”سائل“ لاکو
مسڪين ماڻهو - شاهوڪار شاعر
امداد حسيني
”ڪاوش“ (۲۰۰۶-۱۱-۲۲) ۾ ”سائل“ لاکي جي لاڏاڻي جي خبر پڙهان ٿو ۽ ناز لطيفيءَ
پاران ڀٽ شاهه وارو ”عيد مشاعرو“ مون کي ياد ٿو اچي، جنهن ۾ هن کوڙ ساريون تخليقون
پڙهيون هيون ۽ سُر ۾ پڙهيون هيون. اُنهن تخليقن پڙهڻ کان پهريائين ”سائل“ چيو هو ته
”هي منهنجو آخري مشاعرو آهي شايد، انڪري آءٌ دل کولي شعر ٻڌائڻ ٿو گهران.“ هن کي اُهوئي
وڳو پاتل هو، جيڪو ڀٽ شاهه جي گذريل عيد مشاعري ۾ به پاتل هوس. ان وڳي جو رنگ ڪڏهن
اڇو رهيو هوندو! مٿي تي اُهائي ليڙون ليڙون پٽڪي ٻڌل هئس ۽ اکين تي ٿلهن ڪاون واري
عينڪ! ”سائل“ گهوڙين جي ٽيڪ تي روسٽرم تي آيو ۽ پنهنجا شعر پڙهڻ لڳو. هن جي شاعريءَ
جو رنگ، هن جي ڪپڙن وانگر ڦٽو نه هو، پر وڌيڪ نکري پيو هو. هن جي شاعري گهوڙين جي ٽيڪ
تي به نه هئي!
”سائل“ لاکو جڏهن به ملندو هو، تڏهن ڏاڍي سڪ ۽ اُڪير سان ملندو هو.
آءٌ به ساڻس بيحد سڪ اُڪير سان ملندو هوس. هن جي شاعريءَ ۾ رس ۽ ميٺاج هو ۽ هن جي واتان
سندس شاعري ٻُڌڻ جو پنهنجو هڪ سُرور هو!
هن سان جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، تڏهن هو هالا ۾ قبله مخدوم محمد زمان
”طالب الموليٰ“ سائينءَ وٽ ”اٺاس“ ۾ ۽ ”سروريه ڪاليج“ ۾ ٿيندڙ مشاعرن جو ذڪر ضرور ڪندو
هو: ”شبير (هاتف) ۽ امداد اڃا ننڍا هوندا هئا ۽ هالا جي مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ لاءِ ايندا
هئا. آءٌ تڏهن کان کين سڃاڻان!“ اها ڳالهه هو ڏاڍي فخر سان ٻڌائيندو هو، ۽ آءٌ هن جو
ساڄو هٿ، پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ وٺندو هوس، جنهن سان ”سائل“ شاعري پني تي اُتاريندو هو.
ڀٽ شاهه واري مشاعري کان پوءِ جي ئي ڳالهه آهي ته عبيد راشدي ۽ مخمور
بخاري مون تان ڀيرو ڪرڻ آيا ۽ ڪچهري ڪندي ”سائل“ لاکي جي ڳالهه نڪتي. مون مخمور بخاريءَ
کي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر حميده کهڙو اديبن ۽ شاعرن جي مالي مدد
لاءِ هڪ فند قائم ڪيو آهي، توهين ”سائل“ لاکي لاءِ ان ڏس ۾ هڪ خط لکو ته کيس مالي مدد
ڏياريون. پر اهڙو ڪوبه خط نه لکيو ويو. خط نه لکڻ جو مون کي هڪڙو ئي ڪارڻ سُجهي ٿو
ته شايد ”سائل“ کيس اهڙي خط لکڻ کان سختيءَ سان جهلي ڇڏيو هجي! ۽ مون کي خبر آهي ته
”سائل“ لاکو هڪ خوددار انسان هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ شاعر هو. هڪ خوددار انسان طور هن ڪنهن
مالي مدد تي تڳڻ نه ٿي چاهيو، نه ئي هن پنهنجي شاعريءَ کي ان نموني اگهائڻ ٿي چاهيو!
هن جو متو هو ته:
ڀلي بُک ڀَرم جي، شال مَ وڃي شان!
هو غريب مسڪين ضرور هو، پر هن جي شاعري شاهوڪار آهي ۽ جنهن جو ڪو ملهه
به نه آهي، سواءِ ان جي ته اُها سنڌي ماڻهن جي ميراث آهي ۽ اُنهن تائين اها پهچڻ کپي.
مون کي خبر ناهي ته ”سائل“ جي شاعري هڪ هنڌ محفوظ به آهي يا هن جي زندگيءَ وانگر غير
محفوظ!
ڪجهه سال اڳي سنڌي ادبي سنگت هالا پاران سڏايل هڪ مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ جو
موقعو مليو. ان ۾ ”سائل“ لاکو به شريڪ هو. هو ڪرسيءَ تي ويٺل هو، ڇو ته ٽنگ ۾ تڪليف
جي ڪري پاڻ هيٺ نه ٿي ويهي سگهيو. پنهنجي واري اچڻ تي هن هڪ نظم پڙهيو هو. اهو هڪ عجيب
نظم هو، پهرئين بند کان ئي ڌيان سان ٻڌڻ جهڙو نظم ۽ کيس ان نظم تي ڏاڍو داد مليو. پنهنجي
واري اچڻ تي شعرن ٻڌائڻ کان پهرين مون ”سائل“ جي ان نظم جي ساراهه ڪئي ۽ کانئس ان نظم
جي گهر ڪئي ته جيئن اهو ٽه - ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي. مشاعري جي پڄاڻيءَ تي جڏهن ”سائل“
کان نظم گهريم ته هن چيو ته هُو اهو نظم موڪلي ڏيندو. پر اُهو نظم جڏهن نه پهتو ۽ پرچو
ڇپائي هيٺ هو، تڏهن نظم هٿ ڪري موڪلڻ جو ڪم ”مخمور“ بخاريءَ تي رکيم. هن نه رڳو اُهو
نظم ”سائل“ کان وٺي موڪليو، پر اُن مشاعري جا فوٽا به ڏياري موڪليا. اهو نظم ٽه - ماهي
”مهراڻ“ ۾ ڇپيو. اُن نظم جو موضوع اهو هو ته بهشت ۾ هڪ مشاعرو آهي ۽ اُن ۾ جنت نشين
شاعر شريڪ آهن ۽ مشاعري جي صدارت شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪري رهيو
آهي. ڪهڙو عجب ته ”سائل“ لاکو به بهشت ۾ اهڙي ڪنهن مشاعري ۾ شريڪ هجي!
No comments:
راءِ ڏيندا