ هڪ نظم لکيو:
منهنجي مارن کي سلام چئجو
منهنجي زندگيءَ جي ٿي وئي شام چئجو
ننڍن ۽ وڏن کي ۽ سڀني گهرن کي
منهنجي بيٺڪن ۽ گهٽين کي درن کي
۽ جيجل امڙ کي اڃا جام چئجو
منهنجي قبر تي پيا اچجو ۽ وڃجو
دنيا مان هليو ويس ته دل مان نه ڪڍجو
هوندو هو ڪو مسرور وٺي نام چئجو
سندس هيءَ آخري نظم مرڻ وقت به سندس کيسي ۾ هو پاڻ صبح جو تيار ٿي ڀريا ۾ تعلقه ناظم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ اجلاس دوران کيس سوا ڏهين وڳي دل جو دورو پيو جنهن ۾ پاڻ بچائي نه سگهيو ۽ پنهنجي دوستن، مٽن مائٽن کي جدائي جو گهاءُ ڏئي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرام ٿيو.
ڇا کان مسرور ويو ڇڏي توکي
مون کان ماڻهو پڇن ٿا روزانو

مسرور پنائي پاڻ هڪ استاد، ٻوليءَ جو ڄاڻو، سگهڙ، قومي اڳواڻ، اديب، نقاد، منتظم، راڳ جو ڄاڻون ۽ بهترين شاعر هيو، مسرور پنائي پنهنجي دور ۾ تمام گهڻي غربت به ڏٺي ۽ پاڻ هڪ پورهيت واري زندگي به گذاري، پاڻ سٺو رازو، درزي، واڍو، مڃن جو واڻ ٺاهيندڙ ڪاريگر به هيو. مسرور جي زندگيءَ جي وڏي خواهش هئي ته سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿئي پر اهو ڪتاب بائينڊنگ جي مرحلي ۾ هيو ته سندس انتقال ٿي ويو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”زندگي ماڪ ڦڙا“ سندس چاليھي جي موقعي تي پڌرو ٿيو سندس ڪتاب جي رونمائي تقريب ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب، شاعر، دانشور، سگهڙ، استاد ۽ سندس چاهيندڙ شريڪ ٿيا جن ۾ تاج جويو، راشد مورائي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، رکيل مورائي، عبدالغفار صديقي، سڪندر ملاح، اسد سولنگي، گل مورو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، سندس اٺين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا